Saturday 17 January 2015

عاجز جمالي

سنڌ ۾ تعليم جي ٻيڙي تاري سگهجي ٿي؟


ننڍي هوندي هڪ آکاڻي پڙهي هُئي، ان جو مفهوم هن ريت هو. هڪ پوڙهو ۽ سندس پُٽ جهنگ ۾ گڏهه کي لغام مان جهلي پنڌ وڃي رهيا هئا. هڪ هنڌان گذريا ته ماڻهن ٽوڪ ڪندي چَينُ ته اڙي ٻئي پنڌ پيا وڃو گڏهه تي ڪوبه نه ٿو چڙهي. ان تي پٽ پنهنجي بزرگ پيءُ کي چيو ته بابا هاڻي تون گڏهه تي چڙهه ته مان لغام کان جهلي اڳتي هلان ٿو. ٿوري پنڌ تي ڪجهه ماڻهو مليا. چوڻ لڳا پوڙهو ڏسو پاڻ گڏهه تي چڙهيو وتي، نوجوان پٽ کي پنڌ پيو ماري. طعنو ٻڌي پوڙهو هيٺ لهي پيو، پٽ کي چيائين ته پٽ هاڻي تون گڏهه تي چڙهه، مان پنڌ ٿو هلان. ڪجهه پنڌ تي وري ماڻهو گڏيا، چوڻ لڳا ڇا زمانو اچي ويو آهي، وڏن جو احترام ئي ختم ٿي ويو، جوان ماڻهو گڏهه تي ۽ پوڙهو پنڌ. نيٺ ٻئي ڄڻا گڏهه تي چڙهي پيا. اڳتي جيڪي ماڻهو مليا اهي چوڻ لڳا ماڻهن کي جانورن تي رحم ئي ڪو نه ٿو اچي، ٻئي ڄڻا بي زبان جانور تي سواري پيا ڪن. ٻنهي ڄڻن گڏهه کي ٻڌي ڪلهن تي کنيو، اڳتي هلي گڏهه ئي واهه ۾ ڪري پيو. حاصل مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۾ ماڻهن کي ٻين تي صرف تنقيد ڪرڻ اچي ٿي، ٻئي کي چريو بڻائڻ اچي ٿو. دنيا جي ڳالهين تي هلي ماڻهو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته آڱر کڻڻ سڀ کان سولي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهن جو اسان جهڙن ڪجهه ماڻهن لاءِ اهو خيال آهي ته اسين ڪي ٺپ چريا آهيون جو اسان کي لکڻ لاءِ، ڳالهائڻ لاءِ، ڪجهه ڪرڻ لاءِ، هر وقت گوسڙو ماسترن کانسواءِ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪو موضوع ڪو نه ٿو ملي. پر اسين سوشل ميڊيا تي مهيني ڏيڍ کان ماٺ ٿي وياسين ته هر پاسي کان اها تنقيد ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته اسين به ڪي موسمي پکي هئاسين. ڪنهن مقصد لاءِ لکيوسين پئي. ڪو پروجيڪٽ هو، پورو ٿي ويو ـ

سنڌ جي علم جي بُري حالت بابت اڄ لکندي مون کي اها ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي، جيڪا مٿي بيان ڪيم ۽ پنهنجو ڏوهه صرف اهو ٿو لڳيم جو مان گهڻي وقت کان سنڌ جي تعليم بابت نه رڳو لکندو پيو اچان پر عملي طور به پنهنجي حال آهر جيڪو ڪجهه ڪري سگهان پيو، اهو ڪيان پيو. سنڌ جي تعليم بابت عبرت ۾ لکڻ جو سلسلو مون تڏهن کان شروع ڪيو هو، جڏهن 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ٺهي هئي ۽ سنڌ ۾ پير مظهر الحق تعليم جو وزير بڻيو. ان کانپوءِ هر ٻئي ٽئين مهيني مان تعليم جي صورتحال بابت ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيس. نه رڳو لکندو رهيس پر پنهنجا ڇپيل ڪالم تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ ڏانهن موڪليندو رهيس. پير مظهر الحق پاڻ مون کي ٻڌايو ته هُن منهنجي ڪالمن تي ٻه ٽي ڀيرا نوٽيس ورتو هو. جڏهن هن سرڪار ۾ نثار احمد کهڙو تعليم جو وزير بڻيو ته مان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري تعليم بابت پنهنجا ڪجهه ڪالم کيس پيش ڪيا ۽ اهو به چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ڀلائي خاطر هو اڳتي اچي. سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو ضرور سندس ساٿ ڏيندا. مون کيس چيو ته مان رضاڪاراڻي طور تي تعليم خاطر پنهنجو ٿورو گهڻو وقت ڏيڻ لاءِ حاضر آهيان، جيڪڏهن تعليم کاتو ڪو مثبت ڪم ڪري سگهي. ان کانپوءِ نثار احمد کهڙي سان ڪجهه پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون پر ظاهر آهي ته سرڪاري سطح تي ڪجهه ٿيو هوندو ته ٿيو هوندو، پاڻ کي خبر ناهي. ڪجهه اين جي اوز به تعليم جي ڀلائي جي نالي تي ضرور پروجيڪٽ ورتا هوندا. الف اعلان ۽ ڪجهه ٻين اين جي اوز جا ان ڏس ۾ نالا ورتا پيا وڃن پر اين جي اوز جي ڇٽيءَ ۾ کوڙ ماڻهن تعليم جي ڀلائي جي نالي تي مراعتون حاصل ڪيون هونديون، پئسا کاڌا هوندا، پر عوامي سطح تي يا سڄي سماج سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪم نظر نه آيو جو تعليمي نظام ۾ سُڌارو آيو هجي. هڪ صحافي يا ليکڪ ناطي ظاهر آهي ته منهنجو فرض لکڻ ۽ مامرن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. پر اسين ان کان ٻه قدم اڳتي وڌي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان مهم جو حصو بڻياسين، جيڪا مُهم تعليمي سڌاري، تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ گوسڙو ماسترن جي خلاف هئي. ان مهم جو حصو بڻجندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال به ڪئي هئي پر ان سڄي مهم يا جدوجهد ۾ اسان جي حالت ان پيءُ پٽ واري هُئي جيڪي گڏهه سان گڏ جهنگ ۾ وڃي رهيا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌي سماج جو وڏو حلقو اسان کي چريو، مفادپرست سمجهي رهيو آهي. سڀ ان گڏهه کي مظلوم قرار ڏيئي رهيا هئا، جيڪي اسان جي آڏو ”تعليم دشمن“ هئا ۽ اسان جو اهو نقطئه نظر هئو ته اهو گڏهه جيڪو بظاهر اوهان کي مظلوم نظر اچي رهيو آهي، تعليم جي خرابين ۾ هڪ وڏو حصو ان جو آهي پر ساڳئي وقت اسان اهو به چيو هو ته ”پرائمري اسڪول کان وٺي سنڌ سيڪريٽريٽ تائين“ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. هر هنڌ ڪارو منهن آهي ۽ ان گڏهه کي هر سطح تي حمايت حاصل آهي. ڇو ته گڏهه هر هنڌ پنهنجي مظلوميت جي ”دانهن“ ڏيندي نظر پيو اچي. سوشل ميڊيا تي تعليم دشمنن خلاف مُهم ڪنهن به اين جي او شروع نه ڪئي هئي، نه اسان شروع ڪئي هئي پر سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ”فيس بوڪ“ استعمال ڪندڙ انهن نوجوانن شروع ڪئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي شهرن جي ماسترن جا فوٽو ڪڍي فيس بوڪ تي هڻي چوندا رهيا ته هي آهي گوسڙو ماستر فلاڻي اخبار، فلاڻي ٽي وي جو نمائندو. هاڻي پاڻ سڀ چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هلو ته اتي ڪم ڪندڙ ٽي وي چينل جو رپورٽر اوهان کي بي تاج بادشاهه معلوم ٿيندو. اُهو پنهنجي تر جو وڏيرو لڳندو. هاڻي جڏهن تر ۾ ان جي بدنامي ٿيندي ته اُهو همراهه ته هٿن مان ويندو نه! سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ نوجوانن سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، پريس ڪلبن، تعليم کاتي ۽ سڀني ماڻهن کي للڪاريو ته آخر اوهان گوسڙو ماسترن خلاف آواز ڇو نه ٿا اٿاريو ۽ اسين ايمانداريءَ سان ان آواز کي درست سمجهڻ لڳاسين. ان کان اڳ ۾ لياقت ميراڻي، واجد لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست پنهنجي پنهنجي انداز سان گوسڙو ماسترن خلاف مهم هلائي رهيا هئا. اسلام آباد مان صحافي دوست سهيل ميمڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ مون سميت ڪجهه دوستن سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ خاطر ان مُهم جي حمايت جو اعلان ڪيو. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن سان ملياسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئيسين. مون کي ته ذاتي طور ان جي وڏي سزا اها ملي جو ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي هڪ ڊائريڪٽر جي سمري، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير تائين پهتي جنهن ۾ ڊي او تعليم لاءِ لکيل شوڪاز نوٽيس ۾ منهنجو به نالو شامل ڪيو ويو ۽ وڏي وزير به ان تي صحيح ڪري ڇڏي. اڃا تائين به تعليم کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا منهنجي خلاف مختلف سازشن ۾ رُڌل آهن. ان عرصي دوران سرڪار به ڏيکاءَ خاطر گوسڙو ماسترن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا. کين عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو. ڪجهه ماستر عدالت ۾ پهچي ويا، ڪورٽ کين ”اسٽي آرڊر“ ڏيئي ڇڏيو ۽ لڳي ائين ٿو ته سرڪار ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ـ

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۾ گوسڙو ماسترن جو نالو وٺجي ٿو ته ان جو مطلب آهي اُهي هزارين ماستر جيڪي اسڪولن ۾ ڪو نه ٿا وڃن، گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، انهن ۾ صحافي ماستر به شامل آهن پر ڪجهه همراهن پنهنجي طرفان ڪهاڻيون لکيون ته اسان ڪو صحافي ماسترن خلاف مهم هلايون پيا. هاڻي چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک جو مثال آهي. چور چور آهي، ان کي ڏاڍي پريشاني ٿي. انهيءَ وٺي واويلا ڪئي، ڪجهه ماڻهن وري هن بنياد تي پنهنجا ذاتي اڪائونٽ به سيٽ ڪيا. ڪجهه ماڻهن دشمنيون پاڙيون ۽ نيٺ اسين به مايوس ٿي ويهي رهياسين ته آخر ڇا ڪيون؟ هڙان وڙان ڏيئي کيسي جا پئسا خرچ ڪري، مار ڌاڙ واري زندگيءَ مان ڪجهه وقت ڪڍي تعليم جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهيون پر سنڌي سماج ۾ ان جي حمايت ۽ واکاڻ بدران آڱريون به اسان تي کڄن. نيڪيءَ بدران گلا کڻون. الزام سهون، ذاتي ساک خراب ڪريون پر ضمير جي عدالت جو چوڻ هو ته پنهنجي حال آهر جيترو به ڪري سگهجي ٿو، اُهو ڪرڻ گهرجي. مسڪين جهان خان کوسو به ته هو. محمد عثمان ڏيپلائي به ته هو. حسن علي آفندي ۽ چاچو سچل جنجهي به ته هو. شايد انهن تي به پنهنجي دور ۾ الزام لڳا هوندا. مخدوم بلاول ۽ منصور بن حلاج بابت گهر ۾ پيل ڪتاب ٻيهر پڙهيا. اتفاق سان گذريل هفتي ڪٽنب سميت شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي وڃڻ ٿيو ـ

”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.“

فيس بوڪ تي واجد لغاري شڪ جي لهجي ۾ سدائين پڇندو آهي ته سائين گوسڙو ماسترن خلاف ماٺ ڇو ٿي ويا؟ گذريل ڏينهن دوست دودي چانڊئي جي تعليم بابت مضمون ۾ هي لفظ پڙهڻ لاءِ مليو ته گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مُهم خود ”گوسڙو“ بڻجي وئي. هي سڀ تقاضائون آهن ته سنڌي سماج ۾ تعليم جي ڀلائي لاءِ ماڻهن ۾ هڪ وڏي پيڙا موجود آهي. مون وانگر هزارين ماڻهو هڪ ئي وقت اهو سوچين پيا ته سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ ۽ تارڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر مون اڳي به لکيو ته اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، سنڌ دوست سياسي ڌرين، عوام جي حقيقي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽيءَ کي اڳيان اچڻو پوندو. عاجز جمالي، سهيل ميمڻ، واجد لغاري، لياقت ميراڻي، ڪجهه صحافي دوست ۽ ڪجهه نوجوان ڪافي ناهن. ڇو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هر مهيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي. ڪرپشن جي ان چين ۾ ماستر، سپروائيزر، ايس ڊي او، ڊي او ۽ ڊائريڪٽر کان وٺي سيڪريٽري ۽ وزير تائين سڀ جو سڀ سڌي يا اڻ سڌي ريت شامل آهن. ڪجهه مافيائون بڻجي ويون آهن. ڪجهه ٺيڪيدار آهن. ڪجهه هٿ ٺوڪيا دانشور، اديب، اخبار ۽ ٽي وي وارا به آهن. ڪجهه صحافي به آهن. ڪجهه دڪانداريون شامل آهن. مفادن جي هڪ مضبوط ڊگهي زنجير آهي جنهن تعليم جي ٻيڙيءَ ۾ گڏجي سوراخ ڪيو آهي ۽ هي سلسلو ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي. هن نئين سال کي سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم جي ڀلائيءَ جو سال ڪري ملهايون، گڏجي ٿورو ٿورو ڪم ڪريون تڏهن به شايد سنڌ جي تعليم بچي پوندي ـ




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو