Saturday, 22 November 2014

علي قاضي

        پنجاب ۾ سنڌ جو ڪيس 
      آچر 23 جولاءِ 1995ع




لاهور ۾ 14 ۽ 15 جولاءِ تي انساني حقن واري ڪميشن پاران ڪوٺايل ڪانفرنس جي ڪارروائي ۾ شريڪ رهندڙ ۽ غير جانبدار رهي ڪارروائي ٻڌندڙ، ڪانفرنس جي پڄاڻي کانپوءِ ڪچهرين دوران اهو چئي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم جو ڪيس انتهائي ڪمزور آهي، بلڪ لڳي ٿو ته مهاجرن وٽ ته وري به ڪو ڪمزور ئي سهي پر ڪيس آهي، جڏهن ته ”M. Q. M Doesn’t have any case at all“ (ايم ڪيو ايم وٽ سري کان ڪو ڪيس ئي ناهي) لاهور ۽ اسلام آباد جي پنجابي دانشورن، سياستدانن ۽ صحافين سان ايم ڪيو ايم بابت ڳالهائيندي ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته آئون مهاجر مخالف سنڌي قومپرستن سان ڳالهائي رهيو هجان، ”اهي يو پي ۽ سي پي جا ڀيا (مهاجر) پنهنجي پاڻ کي اسان کان Superior (اعليٰ ) سمجهن ٿا پر اها سندن ڀل آهي“. اهڙا جملا اسان سدائين سنڌي دانشورن جي واتان ٻڌندا آيا آهيون پر مٿي ڄاڻايل جملو هاڻ پنجاب جو ذري گهٽ هر دانشور ۽ صحافي چئي رهيو هو. ڪانفرنس دوران ٽي ڌريون يعني، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ٽن مختلف رخن کان معاملي کي ڏسي رهيا هئا. سنڌين هن موقف تي زور پئي ڏنو ته ڪراچي جو مسئلو سنڌ ۽ سنڌين جو آهي، اردو ڳالهائيندڙن جو اصرار هو ته ڪراچي سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي، جڏهن ته پنجابي سياستدانن ۽ دانشورن جي اڪثريت جو خيال هو ته ڪراچي جو مسئلو وڌيڪ ڪراچي وارن لاءِ ئي آهي  ـ

سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن نهايت نفيس ٻولي ۾ ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته ”اتي سڀ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته ڪراچي ملڪ کي 60 کان 70 فيصد روينيو ڏيندو آهي ۽ اسين مڃون به ٿا پر ڇا سڀ نه ٿا ڄاڻن ته اها سموري سيڙپڪاري جيڪا ڪراچي ۾ ٿئي ٿي ۽ جنهن جي ڪري ڪراچي مان ايترو ناڻو ڪمائجي ٿو اها سيڙپ سڄي ملڪ مان ٿئي ٿي. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جيڪو پئسو بئنڪن ۾ جمع ٿئي ٿو اهو کڻي وڃي ڪراچي ۾ لڳايو وڃي ٿو ته فطري طور روينيو به اتان ئي وڌيڪ ڪمائبو  ـ

اعتزاز احسن پنهنجو لهجو هڪ سٺي وڪيل وانگر رکڻ بدران هڪ ”وڏي“ طور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ اردو ڳالهائيندڙ کي سڌن لفظن ۾ چيو ته ”جذباتي طرح چئبو ته ڪراچي سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي ته ڪو به اعتراض نه ڪندو پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن امن امان ڪراچي ۾ خراب ٿيندو ته اتان سرمايو سڄي ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندو ۽ پوءِ ڪراچي بدران ملڪ جي ٻين حصن ۾ سيڙپڪاري ٿيندي، روزگار جا موقعا نڪرندا ۽ ترقي ٿيندي، تنهن ڪري ملڪ جي ٻين حصن بدران وڌيڪ نقصان ڪراچي ۾ رهندڙن کي ئي ٿيندو  ـ

اعتزاز احسن جو اهڙو موقف جڏهن ڪانفرنس کانپوءِ شام جو هڪ نجي ڪچهري ۾ مون اٿاريو ته لاهور جي سينيئر صحافين جي اڪثريت جو چوڻ هو ته اهو وڏو ڏچو سنڌين لاءِ به آهي، جڏهن ڪچهري ۾ موجود ڪنهن اها ڳالهه رکي ته اهو جهيڙو ملڪ ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن (مهاجرن) ۽ ملڪ بچائيندڙن وچ ۾ آهي ته ڪو به اهو مڃڻ ته ٺهيو پر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو ۽ سڀني جو اصرار هو ته اهو جهيڙو سنڌين ۽ مهاجرن جو آهي ۽ خود رسول بخش پليجي ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي سڌن لفظن ۾ چيو ته  اسين ڌر آهيون  ـ

لاهور ۾ رهندي هڪ کان وڌيڪ ڪچهرين ۾پنجاب جي ڪاروباري ماڻهن کان ويندي سياستدانن جو موقف گهڻي ڀاڱي ساڳيو ئي هو، جيڪو اسان جي مهاجر مخالف سنڌي قومپرستن جو آهي، يعني ڪراچي جي مسئلي جو حل ٺاهوڪي موچڙي ۾ آهي ۽ اهو مسئلو پنجاب يا وفاق کان وڌيڪ سنڌين جو آهي پر جڏهن پنجابي دانشورن کان اهو پڇيو ويو ته اهو ڏچو (ايم ڪيو ايم) اسان جي ڳچي ۾ وفاق ئي وڌو آهي ته هاڻ هٿ ڇو ٿا ڪڍو؟ ته وٽن ڪو به اطمينان جوڳو جواب نه هو پر وري جڏهن انهن کان اهو پڇيو ويو ته جيڪڏهن وفاق کي ڪراچي جي مسئلي ۾ سڌي ڌر نه ٿو قرار ڏجي ته پوءِ اڄ به ڪراچي جو مسئلو ڪراچي ۾ حل ٿيڻ بدران ”اسلام آباد“ ۾ ويهي حل ڪرڻ جي ڇو ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟

ڪانفرنس جي شروعاتي ڪارروائي مان محسوس ٿي رهيو هو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن جي اڪثريت جو موڊ اهو هو ته ڪانفرنس جي پڄاڻي تي هڪ وچ ٿري قسم جي قرارداد منظور ڪجي، جنهن ۾ حڪومت کي معاملا سڌارڻ جي نصيحت هجي، بنا نالي کڻڻ جي سياسي پارٽين کي اپيل ۽ عام طرح مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي امن ۽ شانتي سان رهڻ جي صلاح وغير شامل هجي ۽ ٿيو به اهو ئي جو ٻئي ڏينهن ڪميشن پاران شريڪ ٿيندڙن آڏو جيڪو 17 نقاطي ڊڪليئريشن منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو ان کي پڙهي لڳي پيو ته ڪنهن حڪومت مخالف سياسي پارٽي هڪ وچ ٿرو سياسي بيان جاري ڪيو آهي. هتي اهو نه لکڻ زيادتي ٿيندي ته جيڪڏهن رسول بخش پليجو ڪانفرنس ۾ موجود نه هجي ها ته ٿورين ترميمن سان ساڳيو ئي ڊڪليئريشن منظور ٿي وڃي ها، رسول بخش پليجي ڊرافٽ پيش ٿيڻ جي 25 منٽن کانپوءِ سڄي جي سڄي ڊرافٽ ۾ ترميمون ڪري هڪ ترميم ٿيل ڊرافٽ ڪانفرنس ۾ منظوري لاءِ رکيو، جنهن کانپوءِ هر نقطي تي بحث کانپوءِ 6 ڪلاڪن جي ڊگهي بحث کانپوءِ پليجي جون گهڻي ڀاڱي سموريون ترميمون مڃيون ويون، جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن  ـ

شروع ۾ پيش ٿيل ڊرافٽ ۾ دهشتگردي جي عنوان هيٺ چيو ويو هو ته ”ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي مذمت جوڳي آهي، رياستي دهشتگردي به هن جو هڪ پاسو آهي ۽ حڪومت ۽ سياسي پارٽيون ۽ گروپ ان کان پاسو ڪن“، پليجي پاران پيش ڪيل ترميم کانپوءِ ڊرافٽ هن ريت منظور ڪيو ويو ته ”دهشتگردي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، خاص ڪري ڪراچي ۽ سڄي سنڌ ۾ رياستي دهشتگردي به هن جو هڪ پاسو آهي ۽ حڪومت سوڌو ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن کي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“ هن ريت پهريون ڀيرو ڪنهن غير جانبدار تنظيم (هيومن رائيٽس ڪميشن) پاران جاري ڪيل ڊڪليئريشن ۾ ايم ڪيو ايم کي دهشتگردي کان پاسو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت لڳ ڀڳ سمورن نقطن ۾ پليجي جي ترميمن کي گهڻي ڀاڱي شامل ڪيو ويو، سڄي صورتحال کي ڏسندڙن لاهور جي صحافين جو چوڻ هو ته     پليجو سڄي شو تي ڇانيل هو  ـ 

ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ اڪثر موقعن تي اصطلاح ”فريق“ استعمال پئي ڪيو ۽ مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪراچيءَ جي مسئلي تي اسين (ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ) فريق ڪيئن آهيون پر اسين ته ”متاثرين“ آهيون ۽ نيٺ مون هيومن رائيٽس جي شڪيل پٺاڻ کان اهو پڇيو ته ”ڇا هيومن رائيٽس ڪميشن يو اين او ٿي وئي آهي ۽ لاهور اسان لاءِ جنيوا، جتي سنڌي ۽ مهاجر، بوسنيا جي عيسائين ۽ مسلمانن جيان پنهنجو نبيرو ڪرائڻ آيون آهن؟ اها هڪ تڪليف ڏيندڙ صورتحال هئي ته ڪانفرنس ۾ ڪراچي مسئلي تي بحث سنڌي مهاجر تنازعي جي پس منظر ۾ پئي ڪيو ويو ۽ هن نقطي تي تمام گهٽ زور ڏنو پئي ويو ته ڪراچي ۾ جهيڙو ايم ڪيو ايم ۽ ايم ڪيو ايم ٺاهيندڙن جو آهي. جيتوڻيڪ ڪانفرنس دوران حيرت جي حد تائين دانشورن سڌن لفظن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي رول تي تنقيد ڪئي پر تنهن هوندي به ڪانفرنس جي سڄي ڪارروائي جو تاثر اهو پئي محسوسو ٿيو ته اها ڪانفرنس سنڌين ۽ مهاجرن ۾ نبيري لاءِ ڪوٺائي وئي آهي ۽ هڪڙو موقعو ته اهڙو به آيو جڏهن رسول بخش پليجي ڪراچي ۾ خصوصي عدالتن جي قيام کي Justify ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي عبدالواحد آريسر اعتراض ڪندي چيو ته خصوصي عدالتون صرف ڪراچي نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهن، جنهن کانپوءِ پليجي پنهنجو اعتراض واپس ورتو. ڪانفرنس دوران عبدالواحد آريسر هڪ موقعي تي چيو ته لاهور جي حڪمرانن کي صرف گولن ۽ گولين جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄ ڪراچي ۾ گولين جي آوازن جي ڪري اسين لاهور ۾ گڏ ٿيا آهيون. هن ساڳئي ڳالهه کي اڃا سڌن لفظن ۾ لاهور جي هڪ رپورٽر چيو ته اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جي حالتن ۾ پنجاب جي عام ماڻهو کي صرف ايتري ئي دلچسپي هئي ته اڄ ڪيترا ماڻهو مئا آهن پر جڏهن کان ڪراچي مان ماڻهن جان بچائڻ خاطر وڏي تعداد ۾ هتي اچڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪراچي جي بندرگاهه سبب هتان جي واپاري طبقي جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ شروع ٿيو آهي تڏهن کان لاهور جي ماڻهن جي ڪراچي جي حالتن ۾ دلچسپي تمام وڌي وئي آهي ۽ هاڻ توهان ڏسجو ته تمام جلد ڪراچي جا حالات سڌري ويندا، ضروري ناهي ته هن رپورٽر جا خيال صحيح هجن پر بهر حال لاهور ۾ رهندڙ مختلف طبقن جي ماڻهن جي ڪراچي بابت ڳڻتي ڏسڻ وٽان هئي ۽ اهڙو ئي منظر هو جهڙو 1983ع جي تحريڪ کانپوءِ سنڌ مان ويندڙ هر سنڌي کان پنجاب جا ماڻهو صورتحال ڄاڻڻ لاءِ آتا هوندا هئا. ساڳيءَ ريت هاڻ ڪراچي بابت لاهور واسين جي ڳڻتي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، لاهور ۾ رهندي مختلف ماڻهن کان ڪيل سروي ۾ اهو نظر آيو ته نواز شريف جنهن جو سياسي گراف ائين وڌي رهيو هو پر ايم ڪيو ايم جي حمايت نواز شريف لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي ۽ خود نواز شريف جا حمايتي ذاتي ڪچهرين ۾ سخت اينٽي ايم ڪيو ايم خيالن جو اظهار ڪن ٿا پر پوءِ به ايم ڪيو ايم جي ظاهري حمايت کي ”پاور پاليٽڪس“ جي ضرورت قرار ڏين ٿا  ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو