رياست جي پنجين ٿنڀي جو مستقبل
خميس 4 جنوري 1996ع
رياست جا چار ٿنڀا تصور ڪيا ويندا آهن، پارليامينٽ، جوڊيشري، فوجي/ سول بيورو ڪريسي ۽ ميڊيا پر رسول بخش پليجي هڪ ڏينهن بحث ڪندي چيو ته اڄوڪي دور ۾ رياست جو پنجون ٿنڀو به وجود ۾ آيو آهي، اهو آهي Public Opinoin يعني راءِ عامه پليجو هن ڳالهه سان متفق نه هو ته اهو ٿنڀو رياست جي چوٿين ٿنڀي يعني ميڊيا جو ئي هڪڙو حصو آهي پر سندس چوڻ موجب راءِ عامه صرف ميڊيا نه پر سوسائٽي جون ٻيون فورسز به ٺاهي سگهن ٿيون، پليجي صاحب جي هن فلسفي کي اڳتي وڌائيندي ۽ پنهنجي معاشري ۾ ماضي ۽ حال جي واقعن ۽ صورتحال جو جائزو وٺجي ته ائين به لڳي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن راءِ عامه ٺاهڻ ۾ ميڊيا توڙي ڪو به ٻيو فورس Instrumentalنه هوندي آهي ۽ از خود هڪڙي انتهائي مختلف سوچ ۽ راءِ ماڻهن جي اڪثريت ٺاهي وٺندا آهن يا ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندي ڏٺوسين ته هڪ مخصوص راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور وسيلا استعمال ٿيا پرعام راءِ ان جي بلڪل ابتڙ بيٺي، جنهن جو هڪ سياسي مثال اهو به ڏئي سگهجي ٿو ته جڏهن ضياءُ الحق سمورن وسيلن جنهن ۾ حڪومتي مشينري ۽ ميڊيا شامل هئي، ذريعي پ پ خلاف عام راءِ جوڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر نتيجو ڇا نڪتو، ڪجهه به نه پر اڄ جن حڪومت مشينري ۽ سرڪاري ميڊيا ذريعي اها راءِ عامه پ پ ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته ماڻهن ۾ ڪا بيچيني ڪونهي، پ پ اڳ کان وڌيڪ مقبول آهي، تڏهن به نتيجو پنهنجي آڏو آهي، مطلب اهو ٿيو ته ڪنهن به سياسي فورس بابت هڪ تاثر يا راءِ ماڻهو پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان راءِ کي پروجيڪٽ ميڊيا ڪندي آهي پر ضياءُ الحق کي ميڊيا پاران ڀلي هڪ رحم دل بهترين حڪمران ڪري پيش ڪيو ويو پر ماڻهن لاءِ هو آخري ڏينهن تائين هڪ آمر۽ ظالم حڪمران هو ۽ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو يا محترمه بينظير ڀٽو جنهن جو ضياءُ الحق جي دور ۾ نانءُ کڻڻ به ڏوهه هو، هميشه ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪئي، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ميڊيا ڪنهن بدمعاش کي هيرو نه ٿي بڻائي سگهي ۽ ڪنهن هيرو کي بدمعاش نه ٿي ٺاهي سگهي پر جيڪڏهن ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ڪڏهن ڪڏهن توڙي جو راءِ عامه به هجي پر ميڊيا ڪنهن کي بدمعاش به ثابت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب نه ٿي ٿئي، جنهن جو تازو مثال فوجي آپريشن دوران ميڊيا تان ايم ڪيو ايم۽ الطاف حسين بابت ڏنل تفصيلن جي باوجود ڇا اردو ڳالهائيندڙن ۾ ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري پيو آهي؟ ٽارچر سيلن ۾ ٿيندڙ ڪاررواين جي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڪوريج، دهشتگردن جا اعترافي بيان وغيره ڇا الطاف حسين جو اميج اردو ڳالهائيندڙن ۾ ختم ڪري سگهيا؟
هتي فطري طور سوال اڀرندو ته راءِ عامه ٺاهڻ ۾ پوءِ ميڊيا جو رول ڪٿي وڃي بچي ٿو؟ هن سوال تي ڳالهائڻ کان اڳ اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته مٿي بيان ڪيل صورتحال گهڻي ڀاڱي اسان جي ملڪ ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوري ملڪن جا سربراهه پاڻ اها راءِ عامه نه ٺاهيندا آهن ته اخبارون ڪوڙيون آهن، جيئن اسان جي وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ مسلسل اخبارن خلاف مهم هلائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اخبارن ۾ سچ نه ٿو لکجي ۽ حد ته اها آهي جو محترمه اها مهم اخباري مالڪن جي تنظيم اي پي اين ايس جي سالياني تقريب کان شروع ڪئي، هاڻ اهو تصور ڪيو ته جڏهن ملڪ جي وزيراعظم ۽ هڪ عوامي ليڊر پاڻ اهڙي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي ته پوءِ اخبارن جي Credibility (ساک) تي ڪهڙو اثر پوندو؟ پوءِ ڇا سڀاڻي ننڍي سطح جا سياستدان محترمه بينظير کي شاهد بڻائي اخبارن تي پنهنجون باهيون نه ڪڍندا، مون کي محترمه کان صرف اهو سوال ڪرڻو آهي ته ڇا جيڪڏهن سڀاڻي توهان جي حق ۾ ڪا خبر اچي ٿي ته ماڻهو ان کي به ڪوڙ سمجهن؟ بهرحال ميڊيا کي هڪ اداري طور اسان جي ملڪ ۾ هميشه ڪمزور ئي رکيو ويو آهي ۽ اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، گذريل 48 سالن ۾ هر حڪمران جي اها ئي لڪيل خواهش رهي آهي جيڪا ”رڊولف هٽلر“ جي ميڊيا بابت هئي ته ”ميڊيا جو ڪم حڪمرانن جي ڳالهه عوام تائين پهچائڻ هجڻ گهرجي“ پر جيڪڏهن اسين جمهوري ملڪ ۾ ميڊيا جي راءِ عامه ٺاهڻ بابت ڪردار جو جائزو وٺون ٿا ته اهو متاثر ڪندڙ نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته اتي اهو تسليم ٿي چڪو آهي ته آزاد ميڊيا اوتري ئي اهم آهي جيتري جمهوري حڪومت ۽ اوتري ئي اعتبار جوڳي آهي جيتري عدليا تنهن ڪري ويسٽ جي ميڊيا ۾ ڪا ڳالهه اچي ٿي ته ماڻهو ان تي اعتبار ڪندي پنهنجي سوچ تبديل ڪن ٿا ۽ جنهن بابت خبر اچي ٿي اهي يا ته پاڻ کي درست ڪن ٿا نه ته منهن جي پڪائي سان اخبار کي غلط ۽ ڪوڙو قرار نه ٿا ڏين ۽ انتها اها آهي ته آمريڪا جي صدر رچرڊ نڪسن جنهن جي صدارت اخباري اسڪينڊل ”واٽر گيٽ“ سبب وئي، بعد ۾ پنهنجي ڪتاب ”آن دي ايرينا“ ۾ صحافت بابت لکي ٿو ته ”گهڻا ماڻهو چون ٿا ته پريس ترقي پسندانا لاڙا رکي ٿي آئون هن خيال سان متفق آهيان پر اهو الزام ته پريس ۾ گهڻو ڪري غلط رپورٽون اينديون آهن نامناسب آهي ـ
اچو ته واپس هن سوال بابت ويچاريون ته ”راءِ عامه ٺاهڻ ۾ ميڊيا جو ڪهڙو رول ٿئي ٿو؟“ منهنجي ذاتي خيال ۾ ميڊيا ٻن صورتن ۾ راءِ عامه ٺاهڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري ٿي هڪ ته ماڻهن ۾ موجود راءِ جيڪا اڳ ۾ اڀريل نه هوندي آهي کي اڀاري سگهي ٿي، جيئن سنڌ جي شهرن ۾ لساني شائونزم کي اڀاريو ويو، هاڻ هتي گهڻا ماڻهو متفق ٿيندا ته لساني سوچ شهرن ۾ لياقت علي خان جي ڏينهن کان موجود هئي، ايم ڪيو ايم ان جو کليل اظهار هو، جنهن کي اردو ميڊيا پروجيڪٽ ڪيو ته اهو چوڻ ته ايم ڪيو ايم کي اردو ميڊيا ٺاهيو مڪمل طور صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن صرف ميڊيا ئي ليڊر ٺاهي سگهي ها ته اڄ ضياءُ الحق به سنڌ ۾ وڏو ليڊر هجي ها جنهن کي پڻ تنهن دور جون اردو ۽ سنڌي اخبارون وڏي ڪوريج ڏينديون هيون، ساڳي ريت راءِ عامه ٺاهڻ ۾ ميڊيا جو رول تڏهن به اثرائتو ٿي پيو سگهي، جڏهن سوسائٽي ۾ ويڪيوم يا خلا پيدا ٿئي، يعني عام ماڻهو سياسي پارٽين يا سياستدانن کان بيزار ٿين ته ان مهل جيڪڏهن ميڊيا نئين فورس کي پروجيڪٽ ڪرڻ شروع ڪري ته عام ماڻهن جي ذهنن ۾ اثر پئجي سگهي ٿو، پاڻ مثال طور ميان نواز شريف جو مثال وٺون ٿا، جنهن لاءِ عام تاثر اهو آهي ته کيس هن سياسي حيثيت تائين آڻڻ ۾ ميڊيا جو وڏو رول رهيو آهي پر ڇا واقعي اها حقيقت آهي؟ ڇا حقيقت اها ناهي ته پنجاب ۾ ڀٽو مرحوم کانپوءِ پ پ جي غلط فيصلن ۽ نواز شريف جي بحيثيت وڏي وزير جي ڪرايل ترقياتي ڪمن سبب هڪ پنجابي ليڊر طور اڀرڻ پنجاب ۾ پ پ جي مقبوليت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ اتان جي سياسي ماحول ۾ سياسي خلا پيدا ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ميڊيا نواز شريف کي هڪ متبادل طور اڀاريو ۽ ماڻهن کيس قبول ڪيو پر جڏهن اردو ميڊيا ايم ڪيو ايم حقيقي کي ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جي متبادل طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪاميابي نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خلا موجود نه هو، پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ننڍا پريشر گروپ ميڊيا کي دٻائي ان مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، منهنجي خيال ۾ هڪ ته اهڙا گروپ آهن جن کي واقعي به اها غلط فهمي آهي ته ڪو ميڊيا کين مقبول سياسي پارٽي بڻائي سگهي ٿي ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ميڊيا وسيلي پنهنجي ”نيو سنز ويليو“ وڌائڻ چاهين ٿا ۽ اها سوچ رکندڙ گروپ ڪنهن حد تائين ميڊيا کي Exploit ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب به ٿيو وڃن، ڇاڪاڻ ته هر شريف ماڻهو لنوائي ٿو ته متان ڪو گروپ سندس خلاف اخباري بيان جاري ڪري هرو ڀرو کيس بدنام ڪري ۽ وري سوسائٽي ۾ قانون نالي شيءِ جي عدم موجودگي سبب اخبارون به هنن وٽ يرغمال بڻيل رهنديون آهن ـ
پاڻ جيڪڏهن اهو تسليم به ڪريون ٿا ته راءِ عامه رياست جو پنجون ٿنڀو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان جو رياست جي معاملن تي ڪيترو اثر پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اڄ تائين جيترا فيصلا به ٿيا آهن انهن مان اسي فيصد فيصلا عام ماڻهو جي سوچ کان ابتڙ هئا ۽ جيڪي ويهه فيصد فيصلا ماڻهن جي مرضي وٽان ٿيا اهي به اينگهائي ۽ ٻيا جواز ٺاهي ڪري پيش ڪيا ويا، جو ماڻهن کي يقين ئي نه آهي ته ڪو اهي فيصلا سندن مرضي جي احترام ۾ ڪيا ويا آهن، سو جيڪڏهن راءِ عامه پنجون ٿنڀو آهي به سهي ته سندس حال ۽ حيثيت به باقي چار ٿنڀن جهڙي ئي آهي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جا ٿنڀا ادارا ناهن بلڪ فرد آهن ۽ هي ملڪ ادارا نه پيا هلائين بلڪ چند فرد هلائي رهيا آهن، جيڪي پاڻ ئي ادارا به آهن ۽ ٿنڀا به آهن ۽ سندن مفادات جي رياست اڳ وارن چار ٿنڀن/ادارن کي ڪڏهن دلي طور قبول ناهي ڪيو ته وري پنجين کي ڪٿان قبوليندا ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو