”سنڌ جا زميندارو، متحد ٿي وڃو“ واري ايجنڊا
سڄيءَ دنيا ۾ جڏهن اهو نياپو/نعرو عام ٿيو ته ”دنيا جا مزدور گڏ ٿين جو انهن وٽ وڃائڻ لاءِ زنجيرن (غلاميءَ) کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي“، ته ان نعري کي سڄيءَ دنيا مان موٽ ملي ۽ هيٺئين ۽ ڪمزور ورڪنگ ڪلاس جا ماڻهو ان نعري جي طاقت وسيلي سگهارن سيٺين، وڏيرن ۽ جابر حڪمرانن سان ٽڪرائجي ويا، پر اهو نعرو دنيا جي مزدورن لاءِ گڏجڻ واري نقطي طور گهڻو عرصو نه رهي سگهيو، جنهن جا انيڪ سبب آهن، پر هڪ اهم نقطو خود اهو به هو ته ڇا سڄي دنيا جي مزدورن جا مسئلا هڪجهڙا هئا/آهن ۽ ڇا سڀني وٽ وڃائڻ لاءِ ”زنجيرن“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو؟ وقت اڳتي هلي ثابت ڪيو ته مزدور پڻ معاشي لحاظ کان مختلف طبقن ۾ ورهايل هئا/آهن. هڪ ڪامريڊ دوست چواڻي ته چڱن وقتن ۾ هلندڙ اسٽيل ملز ڪراچي يا ذيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ ڪنهن بٺا مزدور جي معاشي حالت ۽ سندن مسئلا هڪ ڪيئن پيا ٿي سگهن؟ بهر حال مزدور ته هڪ پليٽ فارم تي ڪڏهن به گڏ نه ٿي سگهيا، جنهن جا کڻي ڪهڙا به ڪارڻ هجن پر اڄڪلهه سنڌ جا وڏا زميندار هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي سان ورهين جون سياسي ۽ ذاتي رنجشون رکندڙ اسان جا اهي زميندار پنهنجا ويڇا ختم ڪري اهو نعرو هڻي گڏ ٿي رهيا آهن ته ”سنڌ جا زميندار گڏ ٿين جو انهن وٽ وڃائڻ لاءِ زمينن/جاگيرن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي! “ ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ڪانهي ته زراعت جو شعبو شديد مسئلن جي ور چڙهيل آهي. هڪڙي پاسي پاڻيءَ جي اڻاٺ ته ٻئي پاسي وري سم ۽ ڪلر جو عذاب. هڪڙي پاسي ٻج، ڀاڻ سوڌو هر شيءِ ۾ آيل مهانگائي ته وري ٻئي پاسي فصل جو مناسب اگهه به نه ملڻ. مقصد اهو ته زراعت کي هڪ پيشي طور اختيار ڪندڙ ماڻهو شديد مسئلن ۽ ڏچن کي منهن ڏين پيا پر اهي مسئلا هڪ ڏينهن جا پيدا ٿيل ناهن بلڪه ڪيترن ئي ورهين ۾ اختيار ڪيل غير عقلي پاليسين سبب اهي مسئلا وڌي وڻ ٿيا آهن پر خاص ڪري ويجهڙائيءَ جي ڪجهه سالن ۾ صورتحال خراب کان خراب ٿيندي ويئي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ اڌ کان وڌيڪ عرصو ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٻئي ڪنهن جي نه پر خود زميندار ڪلاس جي ماڻهن جي رهي پر اهي به پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ زراعت لاءِ ڪي چڱائيءَ واريون پاليسيون نه جوڙي سگهيا ۽ اها ڳالهه به رڪارڊ جو حصو آهي ته زرعي ٽيڪس لڳائڻ جو پهريون ڀيرو فيصلو به ان مهل ٿيو، جڏهن ملڪ ۾ صدر (فاروق لغاري) ۽ وزيراعظم (بينظير ڀٽو) ٻيئي زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هئا” اسان جي زميندار ماٰضيءَ ۾ پنهنجي پيشي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪڏهن به گڏيل فورم جوڙڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي، جيئن ٻين پيشن سان لاڳاپيل ماڻهن پنهنجون تنظيمون يا فورمز جوڙيا آهن” جنهن جا انيڪ سبب آهن، جن مان اهم اهو آهي ته اسان جا زميندار يا وڏيرا سواءِ فوجي حڪومتن جي شروعاتي عرصي جي هميشه اقتدار ۾ رهندا آيا آهن. گڏوگڏ حڪومتي پارٽين توڙي اپوزيشن جي سگهارين پارٽين تي پڻ سندن سگهاري گرفت هجي ٿي، سو حڪومتي ۽ سياسي پارٽين جهڙن پليٽ فارمز جي موجودگي سبب کين بطور هڪ ڪلاس جي ڪنهن ٻئي پليٽ فارم جي گهڻي ضرورت نٿي پوي. باقي سنهي ٿلهي مسئلي لاءِ محدود پيماني تي سيد قمرالزمان شاهه يا علي مير شاهه جهڙن پڙهيل لکيل زميندارن پاران جڙيل تنظيمون ڪم ڪڍيو اچن پيون. پر گذريل اٺن ڏهن سالن ۾ زراعت جي حوالي سان چار يا پنج اهم تبديليون آيون آهن، جن جي ڪري زراعت جو شعبي مجموعي طرح ۽ زميندار طبقي خاص طرح Jolt (جهٽڪا) محسوس ڪيا. انهن تبديلين کي پاڻ هن ريت رکي پيا سگهون: (i) نجي جيلن جي ڪهاڻين جو منظر تي اچڻ جن ۾ اڌ حقيقت ۽ اڌ افسانا هئا. پر جيتري به حقيقت هئي سا سڄي سوسائٽي جي وڏيرن جي ڪارگذاري ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي هئي ۽ اهو پهريون ڀيرو هو جو وڏيرن وٽ روايتي انداز ۾ ان معاملي کي Ignore (نظر انداز)ڪرڻ ممڪن ئي نه رهيو ۽ زميندار طبقي جي ماڻهن کي سوسائٽيءَ آڏو وضاحت ڪرڻي پيئي ته واقعي به ڪجهه وڏيرن وٽ نجي جيل هئا/آهن، جيڪي نه هجڻ کپن، پر سمورن زميندارن کي هڪڙي لائين ۾ بيهاري انهن تي نجي جيل هلائڻ جا الزام نه مڙهيا وڃن، سو ويجهي ماضيءَ ۾ نجي جيلن جو معاملو سوسائٽي ۽ زميندارن جي وچ ۾ Interaction (گڏيل عمل) جو پهريون سبب بڻيو ۽ جنهن سبب خاص ڪري حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي زميندارن پهريون ڀيرو سوسائٽيءَ جي پريشر کي محسوس ڪيو، (ii) زرعي ٽيڪس جي نفاذ کي اسان جي زميندارن ورهين کان شهري ڪاروباري آبادي پاران ٿيندڙ ناجائز مطالبو قرار ڏنو آهي پر زميندار طبقي جي حڪومت ۾ هوندي به اهو مطالبو مڃيندي زرعي ٽيڪس جو نفاذ زميندار طبقي لاءِ هڪ ٻي ناڪامي هئي، جنهن پڻ هڪ ڪلاس طور کين ڪاوڙ ۽ مايوسي جو شڪار ڪيو، (iii) مجموعي طرح زراعت جي شعبي ۾ ڪهي آيل مسئلن جي لشڪر پڻ معاشي طرح زراعت سان لاڳاپيل هر فرد کي متاثر ڪيو پر ان ڪاروباري نقصان جو به گهڻو اثر ظاهر آهي ته زميندار مٿان ئي پيو ڇاڪاڻ ته جيڪو نفعو وڌيڪ ٿو کڻي نقصان به ان کي وڌيڪ ٿو ڀوڳڻو پوي، (iv) نواز حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ اهي اطلاع حڪومتي حلقن مان ملڻ شروع ٿيا ته حڪومت زرعي زمين رکڻ جي حد گهٽائي رهي آهي پر 12 آڪٽوبر کانپوءِ آيل فوجي حڪومت ۾ اهي افواهه اڃان وڌي ويا ته سرڪار لينڊ ريفارمز جو هڪ وڏو پئڪيج آڻڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن هيٺ وڏيون زرعي ايراضيون رکندڙن کان زمين کسي ويندي ۽ افواهه اهي هئا ته ڪنهن به هڪ خاندان کي سئو ايڪڙ زمين کان مٿي رکڻ نه ڏبي ۽ باقي زمين سرڪار ان زميندار کان کسي وٺندي. جيتوڻيڪ حڪومت ڪڏهن به اهڙن افواهن جي تصديق نه ڪئي پر اهي افواهه ئي فطري طور زميندارن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا ته انهن جون زمينون انهن کان کسجڻ واريون آهن. غير جانبدار ٿي تجزيو ڪجي ته اهڙن افواهن ئي فائنل جهٽڪي وارو ڪم ڪيو ۽ زميندارن فوري طور گڏجڻ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو ۽ هڪ شهري سوچ رکندڙ سنڌي نثار ميمڻ جڏهن پنهنجي تنظيم ”دي ريفارمرز“ جي پليٽ فارم تي زميندارن جو اهو مسئلو کڻڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته سوين زميندار ان شهري ڪاروباري ماڻهو جي پويان هلڻ لاءِ خوشي خوشي راضي ٿي ويا، پنهنجا پاڻ ۾ آهيون. جيڪڏهن اهو مسئلو درپيش نه هجي ها ته اسان جو وڏيرو ڪنهن شهري سوچ رکندڙ ماڻهوءَ جي قيادت تسليم ڪرڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچي ها. پر حڪومت جي اڻ کنيل قدم/فيصلي جي پريشر اسان جي وڏيري کي پارٽي، ذاتي اختلافن مطلب ته هر شيءِ کان بي نياز ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو، (v) چوڻ وارا چون ٿا ته فوجي اختيارين پاران پاڻيءَ جي ماڊولن جو سائز واپس 1933ع وارو ڪرڻ جو اعلان به زميندارن لاءِ هڪ وڏو ڏچو آهي، جو جيڪڏهن ماڊولن جي سائز ننڍو ٿو ٿئي ته سندن ٻني غير آباد ٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن پاڻي چوري ٿو ڪجي ته فوجي اختيارين پاران ڪارروائي ٿيڻ جو ڊپ آهي.
دي ريفارمرز جي تنظيمن جنهن کي اڻ واقف ماڻهو تڪڙ ۾ ”دي فارمرز“ جي نالي سان به ڪوٺيندا آهن، پاران زميندارن جي ڪرايل ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ڪنگري هائوس ۾ پير صاحب پاڳاري پڻ وڏيرن ۽ زميندارن جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ زميندارن جي هڪ تنظيم جوڙڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. دي ريفارمرز جي ڪانفرنس ۾ به اهڙي ڪنهن تنظيم جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو پر سياسي تجربو گهٽ رکندڙ ريفارمرز جي قيادت ان ڏينهن تنظيم جوڙڻ جو اعلان نه ڪيو ۽ اعلان وري ڪنگري هائوس تي ٿيو، تنهن جو مطلب ته زميندارن جي ٺهندڙ تنظيم جي قيادت ريفارمز وٽ مشڪل رهي بلڪه قيادت ڪنگري هائوس وٽ رهندي يا سندس پاران نامزد ٿيل وٽ! ڪنگري هائوس ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي اخباري ڪوريج لاءِ ويل ڪاوش جي رپورٽر ارشاد گلاباڻي جو ان ڪانفرنس بابت تجزيو ڪجهه هن ريت هو ”پير صاحب جيڪا زميندارن جي تنظيم ٺاهي پيو ان جا ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي ۾ مختلف ڪارج ٿيندا، يعني زميندارن جا جيڪي اڀري آيل مسئلا آهن، انهن لاءِ فوري طور اها تنظيم آواز اٿاري سگهندي. پر ڊگهي مدي ۾ جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ٿيڻيون آهن يا حڪومت ٺاهڻي آهي ته پير صاحب وٽ فنڪشنل ليگ جي ڊسيپلين کانسواءِ بااثر زميندارن جو هڪ ٻيو فورم به هٿيڪو هوندو، جنهن ۾ شامل زميندارن جو وقت اچڻ تي سياسي فائدو به وٺي سگهبو، ساڳيءَ ريت اهڙا ڪيترائي وڏيرا آهن، جيڪي پير پاڳاري جي ويجهو ته رهڻ چاهين ٿا پر فنڪشنل ليگ ۾ مختلف سببن جي ڪري سڌيءَ ريت شامل نٿا ٿيڻ چاهين، سو انهن لاءِ به هڪ الڳ فورم ۾ پير صاحب سان گڏجڻ وارو آئيڊيا وڌيڪ موزون آهي“. ارشاد جو چوڻ هو ته ڪنگري هائوس تي جيڪي واقعي به بااثر وڏيرا آيا انهن مان ڪجهه ٻين پارٽين ۾ هوندي به دراصل پيرپاڳاري جا ماڻهو تصور ٿين ٿا. باقي اڪثر اهڙا به اتي آيا جيڪي پنهنجين پارٽين مان بيزار آهن پر پارٽين ۾ ان ڪري ويٺا آهن جو انهن وٽ ڪو آپشن ڪونهي، سو انهن وڏيرن کي به وڌيڪ Suit (موزون) ٿو ڪري ته هو پير صاحب جي ڪنهن اهڙي ”غير سياسي تنظيم“ ۾ شامل ٿين جيڪا ڪنهن به وقت برقعو لاهي ”سياسي تنظيم“ بڻجي وڃي!
زميندارن جي هڪٻئي جي مٿان ٿيل ڪانفرنسن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪاموري جي گهر تي ٿيل ڪچهريءَ ۾ جڏهن اتي موجود ڪجهه زميندارن زمينون کسجڻ وارن اطلاعن/افواهن کي بنياد بڻائي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسان جهڙا ويٺل ماٺ رهيا پر جڏهن جذبات ۾ اچي اسان جي هڪ وڏيري چيو ته ”اهو سنڌ سان ظلم آهي“ ته ماٺ ختم ڪري چيومانس ته ”ڀوتار، ترسو، ائين به ناهي جيئن توهان چئو پيا. ڇاڪاڻ ته اصل معنيٰ ۾ جيڪي وڏا زميندار يا وڏيرا آهن، اهي سنڌ جي ڪل آباديءَ جو مشڪل سان هڪ سيڪڙو مس آهن، سو توهان هڪ سيڪڙو آباديءَ جي مسئلي کي سڄي سنڌ جو مسئلو ڪيئن ٿا چئو؟ ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن توهان وڏيرن جي اڪثريت واقعي به باقي 99 سيڪڙو ماڻهن جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون هجن ها يا انهن جي فلاح ۽ چڱائي لاءِ وڏا ڪم ڪيا هجن ها ته ظاهر آهي اڄ توهان هڪ سيڪڙو ماڻهن جو مسئلو 99 سيڪڙو ماڻهو پنهنجو مسئلو سمجهن ها، سو مهرباني ڪري معاملي کي ڪنفيوز نه ڪيو...!“ چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيستائين زراعت جي مجموعي مسئلن جو تعلق آهي ته ظاهر آهي ته اهو سڄيءَ سنڌ جو مسئلو آهي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن وڏن زميندارن يا ننڍن آبادگارن خلاف حڪومتي سطح تي ڪي غير منطقي پاليسيون جڙن ٿيون ته ان جي به حمايت نٿي ڪري سگهجي پر جيڪڏهن ڪي وڏيرا چاهين ٿا ته (واضح رهي ته هر زميندار وڏيرو نٿو هجي بلڪه وڏيرپائي هڪ ذهني ڪيفيت جو نالو هجي ٿو) سندن بچاءَ لاءِ سنڌ سندن حمايت ڪري ته هو ڀليل آهن يا جنهن واهيات اسٽيٽسڪو سبب وڏيرپائي پروان چڙهي ٿي ان اسٽيٽسڪو جي بقا لاءِ سنڌ سندن ساٿ ڏئي ته هو غلط اميدون پيا لڳائين.
سڀاڻي جيڪڏهن زميندارن جي ڪا تنظيم جڙي ٿي ته ظاهر آهي ته اها حڪومتي ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي زميندارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪندي، جنهن ۾ ظاهر آهي ته ڪو حرج ڪونهي. پر بهتر اهو ٿيندو ته ان تنظيم جا ذميوار زرعي شعبي سان لاڳاپيل اهم ڌرين يعني هارين ۽ ننڍن آبادگارن سان به ڳالهيون ڪن جيئن وڏيرن پاران کين ملندڙ اذيتن ۽ شڪايتن جو به ازالو ٿي سگهي. اها ڳالهه ان تنظيم جي ”ٿنڪ ٽينڪس“ کي سمجهڻ گهرجي ته اهو سوسائٽي جو ئي ورهين کان جڙندڙ پريشر ۽ راءِ عامه هو، جنهن حڪومت جو وڏيرن ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي ۽ جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ اسان جا زميندار ۽ وڏيرا هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيا آهن. سو جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته زراعت جي ٻين شعبن جي ماڻهن ۽ مجموعي طرح سوسائٽيءَ کي مطمئن ڪرڻ کانسواءِ صرف ڪنهن تنظيم وسيلي حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ سان اهو معاملو ٽري ويندو ته اها غير منطقي سوچ آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين سوسائٽيءَ جو پريشر ۽ راءِ عامه موجود رهندي تيستائين اهو معاملو بار بار اٿندو رهندو ۽ سوسائٽيءَ کي مطمئن ڪرڻ يا راءِ عامه کي پنهنجي حق ۾ استوار ڪرڻ جي واحد صورت اها آهي ته زميندار صرف هڪ پروفيشنل زميندار رهي ۽ وڏيري ٿيڻ کان پاسو ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين به چئي پيو سگهجي ته اسان جو زميندار سياسي ۽ سماجي طرح پنهنجو هڪ نئون تعارف جوڙي. زميندارن جي ان نئين ٺهندڙ تنظيم کي آخر ۾ اهو مفت مشورو ڏيڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ته هو ڀلي حڪومت يا اربن انٽيليجينشيا سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن پروفيشنل مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارين پر گڏوگڏ پنهنجي تڪ يعني پنهنجي شعبي سان لاڳاپيل ٻين ڌرين، جيڪي ظاهري طرح ڀلي هيڻيون نظر اينديون هجن، سان پڻ برابري جي بنياد تي ڳالهيون ڪن ۽ انهن سان نئون سماجي ۽ معاشي معاهدو ڪن. گڏوگڏ پنهنجي سوسائٽيءَ جي Cross section (مختلف طبقن) جي ماڻهن سان کليل ذهن سان ڳالهيون ڪن ۽ پنهنجي اندر تبديليون آڻين. ٿي ته اهو به سگهي پيو ته زميندارن جي تنظيم غير سرڪاري سطح تي هڪ مستقل ڪميشن جوڙڻ لاءِ Initiate(شروعات) ڪري جنهن ۾ زميندارن جي نمائندن سان گڏ هارين، ننڍن آبادگارن جي نمائندن سوڌو سوسائٽيءَ جي ٻين شعبن جا ماڻهو به شامل هجن. اها ڪميشن زرعي شعبي اندر موجود ڌرين جي رشتن ۽ لاڳاپن جو نه صرف نئين سر جائزو وٺي پر ان سان گڏوگڏ روز جي معاملن تي پڻ نظر رکندي فيصلا ڪري. ان کانسواءِ اها ڪميشن زراعت جي مجموعي مسئلن (جنهن ۾ زميندار جا مسئلا پڻ شامل آهن) بابت سرڪار سان لهه وچڙ ۾ اچي ۽ دٻاءُ وجهي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي.
زميندارن جي پاڻ ۾ گڏجڻ واريون خبرون پڙهي هڪ اردو ڳالهائيندڙ اڳوڻي ڪامريڊ فون تي چيو ته ”جيڪڏهن زميندارن ۽ وڏيرن جي ڪا تنظيم جڙي به سهي ته اها ڪو ڊگهو عرصو نه هلي سگهندي ڇاڪاڻ ته جيئن ئي ڪا سياسي حڪومت ملڪ ۾ آئي ته اها تنظيم غير فعال ٿي ويندي ڇو ته سياسي حڪومت ۾ اڪثريت وري به زميندار ڪلاس جي ئي هوندي جنهن کي حڪومت ملڻ کانپوءِ ڪنهن غير سياسي ۽ غير حڪومتي فورم جي شايد ضرورت نه رهندي،“ ان ڪامريڊ جي ڳالهه سان ضروري ناهي ته پاڻ متفق ٿيون پر هڪڙي ڳالهه ضرور آهي ته جيئن سڀني مزدورن جا مسئلا ۽ مفاد هڪجهڙا نٿا هجن، تيئن ئي هر زميندار ۽ هر وڏيري جا مفاد/مسئلا به سدائين هڪجهڙا نٿا رهن جو هو هڪ پليٽ فارم تي سدائين گڏيا رهن!
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو