Saturday 22 November 2014

علي قاضي

                    عوامي شرڪت کانسواءِ 
            .عدم مرڪزيت ممڪن ناهي
                   آچر 21 نومبر 1993ع




   جڏهن اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان پ پ جي حڪومت جي خاتمي وارو فرمان ٽي وي تي عوام کي پڙهي ٻڌايو هو، تنهن ۾ ٻين الزامن سان گڏ پ پ حڪومت تي پوڙهي صدر اهو به الزام هنيو هو ته حڪومت 18 مهينن ۾ ڪا به بنيادي تبديلي آڻي نه سگهي، اها ڳالهه غلام اسحاق خان قانونسازي نه ڪرڻ، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو اجلاس نه سڏائڻ وغيره جي حوالي سان چئي هئي پر خود عام ماڻهو به اهو سوچڻ تي مجبور ٿيا ته واقعي پ پ 18 مهينن ۾ ڪهڙي بنيادي تبديلي آندي؟ جڏهن ته نواز شريف حڪومت ۾ ايندي شرط نجڪاري، روزگار ۽ ٻيا معاشي سڌارا آڻڻ لاءِ اپاءَ کنيا، اهي اپاءَ غلط هئا يا صحيح انهن تي عملدرآمد ۾ نقص هئا يا نه، ان تي ڪيترائي مضمون اخبارن ۾ اچي چڪا آهن ۽ اڃا وڌيڪ ان موضوع تي لکي سگهجي ٿو پر سردست اڄوڪي بحث جو اهو موضوع نه آهي، محترمه بينظير ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کان لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ نيئن سماجي ٺاهه جي يعني بنيادي تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ پوءِ انهي نقطي کي آڪٽوبر 1993 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي چونڊ منشور جو اهم حصو بڻايو، نئون سماجي ٺاهه ڇا آهي؟ اهو ڪيئن نافذ العمل ٿيندو؟ ان سوال تي ڊگهي عرصي کان خود پ پ اندر ۽ پ پ کان ٻاهر وارن حلقن ۾ بحث جاري آهي ۽ اها حقيقت آهي ته ڪير به ماڻهو ڇاتي تي هٿ رکي اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته کيس مڪمل طور تي ڄاڻ آهي ته اهو نئون سماجي ٺاهه ڇا هوندو ۽ اهو معاشري ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙيون تبديليون آڻيندو، منهنجو ذاتي طور تي خيال آهي ته محترمه بينظير ڀٽو کي 18 مهينن جي اقتداري تجربي اهو سيکاريو هوندو ته کيس معاشري ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ کانسواءِ پنهنجو اقتدار ۽ عوامي مقبوليت برقرار رکڻ ڏکيو ٿيندو، معاشري ۾ ريڊيڪل انداز جي تبديلين ۽ سڌارن جي ڊگهي موضوع کي بينظير ڀٽو ”نئين سماجي ٺاهه“ جو عنوان ڏنو ۽ پوءِ هن وسيع سوچ کي ڪاٺوس شڪل ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي پارٽي ۾ پاليسي ۽ پلاننگ گروپ تشڪيل ڏنو ۽ پوءِ ساڳئي گروپ کي ٽاسڪ فورس جي نالي ۾ اهو ڪم سونپيو ته هو ان Vague Ideaکي تفصيلي ڊاڪيومينٽ جي صورت ڏيندي، ان جي عملي پاسن تي غور ڪن، گڏوگڏ اهو نقطو ملڪ جي دانشورن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ٻين ڄاڻو ماڻهن جي بحث هيٺ به رهيو ته جيئن وڌ ۾ وڌ ”فيڊ بيڪ“ بينظير تائين پهچي پارٽي کان ٻاهر موجود حلقا گهڻي ڀاڱي پنهنجي راءِ هن مسئلي تي ان ڪري به باقاعده طور نه ٿا ڏين ڇاڪاڻ ته هنن کان اهڙي قسم جي راءِ گهرڻ جي ڪنهن زحمت به نه ڪئي آهي، بهرحال ڳالهه ٿي رهي هئي نيوسوشل ڪانٽريڪٽ يعني نئين سماجي ٺاهه جي جنهن جي ذريعي بينظير ڀٽو نه صرف وفاق ۽ صوبن ۾ اختيارن ۽ وسيلن پر شادي ۽ زال مڙس جي رشتي ۾ توازن آڻڻ جي خواهشمند آهي، اها سوچ نهايت دور انديشي واري آهي، ڇاڪاڻ ته تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ جيڪڏهن اسان به پنهنجي سوچ ۾ تبديلي نه آندي ته اسين تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ ”مس فٽ“ ٿي وينداسين  ـ


هن مهل تائين هن سماجي ٺاهه تي پهرين مرحلي طور پ پ حڪومت پاران پنهنجي چونڊ منشور ۾ شامل ضلعي حڪومتن ٺاهڻ واري معاملي تي تيزي سان ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، هن مهل تائين ان ڏس ۾ پ پ پاران اهو چيو پيو وڃي ته ضلعي جي سطح تي گورنر (ڊپٽي گورنر) هوندا، جنهن سان گڏ ضلعي سطح تي گونر جي ٽيم به تعليم، هوم، کاتي وغيره جا وزير هوندا، جيڪي صوبائي حڪومت پاران ٺاهيل پاليسين تي عملدرآمد ڪرائيندا ۽ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪندا، ان جو سبب اهو ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڪامورن مٿان ضلعي سطح تي به ڪا چيڪ ٺهي سگهي، جيتوڻيڪ ضلعي حڪومت ڪيئن ٺهندي؟ ۽ وٽس ڪهڙا ڪهڙا اختيار هوندا؟ جهڙن سوالن تي وزيراعظم طرفان ٺاهيل ٽاسڪ فورس اڃا شروعاتي مرحلن ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر پ پ جي ذريعن موجب اهي ضلعي حڪومتون ضلعي ڪائونسلن جي معرفت عمل ۾ اينديون، ان ڏس ۾ ٻه رايا آهن، هڪ ته گورنر کي حڪومت نامزد ڪري ۽ پوءِ هو ڪائونسل مان ڪن ڪائونسلرن کي پنهنجو وزير نامزد ڪري، جڏهن ته ٻي راءِ اها آهي ته گورنر کي ڪائونسلر ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٻنهي صورتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر گورنر جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندو، پ پ جي مختلف ذميوار ماڻهن سان ڪچهري کانپوءِ جيڪا صورتحال سمجهه ۾ اچي ٿي اها اها آهي ته بلدياتي چونڊن کانپوءِ ڪنهن ماڻهو کي حڪومت پاران گورنر طور نامزد ڪيو ويندو، جيڪو بعد ۾ ڪائونسل مان اعتماد جو ووٽ وٺندو، ائين اهو چئي سگهبو ته گورنر چونڊيل ماڻهو آهي نه نامزد ڪيل بهرحال ڌڻي هن ڳالهه تي منجهيل آهن ته ضلعي ڪائونسل ۽ صوبائي حڪومت جي موجودگي ۾ ضلعي حڪومت يا گورنر وٽ ڪهڙا اختيار هوندا ۽ ٻي ڳالهه جيڪا ماڻهن ۾ بحث هيٺ آهي ته ضلعي حڪومتن کي قانوني تحفظ ڇا هوندو؟ يعني اهي حڪومتون ڪهڙي قانون تحت وجود ۾ اينديون، ان ڏس ۾ باقاعده قانونسازي ڪرڻ، لوڪل باڊيز ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ يا موجوده قانون جي ئي پنهنجي مطلب جي تشريح ڪري ڪم هلائڻ وارين تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي  ـ


هاڻ هي بنيادي نوعيت جو سوال پنهنجي جاءِ تي Unaswred موجود آهي ته پ پ حڪومت ضلعي حڪومتون ڇو پئي ٺاهي؟ ڪراچي ۾ موجوده پ پ جي Think Tanks جي چواڻي ته هن قسم جو مقصد هيٺين سطح تي ڪامورن مٿان سياسي ماڻهن جي نظر داري قائم ڪرڻ آهي، جڏهن ته بينظير ڀٽو جي بيانن مان ضلعي حڪومتن ٺاهڻ جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تائين ورڇ ڪرڻ سمجهه ۾ اچي ٿو پر جيڪڏهن مٿيان ٻئي جواز به هجن تڏهن به ڪا خراب ڳالهه ناهي، خاص ڪري جيڪڏهن Decentralization of powers واري سوچ آهي ته اها هڪ بنيادي تبديلي تصور ڪئي ويندي پر ڄاڻو حلقن ۾ هن فارمولي کي جنهن انداز ۾ نافذ ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ان بابت تمام گهڻا تحفظات آهن، هڪ اهو ته ڪٿي اهي ضلعي گورنر نامزدگي جي نالي ۾ مٿان مڙهيا ته نه ويندا؟ ٻيو اهو ته جيڪڏهن ضلعي ڪائونسلن جا ڪائونسلر هنن گورنر کي چونڊيندا ته پوءِ اڪثر ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن جيان اهي ضلعي گورنر به ”عقلمند“ وڏيرا هوندا، جن جي ترجيح پنهنجي ضلعي جو عوام نه پر حاڪم وقت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هوندي ۽ جيئن حڪومت تبديل ٿيڻ سان ئي بلدياتي ادارن جي اڳواڻن جون سياسي وفاداريون تبديل ٿي وڃن ٿيون، تيئن ئي پوءِ ضلعي گورنر به قلابازيون پيا کائيندا (پ پ کي خاص طور تي هن ڳالهه جو وڏو تجربو آهي) تيئن ڳالهه اها آهي ته ضلعي گورنر جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ کيس صرف حڪومت وقت سان ملي 50 يا 60 ڪائونسلرن جي حمايت حاصل ڪرڻي پوندي، جنهن کانپوءِ هو وري ضلعي مٿان مڙهجي ويندو ۽ عوام ڏسندو رهجي ويند، هتي قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلين جو مثال ڏيڻ ان ڪري به غلط هوندو ڇاڪاڻ ته ضلعي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي معيار ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، تنهن ڪري ٻنهي جي ڀيٽ ڪرڻ دانشمندي نه هوندي ـ


اها هڪ حقيقت آهي ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي پارٽين ۽ ليڊرن جي ترجيحن ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويندو آهي پر تنهن هوندي به پ پ جي قيادت مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها اهڙي بنيادي نوعيت جي معاملي ۾ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي سوچيندي ۽ جيڪڏهن صرف هڪ ”ڪاسميٽڪ چينج“ بدران حڪومت واقعي ضلعي حڪومتون ٺاهي ڪا بنيادي تبديلي آڻڻ جي خواهشمندي آهي ته کيس بنيادي طور تي اهو ڪم هن اپروچ سان ڪرڻ کپي ته ضلعي حڪومتون عدم مرڪزيت Decentralization of powers ڏي پهرين قدم طور ٺاهيون پيو وڃن، ٻي بنيادي ۽ اهم ترين ڳالهه اها آهي ته ضلعي گورنر ۽ ضلعي وزير ضلعي جي عوام کان سڌو ووٽ وٺي پوءِ اچن نه ڪي ڪائونسل جي ڪائونسلرن جي حمايت سان جيڪڏهن ضلعي حڪومت کي ضلعي جي عوام جي سڌي حمايت حاصل هوندي ته پوءِ کيس عوام آڏو جوابده ٿيڻو پوندو ۽ کين اها ڄاڻ هوندي ته سندن مدو جيڪو وڌ ۾ وڌ ٻه سال هجڻ کانپوءِ کين ٻيهر عوام وٽ وڃڻو آهي ته هو پنهنجا فيصلا عوامي خواهشمن کان ابتڙ ڪرڻ کان اڳ هڪ دٻاءُ محسوس ڪندا جيڪو دٻاءُ هڪ نامزد ماڻهو يا ڪائونسل جي اڪثريت رکندڙ ڪڏهن به ان شدت سان محسوس نه ڪندو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اولهه جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ”پوليس شيرف“ (پوليس سربراهه) به عام ووٽ وٺي پنهنجي عهدي تي ايندو آهي، جيڪڏهن ضلعي گورنر کي ضلعي جي عوام جو مئنڊيٽ حاصل هوندو ته کيس ڪائونسل ۾ ۽ عملدارن ۾ هڪ خاص مقام حاصل هوندو، صرف ان صورت ۾ ئي هو ضلعي جي عوام لاءِ ڪي بنيادي ۽ ٺوس اپاءَ وٺي سگندو، جيستائين ڪائونسلن جي موجوده چيئرمينن جي عهدي جو تعلق آهي ته پوءِ ان جي بلڪل ضرورت نه ٿي رهي، تنهن ڪري چيئرمين واري عهدي کي قومي يا صوبائي ۾ موجود اسپيڪر جي عهدي ۾ تبديل ڪري ڇڏجي، جيئن هو ڪائونسل جو اجلاس غير جانبدار ٿي هلائي سگهي ۽ ايگزيڪيوٽو پاورز گورنر کي ڏنا وڃن، هاڻ هتي جيستائين ان ڳالهه جو تعلق آهي ته اهڙين عوامي مينڊيٽ رکندڙ ضلعي حڪومتن سان صوبائي حڪومت جا اختيار گهٽ ٿي ويندا ته ڳالهه سنئين سڌي آهي ته جڏهن توهان Decentralization of powers جي ڳالهه ڪريو ٿا ته جيڪڏهن اختيار هيٺ تائين ويندا ته پوءِ ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي! پر تنهن هوندي به اختيارن بابت هڪ واضح ۽ چٽي قسم جو قانون اڳواٽ جوڙي سگهجي ٿو، جنهن ۾ صوبائي ۽ ضلعي حڪومت وچ ۾ اختيارن بابت تفصيل سان وضاحت ٿيل هجي ته جيئن اڳتي هلي ڪو مسئلو نه ٿئي، مٿيون ڄاڻايل تجويزون يقينن عمل ڪرائڻ ۾ ڏکيون ٿينديون پر جيڪڏهن حڪومت هيٺين سطح تي واقعي ڪا بنيادي تبديلي ڏسڻ جي خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿي ته ادارا مضبوط ٿين ته پوءِ اهڙا    ئي کڻڻا پوندا جن سان واقعي تبديلي محسوس ٿئي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو