ڇا توهان اظهار جي آزادي
واري حق ۾ يقين رکو ٿا ؟
16 آگسٽ 1995ع
واري حق ۾ يقين رکو ٿا ؟
هيومن رائيٽس ڪميشن پاران 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ”آزاديءِ صحافت“ بابت هڪ ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان اسي کن ايڊيٽرن، صحافين، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن، آفيسرن، وڪيلن ۽ معزز شهرين کي شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي، هن ورڪشاپ ۾ ”آزاديءِ صحافت“ جي حوالي سان مختلف معاملن تي گفتگو ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ رجسٽريشن، پرنٽنگ، اينڊ پبلشنگ وارو آرڊيننس، نيوز پرنٽ تي ڊيوٽي، صحافين جون گرفتاريون ۽ اخبارن کي نوٽيس ڏيڻ، شام جو اخبارن تي بندش وجهڻ، اخباري آفيسن ۽ صحافين تي حملن، اخبارن ۽ سرڪاري ايجنسين ۽ هٿياربند گروپن پاران زوري جاءِ والارڻ وغيره شامل آهن، مون کي آيل دعوتنامي ۾ حڪم ٿيو آهي ته آئون ”پريس تي غير سرڪاري دٻاءُ“ تي پنهنجو مقالو پڙهان، جنهن ۾ لساني گروهه، سياسي ڌڙن ۽ ڏوهاري ٽولن ۽ سماجي چڱن مڙسن وغيره جي ڪردار جو جائزو وٺان، اسلام آباد ۾ پنهنجي مقالي ۾ ڪجهه چوڻ کان اڳ آئون اهو سمجهڻ چاهيان ٿو ته اسين صحافي جيڪي ڏينهن رات آزاد صحافت جي ڳالهه ڪندي /لکندي ٿڪجون نه ٿا پر ڇا عام پڙهندڙ کي آزاد پريس ۾ ڪا دلچسپي به آهي؟ هن سان اهو سمجهڻ ۾ به مدد ملندي ته ڇا ماڻهو اظهارجي آزادي واري بنيادي جمهوري حق ۾ يقين به رکن ٿا؟
اظهار جي آزادي ائين ته سڄي دنيا ۾ هلندڙ هڪ بحث آهي ۽ خود آزاد جمهوري ملڪن ۾ جڏهن آزادي سان ڪيل اظهار ڪنهن ڌر کي متاثر ڪري ٿو ته هو به هن حق کي غلط ۽ منفي ڪوٺي ٿو پر هنن ملڪن ۾ عام طرح ڪنهن به فرد، سياستدان يا صحافي کي سندس هن حق جي استعمال ڪرڻ جي سزا ڀوڳڻي نه ٿي پوي پر اسان جي ملڪ ۾ شروع کان آزادي سان اظهار جو حق صرف محدود طبقن جي محدود فردن کي محدود سطح تائين ڏنو ويو ۽ هن کي حق نه پر رعايت سان تعبير ڪيو ويندو رهيو آهي، جيڪا رعايت طاقتور قوتون ڪنهن کان خوش ٿي کيس ڏين ٿيون ۽ ظاهر آهي هن جو وڏو سبب ملڪ ۾ جمهوري حڪومت ۽ جمهوري ڪلچر جي اڻ هوند هو پر ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق جي ڇپر ڇانوَ ۾ پروان چڙهندڙ محمد خان جوڻيجي جي صورت ۾ جمهوريت جڏهن پنهنجي اڏام شروع ڪئي ته ملڪ جي پرنٽ ميڊيا ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حد تائين آزادي سان ساهه کڻڻ شروع ڪيو پر انهي دور ۾ ضياءُ الحق به پنهنجي آمرانا مشن کي جاري رکندي آزاد ٿيندڙ پريس مٿان حڪومتي اهلڪارن جي دهشت جي متبادل طور سندس ئي پاران جوڙيل پريشر گروپ کي اها ”اسائينمينٽ“ سونپي ته هو پريس جي اڏام کي روڪڻ لاءِ حڪومتي مشينري وارو ڪم انجام ڏين ۽ ائين ملڪ جي ۽ خاص ڪري سنڌ جي پرنٽ ميڊيا پهريون ڀيرو لساني ۽ مذهبي تنظيمن جي عذاب ۾ جڪڙجڻ شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسين هن دور کان اڳ جي صرف ڪراچي مان نڪرندڙ اردو اخبارن مٿان پوندڙ غير سرڪاري پريشر جو جائزو وٺون ته نظر ايندو ته هن مهل ڪراچي ۾ مقبول جماعتون يعني جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي اخبارن ۾ پنهنجي من پسند خبرون ڇپرائڻ لاءِ پريشر ضرور وجهنديون هيون پر اخباري آفيسن تي راڪيٽ لانچرن سان حملا، دفترن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، صحافين کي زخمي ڪرڻ، اخباري ورڪرن، مالڪن ۽سندن مائٽن کي ڌمڪيون ڏيڻ، اخباري بنڊل ساڙڻ وغيره جهڙا معاملا سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڇپر ڇانو ۾ جنم وٺندڙ لساني گروهن شروع ڪيا، جيڪڏهن اسين ايم ڪيو ايم جي عروج وارن ڏينهن يعني جڏهن وٽس اسٽيٽ ۽ اسٽريٽ پاور ٻئي هئا کي ڏسون ته اسان کي ياد ايندو ته ڪيئن پريس کي ايم ڪيو ايم پنهنجي ٻانهي بڻائي ويٺي هئي ۽ اڄ به ڇا پريس هن مان مڪمل طور آزاد ٿي سگهي آهي؟ ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ شام واري اخبار جڏهن پي ايس ايف جي اڳواڻ نجيب احمد جي مرڻ تي خاص ضميمو ڪڍيو ته هن اخبارکي ايم ڪيو ايم جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ نتيجي طور 15 ڏينهن تائين اها اخبار شايع نه ٿي ۽ نيٺ الطاف حسين کان ذاتي طور معافي وٺڻ بعد اها اخبار ٻيهر مارڪيٽ ۾ اچي سگهي پر معافي نه وٺڻ جي سزا جيڪا تڪبير رسالي جي ايڊيٽر صلاح الدين کي ملي اها سڀني جي آڏو آهي، هڪ دفعو ڪراچي جي ڪثير الاشاعت اردو اخبار جي مالڪ کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”هنن (Monsters) (خوفناڪ بلائن) کي ٺاهيو به توهان آهي ته هاڻ ڇو ٿا دانهون ڪيو“ هن اخباري مالڪ وراڻيو ته ”ادا، سڀ ڄاڻن ٿا ته هنن کي ڪنهن ٺاهيو آهي ۽ کين ڪير هلائي پيو، اسان کي به شروع ۾ حڪم مليو ته هنن کي ٺاهڻ ۾ سندن مدد ڪريون ۽ توهان کي خبر آهي ته ”وڏن“ جو حڪم ڪير ٿو ٽاري سگهي، سو هاڻ هنن (Monsters) مان ڦاٿا آهيون، هاڻ جڏهن جان آجي ٿئي“، مٿين ڳالهه ايتري غلط به نه ٿي لڳي ڇاڪاڻ ته هنن گروهن جي پرورش جنهن انداز سان اسٽيبلشمينٽ شروع ڪئي لڳي پيو ته سڄي اسٽيٽ مشينري سندن حاضري ۾ هجي، ڪنهن کي ياد ڪونهي ته شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيئن ايجنسي جي آفيسر کان ويندي پوليس جي صوبيدار تائين هنن گروهن سان سهڪار ڪندو هو ۽ ظاهر آهي ته جڏهن ان وقت جي حاڪم صدر ضياءُ الحق پاڻ هنن گروهن کي وڌائڻ پئي چاهيو ته کيس قدرت کانسواءِ ڪير پيو روڪي سگهي ۽ ساڳيءَ ريت جڏهن سنڌ ۾ هنن گروهن کي هٿيارن کان ويندي قانوني تحفظ تائين هر شيءِ مهيا ڪري ڏني وئي ته هٿين خالي ميڊيا وارا هن جو رستو ڪيئن پئي روڪي سگهيا، بهرحال اهو ٽرينڊ اردو اخبارن تائين نه روڪيو ۽ نه ئي رڪجڻو هو، اهڙائي عذاب انگريزي ۽ سنڌي پريس کي به ڀوڳڻا پيا. ڊان اخبار ۾ دهشتگردن جي ڀڃ ڊاهه، دي نيوز جي رپورٽر ڪامران خان کي ڇرا هڻي زخمي ڪرڻ، سنڌي اخبارن کي ساڙڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي اهڙا حربا استعمال ڪيا ويا، جنهن کي پريس اڪيلي سر منهن ڏنو، ڪنهن جهڪي ڪري يا وري ڪنهن مهاڏو اٽڪائي ڪري ۽ هن سڄي معاملي ۾ حڪومتون خاموش تماشائي بڻيون رهيون، جنهن جو هڪڙو سبب مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته اهي گروپ خود سرڪار جا سهڪاري آهن ۽ جيڪڏهن وقتي مخالف به هوندا آهن ته به پريس کي بهرحال داٻي ۾رکڻ گهڻي ڀاڱي هر ڌر ٿي چاهي پوءِ اها حڪومت ۾ هجي يا ٻاهر، مون کي ياد آهي ته مظفر شاهه جڏهن چيف منسٽر بڻيو ته هن موصوف جي به مرحيات ڄام صادق جيان اها خواهش هئي ته اسين اهو لکون ته پ پ سنڌ مان ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻ هر طرف هر ماڻهو ۽ ٻچو ٻچو مظفر شاهه زندهه باد جا نعرا هڻي رهيو آهي، هڪ دفعو هن مون کي سي ايم هائوس سڏي ٻين لفظن ۾ اهڙي ئي فرمائش ڪئي، منهنجي مظفر شاهه سان سندس وڏي وزير ٿيڻ کان اڳ سٺي سلام دعا هئي، تنهن جي ڪري مون کيس چيو ته ”شاهه صاحب اشتهار ته اڳ ۾ ئي توهان بند رکيو اچو، ڀلا هاڻ ٻي ڪهڙي ڌمڪي ڏيو ٿا“، منهنجي ائين چوڻ تي مظفر شاهه وٺي پنهنجي ڪرسيءَ تي ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ ٻين ڪيترين ئي ڌمڪين کانپوءِ چيائين ته ”توهان پنهنجو پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا؟ ڇا آئون چيف منسٽر سنڌ ايترو ڪمزور آهيان ڇا آئون ايم ڪيو ايم يا جيئي سنڌ جيان چار ڇوڪرا توهان جي آفيس نه ٿو موڪلي سگهان؟ (چئن ڇوڪرن کي آفيس موڪلڻ مان سندس مراد آفيس ۾ اچي بدمعاشي ڪرڻ هو)، اهو قصو ٻڌائڻ جو مقصد آهي ته اسان جا حڪمران به اظهار جي آزادي واري سوچ کي ڪيترو ”مقدس“ سمجهن ٿا ۽ ڏنڊا بردار گروهن جي ميڊيا خلاف ڪاررواين کي ڪيترو ”غلط“ سمجهن ٿا؟
تازو لنڊن مان واپسي تي ممتاز ڀٽي ڪچهري دوران ٻڌايو ته لنڊن ۾ اخبار کي شل نه هڪڙو مسئلو هٿ لڳي پوءِ لاڳيتو ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن جا مختلف پاسا ڇاپينديون رهن ٿيون ۽ شايد ان جو سبب اهو آهي ته اتي ٻيا مسئلا آهن به گهٽ، آئون ممتاز ڀٽي جي هن ڳالهه سان متفق آهيان ته يورپي ۽ آمريڪي ميڊيا جو اهو ئي ٽرينڊ آهي، تازو پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي رانديگر ۽ اداڪار او جي سمپسن جو ڪيس جنهن انداز ۾ آمريڪي ميڊيا ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اچي رهيو آهي ته لڳي ٿو ته آمريڪا ۾ ٻيو مسئلو ئي ڪونهي ۽ ظاهر آهي ته آمريڪي ماڻهو به ضرور او جي ڪيس بابت وڌ ۾ وڌ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هوندا نه ته ميڊيا ڪيئن هن ڪيس کي ايتري اهميت ڏئي سگهي ٿي پر اسان وٽ ته روزانو الائي ڪيترا وڏا معاملا ٿين ٿا، جو ڪنهن تي لکجي ۽ ڪنهن تي نه، سنڌ سان آدمشماري، اين ايف سي ايوارڊ، پاڻي جي غير منصفاڻا ورڇ، ڪراچي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال، ٻوڏ جون تباهه ڪاريون، ڌاڙيلن جون ڪارروايون، سياسي بحران، انساني حقن جي لتاڙ جا واقعا ۽ مٿان وري روزانو اخباري آفيسن ۾ پهچندڙ مختلف سياسي پارٽين ۽ گروپس پاران جاري ڪيل پريس رليزن جي ڀري ته آهي ئي آهي، پوءِ ڀلا اها تنقيد ڪرڻ ڪيتري حد تائين جائز آهي ته اسان جي اخبارن ۾ انويسٽيگيٽو، فولو اپ ۽ ان ڊيپٿ خبرون گهٽ ڏين ٿيون، ڇاڪاڻ ته ”قومي خدمت“ جي نالي ۾ پريشر گروپ اخبارن جو فرض قرار ڏنو آهي ته اهي وڌ ۾ وڌ سندن ڊگها ڊگها لفاظي تي ٻڌل فرمان ڇپي ۽ پوءِ هن ۾ به وري هن ڳالهه لاءِ جوابده هجون ته فلاڻي ليڊر جو بيان اسان جي بيان کان وڏو ڪري ڇو ڇپيو ويو آهي، يعني هاڻ اخبار وارا فٽ اسڪيل رکي هر ليڊر جي بيان کي ماپيندا رهن ته متان ڪنهن جو ٻئي کان بيان ننڍو يا وڏو نه ٿي وڃي ـ
ڪاوش جيئن ته سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ ڇپجندڙ اخبار آهي، بلڪه ائين چئجي ته بلڪل صحيح ٿيندو ته سمورين سنڌي اخبارن جي سرڪيوليشن جيڪڏهن گڏائجي تڏهن به سندن انگ ڪاوش جي سرڪيوليشن جي اڌ جيترو به نه آهي،اها ڳالهه آئون ان ڪري به لکان پيو ته جيڪڏهن ٻئي ڪنهن اخبار جو دوست هن ڳالهه کي چئلينج ڪرڻ چاهي ته ڀلي ڪري، هن سان گهٽ ۾ گهٽ اخبارن جي سرڪيوليشن جا اصل انگ اکر ماڻهن آڏو ضرور ايندا، جيڪا ڳالهه اڳتي لاءِ رڪارڊ تي رهندي، بهرحال اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري اسان کي سڀني جون ”فرمائشون“ ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هونديون آهن ۽ اسان کان سياسي گروپس کي شڪايتون به گهڻيون هونديون آهن پر هتي اها ڳالهه آئون زور ڏئي چٽن لفظن ۾لکڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به سياسي گروپ کي اسان کان هن مهل ڪڏهن به شڪايت نه رهي آهي، جڏهن اها ڌر عتاب ۾ هجي ۽ اها ڳالهه دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪا به ڌر اهو نه ٿي چئي سگهي ته جڏهن هو تڪليف ۾ هئي ته سندن جائز مسئلن لاءِ ڪاوش سندن ساٿ نه ڏنو پوءِ اها ڌر ڄام صادق جي ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي هجي، يا اهو دور شاهه بندر جي واقعي يا مرتضيٰ ڀٽي جي وطن واپسي وارو هجي يا وري ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي جي گرفتاري جو هجي يا سندن اڳواڻن مٿان ڪورٽ مارشل ۽ آپريشن وارو هجي يا ويندي فنڪشنل ليگ جي عتاب هيٺ آيل غلام حسين انڙ جو معاملو هجي يا قاضي شفيق مهيسر جو، اها ڳالهه سڀني جي آڏو آهي ته جڏهن به ڪا ڌر تڪليف ۾ آئي آهي ته اسان سندس آواز مٿي تائين پهچائڻ پنهنجي پروفيشنل ذميواري سمجهي آهي پر ظاهر آهي ته ڏکيو وقت هر ڪنهن کي ياد نه ٿو رهي تنهن ڪري جڏهن ڌرين ۽ اڳواڻن تي نسبتن سکيو وقت اچي ٿو ته وري اخبارن کان شڪايت به وڌي وڃي ٿي ـ
مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ هڪ موقعي تي ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش اخبارن ۾ سندن ڪوريج تي ”عدم اطمينان“ جو اظهار اهڙي انداز سان ڪيو هو جو آئون سوچ ۾ پئجي ويو هئس ته دودي جهڙي سلجهيل سياسي ماڻهو ۽ گهنشام پرڪاش جنهن سڄي زندگي ڪامريڊي سياست ڪئي آهي اهڙي غير سياسي ٻولي ڪيئن ڳالهائين پيا، هنن اخبارن جي بائيڪاٽ سوڌو ڪيتريون ئي ڌمڪيون پڻ ڏنيون، جنهن جي تفصيل ۾ نه ٿو وڃڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڌمڪيون نه ان وقت نيون هيون نه اڄ پر جڏهن ٻنهي اڳواڻن تي بعد ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ جي ڳالهه ٿي ته اخباري ڪالم شاهد آهن ته ڪنهن به پنهنجي وسان نه گهٽايو، ڇاڪاڻ ته اسان اهو سمجهيو ٿي ته اسان جي اهڙن سياسي اڳواڻن کي ڀلي اظهار جي آزاديءَ واري فلسفي تي پورو اعتماد نه هجي پر نيٺ ڪڏهن ته هو به اهو سمجهندا جيڪو اڄ سڄي دنيا جا باشعور ماڻهو سمجهن ٿا ـ
بقول اسان جي هڪ صحافي دوست جي ته اسان جي سياستدانن جي يادداشت به گهڻو ڪري پاڪستاني فلمن جي هيروز جهڙي آهي، جيڪي فلم ۾ ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب پنهنجي ياداشت وڃائي ويهندا آهن پر پوءِ وري جڏهن کين مٿي ۾ ڪو ڌڪ لڳندو آهي ته کين ٻيهر سڀ ڪجهه ياد اچي وڃي ٿو ـ
مون کي ياد نه ٿو اچي ته ڪڏهن ڪنهن ڌر جي سياسي اڳواڻ اچي اها شڪايت ڪئي هجي ته سنڌ جي فلاڻي مسئلي کي اخبار مناسب ڪوريج نه ڏني، ڪنهن ڪڏهن چيو هجي ته ناڻي جي ورڇ وارو مسئلو سنڌ لاءِ انتهائي حساس آهي، هن کي اخبار ۾کڻو يا جوهي ۾ ٻوڏ واري صورتحال اخبار ۾ بهتر طور اچڻ گهرجي، يا سنڌ جي شهرن ۾ ترقياتي ڪم نه پيا ٿين، يا ڪراچي ۾ دهشتگردي تي يا اغوا جي وڌندڙ ڪارروائي تي يعني ڪنهن به ڌر کي اسان کان سنڌ جي مجموعي مسئلن جي حوالي سان يا سنڌ جي عام ماڻهن جي مسئلن جي حوالي سان ڪڏهن به ڪا به شڪايت نه رهي آهي پر شڪايت اها هوندي آهي ته اسان جي بيان کي توهان گهٽ ڪالمن ۾ ڇاپيو ٿا، هاڻ جيڪڏهن آئون انتهائي احترام سان اها گذارش ڪريان ته ڇو نه اخبار وارا ۽ سياسي گروپس گڏيل طور ڪنهن غير جانبدار سروي ڪندڙ اداري جي خدمت حاصل ڪيون ۽ اهو سروي ڪرايون ته اخبار پڙهندڙن کي پنهنجن مسئلن، اهم معلومات بابت خبرون پڙهڻ ۾ دلچسپي گهڻي هوندي آهي يا وڏن بيانن ۾ جنهن جو متن ماڻهن کي ذري گهٽ اڳي ئي حفظ ٿيل هوندو آهي؟ ـ
هن سڄي صورتحال کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن اسين هن ڳالهه تي غور ڪريون ته ڇا اسان جو باشعور طبقو اظهار جي آزادي بابت اوترو ئي حساس آهي جيترو کيس ٿيڻ گهرجي ڇا هو اصولي طور تي هن ڳالهه کي تسليم ڪرڻ جي باوجود ته ”آزادي ئي زندگي آهي“ ڪڏهن به عملي طور اظهار جي آزادي تي پوندڙ لت کي روڪڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو؟ مجموعي طور تي هن مهل تائين نظر اهو آيو آهي ته اسين پنهنجن ننڍن ۽ متروڪ مفادن خاطر هن اصولي طور مڃيل حق جي لتاڙ خلاف هڪ ٻئي جا اتحادي ڪو نه ٿا ٿيون، اخبار ۽ سندس ڪارڪن جو پڙهندڙ سان ان ڏس ۾ رشتو خاص طرح سمجهڻ خاطر بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، يعني جڏهن ڪا اخبار ڪنهن عوامي مسئلي تي حڪومت جي منفي پاليسي کي نندڻ ڪري حڪومتي عتاب هيٺ اچي ٿي ته هن کي محض اخبار جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو ۽ عام پڙهندڙن کي ان سان ٻڌل قرار نه ٿو ڏنو وڃي، اهو ٺيڪ آهي ته حقيقتون عوام تائين پهچائڻ اخبار جي پروفيشنل ذميواري هوندي آهي پر اسان جي مخصوص حالتن ۾ جيڪڏهن حق سچ جو پاسو نه کڻبو ته پوءِ نقصان ڪنهن هڪ جو نه پر سڀني جو ٿيندو، تازو جڏهن نوابشاهه ۾ شهرين تي واڌو ٽيڪس مڙهڻ جو معاملو آيو ته اسان جي نمائندي بخش علي جمالي اڳتي وڌي ٻين سمورين اخبارن کان وڌيڪ ۽ بهتر رپورٽنگ ڪئي جيڪا بلا شبها هن جي پروفيشنل ذميواري هئي ۽ شهرين جمالي تائين وڌ ۾ وڌ معلومات پهچائي جيئن اهي اخبار ۾ اچي سگهن ۽ شهرين جو مسئلو حل ٿئي پر جڏهن جمالي کي گرفتار ڪيو ويو هو ته ڄڻ اهو نوابشاهه جو شهرين جي مسئلو ئي نه هو، چوڻ جو مطلب اهو آهي ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته کيس ڪنهن ذاتي معاملي سبب ٿاڻي ۾ گرمي جا ڏينهن نه گذارڻا پيا پر تنهن هوندي به سندس گرفتاري تي صرف ۽ صرف اخباري برادري جو مسئلو قرار ڏنو ويو، چوڻ جو مقصد اهو هر گز ناهي ته ڪو جمالي رپورٽنگ ڪري ڪنهن تي ڪو ٿورو ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ساٿ يا همدردي جي موٽ جي آسري ۾ هن رپورٽنگ ڪئي پئي پر تنهن هوندي به اسان جي وڏيرڪي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو حق سان نڀائيندو پيو اچي ته هن کي ننڌڻڪو ڪرڻ ڇا هن کي ايندڙ وقت ۾ ڪمزور ڪرڻ جي مترادف نه ٿو ٿئي؟ اهو ٺيڪ آهي ته معاشري ۾ هر ماڻهو جا پنهنجا فرض ۽ ڪم آهن، جيڪي کين خوش اسلوبي سان نڀائڻ گهرجن پر جيڪي بنيادي نوعيت جا اهي معاملا آهن جنهن جي ڪري ڪو هڪ فرد يا ڌر بدران هرڪو متاثر ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙن معاملن تي هر ڪنهن کي پنهنجي شرڪت لازمي بڻائڻ گهرجي، جيئن جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ پوليس يا ڪا ٻي اسٽيٽ فورس ڏاڍائي ڪري ٿي ته هن تي صرف ان ڪري ٻيا ماٺ ڪري ويهي رهن ته اهو سندن مسئلو ناهي، اها عقلمندي نه چئبي، ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اظهار جي آزادي جو حق اڄ هڪڙي کان کسجي ٿو ٻيا پنهنجي اختلافن جي ڪري ان تي ماٺ ٿا رهن ته يقين ڄاڻو ته ٻئي وٽ به اهو حق ڊگهي عرصي تائين نه رهندو، اسان سڀني کي اهو سمجهڻو پوندو ته اخبار اخباري ڪارڪنن جو آواز نه پر ماڻهن جو آواز آهي ۽ پنهنجي آواز کي گهٽجڻ نه ڏيڻ جي ذميواري ڪنهن هڪ جي نه پر سڀني جي هوندي آهي ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو