Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

سنڌ اڄ به خاموش تماشائي بڻيل آهي
                                 خميس 22 جون 2000ع

ڪجهه عرصو اڳ هڪ اين جي او جي صاحب جو اخبار ۾ بيان پڙهيم ته ”سنڌي ميڊيا ۾ پروفيشنل ازم گهٽ ۽ ڪمرشل ازم وڌي ويو آهي“ اهو بيان دراصل اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ورهين کان لفظن ۽ اصطلاحن جي غلط استعمال جي ڪلچر جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هاڻ اهڙا عجيب و غريب بيان روز ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا تنهن ڪري ان بيان بابت قلم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر سمجهيم پر وري 13 مئي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪتاب ”ڪهاڻي“ جي مهورت واري تقريب ۾ نامور اديبن ۽ ليکڪن جون تقريرون ٻڌيون سين، جنهن ۾ تخليقي ذهن رکندڙ اسان جي انهن اديبن مختلف اشوز تي پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني، ظاهر آهي ته جتي به پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اچي گڏبا اهي صرف هوائي گفتگو ته ڪندا ڪونه، سو ساڳيءَ ريت ان تقريب ۾ گڏ ٿيل انهن باشعور ماڻهن به مختلف دليلن ۽ حوالن سان پنهنجي پنهنجي ڳالهه چئي. تقريب ۾ ڪنهن ڇا چيو، اها ڳالهه هاڻ پراڻي ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري ان تفصيل ۾ وڃڻ بدران ان تقريب ۾ بحث هيٺ آيل صرف هڪ اهم نقطو ويچار هيٺ آڻيون ٿا ته ”ڇا اديب/ليکڪ وٽ ڪا لکڻي لکڻ مهل ڪمرشل رخ حاوي هجڻ گهرجي يا ڪمٽمينٽ جو پاسو ڳرو هجڻ کپي؟“ ان سوال کي ڪجهه دوست انهن لفظن ۾ به رکن ٿا ته ”ڇا هڪ ليکڪ کي صرف ڏوڪڙن لاءِ لکڻ گهرجي يا ڌرتي يا نظريي جي ڪمٽمينٽ لاءِ لکڻ گهرجي؟“
پروفيشنل ازم، ڪمرشل ازم ۽ ڪمٽمينٽ جا جيڪي ٽي لفظ پاڻ مختلف موقعن تي استعمال ڪيون ٿا ڇا پاڻ کي پڪ آهي ته اهي لفظ پنهنجي معنيٰ ۾ هڪ ٻئي سان بنهه ٽڪراءُ ۾ آهن؟ ڇا اهي هڪ ٻئي جا ضد آهن؟ اتي مهرباني ڪري انهن لفظن جي اڻويهه سئو ٻڙي وارين تشريحن ۽ معنائن کي ذهن ۾ نه رکجو جنهن دور ۾ پروفيشنل ازم جو مطلب ”ڌنڌوڙي“ هجڻ ۽ پنهنجي پيشي جي اخلاقيات کي لتاڙي ڪنهن به حد تائين هيٺ لهي اچڻ سمجهيو ويندو هو يا جڏهن ڪمرشل ازم جي معنيٰ واهيات گيري ڪري صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ هوندو هو يا وري ڪمٽمينٽ جو مطلب پنهنجا ٻار ٻچا بکيا مرڻ لاءِ ڇڏي، اکيون ٻوٽي، زومبي بڻجي کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ هوندو هو!! اهي معنائون ۽ مطلب هاڻ مدي خارج ٿي چڪا آهن، پنهنجين پنهنجين ڊڪشنريز ۾ انهن لفظن جا مطلب مٽائڻ گهرجن ۽ اهو به سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ته ضروري ناهي ته اهي هڪ ٻئي سان تضاد ۾ هجن، جڏهن پاڻ چئون ٿا ته فلاڻو وڪيل تمام ڀلوڙ ۽ پروفيشنل وڪيل آهي ته ڇا پاڻ دراصل اهو چوڻ پيا چاهيندا آهيون ته اهو وڪيل هڪ ”ڌنڌوڙي“ آهي جيڪو پيسن لاءِ ڪجهه به  ڪري پيو سگهي؟ نه، بلڪه دراصل پاڻ جڏهن ان وڪيل کي پروفيشنل چئون ٿا ته پنهنجو مطلب اهو هجي ٿو ته اهو وڪيل پنهنجي پيشي ۾ ماهر به آهي ۽ گڏوگڏ هو وڪالت جي اخلاقيات ۽ اصولن تي به عمل ڪري ٿو، هاڻ اچو ته پاڻ اهو ڏسون ته ڇا اهو وڪيل ڪيس وڙهڻ جي فيس نٿو وٺي؟ ها يقينن اهو وڪيل فيس بلڪه ڳري فيس به وٺي ٿو ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي ليگل فرم هلائڻ لاءِ ڪمرشل رخ کي به آڏو رکڻو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو ڪمرشل پاسو وساري ويهي ته پنهنجي فرم ۾ ڪم ڪندڙ جونيئر وڪيلن، اسٽينو وغيره کي پئسا ڪٿان ڏيندو؟ سو اسان کي سمجهڻ اهو گهرجي ته ڪمرشل ازم دراصل پروفيشنل ازم جو حصو آهي نه ڪي ڌار معاملو، جيڪي دوست هڪڙي ئي ڌڪ ۾ فتويٰ ٿا جاري ڪري ڇڏين ته ”سنڌي ميڊيا ۾ ڪمرشل ازم وڌي ويو آهي“ انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪو به اخباري ادارو جيستائين Commercially viable (ڪاروباري لحاظ کان پاڻ ڀرو) نه ٿيندو، تيستائين اهو ادارو ٺوس پروفيشنل بنيادن تي نٿو بيهي سگهي.
لاطيني آمريڪا يا يورپ يا دنيا جي ٻين ملڪن جا اهي عظيم ليکڪ جن جا ناول بيسٽ سيلر ٿين ٿا يا جن کي ڪروڙين ڊالر سندن لکڻين جي عيوض ملن ٿا، جن جو صرف نالو ئي وڪامجي ٿو ڇا انهن ليکڪن جي لکڻين ۾ سندن ڌرتي يا نظريي يا سوچ سان ڪمٽمينٽ نه هوندي آهي؟ ڇا اهي ليکڪ جڏهن قلم کڻي لکڻ ويهن ٿا ته انهن جي اکين ۾ ڪي خواب، ڪي نظريا يا ڪنهن درد بدران صرف ڊالر ۽ پائونڊ چمڪندا هوندا آهن؟ ڇا انهن وٽ لکڻ مهل اها خواهش نه هجي ٿي ته سندن لکڻي سان سندن مظلوم قوم يا سندن ڌرتي يا انسان ذات کي فائدو رسي؟ ڇا سندن لکڻيون ڪمٽمينٽ کان خالي هجن ٿيون، رڳو ان ڪري ته کين لکڻ کانپوءِ پئسا ملڻا هجن ٿا؟ جيڪڏهن اها حقيقت هجي ته سندن لکڻيون انگريزي سوڌو ڪيترن ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي سڄي دنيا جي ڪروڙين ماڻهو نه پڙهن، ڇا گارشيا مارڪيز جهڙن تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪن کان پبلشر زوري ڪنهن موضوع تي ڪتاب لکرائي پيو سگهي؟ هرگز نه، بلڪه اهڙا ليکڪ جڏهن پاڻ ڪنهن پيڙا يا تڪليف کي محسوس ڪن ٿا يا جڏهن هو ڪنهن صورتحال يا سوچ سان پاڻ کي Committed feel (وابستا محسوس) ڪن ٿا ته پوءِ سندن قلم حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ اها ئي تحرير هڪ شاهڪار ۽ سڀني کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب بڻجيو وڃي. سو عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان ڇو طئي ڪري ويٺا آهيون ته ڪمرشل ازم ۽ ڪمٽمينٽ گڏ نٿا هلي سگهن؟ ان ڏس ۾ ٻه مثال ٻيا ڏيڻ چاهيندس. هڪ اهو ته جڏهن عبدالقادر جوڻيجو يا نور الهديٰ شاهه ”ديوارين“ يا ”جنگل“ جي ڊراما سيريل لکي پئي ته ڇا سندن ذهن ۾ صرف اهو هو ته ان جي عيوض انهن کي ڏوڪڙ ملندا ۽ شهرت ملندي؟ نه، ائين نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته انهن ڊرامن جو Content (مواد) خود عبدالقادر ۽ نور الهديٰ جي ڪمٽمينٽ جي ترجماني ڪري پيو، جيڪو انهن ليکڪن جو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن پيڙهيل ماڻهن سان آهي ۽ جيڪا ڪمٽمنيٽ انهن سوسائٽي ۾ قائم ٿيل واهيات رسمن جي جمود کي ٽوڙڻ جي حوالي سان پنهنجي پاڻ سان ڪيل آهي، سو جيڪڏهن قادر يا نور کي  لکڻ  کانپوءِ  پئسا  مليا ته ڇا پاڻ چئون ته هي ٻئي، صرف ڪمرشل رائٽرز آهن ۽ انهن وٽ ڪمٽمينٽ نالي ڪا شيءِ ناهي جو انهن پنهنجين لکڻين عيوض ڏوڪڙ ورتا آهن؟ اها هڪ غير منطقي اپروچ آهي.
ان ڏس ۾ ٻيو مثال سنڌي پرنٽ ميڊيا جو آهي، جنهن جو اصرار آهي ته اخبارون پروفيشنل ۽ ڪمرشل ائپروچ سان هلڻ گهرجن، جيئن اهي صنعت جو درجو حاصل ڪري سگهن، سو ڇا اها خود هڪ ڪمٽمينٽ ناهي ته سنڌي پريس وارا سمورين رڪاوٽن باوجود سنڌ ۾ هڪ صنعت جو وجود آڻڻ چاهين ٿا؟ ڇا ماڻهن تائين ٽنڊي بهاول کان ويندي تازو پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي کڻي وڃڻ تائين واري معلومات پهچائڻ سان جيڪي پريشر ۽مسئلا آڏو اچن ٿا انهن کي ڪنهن ڪمٽمينٽ جي هجڻ کانسواءِ برداشت ڪرڻ ممڪن آهي؟ سڄي سنڌ ۾ جيڪي ڪلور ٿين پيا، انهن کي ”پنهنجن ۽ پراون“ جي داٻن جي باوجود منظرعام تي آڻڻ ڇا ڪنهن ڪمٽمينٽ کانسواءِ ممڪن آهي؟ سو اها سنڌي پريس جي ماڻهن تائين حقيقتون ۽ معلومات پهچائڻ جي ڪمٽمينٽ آهي جيڪا خود سندن پروفيشن جي گهرج به آهي پر پنهنجي پروفيشنل گهرج ۽ معلومات پهچائڻ جي ڪميٽمينٽ پريس تڏهن ئي پوري ڪري پئي سگهي جڏهن اهي پنهنجا ڪمرشل پاسا به مضبوط رکي، ان ريت پروفيشنل ازم، ڪمرشل ازم ۽ ڪمٽمينٽ هڪ ٻئي سان Interlink (لاڳاپيل) ٿي پيا سگهن.
اڳوڻي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن پنهنجي هڪ ڪتاب ”ليڊرز“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”اڄڪلهه اهو بحث آمريڪا ۾ زورن تي آهي ته حڪومت بهتر طريقي سان ڪو اهڙو واپاري هلائي سگهي ٿو، جنهن وٽ ڪنهن وڏي ڪمپني هلائڻ ۽ ان جي مئنيجمينٽ جو تجربو هجي“ نڪسن لکي ٿو ته ”مئنيجر جي نظر صرف اڄ ۽ سڀاڻي تائين هجي ٿي، جڏهن ته ليڊر جي نظر اڄ، سڀاڻي ۽ سڀاڻي کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين هجي ٿي،“ حڪومت ليڊر جي هٿ وس ئي هجڻ جي حق ۾ نڪسن دليل ڏيندي لکيو ته
Managers have as their goal to do things right, leaders have as their goal to do the right things
(مئنيجرن جو ڪم شين کي درست ڪرڻ هوندو آهي  جڏهن ته ليڊر درست شيون ڪندا آهن) واضح رهي ته رچرڊ نڪسن اهو ڪتاب 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لکيو هو ۽ يقينن اهو بحث آمريڪا جي اقتداري توڙي سياسي حلقن ۾ تڏهن بحث هيٺ رهيو هوندو پر پاڻ وٽ اهو بحث 18 يا 20 سال گذرڻ کانپوءِ هاڻ ويچار هيٺ اچي رهيو آهي ته اسان جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون ان مان اسان کي ڪو ليڊر ڪڍي سگهي ٿو يا ڪو سٺو مئنيجر؟ نڪسن جنهن دور ۾  ليڊرن جي حق ۾ دليل ڏنا هئا ان دور ۾ سڄي دنيا عظيم ليڊرن سان ڀري پئي هئي پر اڄ سڄي دنيا ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي ڪو اهڙو همراهه نظر نٿو اچي جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ ليڊر چئي سگهجي، ساڳيءَ صورتحال اسان وٽ به آهي ته ڪو به اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو ليڊر جي تشريح تي پورو لهي، ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته ملڪن ۽ قومن کي تاريخ ۾ ليڊرن ئي بحرانن مان ڪڍيو آهي ڇاڪاڻ ته عوام کي دليلن سان قائل ته ڪري سگهجي ٿو پر کين اڳتي وڌائڻ لاءِ  جذبو  ڏيڻ به ضروري هجي ٿو ۽ اهو ليڊر ئي هجي ٿو جيڪو عوام کي قائل به ڪري ٿو ۽ جذبو به ڏئي ٿو، نڪسن چواڻي ”In a sense, Management is prose, Leadership is poetry (مئينجيمنٽ نثر آهي ۽ ليڊرشپ شاعري) پر وري ساڳئي ڪتاب ۾ نڪسن لکيو آهي ته ”هڪ ليڊر لاءِ صرف اهو ڪافي ناهي ته کيس صحيح ڳالهه جي خبر هجي پر ان لاءِ ضروري آهي ته هو صحيح ڪم ڪرڻ جو اهل به هجي.... عظيم ليڊر لاءِ ضروري آهي ته وٽس Vision (ادارڪ) به هجي ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي اهليت به هجي،“
مٿي ڄاڻايل ”عظيم ليڊر“ جي تشريح تي اسان وٽ ڪهڙو ”ليڊر“ فٽ ٿو اچي، جنهن وٽ دوُر رس نظر به هجي ۽ صحيح فيصلا ۽ قدم کڻڻ جي صلاحيت ۽ همت به هجي؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪو هجي به سهي ۽ پاڻ اتي فتويٰ جاري نٿا ڪريون پر هڪ ننڍڙو سوال ڪندا هلون ته ”جڏهن واقعي به اسان وٽ ڪو عظيم ليڊر هجي ها ته ڇا اسان جي حالت اها هجي ها جيڪا اڄ آهي؟“ پر الميو صرف اهو ناهي ته اسان ڪنهن عظيم ليڊر کان محروم آهيون بلڪه الميو اهو به آهي ته اسان وٽ ڪو پروفيشنل مئنيجر به موجود ڪونهي جيڪو متبادل طور سامهون اچي سگهي، آئيڊيل صورتحال ته اها ئي هجي ٿي ته ليڊر Direction (رخ) طئي ڪري ۽ انهن تي عمل درآمد لاءِ سٺن مئنيجرز جي ٽيم پاڻ سان رکي پر اسان وٽ ڇاڪاڻ ته ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ ڪو وڏو ليڊر پيدا نه ٿيو ۽ صرف سياستدان پيدا ٿيا تنهن ڪري فطري طور اهو سوال اڀري آيو ته ”اسان کي عظيم ليڊر کپي يا سٺو مئنيجر؟“
اسان وٽ حڪومتون ڪندڙ سياستدان خدا کي خبر ته ڇو اهو وساري ويٺا آهن ته آرٽ آف مئنيجمينٽ اچڻ کانسواءِ گڊ گورننس ممڪن ڪونهي ۽ سندن دانش تي تڏهن به افسوس ٿيندو آهي جڏهن هو ان ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر نظر ايندا آهن ته صرف نعري بازي ۽ جلسن جلوسن سان ڪو ماڻهو ليڊر ناهي ٿي ويندو بلڪه ليڊر ٿيڻ لاءِ ٻين انيڪ صلاحيتن سان گڏ ليڊر کي پنهنجي Reputation يا ساک جو تحفظ به ڪرڻو ٿو پئي ڇاڪاڻ ته ڪاروبار هجي يا سياست يا ٻيو ڪجهه جيڪڏهن انسان پنهنجي ساک وڃائي ٿو ويهي ته پوءِ وٽس باقي ڪجهه نٿو بچي. مثال طور ڀٽي صاحب پنهنجي حياتي ڏئي به پنهنجي ساک جو تحفظ ڪيو ۽ اها ڀٽي صاحب جي ئي بطور ليڊر Reputation (ساک) هئي جو ان جي دنيا ۾ نه هجڻ جي باوجود عوام سندس ڌيءَ ۽ سندس پارٽي جو ساٿ ڏنو پر ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اڄ نواز شريف جو مثال وٺندي سندس ساک جي حوالي سان سوچيون ته اڄ نواز شريف اعلان ڪري ته جيڪڏهن اهو ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته سنڌ کي گل و گلزار ڪري ڇڏيندو ته ڇا سنڌ جي اڪثريت ان اعلان تي اعتبار ڪندي؟ سو مسئلو اهو آهي ته گهڻي ڀاڱي اسان جا سياستدان سڀاڻي کانپوءِ جو ته ڇڏيو پر صرف سڀاڻي جو به ناهن سوچيندا ۽ صرف اڄ تائين پنهنجي سوچ محدود رکندا آهن، جنهن ڪري هو ليڊر ته نٿا بڻجي سگهن پر ڪامياب سياستدان به ثابت ناهن ٿيندا.
ڪامريڊن جي دنيا ۾ هڪ لطيفو مشهور آهي ته هڪ دفعو ڪامريڊ لينن، ڪامريڊ اسٽالن ۽ ڪامريڊ خروشوف  ٽرين ۾  سفر  ڪري رهيا هئا ته اوچتو ٽرين خراب ٿي وئي، لينن اهو چئي اٿيو ته ”ترسو آئون ٿو توهان کي ٽرين هلرائي ڏيکاريان،“ اهو چئي هو هيٺ لٿو ۽ ٽرين جي عملي کي گڏ ڪري انهن آڏو هڪ زوردار جذباتي تقرير ڪيائين ۽ ان نقطي تي زور ڏنائين ته انقلاب جي ڪاميابي لاءِ ٽرين جو هلڻ ڪيترو ضروري آهي! پر لينن جي جذباتي تقرير جي باوجود ٽرين هلي نه سگهي جو ٽرين جو فالٽ ٽيڪنيڪي هو، نه ڪي ڪو نظرياتي يا سياسي فالٽ هو، لينن ناڪام اچي ويٺو ته ڪامريڊ اسٽالن اٿيو ۽ لينن کي اهو چئي ته ”ڏنڊي ۾ وڏي طاقت هجي ٿي“  هن ٽرين جي ٻن انجنيئرز کي گولي هڻي ماري ڇڏيو پر ان جي باوجود ٽرين نه چري سگهي، آخر ۾ وارو آيو خروشوف جو، جنهن لينن ۽ اسٽالن ڏانهن نهاري چيو ته ”ڪامريڊ، توهان ٻنهي جا طريقا ڪامياب ناهن ٿي سگهيا، هاڻ ٽرين هلائڻ جو منهنجو فارمولو آزمايو، اهو هي ته ماٺ ڪري ويٺا رهو ۽ Assume (فرض) ڪيو ته ٽرين هلي رهي آهي!!!“ اهو ته خير هڪ لطيفو هو پر اسان وٽ خاص طرح سنڌ ۾ حقيقت ۾ به اهي ئي ٽي فارمولا گهڻي ڀاڱي استعمال ٿيندا رهيا آهن يعني يا ته اسان کي نظرين يا فلسفن جو ڊوز ڏنو ويو آهي يا وري موچڙن ۽ ڏنڊي وسيلي دٻائي رکيو ويو آهي يا پوءِ آفيم جي چپٽي ڏئي چيو ويو آهي ته ”ماٺ ڪري ويٺا رهو خير ٿي ويندو“. اها ٽريجڊي سوشل سائنس سان تعلق رکندڙ اسان جي ڏاهن جي اڪثريت سان به آهي ۽ سياسي فرنٽ تي اسان جي نمائندگي ڪندڙ به ان المئي جو شڪار آهن، هڪڙا سوسائٽي کي ڪمٽمينٽ، پروفيشنل ازم يا ڪمرشل ازم وغيره جهڙن لفظن جي نئين دور ۾ تبديل ٿيل معنيٰ سمجهائڻ ۽ نون ٽرينڊز بابت ڄاڻ ڏيڻ بدران اڻويهه سئو ٻڙي جون خبرون چارون ڪري ڪا ٺوس يا نئين راهه ڏيکارڻ بدران لفظن، لفظن ۽ صرف لفظن جي ڀرمار ڪري موڳو ڪيوويٺا آهن ته ٻئي پاسي وري اڪثريت انهن جي آهي جيڪي نعريبازي ڪري، جذباتي تقريرن وسيلي عوام کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪرڻ ۾ پورا ٿا نظر اچن ته ”عوام اٿي کڙو ٿئي ۽ اسان کي اقتدار ۾ پهچائي، واپس گهر وڃي سمهي پئي!!“
ڏک صرف اهو ناهي ته اسان وٽ ليڊر هجڻ جي دعويداري تمام گهڻي هجڻ جي باوجود ڪو حقيقي ليڊر ڪونهي، ڏک صرف ان ڳالهه جو به ڪونهي ته اسان وٽ ڪو پروفيشنل صلاحيتون رکندڙ مئنيجر به سياسي فرنٽ تي ڪونهي پر اصل ڏک اهو آهي ته روز اسين پنهنجين اکين آڏو سنڌ سان انيڪ زيادتيون ۽ مسئلا ڏسڻ جي باوجود بيوس بڻيل آهيون ۽ سنڌ پاڻ پنهنجي مسئلن تي خاموش تماشائي بڻيل آهي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو