اظهار جي آزادي رعايت نه پر حق آهي
اڱارو 21 فيبروري 1995ع
تازو اسپين جي ملڪ جي هڪ اخبار اتان جي سرڪار چوٿون دفعو بند ڪرائي ڇڏي، جڏهن ان ڏس ۾ ٻين صحافين بند ٿيندڙ اخبار جي ايڊيٽر کان اهو پڇيو ته ڇو سرڪار توهان جي اخبار چوٿون دفعو بند ڪرائي ڇڏي آهي؟ آخر توهان چاهيو ڇا ٿا؟ ايڊيٽر جواب ڏنو ته منهنجو مسئلو ٽي لفظ آهن، اهي آهن ”I Like Freedom“ اسان وٽ به هن ”Freedom“ يا آزادي جي لفظ جو استعمال تمام گهڻو ٿئي ٿو ۽ توهان ڏٺو هوندو ته هر جلسي ۾ ٿيندڙ تقرير ۾ هر اخباري بيان ۾، روڊن تي ٿيندڙ مظاهرن کان ويندي اسيمبلي ۾ اهو لفظ فضول خرچي جي حد تائين استعمال ٿئي ٿو. جمهوريت جي نالي ۾ سياست ڪندڙ چون ٿا ته کين جمهوري سياست ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجڻ کپي، علحدگي پسند سياست ڪندڙن جو چوڻ آهي ته کين هڪ مخصوص علائقي جي آزادي مقصود آهي، قومپرستن جو اصرار آهي ته سندن قوم کي آزادي ملڻ گهرجي، مخالف ڌر وارا رڙيون ٿا ڪن ته کين مخالفت جي آزادي هجڻ گهرجي، حڪومت جو موقف هوندو آهي ته کين ملڪ ۾ قوم لاءِ ڪو به فيصلو ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هر ڪنهن کي آزادي گهرجي، ڪنهن کي نظام کان، ڪنهن کي آمريت کان ڪنهن کي سامراجيت کان ڪنهن کي مراعات يافته طبقي کان ڪنهن کي رياستي ادارن کان، ڪنهن کي خود پنهنجي پاڻ کان، غرض ته هر ڪو پنهنجي لاءِ آزادي چاهي ٿوپر افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته هر ڪو Limited Freedom ۾ يقين ٿو رکي ۽ نه صرف اهو بلڪه هو اهو به چاهي ٿو ته سندس حامي عوام، سندس طبقي يا سندس قوم کي اها آزادي سندس ئي معرفت ملي ۽ پوءِ عوام قوم يا جنهن طبقي لاءِ جاکوڙيو ويندو آهي، ان کي هڪڙي آزادي ملڻ کانپوءِ پنهنجي معزز ليڊر جي غلامي قبول ڪرڻي ٿي پوي، جيئن آمريت کان آزادي چاهيندڙن کي جڏهن ڊڪٽيٽر کان آزادي نصيب ٿئي ته پوءِ کين سندن عوامي ليڊر پاران طئي ڪيل حدن اندر آزاد ڪيو ويندو آهي يا جيڪڏهن ڪنهن قومپرست جي آزادي واري تحريڪ ڪامياب ٿئي ٿي ته هو وري نئين سر آزادي جون حد بنديون ڪري ٿو ۽ معزز قومپرست اڳواڻ پنهنجي قوم کي اها آزادي دان ۾ ڏئي ٿو، جيڪو معزز اڳواڻ درست سمجهي ٿو، نه ڪي اها آزادي جيڪا ماڻهن جو حق هوندي آهي ۽ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته عوام قوم يا طبقي جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊرن جي اڪثريت آزادي کي ته پنهنجو ايمان ۽ اصول قرار ڏيندي پنهنجي جان به ان لاءِ قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي پر ماڻهن کي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿي ٿئي ـ
جولاءِ 1992ع ۾ آواري هوٽل ڪراچي ۾پاڪستان پيپلزپارٽي پاران جيڪا ان وقت مخالف ڌر ۾ هئي، هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو کانسواءِ چئن صحافين کي تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، انهن ۾ ڊان اخبارجي سلطان احمد، جاڳو اخبار مان فقير محمد لاشاري، جنگ مان سندن هڪ صحافي کي ۽ ڪاوش مان مون کي سڏ ڏنو ويو هو، ايتري پراڻي واقعي جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد هڪ جملو لکڻ هو، جيڪو مون پنهنجي تقرير دوران محترمه بينظير کي مخاطب ٿيندي چيو هو ”محترمه، اسين اميد ٿا ڪريون ته توهان جڏهن اقتدار ۾ ايندا ته اظهار جي آزادي جو حق عوام کي مهرباني طور نه پر عوام جو حق سمجهي کين ڏيندا“ جيئن صاف هوا، اٽو، لٽو ۽ گهر ماڻهوءَ جا بنيادي حق ٿين ٿا، تيئن اظهار جي آزادي به سندس بنيادي حقن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ ڪي ڊڪٽيٽر يا لساني گروهي يا فرقيوارانه سياست ڪندڙ اظهار جي مڪمل آزادي ۾ يقين نه ٿا رکن ۽ هن کي عوام لاءِ هڪ عياشي سان تعبير ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عوام اظهار ڪرڻ جو حق استعمال ڪندو ته ڏنڊي يا ٺڳي تي بيٺل ماڻهن جي دڪانداري بند ٿي ويندي پر هڪ سياستدان جيڪو پاڻ کي ڊيموڪريٽ سڏائي ۽ ڊيموڪريسي ۾ يقين به رکي ٿو، کيس اهو نه ٿو جڳائي ته هو ڪنٽرولڊ اظهار جي آزادي واري سوچ اپنائي ـ
مشهور ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ ڪم ڪندو آهي، تنهن اهو قصو مون کي ٻڌايو ته هڪ دفعو هو سنڌالاجيءَ لاءِ انٽرويو ڪرڻ لاڙ جي هڪ وڏي نالي واري سيد وٽ ويو. سيد انٽرويو دوران عورتن جي آزادي ۽ حقن لاءِ تمام گهڻو ڳالهايو ۽ ائين پئي لڳو ته سيد سڳورو عورتن جي آزاديءَ جو وڏو علمبردار آهي، تنهن تي عبدالقادر کانئس اوچتو سوال ڪيو ته سائين جيڪڏهن توهان جي ڌيءَ توهان جي رضامنديءَ کانسواءِ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن ڇوڪري سان شادي ڪري، توهان کي ڇڏي هلي وڃي ته پوءِ؟ قادر جوڻيجي ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو ته سيد سڳورو سندس اهڙو سوال ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ اچي گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين ـ
اسين جيڪڏهن ان واقعي کي ذهن ۾ رکندي پنهنجي معاشري جو جائزو وٺون ته اهو قصو غير معمولي ڪو نه لڳندو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ آزاديءَ جي حوالي سان ٻٽا معيار آهن، هڪ جيڪي اسين پنهنجي لاءِ چاهيندا آهيون ۽ ٻيا ٻين لاءِ. هڪ سياستدان لاءِ سندس مٿان ڪيل تنقيد برداشت ڪرڻ انتهائي ڏکي ٿيندي آهي پر جڏهن کيس جوش اچي ٿو ته هو ٻئي جا بخيا اڊيڙيو ڇڏي ۽ پنهنجي عمل کي اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان بلڪل صحيح تصور ڪري ٿو، در اصل اهڙي رجحان جو اصل سبب اهو آهي ته اسان وٽ اظهار جي آزادي جي مفهوم کي ان جي بنيادي جوهر جي حوالي سان سمجهيو ئي نه ويو آهي،اسان وٽ سمجهه جي شديد ترين کوٽ آهي، در اصل اسان وٽ سمجهه جي غربت آهي ۽ اسين ناسمجهيءَ جي بحران ۾ مبتلا آهيون، اسان وٽ گهڻائي لفظي طور اظهار جي آزاديءَ جي خيال جا حامي آهي پر عملي طور تي جڏهن اظهار جي آزادي سندن پاران قائم ڪيل مخصوص حصارن کي ٽوڙي ٿي ته اتي اهي هٿياربند ٿي اظهار جي آزادي جا گهٽ گهيڙ ۽ رستا بند ڪرڻ ۾ جنبي ويندا آهن ـ
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ائين ڇو؟ دراصل ان جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن اظهار جي آزادي اڳتي وڌي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون ان ”حق“ کي استعمال ڪن ٿيون، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ان جو مزو ماڻين ٿيون ۽ هر فرد ان سان خود کي سگهارو ڪري ٿو ته تڏهن ئي گڙ ٻڙ پيدا ٿئي ٿي پوءِ حصار ٽٽي پون ٿا، ديوارون ڊهن ٿيون، نقاب لهن ٿا، سچ ڪاريهر نانگ جيان ڦڻ ڪڍي اڳيان اچي ٿو ۽ اها ئي صورتحال آهي جنهن کان هتي ”اظهار جي آزادي“ جي ڳالهه ڪندڙ عملن خوفزده آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ گهڻا غائب ٿي ويندا ۽ جيڪي غلط آهن انهن کي غائب ٿيڻو آهي، اهي جيئن ته پنهنجن مستقل مفادن کي ڄورن جيان چهٽيا پيا آهن ۽ هن سماج ۾موجود چڱائين جورت ست چوسي رهيا آهن،، ان ڪري اهي اظهارجي آزادي ڏانهن ٻٽو معيار Double Standard رکن ٿا، جيڪڏهن ائين نه ڪن ته اهي ختم ٿي وڃن. خاتمي جي خوف کان اهي هڙان توڙي وڙان هر جاءِ تي ۽ هر مهل عملي طور اظهار جي آزاديءَ جي مزاحمت ڪندا رهيا آهن پر ڪمال هوشياري ۽ چالاڪي سان لفظي طور ان جي حمايت ڪن ٿا، انهن فردن، گروهن ۽ طبقن جو امتحان وٺڻو هجي ته ساڳئي نوعيت جي ڳالهه ڪريو، بحث ڇيڙيو، توهان کي ان جو جواب ملي ويندو ـ
والٽيئر ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي هئي، ”جيتوڻيڪ آئون تنهنجي ڳالهه سان سهمت نه آهيان پر تنهنجي راءِ جي اظهار واري آزادي لاءِ پنهنجي ٻانهن به ڪپائي سگهان ٿو“ ڇا اسان وٽ ڪو اهڙو سياسي اڳواڻ آهي، فرد آهي، تنظيم جو سربراهه آهي، جيڪو هن موقعي تي والٽيئر جا مٿيان لفظ دهرائي ۽ چوي ته جيتوڻيڪ مون کي تنهنجي ڳالهه سان اختلاف آهي پر تنهنجي اظهار جي آزاديءَ واري حق لاءِ پنهنجي ٻانهن به ڪپائي سگهان ٿو، ان لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اظهار جي آزادي کي رعايت نه پر حق سمجهيو وڃي ۽ ان جو لفظي توڙي عملي اظهار هر حال ۾ ٿيڻ گهرجي ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو