Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

پارٽين ٺاهڻ جي نسبت ۽
 سنڌ ۾وڌندڙ سياسي ويڪيوم
اڱارو 2 مئي 2000ع


سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جلال محمود شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ سن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هو سنڌ ۾ ڪا اهڙي پارٽي جوڙڻ چاهي ٿو جيڪا صوبائي خودمختياري سوڌو سنڌ جي اهم مسئلن لاءِ جاکوڙي. جلال محمود شاهه پهريون سياسي ماڻهو ناهي جنهن سنڌ ۾ نئين سياسي پارٽي جوڙڻ يا جڙڻ جي ڳالهه ڪئي هجي،  گذريل ڪيترن ئي سالن  کان سياسي حلقن ۾ اهو بحث هلندو پيو اچي ته سنڌ ۾ سياسي  ويڪيوم (خلا) آهي، جنهن کي ڀرڻ لاءِ ڪا نئين سياسي پارٽي جڙڻ کپي، انهي خيال جي پيش نظر گذريل ورهين ۾ ڪجهه نيون پارٽيون ۽ گروپس مختلف ماڻهن ٺاهيا پر انهن ۾ ڪا خاص مڃتا نه ملي سگهي، جيڪڏهن ڏسجي ته مختلف پارٽين سان لاڳاپيل ڪجهه سياسي ماڻهو  ان خيال سان اتفاق نٿا رکن ته ڪو سنڌ ۾ سياسي  ويڪيوم آهي، جنهن لاءِ انهن وٽ عجيب و غريب قسم جو دليل آهي ته سندن پارٽي جي هوندي ڪيئن ٿو ويڪيوم پيدا ٿي سگهي پر غير جانبدار سياسي مبصرن ۾ ذري گهٽ ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهي ته سنڌ ۾ سياسي  ويڪيوم نه صرف موجود آهي،  بلڪه وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ اضافو به ٿئي پيو. اهي مبصر ان ويڪيوم جو واضح انڊيڪيٽر (اشارو) 1997ع ۾ ٿيل چوندن جو نتيجو به ڄاڻائين ٿا، انهن چونڊن ۾نه صرف سنڌين جو ووٽ بئنڪ ورهايل نظر آيو پر ووٽرن جي ٽرن آئوٽ جي شرح به انتهائي گهٽ رهي، جنهن جو سبب ڪجهه دانشورن عوام جي ڊي پوليٽيسائيز (سياست مان بيزار ٿيڻ) ٻڌائي پر سياسي مدبرن جي اڪثريت جي راءِ اها هئي ته عوام سياست مان  نه پر سياسي پارٽين مان بيزار پيو ٿئي، مدبرن جي اهڙي راءِ جي آڌار تي سياسي مارڪيٽ ۾ ان خيال وڌيڪ زور ورتو ته ”سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي پارٽي جي ضرورت آهي“.
 ڀُٽي سان پ پ جي بنيادي ٽيم ۾ شامل رهندڙ پر  اڄڪلهه ڪنڊائتي ٿيل هڪ سياستدان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ اهو عام تاثر آهي ته مرڪز ۾ وڏي صوبي اسان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي پر اسان کي انهن مسئلن جي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ وارو ڪو ڌڻي سائين نظر نٿو اچي. ان جو سبب اهو ناهي ته اسان وٽ سياسي  پارٽين يا سياستدانن جي کوٽ آهي، پر مسئلو اهو آهي ته هڪڙيون پارٽيون (جن جي اڪثريت آهي) سان عوام گڏ ڪونهي ۽ جن سان عوام گڏ آهي انهن جون ترجيحون ۽ مصلحتون عوام کان کين دور رهڻ لاءِ مجبور رکيو اچن. ان سياستدان جي  ڳالهه اڳتي وڌائيندي اها ڳالهه ڪرڻ هروڀرو وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان ۾  جيتريون  سياسي  پارٽيون  ۽  گروپس  موجود  آهن  انهن جو تعداد ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽين / گروپس کان تمام وڌيڪ آهي پر ان جي باوجود ان تلخ حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سنڌ جو سياسي آواز ايترو ڪمزور آهي جو جنهن کي جيڪو وڻي ٿو اهو سنڌ سان ڪري ٿو وڃي ۽ سنڌ نڌڻڪي ڏسندي رهجي وڃي ٿي.!
 اسلام آباد يا لاهور  جا دانشور ڪڏهن ڪڏهن خوش ڪرڻ لاءِ اسان کي چون ٿا ته سنڌ ۾ تمام گهڻي  سياسي سجاڳي آهي پر پاڻ جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ويهي جائزو وٺون ته آخر اها مبينه سياسي سجاڳي آهي ڪٿي؟ ڇا تعليمي ادارن ۾ هٿيارن  جو ڪلچر سياسي سجاڳي آهي، ڇا جمهوريت جي نالي ۾ جاهل وڏيرن کي ووٽ ڏيڻ اسان جي  سجاڳيءَ جو مظهر آهي، ڇا قومي ڪاز جي نالي ۾ پنهنجا بچيل ادارا تباهه ڪرڻ اسان جي سجاڳي چئبي، ڇا شخصيتن جي سحر ۾ ٻڏي ڪري ڪرپشن تي اکيون بند رکڻ اسان جي سجاڳي آهي؟ اها ڪهڙي سجاڳي آهي جنهن تي اسان فخر ڪريون؟.
مٿين ڳالهين ڪرڻ جو مقصد مايوس ٿيڻ يا  ڪرڻ ناهي بلڪه پنهنجين خوبين ۽ خامين بابت هڪ Rational(عقلي) اپروچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي. حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪجي ته صاف نظر ايندو ته سنڌ جو عوام (مجموعي طرح) ٻين صوبن جي عوام جي ڀيٽ ۾ سياست سان وڌيڪ Loyal (وفادار) ۽ Committed(وابسته) بلاشڪ رهيو آهي پر صحيح معنيٰ ۾ سياسي سجاڳي جنهن کي چئبو آهي اها منزل اڃا پري آهي. بهر حال اڄوڪي بحث جو موضوع سياسي سجاڳي جو هجڻ يا نه هجڻ نه آهي پر سنڌ ۾ موجود سياسي مايوسي ۽ بي چيني آهي، جنهن ۾ هر نئين ڏينهن اضافو پيو ٿئي. اچو ته پاڻ جائزو وٺون ته اڄ سنڌ جو عوام چاهي ڇا ٿو؟ ظاهر آهي ته ان ڏس ۾ ٿلهين ٿلهين ڳالهين جي پاڻ سڀني کي خبر آهي، مثال طور عوام روزگار، امن امان، بهتر تعليم صحت وغيره سان گڏ عزت نفس جو احترام چاهي ٿو پر جيڪا ڳالهه عوام توڙي خواص ۾ سواليا  نشان بڻيل آهي اِها اُها آهي ته سندن (عوام جون) اهي بنيادي نوعيت جون خواهشون يا مطالبا ڪير پورا ڪندو، يعني اهو مسيحا ڪٿان اچي جيڪو  اچي عوام جي دردن جي دوا ڪري؟ ساڳئي وقت عوام جي ڳڻتي اها به آهي ته سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڦرلٽ جاري آهي ان کي روڪڻ لاءِ ڪو ڌڻي سائين سامهون اچي ۽ عوامي حلقن مان ايندڙ اها رڙ هاڻ پراڻي ٿي ويئي آهي ته ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري.“ اهي ئي اهي ڳالهيون ۽ ڳڻتيون آهن جن جو ڪارڻ صرف دانشورن جي سطح تائين ئي نه به پر هاڻ عوامي حقلن ۾ به اهو بحث زور وٺي ويو آهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟.
 ٿيڻ ته اهو گهربو هو ته سوسائٽيءَ ۾ موجود ان سوال ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جو جواب ڳولهڻ لاءِ اسان جا سياستدان ۽ سياسي  اڪابر اڳتي اچن ها ۽ ان ڏس ۾ ڪا عملي /ٺوس راءِ يا  فارمولو ٺاهين/ ظاهر ڪن ها پر لڳ ڀڳ ٻن سالن کان سوسائٽي جي هر سطح تي هلندڙ ان بحث ۾  بهري وٺڻ کان اسان جا گهڻي ڀاڱي سياستدان لنوائيندا رهيا آهن، جنهن جا ٽي سبب ٿي پيا سگهن، (1) شايد انهن وٽ نيٺ ڇا ڪجي؟ واري سوال جو ڪو ٺوس جواب ئي نه هجي (2) ان بحث تي آن دي رڪارڊ سنجيدگيءَ سان ويچار  ڪرڻ  کان  اهو  سوچي  پاسو  ڪندا هجن ته جيڪڏهن  هو ائين ڪندا ته انهن کي ٻين لفظن ۾ اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته جيڪي ڪجهه هو هن مهل تائين ڪن  پيا اهو نه  صرف ناڪافي آهي بلڪه سوسائٽيءَ ۾ سندن موجودگيءَ جي باوجود  هڪ وڏو سياسي ويڪيوم Exist ڪري ٿو (3) يا ماڳهين هو اڃا ان ڳالهه تي يقين رکيو ايندا هجن ته عوام ۾ سياسي  طرح ڪا به مايوسي ڪانهي ۽ سندن جدوجهد سان هڪ  ڏينهن ملڪ ضرور ملير ٿي ويندو. پاڻ مٿي ڄاڻايل ڪنهن به سبب تي تبصري ڪرڻ کان سواءِ  اڳتي ٿا هلون. ”نيٺ ڇا ڪجي؟“  وارو سوال  دراصل سوسائٽيءَ ۾ موجود مايوسي، بي چيني ۽ نڌڻڪي هجڻ جي احساس جو عڪس آهي، جنهن جا انيڪ ڪارڻ آهن پر بنيادي طور تي ان جا ٻه فيڪٽر تمام  اهم آهن (1) ڀُٽي 1970 واري ڏهاڪي ۾ سڄي ملڪ سوڌو سنڌ جي عوام  کي پهريون ڀيرو اهو احساس ڏياريو هو ته سياست ۾ حصو وٺڻ نه صرف سندن بنيادي حق آهي بلڪه هو (عوام) اهو حق استعمال ڪري پنهنجا مسئلا به حل ڪرائي پيو سگهي. ڀُٽي سياست ۾  عوامي شرڪت جو شعور ايترو ته وڌايو جو ڪنهن ڏورانهين علائقي جي ننڍڙي ڳوٺ (جتي ڀٽو پاڻ ڪڏهن ويو به نه هوندو) ان ڳوٺ جي  ننڍڙي چانهه جي هوٽل جي مٿان به پ پ جو جهنڊو لڳي ويو. اهو جهنڊو ڳوٺ جي ماڻهن ۽ ڀٽي جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي علامت بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته ساڳيو ئي جهنڊو ڀٽي جي گهر 70  ڪلفٽن ۽ وزيراعظم هائوس  تي به ڦڙڪندو هو،  جيڪو ان ڏورانهين ڳوٺ جي هوٽل تي ڦڙڪندو هو. ان ڳالهه جو مقصد اهو ٿيو ته ڀُٽي جيڪو Sense of belonging (لاڳاپي جو احساس) ۽ وراثي جو احساس عوام کي ڏنو ان عوام کي  سياست جي انتهائي ويجهو آڻي ڇڏيو. اڳتي هلي ڀُٽي ته دنيا ۾ نه رهيو پر سندس سحر ۽ نالي ڪافي عرصي تائين عوام جي اڪثريت کي سياست سان  ذاتي رشتي رکڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر جيئن جيئن وقت گذريو ۽ حالتون تبديل ٿيون ته پارٽي جي ڪارڪردگي به ماضي جيان نه رهي ۽ پوءِ عوام جي اڪثريت به اها نه رهي جيڪا ڀٽو جي دور ۾ هئي ۽ هاڻ سوسائٽيءَ جو ڪاروهنوار اچي ان نوجوان نسل سنڀاليو آهي،  جنهن ڀٽي کي ڏٺو به نه هو. سو ان نئين جنريشن لاءِ صرف پنهنجن وڏن کان ڀٽي جا قصا ٻڌي سياست سان شدت سان وابستگي برقرار رکڻ ممڪن نه رهيو،  تنهن ڪري آهستي آهستي ڀٽي کي اکين سان ڏسندڙ جنريشن به ختم ٿيندي وئي ۽ ان چانهه جي هوٽل تان جهنڊو به لهڻ شروع ٿي ويو،(2)ٻيو اهم سبب سوسائٽيءَ ۾ گذريل ڏهاڪي ۾ آيل انتشار آهي، جيڪو سماجي، معاشي ۽ سياسي ويليوز ۾ ٿيندڙ فطري ٽوڙ ڦوڙ سبب آهي. سوسائٽيءَ  ۾ جاري ان ٽوڙ ڦوڙ جيڪا فطري به آهي ۽ اڻٽر به تنهن جا ٻه اهم سبب آهن، هڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو وڌڻ جيڪا ماڻهوءَ کي  نئين انداز سان سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ۽ ٻيو خاص طرح زراعت جي شعبي ۾ آيل بدحالي ماڻهن جي معاشي زندگي صفا ڊسٽرب ڪري ڇڏي آهي.  اهو پاڻ ڄاڻون ٿا ته معاشي بدحالي فرد ۽ سوسائٽيءَ تي ڪيترو اثر وجهي ٿي، سو هاڻ مٿي ڪيل ڳالهين مان جيڪڏهن پاڻ تت ڪڍون ته نظر ايندو ته  اسان جي سماجي ڍانچي جو جمود ٽٽي رهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۽ سوسائٽيءَ ۾ ڪنفيوزن جو سبب آهي. مٿان وري معاشي بدحاليءَ جي ڪري فرسٽريشن ۾ اضافو پيو ٿئي ۽ ساڳئي وقت ماڻهن  (جي اڪثريت )  کي  ڪو  اهڙو  سياسي  جهنڊو به نظر نه پيو اچي جيڪو هو پنهنجي گهر يا هوٽل مٿان لڳائي اهو اطمينان ڪري وٺن ته سياسي طرح هو ڌڻڪا آهن، يعني ٻين لفظن ۾ صورتحال اها آهي ته ماڻهو ڪنفيوز آهن، ماڻهو فرسٽريشن جو شڪار آهن. پر گڏوگڏ ماڻهو سياسي طرح مايوس به آهن، تنهن ڪري فطري طور تي سندن ذهن ۾ اهو سوال اڀري اچي ٿو ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“.
ان ڳالهه تي شڪ نه هجڻ کپي ته ان سوال جو جواب صرف ۽ صرف  سياست ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن  جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو سڌو تعلق گڊ گورننس سان هجي ٿو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ  جو مطلب به سياست ئي هجي، پر وري جڏهن پاڻ سياست جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پنهنجي آڏو ٻه آپشنز آهن، هڪ اهو ته سرگرم سياسي پارٽين يا انهن مان ڪنهن هڪ ٻن ۾ آسرو رکون ته اهي پنهنجا معاملا سڌاري پاڻ ئي اهو ويڪيوم ڀري وٺن جيڪو انهن جي هوندي سوسائٽي ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ ٻيو آپشن جلال محمود شاهه واري ڳالهه آهي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺهي.
ڪا سياسي پارٽي ٺاهي وٺڻ ڪو ڪمال ناهي پر اصل معاملو ان پارٽيءَ کي عوامي مڃتا ملڻ جو آهي. سياسي پارٽي ٺاهڻ ۽ ڪا ڪاروباري فرم ٺاهڻ ۾ يقينن تمام گهڻو فرق هجي ٿو پر ٻنهي ۾ ڪجهه ڳالهيون ساڳيون به هجن ٿيون. مثال طور سرمايو هجڻ Dynamic (اثرائتي) قيادت هجڻ ۽ مارڪيٽ کي سمجهي ان مطابق هلڻ. سنڌ جي هاڻوڪي عوامي سطح تي موجود سوچ کي ڏسي اهو سمجهڻ ڏکيو نه ٿيندو ته ڪنهن به نئين سياسي پارٽي آڏو سڀني کان وڏو چئلينج پنهنجي ساک مڃرائڻ جو هوندو، ساڳيءَ ريت نه  صرف نوان ٽرينڊز متعارف ڪرائڻا پوندا پر انهن تي پاڻ به عمل ڪرڻو پوندو.  مطلب ته عمل ۽ ڪتابي سياست جو هڪ ڪاڪ ٽيل ٺاهڻو پوندو ۽ ائين نه ٿئي جو پارٽي منشور ۾ جمهوريت، جمهوريت جي رٽ لڳي پيئي هجي پر پارٽي ۾ ئي چونڊون نه ٿين ۽ منشور ۾ انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ جهڙا وڻندڙ خيال ڀريا پيا هجن پر عملي طرح ان جي ابتڙ ڪم ڪجي. ان ڏس ۾ اسان جي صحافي رشيد راڄڙ هڪ ڪچهريءَ ۾چيو ته اڄ به سنڌ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان لاڳاپيل رهندڙ اهڙا چار پنج سئو سياسي ڪارڪن موجود آهن جيڪي هاڻوڪي سياست مان مايوس ٿيڻ سبب عملي سياست کان پاسيرو ٿي ويا آهن پر انهن وٽ اڄ به اهو جذبو آهي هو صاف سٿري سياست وسيلي تبديلي آڻي پيا سگهن، اهي پراڻا سياسي ڪارڪن سياست ۾ آيل بي ايماني، ڪرپشن ۽ بي اصولي ۾ يقين نٿا رکن پر هو ان ڪري گهر وڃي ويهي رهيا آهن جو انهن کي ڪو رستو يا پليٽ فارم نظر نٿو اچي، جنهن تي  اچي هو گڏ ٿين. رشيد راڄڙ جي ڳالهه ضرور درست هوندي پر گڏوگڏ اها ڳالهه به درست  آهي ته جتي سوسائٽيءَ ۾ بي ايماني وڌي آهي اتي هر شعبي ۾ ايماندار ۽ باصلاحيت ماڻهو به اڳتي آيا آهن. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل زميندار، واپاري، وڪيل، ڊاڪٽر مطلب ته اهو به هڪ وڏو  ڪيڊر سامهون آيو آيو آهي، جنهن وٽ عملي سياست جو ته ڪو تجربو ڪونهي پر انهن وٽ اصول تي ٻڌل سياست وسيلي تبديليءَ جو خواب ضرور آهي سو هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تبديليءَ جي خواهش رکندڙ پر عملي سياست کان ڪٽيل اهي پراڻا ۽ نوان ڪيڊرز هاڻوڪي ڪنهن سياسي قوت (پارٽي) ۾ ئي سمائجي ويندا يا پوءِ ڪنهن نئين سياسي قوت جي جنم وٺڻ جو انتظار ڪندا يا اڃا به پنهنجي فرسٽريشن ۽ مايوسي کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ان سوال تي مغز ماري ڪندا رهندا ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو