ضرورت آهي هڪ اعترافي ڪٽهڙي جي
|
ڏکڻ آفريقا ۾ اعليٰ سطح تي اعتراف (Confession) ڪرڻ جي روايت 12 يا 13 سال اڳ اتان جي آخري گوري صدر ڊي ڪلارڪ اهو چئي وڌي هئي ته ”ڏکڻ آفريقا ۾ اڪثريت ۾ رهندڙ ڪاري رنگت وارن ماڻهن سان جاري متڀيد واري پاليسي غلط آهي ۽ اها ختم ٿيڻ گهرجي“. اعليٰ ترين حڪومتي عهدي تي ويٺل گوري رنگت واري صدر پاران ان اعتراف جي برڪت سان ڏکڻ آفريقا ۾ ورهين کان هلندڙ غير انساني ۽ واهيات نظام جو انت آيو ۽ نتيجي طور پهريون ڀيرو ڪاري رنگت وارو عظيم ليڊر نيلسن منڊيلا ملڪ جو حڪمران بڻيو، جنهن حڪومت ۾ ايندي شرط هڪ ڪميشن جوڙي جنهن جو ڪم ڏکڻ آفريقا جي ماضي جي ڀيانڪ دور ۾ ٿيل قتل عام يا ٻين ڏاڍاين ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاچ ڪري کين سزائون ڏيڻ نه هو پر ان ڪميشن بابت نيلسن منڊيلا جو واضح اعلان هو ته ملڪ جي تاريڪ دور ۾ جنهن جيڪي ڪوس ڪيا يا ڏاڍايون ڪيون، اهي ڪردار/فرد ان ڪميشن آڏو اچي صرف پنهنجن ڪيل ڪڌن ڪمن جو اعتراف ڪن ۽ بس! ان ڪميشن آڏو اچي ڪيترن ماڻهن ماضي ۾ ڪيل پنهنجن ڪڌن ڪمن جو اعتراف ڪيو ۽ اڄ انهن اعترافن واري روايت سبب ئي ڏکڻ آفريقي سوسائٽي پنهنجي ڊگهي تلخ ماضي کي وساري نئين سر ”جيئڻ ۽ جيئڻ ڏيڻ“ جي اصول تحت ترقي ۽ بهتري ڏانهن وڌي پئي. ڏکڻ آفريقا جي ٻن عظيم ليڊرن ڊي ڪلارڪ ۽ نيلسن منڊيلا جي Vision(فهم) جي ڪري ئي ان ملڪ ۾ اعتراف ڪرڻ جي عظيم روايت جنم ورتو، جنهن سبب اڄ جڏهن ڀارت جي پوليس ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هينسي ڪرونئي مٿان ميچ فڪسنگ (پئسا وٺڻ) جو الزام ٿي هڻي ته هزارين ميل پري ڪيپ ٽائون ۾ پنهنجي بيڊروم ۾ ڪرونئي کي ڪوشش جي باوجود ننڊ نٿي اچي ۽ هو رات جو ٽين وڳي اٿي ڪري پنهنجي ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ همراهه کي فون تي چئي ٿو ته ”ها، مونکان ڪي غلطيون ٿيون آهن“ اهڙو اعتراف ڪرڻ جي همت ڪرونئي کي پنهنجي سوسائٽي مان ملي جنهن جا ٻج اتان جي ٻن عظيم ليڊرن پوکيا هئا.
اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي به ڪيترن ئي ڀوتارن تي ميچ فڪسنگ جا الزام لڳندا رهيا آهن پر مجال آهي جو ڪنهن جوان جي رات ڇا پر ڏينهن جي ننڊ به ڊسٽرپ ٿي هجي، ان جو هڪڙو سبب انهن جي ڪردار جي ڪمزوري ته آهي ئي پر هڪڙو اهم سبب اهو به آهي، ته انهن پنهنجي چؤگرد، پنهنجي سوسائٽي ۾ پنهنجي ليڊرن ۽ حڪمرانن ۾ ڪڏهن به اعتراف ڪرڻ جو سلسلو ڏٺو ئي ناهي، اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته چڱيون روايتون جڏهن به مٿين حلقن مان سوسائٽي ۾متعارف ڪرايون وينديون آهن ته انهن کي يڪدم مڃتا به ملي ٿي ۽ انهن تي عمل به ٿيڻ شروع ٿئي ٿو پر بدقسمتي سان اسان وٽ اهڙيون ڪي به شاندار روايتون مٿين حلقن ۾ نظر نه آيون آهن، بلڪه الٽو ڪوڙ، منافقي ۽ ”منهن جي پڪائي“ اسان جي سوسائٽي جي هر شعبي جي اڳواڻي ڪندڙن جي اڪثريت جا ”سنهري اصول“ ۽ ”شاندار روايتون“ رهنديون آيون جن کي وقت سان گڏ سماج به مجموعي طرح قبولي ورتو ۽ اڄ الميو اهو آهي ته مٿينءَ سطح کان هيٺين سطح تائين ڪرپشن، ڪوڙ، منافقي وغيره جهڙيون واهيات ڳالهيون اسان جي سماج جو حصو آهن ۽ هر ڪنهن وٽ ائين ڪرڻ لاءِ جواز اهو ئي آهي ته ”ادا، هيٺ کان مٿي تائين هر ڪو ٿو ڪري، پوءِ ڀلا اسان ڪيو ته ڏوهه ڪيوسين ڇا؟“
اهڙن واهيات دليلن کي سماج ۾ مڃتا ڏيارڻ ۾ مجموعي طرح ته اسان سڀ ڏوهاري آهيون پر ان افسوس جوڳي صورتحال لاءِ جيڪڏهن ڪنهن تي خاص طرح آڱر کڻي الزام هڻي پيو سگهجي ته اهي آهن اسان جا ”اڳواڻ“ ڇاڪاڻ ته اهي ليڊر يا اڳواڻ ئي هجن ٿا جن جو ڪم سماج ۾ چڱين روايتن جو ٻج پوکڻ هجي ٿو پر اسان وارن جيڪي ٻج پوکيا، انهن جو فصل هاڻ پاڻ سڀ لڻي رهيا آهيون.
ائين به ناهي ته ڪو سڌريل دنيا جي ملڪن ۾ ليڊر ڪوڙ نٿا ڳالهائين پر اتي هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته ليڊر/حڪمران/سياستدان کان جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ٿي ويو ته هو به ڪوشش وٺن ٿا ته ڳالهه آئوٽ نه ٿئي ۽ ان تي پردو پيل رهي پر جيڪڏهن اها ڳالهه صفا عوام آڏو کليو ٿي پوي ته پوءِ هو سنئون سڌو اچي ان جو اعتراف ڪن ٿا پر اسان وارن وٽ موجود ”منهن جي پڪائي“ وارو سنهري اصول پنهنجي هر ڪڌي ڪم کي اڪلائڻ لاءِ هر وقت ۽ هر دم تيار رهي ٿو، پوءِ ڀلي اصل حقيقت جي خبر ٻچي ٻچي کي هجي پر منهن جي پڪائي سان چيو ويندو ته ”اهو سڀ ڪوڙ آهي يا مخالفن جي پروپئگنڊا آهي“. اسان جي توهان جي سامهون ڪک پتي، حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ارب پتي ٿي ويا، سڄي راڄ کي پڪ آهي ته همراهه ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن پر مجال جو اهو همراهه اعتراف ڪري بلڪه منهن جي پڪائي سان چوندو ته ”سائين، اسين ته خانداني رئيس آهيون!!“ حد ته اها آهي جو جڏهن هڪ اڳوڻي صوبائي وزير کي ڪرپشن جي الزام هيٺ عدالت مان سزا جي فتويٰ ٻڌائي وئي ته موصوف عدالت مان ٻاهر نڪري جيل وڃڻ کان اڳ پريس فوٽو گرافرن آڏو وڏا ڏند ڪڍي هٿ مٿي ڪري وڪٽري جو نشان ٺاهي فوٽو ڪڍرايو ڄڻ همراهه ڪرپشن جي ڏوهه ۾ نه پر انقلاب جي راهه ۾ جيل ويندو هجي!! معنيٰ شرم حيا ٽائيپ ڪنهن شيءِ جو ڄڻ وجود ئي ڪونهي. دنيا کي خبر هئي ته صاحبن پرڏيهه ۾ اربين رپين جي پراپرٽي، بنگلا ۽ محل ورتا آهن پر ”اشرافن“ مجال جو ڪڏهن ٿوري ڦڪائي به محسوس ڪئي هجي بلڪه سدائين چيو ويو ته ”اها ڊس انفارميشن آهي“ وري ٻئي طرف ٻين ”شريفن“ پنهنجي صنعتي شهنشاهيت برقرار رکڻ لاءِ ملڪ جي وسيلن جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي پر حرام جو ڪڏهن اچي اعتراف ڪن ته انهن پنهنجي ذاتي معاشي خوشحالي لاءِ ملڪ جي معيشت سان ڪهڙا راڱا ڪيا. ساڳيءَ ريت بندوق جي زور تي جن مردان مومن يا مردان حق اقتدار تي قبضو ڪيو، انهن کان جيڪڏهن پڇجي ته انهن وٽ اربين، ڪروڙين رپيا ڪٿان آيا ته ان سوال جو جواب انهن وٽ به منهن جي پڪائي سان اهو ئي هجي ٿو ته ”اسان حق حلال سان اها ڪمايا آهن ۽ دراصل ملڪ کي صرف سياستدانن لٽيو آهي!؟“ اسان جي بيورو ڪريسي جي اڪثريت ”عوام جو خادم“ هجڻ جي چوغي ۾ جيئن ٻنهي هٿن سان عوامي ناڻو لٽيو اهو به هڪ رڪارڊ آهي پر انهن کان به جڏهن پڇاڻو ٿيو ته انهن به ڪمال واري منهن جي پڪائي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو ننڍڙو مثال تازو مشهور بيورو ڪريٽ عثمان فاروقي جي ڌيءَ ۽ سلمان فاروقيءَ جي ڀائيٽي شرميلا فاروقيءَ جي ان بيان مان ڏسي سگهجي ٿو ته جيڪو هن ڪرپشن جي ڏوهه ۾ سزا ملڻ کانپوءِ جيل ۾ ساڻس ملاقات ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڏنو آهي. مس شرميلا جي اخبار ۾ ڇپيل بيان موجب هن چيو ته ”ڪنهن ڌيءَ جو پيءُ محنت ڪري دولت ڪمائي پنهنجن ٻچن جو مستقبل ٺاهي ته ان جي عيوض نه صرف پيءُ کي پر سندس ڌيءَ کي سزا اچڻ تي مون کي ڏک پهتو آهي. سيف الرحمان جي زال ۽ ڌيئرن کي سزا نٿي ڏني وڃي جو انهن جو تعلق پنجاب سان آهي پر مونکي ملي آهي جو آئون سنڌ جي نياڻي آهيان!!“ ان بيان تي وڌيڪ ڇا تبصرو ڪجي جو اهو بيان پاڻ منهن جي پڪائيءَ جو هڪ ڪلاسڪ مثال آهي ۽ جيڪر مس شرميلا صرف ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏي ته سندس پيءُ (عثمان فاروقي) ڪهڙي محنت سان ٻچن لاءِ دولت ڪمائي هئي ته ڪافي ڳالهيون چٽيون ٿي وينديون! ۽ ”سنڌ جي نياڻي“ کي شايد ياد هجي ته سندس پيءُ عثمان فاروقي جتي ”محنت“ ڪري دولت پئي ڪمائي اها اسٽيل ملز هئي جيڪا سنڌ جو سرمايو آهي!
اسان وٽ ٻٽو الميو اهو آهي ته ماڻهو نه صرف پنهنجن دينا داستي ڪيل ڪڌن ڪمن جو اعتراف نٿا ڪن بلڪه واضح ۽ صاف حقيقتن جو اعتراف ڪرڻ جو به اسان وٽ ٽرينڊ ڪونهي، هن ملڪ اهڙا به تماشا ڏٺا آهن جو ان جو گورنر جنرل (غلام محمد) معذور ٿي چڪو هو پر هو اهو اعتراف ڪرڻ ۽ اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ته ملڪ هلائڻ هاڻ سندس وس جي ڳالهه ڪانهي. 1971ع ۾ ايڏو وڏو سانحو ٿيو جو ملڪ ٽٽي پيو پر مجال جو اڄ تائين سرڪاري سطح تي ڪنهن ڌر اچي اعتراف ڪيو هجي ته واقعي به سندن غلط پاليسين ۽ ناسمجهي سبب ملڪ اڌ ٿي ويو، مختلف حڪومتن کي صاف نظر آيو پئي ته سندن احمقاڻين پاليسين سبب عوام انهن جي حڪومت کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ ڄاڻ سندن تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي پر حقيقتن جو اعتراف ڪري پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش نه ورتي. مطلب ته اسان وٽ پنهنجين شعوري توڻي لاشعوري ڪيل غلطين جي اعتراف جو به حوصلو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ترقي ۽ نظام جي مضبوطي وارن معاملن ۾ هڪ وک اڳتي ۽ ٻه وکون پوئتي وارو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ 52 سال گذرڻ کانپوءِ اڄ ڪلهه وري اهو بحث ڪرايو پيو وڃي ته نيٺ ملڪ کي ڪهڙي نظام هيٺ هلڻ گهرجي! يعني اسين اتي ئي بيٺا آهيون جتي 52 سال اڳ هئاسين!!
ظاهر آهي ته سنڌ ملڪ جو حصو آهي تنهن ڪري اتي به ساڳيو ئي سلسلو هلندو پيو اچي ۽ ڪير به اهو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته سنڌ کي هاڻوڪين حالتن تائين پهچائڻ ۾ ڪنهن جي ڪيتري پتي آهي. ڪير اڳتي اچي سچي نٿو ڪري ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ڪنهن متعارف ڪرايو؟ ڪنهن اتي نظرياتي يا انقلابي سياست جي نالي ۾ شاگردن کان ڪتاب کسي کين ٽي ٽي پستول ڏنا ۽ بائيڪاٽ ڪرايا. ڪنهن به دور جو گورنر اڳتي اچي سچي نٿو ڪري ته ڄاتل سڃاتل ڪرپٽ ماڻهو ڇو اسان جي تعليمي ادارن جا سربراهه مقرر ڪيا ويا؟ شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کي همٿائڻ ۾ ملوث ڌارين سان گڏ ”پنهنجا“ به ته هيا ۽ آهن، هو اڄ اڳتي اچي اعتراف نٿا ڪن؟ زرعي شعبي ۾ آيل تباهي گذريل ورهين کان جڙندڙ غلط پاليسين جو نتيجو آهي، ٻين کي ته ڇڏيو پر مختلف وقتن ۾ زراعت کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي وزارت رکندڙ اسان جا سنڌي وزير اڳتي اچي ڇا اعتراف ڪندا ته هو ان مهل ڇو ماٺ رهندا آيا، جڏهن سنڌ جي زراعت سان ڪلور ڪندڙ پاليسيون پئي جڙيون؟ سنڌ جي موجوده معاشي، سياسي، سماجي، تعليمي، مطلب ته هر شعبي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڪو هڪ ٻن مهينن يا هڪ ٻن سالن جي غلط پاليسين جي ڪري نه ٿي آهي پر ورهين کان ٿيندڙ غلط فيصلن سبب سنڌ اڄ اهو سڀ ڪجهه ڀوڳي پئي، ڇا انهي صورتحال جو ذميوار صرف اسلام آباد يا ٻيون قوتون آهن؟ ڇا مختلف وقتن ۾ رهندڙ سنڌ جا چيف منسٽرز ان صورتحال جا ذميوار ناهن؟ خاص ڪري 1970ع کان وٺي 1999ع تائين سنڌ جا سربراهه رهندڙ ايترو ڪشٽ ڪندا ته هو اڄ سامهون اچي اعتراف ڪن ته انهن پنهنجن پنهنجن دور حڪومتن ۾ ڪهڙا ڪهڙا غلط فيصلا ڪيا ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا؟ سنڌ جي ڌرتي جنهن ماڻهن کي ”ڪجهه به نه مان گهڻو ڪجهه“ ٺاهي ڇڏيو، انهن مٿان سنڌ جو حق ٿو بڻجي ته اهي سنڌ سان سچ ڳالهائين. ضرورت آهي هڪ Confessional box (اعتراف واري ڪٽهڙي) جي، جتي وڃي اسان جا حڪمران، اسان جا سياستدان، اسان جا بيوروڪريٽس، اسان جا دانشور، اديب، صحافي، اسان جا تعليمي ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽس، وڪيل، جج، وڏيرا ۽ واپاري وغيره سڀ بيهي پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪن، ڇاڪاڻ ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته ”ڪوڙ سان ڪنهن کي جيئرو رکي نٿو سگهجي ۽ سچ سان ڪير مري نٿو“. ان ڏس ۾ بهتر اهو ٿيندو ته شروعات اسان جا اهي صاحب ڪن جن مختلف وقتن ۾ سنڌ مٿان سڌي ريت حڪمراني ڪئي آهي، يعني اسان جا گورنر ۽ چيف منسٽرز، جيئن ٻي خلق به پنهنجن انهن (اڳوڻن) حڪمرانن جي ٽرينڊ جي پوئواري ڪري سگهي پر پاڻ جن کان اها توقع ڪيون پيا انهن ۾ ايترو Vision (فهم) ۽ Wisdom (فراست) آهي؟ ۽ گڏگڏ ڇا انهن ۾ ائين ڪرڻ يعني سچ ڳالهائڻ جو حوصلو آهي؟
بينظير ڀٽو ٿورو عرصو اڳ پاڪستان ۾ ”ٽرٿ ڪميشن“ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن جو مقصد به ڏکڻ آفريقا ۾ منڊيلا پاران جوڙيل ڪميشن کان ڪو گهڻو مختلف ڪونه هو. منهنجي کيس صلاح آهي ته سرڪار کان اهڙي مطالبي جي مڃتا جي اميد ڪرڻ بدران هو غير سرڪاري طرح سنڌ سطح تي اهڙي ”ٽرٿ ڪميشن“ جوڙي ۽ بهتر ته اهو ٿيندو ته ان ڪميشن آڏو پهريون اعترافي بيان به هوءَ پاڻ ڏئي پر جيڪڏهن اهو ممڪن ڪونهي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس پارٽي جي ماضي ۾ رهندڙ چيف منسٽرز حضرات کي هدايت ڪري ته اهي ان ڪميشن آڏو اچي بيان ڏين جيڪو بيان واقعي به ٽرٿ (سچ) هجي ۽ جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهن حقيقتن بابت اعتراف هجي جن حقيقتن جي سڄي جهان کي خبر آهي پر سدائين منهن جي پڪائي سان انهن حقيقتن جي ترديد ڪئي وئي آهي!
اڄ جي وقت جي اها اهم ضرورت آهي ته اسان جا حڪمران، سياستدان ۽ اشرافيه عوام کي ٻيهر يقين ڏيارين ته سياست مطلب ڪوڙ ۽ اقتدار معنيٰ ٺڳي ناهي، جيئن عوام جو سياست ۽ حڪمرانن تي ٻيهر اعتماد بحال ٿئي ۽ ان لاءِ بنيادي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام سان ماضي جي باري ۾ سچيون ڪيون وڃن ۽ هر حال ۾ سچ ڳالهايو وڃي.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو