Saturday 10 January 2015

علي قاضي

آخر مسئلو ڇا آهي؟
اربع 24 ڊسمبر 2008ع



اسلام آباد جي سرد شام ۾ حڪومتي ڪار وهنوار کان مايوس نظر ايندڙ پي پي پي جي سينيئر اڳواڻ کان ڪچهريءَ دوران پڇيم ته، ”جيڪر محترمه بينظير حيات هجي ها ته هاڻوڪي ڪابينا ۾ شامل ڪهڙا وزير نه هجن ها، منهنجو مطلب ته هڪ يا ٻه وزير هيڏانهن يا هوڏانهن، باقي ته لڳ ڀڳ اها ئي ڪابينا هجي ها نه؟ ان اڳواڻ مون سان اتفاق ڪيو ته واقعي جيڪڏهن محترمه حيات به هجي ها ته بابر اعواڻ، شيري رحمان، رحمان ملڪ، خورشيد شاهه، نويد قمر، مخدوم امين فهيم، راجا پرويز اشرف، رضا رباني سوڌو اڪثر وفاقي وزير اهي ساڳيا ئي هجن ها، جيڪي اڄ آهن ۽ اگر ڪنهن قانوني/سياسي رنڊڪ سبب محترمه بينظير پاڻ وزير اعظم نه ٿي سگهي ها، تڏهن به عارضي وزير اعظم طور سندس چوائس آفتاب شعبان ميراڻي يا يوسف رضا گيلاني ئي هجي ها. سندس ڳالهه ٻڌي پڇيومانس ته، ”آخر مسئلو ڇا آهي، جو حڪومتي ڪار وهنوار تي ته خود پ پ حلقن اندران به آڱريون کڄن پيون؟“ چوڻ جو مقصد اهو هو ته سرڪار هلائيندڙن ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي سڀ تجربيڪار ۽ اقتداري راند جا پراڻا رانديگر آهن، پوءِ انهن جي ڪارڪردگي ايتري متاثر ڪندڙ ڇو ناهي؟

ڪنهن به حڪومت جي شروعاتي 6 کان 10 مهينن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو عرصو حڪومت
(Smooth Sailing  لوڏن بنا، سڌو ترڻ )
 ڪندي، خاص ڪري هاڻوڪي چونڊيل سرڪار، جيڪا هڪ ڊگهي آمريت ۽ پوءِ نيم آمريتي دور کان پوءِ آئي آهي، جنهن کي ڀلي اليڪشنز ۾ ڳرو مينڊيٽ نه مليو هجي، پر هن حڪومت جي پاڙن ۾ محترمه بينظير جي شهادت جي ڳري اخلاقي /سياسي سگهه شامل آهي، پوءِ هاڻوڪي حڪومت پنهنجي ”هني مون“ واري عرصي ۾ ئي ڇو پئي لوڏا کائيندي نظر اچي، آخر مسئلو ڇا آهي؟ اقتداري سياست جا لاها چاڙها ڏسي وار اڇا ڪندڙ پي پي پي جي سياستدانن جي انداز حڪمراني تي مخالف ته ڇڏيو، پر خود پارٽي جا اڳواڻ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڪيترائي وزير آخر ڇو ذاتي ڪچهرين ۾ مايوس ۽ پريشان نظر اچن پيا؟ توهان اسلام آباد يا ڪراچي جي ڪنهن باخبر صحافيءَ سان ڳالهايو يا ڪنهن ڄاڻو سياستدان يا ڪاموري سان ڪچهري ڪريو، توهان کي حڪومت بابت ڪي گهڻا مثبت رايا ٻڌڻ ۾ نه ايندا ۽ سينيئر صحافي شاهين صهبائي سوڌو ٻين ڄاڻو ماڻهن هاڻي کان ئي حڪومتي مستقبل بابت اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته معاملا حڪومتي گرفت ۾ ڇو نه پيا اچن، آخر مسئلو ڇا آهي؟

گذريل 8 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ بابت مختلف حڪومتي ذميوارن جو ميڊيا ذريعي يا ذاتي ڪچهرين دوران سامهون آيل موقف اهو هجي ٿو ته گذريل 9 سالن جي آمريتي دور جو گند ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيئن صاف ٿو ٿي سگهي ۽ ٻيو اهو ته عوام کي نئين چونڊيل حڪومت مان ايتريون گهڻيون اميدون آهن، جو اهي سڀ فوري طور پوريون ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. انهن ٻنهي نقطن ۾ وزن آهي، پر ان کان به وڌيڪ وزن انهن ٻن ڳالهين ۾ آهي ته حڪومت ماضي جي دور جي ڪافي معاملن کي پنهنجي ڪلهي تي ڇو پئي کڻيو هلي؟ آمريتي دور جي گندگي کي آمريت سان گڏ دفن ڇو نه ڪيو ويو؟ آخر ڇو حڪومت ان گند کي نئين ٿيلهي ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کنيو پئي هلي؟ ٻي ڳالهه اها ته ڪروڙين ماڻهن کي ئي چونڊيل حڪومت مان صرف سرڪاري نوڪري يا ڪنهن ٽرانسفر پوسٽنگ جي اميد نه هئي/آهي. بلڪه وڏي ڪينواس تي ڏسبو ته ڪروڙين ماڻهن جا انيڪ مسئلا، پريشانيون، مصيبتون، فرسوده طريقهءِ حڪمراني جي تبديلي سان جڙيل آهن. ڪروڙين ماڻهن جي اميد حڪمراني جي انداز ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ سان جڙيل هئي/آهي. اتي اها ڳالهه ضرور مڃجي ته اهي بنيادي قسم جا سڌارا به ڪو هڪ ڏينهن ۾ نٿا اچي سگهن، پر جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سا اها ته، انهن سڌارن يا رفارمز ڏانهن پهريون وکون به بدقسمتيءَ سان کڄندي نظر نٿيون اچن ۽ وري اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته جڏهن اهليت به هجي، تجربو به هجي ته پوءِ عوامي امنگن موجب ڪنهن Vision (تصور ) سان حڪومت ڪرڻ بدرانDay to day basis (ڏينهون ڏينهن واري بنياد) تي حڪومتي ڪار وهنوار ڇو پيو هلايو وڃي. آخر مسئلو ڇا آهي؟

ملڪ جي بنيادن ۾ زهر ڀري ڇڏڻ جو اعزاز رکندڙ جنرل ضياءُ الحق جي طويل آمريت جي خاتمي کانپوءِ 1988ع ۾ جڙيل پي پي حڪومت جو 18 مهينن ۾ خاتمو ملڪي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، جو ڪنهن چونڊيل حڪومت کي ايتري مختصر عرصي ۾ هٽايو وڃي. اهو هاڻ ڪو راز ناهي، ته 1988ع ۾ پي پي پنهنجي سموري مقبوليت ۽ کيس حاصل عوامي مڃتا جي باوجود ڳرن شرطن عيوض حڪومت ورتي هئي، پر انهن شرطن کي مڃڻ جي باوجود پي پي حڪومت کي صرف 18 مهينا هلڻ ڏنو ويو. اڄ به جيترا شرط پي پي تسليم ڪري اقتدار ۾ آئي آهي ۽ جن شرطن جي پوري ڪرڻ سبب حڪومت شديد ڏکيائين ۾ آهي، ان جي باوجود ڇا حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو؟ يا بقول هڪ صحافيءَ جي ته مختصر ترين چونڊيل حڪومت جو نئون رڪارڊ به پي پي کي ئي ڏيڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن؟ هڪ باخبر سياستدان سرٻاٽ واري انداز ۾ مون کي چيو ته 6 مهينن کان خاموش ويٺل ملڪ جي ”اصلي مالڪن“ تازو هڪ ڀيرو وري اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد جي هڪ باخبر صحافيءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي اتحادي مولانا فضل الرحمان کي زمينن جي مبينا الاٽمينٽ يا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڌيءَ فرح ڏوگر جي مبينا غلط داخلا واري اسڪينڊل جا دستاويز ۽ تفصيل جن ”ذريعن“ وٽان آيا آهن، انهن ”ذريعن“ تائين پهچ هر ڪنهن، جهڙي تهڙي صحافيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. ان صحافيءَ چواڻي ته، اڃا ڪجهه ٻيا اهڙا اسڪينڊل سامهون اچڻا آهن، جن جي ڪري حڪومت آڏو اخلاقي حوالي سان پنهنجي پوزيشن جو دفاع هڪ وڏو چئلينج هوندو. ان صحافيءَ جي ڳالهه اگر صحيح ثابت ٿي ته پوءِ ان ڳالهه جو خدشو وڌي ويندو ته حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي، جيڪو پڻ حڪومت خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، پر ملين ڊالرز جو وري سوال اهو ئي آهي ته اقتداري سياست جو ڊگهو تجربو رکندڙ پي پي حڪومت جي پنهنجي خلاف ٿيندڙ محلاتي سازشن کي اڳتي وڌي روڪڻ بدران ”جڏهن ٿيندو، تڏهن ڏسنداسين“ واري روش ڇو اختيار ڪيل آهي؟ آخر مسئلو ڇا آهي؟

جيتوڻيڪ ممبئي ڌماڪن کانپوءِ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ڳڻتيءَ جوڳي سطح تي پهچي وئي هئي، پر سمجهو قسم جي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته سرِ دست ٻنهي ملڪن ۾ باقائده جنگ جو هروڀرو امڪان ناهي ۽ هڪ باخبر ڪاموري چواڻي ته، ”هي ميلو لڳو ئي حڪومت جو ٽوال چوري ڪرڻ لاءِ آهي.“ ان ٿيوري جي پويان منطق اهو پيو ٻڌايو وڃي ته اسان جي تاريخ ۾ مارشل لا ڪجهه سالن جي وٿي ڏئي يا کڻي چئجي ته ساهي پٽي پوءِ لڳندي آهي. مثال طور ضياءَ الحق، يحيٰ خان کانپوءِ 5 يا 6 سال ڇڏي مارشل لا هنئي يا بعد ۾ پرويز مشرف 11 سالن کانپوءِ اقتدار ۾ آيو. سو هاڻ جڏهن مشرف راڄ کي ختم ٿئي ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا آهن ته تڪڙ ۾ وري ڪيئن سويلين حڪومت جا ٽپڙ ويڙهبا؟ جيتوڻيڪ ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف تائين مارشل لڳائڻ جو جواز سياستدانن جون ناڪاميون ڳڻائي ملڪي سالميت کي خطرو ڄاڻايو ويندو هو، سو هاڻ جڏهن ملڪي سالميت بابت طرح طرح جون ڳالهيون واقعي به ٿي رهيون آهن. هر عام و خاص پاران ملڪي سالميت جي حوالي سان مختلف خدشا ۽ انومان ظاهر پيا ڪيا وڃن ته پوءِ هروڀرو سالن جي وٿي ڪير ڇو ڏيندو؟ ٻي ڳالهه اها آهي ته هاڻ جڏهن آمريڪا عراق مان هٽي پنهنجو سڄو فوڪس افغانستان تي آڻي رهيو آهي، ته تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته آمريڪا کي به سدائين اهڙن موقعن تي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ درد ختم ٿيو وڃي ۽ هو به ڪنهن هڪ، پر سگهاري ماڻهوءَ سان معاملات هلائڻ ۾ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندا آهن.

اقتداري حلقن ۾”ڍاڪا فارمولا“ نالي هڪ ٿيوري به زماني کان گردش ۾ آهي، يعني جيئن گذريل ٻن اڍائي سالن ۾ بنگلاديش ۾ فوج ايمرجنسي لاڳو ڪرائي اتي جي چيف جسٽس کي ظاهري طرح حڪومتي واڳون ڏئي پاڻ پردي جي پويان ويهي ڪار وهنوار هلائي رهي آهي، تنهن فارمولا کي ڪاپي ڪرڻ جي باز گشت اقتداري مارڪيٽ ۾ هلندڙ آهي. ٻئي طرف وري هڪ قومي حڪومت جوڙڻ جي ٿيوري گردش هيٺ آهي. ان ڏس ۾ ڪنهن کان سوال ڪيم ته هن مهل به سواءِ ”ق“ ليگ جي، سموريون اهم پارٽيون اقتدار ۾ آهن، ته پوءِ قومي حڪومت سان ڇا ٿي ويندو؟ ته جواب اهو مليو ته، ”صدر، وزير اعظم سوڌو اهم وزارتون هڪ پارٽي وٽ آهن ۽ ٻيون پارٽيون ان پارٽي جي حڪومت ۾ اتحادي پارٽيون آهن، سو ان کي قومي حڪومت ڪيئن چئبو؟“ انهن ٽنهي ڳالهين يعني سڌي ريت مارشل لا يا ڍاڪا فارمولا معنيٰ اڻ سڌي مارشل لا يا ڏنڊو هلائي آئين ۾ رهندي قومي حڪومت وارين ٽنهي ڳالهين سان سڌي ريت متاثر ٿي، ته ظاهر آهي ته پي پي ئي ٿيندي پر ٻئي وڏي ملڪي پارٽي ميان نواز شريف جي مسلم ليگ کي به ڪو فائدو ٿيندي نظر نٿو اچي، سواءِ ان جي ته قومي حڪومت واري آپشن ۾ 6 مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جي کيس خاطري ڪرائي وڃي. مٿي ڄاڻايل مختلف ٿيوريز ٿي سگهي ٿو سڀ غلط هجن پر اهي ڳالهيون ڪنهن به حڪومتي دور جي شروعاتي 6 يا 8 مهينن دوران ناهن ٿينديون ۽ منهنجي سوئي انهيءَ سوال تي اٽڪيل آهي ته ”آخر مسئلو ڇا آهي؟“

آخر هن حڪومت اهڙو ڇا ڪيو آهي يا کڻي ائين چئجي ته هن حڪومت کان اهي ڪهڙيون غلطيون پيون ٿين، جو ان جي روانگي جا قصا مارڪيٽ ۾ گردش هيٺ اچي ويا آهن؟ شايد ڪنهن پڙهندڙ جي ذهن ۾ مٿي ڪيل ڳالهيون پڙهي اهو سوال اڀري ته حڪومت رهي ٿي يا وڃي ٿي، ان سان ڪو مسئلو آهي يا نه، ان سان منهنجو (لکندڙ جو) ڇا وڃي ۽ آخر منهنجو مسئلو ڇا آهي؟ ان جي وضاحت اها ڪندو هلان ته مبينا تبديلي واريون جيڪي خبرون بازگشت ڪن پيون، ان ۾ سنڌ جي حوالي سان جيڪي سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچن پيا، اهي ڏاڍا ڀوائتا آهن. ائين ناهي ته ڪو اڄ سنڌ کي ان جا سمورا حق ملي رهيا آهن يا چوطرف چمن ٿي ويو آهي پر مستقبل جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي پئي وڃي، اها بنهه خراب ڏسجي پئي. ايندڙ منظر نامي ۾ ڪو ڀوتار اچي اسان جي مٿي ۾ لڳي سگهي ٿو يا ارباب رحيم حڪومت ٽائيپ ڪا فلم وري سنڌ جي ڳچي ۾ فٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ سوڌو ڪيترائي ٻيا مسئلا سنڌ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا. اسان وٽ بدقسمتي سان ڪا متبادل سياسي قيادت/پليٽ فارم آهي ڪونه، جو کڻي ان جو آسرو هجي. اسان وٽ يا پي پي آهي جيڪا محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ اڃان بطور پارٽي پنهنجي بحران مان ناهي نڪري سگهي يا پوءِ ڀوتار آهن، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اشاري تي ڪڏهن نواز ليگ تي ڪڏهن ”ق“ ليگ ۽ هاڻي وري جتي حڪم ٿيندو اتي هليا ويندا. اسان جي لاءِ هڪ وڏو ڏچو اهو به آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ”ڪرتا ڌرتائن“ جو تعلق به سنڌ سان نٿو هجي، تنهن ڪري انهن کي به جي حضوري ڪندڙ ڀوتار وڻندا آهن. ڇا ان کي مذاق نه چئبو ته اسان جي ويجهي ماضي جي ٻن وڏن وزيرن کي صرف ان ڪري چيف منسٽري ملي جو انهن جي سفارش ٻن اڳوڻن جنرل ڪئي!! يعني صرف ان ڪري ته ڪنهن جنرل صاحب کي ڪو ڀوتار شڪار ٿو ڪرائي يا ڪنهن سان ذاتي تعلق هجي. ته ان ميرٽ تي سنڌ جي وڏ وزارت انعام طور ان ڀوتار کي ڏني وڃي ٿي. سو سنڌ کي پنجاب وانگر اها اميد به ڪونهي ته حڪومتي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سنڌ سان ماضي کان بهتر ته ٺهيو پر ويتر خراب حشر نه ڪندي.

آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت جو ڪو هڪ مسئلو ناهي، بلڪه مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

(1) اقتدار وٺڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي سگهارين قوتن سان ڪيل ڪميٽمينٽس نڀائڻ سبب پيدا ٿيل مسئلا.

(2) حڪومت مخالف قوتن پاران پيدا ڪيل مسئلا.

(3) پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيل مسئلا.

اگر پاڻ هاڻوڪي حڪومت آڏو آيل مختلف مسئلن جو جائزو وٺنداسين ته اهي مٿي ڄاڻايل ٽن نقطن جي دائري ۾ ئي نظر ايندا، پر سوال اهو آهي ته اقتدار وٺڻ خاطر مڃيل شرطن سبب پيدا ٿيل مسئلا يا مخالفن طرفان پيدا ڪيل مسئلا ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر پنهنجي لاءِ پاڻ جيڪي مسئلا هن حڪومت پيدا ڪيا آهن، انهن جو ڪهڙو منطق آهي؟

سنڌ جي هڪ ضلعي ناظم، جيڪو سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير جو ويجهو دوست تصور ڪيو ويندو هو، مون کي چيو ته، ”توهان چيف منسٽر صاحب کي صلاح ڏيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي.“ جواب ۾ عرض ڪيومانس ته، ”اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل کي صلاح ڏيندڙ پاڻ وڏو بيوقوف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمران اهو سمجهندو آهي ته هو عقل ڪل آهي ۽ اگر کيس صلاح ڏيندڙ ان کان وڌيڪ عقل رکندڙ هجي ها ته اقتداري ڪرسي تي ان جي جڳهه تي صلاح ڏيندڙ نه ويٺل هجي ها؟“ هن ناظم صاحب مون کي موٽ ۾ حڪمرانن کي صلاح ڏيڻ جا درباري آداب سيکاريندي چيو ته، صلاح ڪجهه ان ريت ڏجي، ”جناب اعليٰ، جيئن ته توهان پاڻ تمام ڄاڻو، مدبر ۽ اڪابر آهيو ۽ توهان کي پاڻ اڳ ۾ ئي ڄاڻ هوندي ته فلاڻي مسئلي لاءِ ڇا ڪجي، پر منهنجي ناقص عقل موجب اگر.....“ سندس ڳالهه کلندي ٽاري ڇڏيم پر دل ۾ سوچيم ته اهي درباري آداب ۽ پروٽوڪول ايندا هجن ها ته حڪمران ناراض ڇو رهن ها؟ پنهنجي ٽين ايج کان صحافت جي شعبي ۾ 22 سالن جي تجربي مان اها ڳالهه سکي اٿم ته هڪ پروفيشنل صحافي کي اقتدار ۾ ويٺل کي اجايون صلاحون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ کپي، تنهن جي ڪري ڪا صلاح ڏيڻ کان پاسو ڪندي اهو ضرور گوش گذار ڪندس ته اهو Perception (تصور) ئي هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ليڊر يا پارٽي کي عوام ۾ مقبول ڪندو آهي، پر وري اهو Perception (تصور) ئي هجي ٿو، جيڪو ڪنهن حڪومت کي ناڪام بڻائي ٿو ۽ اتي اهو به ضرور سمجهڻ کپي ته صرف ميڊيا ڪنهن جو Perception سٺو يا خراب نٿي ڪري سگهي بلڪه Performance (ڪارڪردگي) ۽ Will to perform (ڪمن جو ارادو/مرضي) دراصل مثبتPerception (تصور) جي ضمانت هجي ٿو. اڄ نه 80ع ۽ نه ئي وري 90ع جو ڏهاڪو آهي، بلڪه اسين 2009ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ اڄ جي دنيا ۾ طرز حڪمراني تبديل ٿي چڪي آهي. ڪا فوجي يا نيم فوجي حڪومت ته ان ڪري اختيارن جي مرڪزيت سان هلي ٿي، جو ان جي طاقت جي محور اها ڪمانڊ ئي هجي ٿي، جيڪا حڪومت تي قبضو ڪري ٿي. تنهن ڪري سڄي حڪومتي سرشتي لاءِ اختيارن جو سرچشمو يا Source (وسيلو ) اهو هڪ شخص ئي بڻجي ٿو، پر عوامي/سويلين سيٽ اپ جي روح ئي اختيارن جي عدم مرڪزيت هجي ٿي. اڄ اهو دور ناهي ته ڪو وزير صاحب پنهنجي سيڪريٽري ۽ ٻن ڪامورن سان بند آفيس ۾ ويهي اهم فيصلا ڪري ميڊيا ذريعي عوام کي صرف ان جي ڄاڻ ڏئي ڇڏي. بلڪه اڄ سول سوسائٽي کي هر فيصلي ۾ (صرف نالي ماتر نه پر) حقيقي طور تي شامل ڪرڻ جو دور آهي. جمهوريت جو مطلب صرف ڪنهن صاحب جي گاڏي تي جهنڊو لڳڻ نه هوندو آهي، بلڪه عام ماڻهو کي اقتدار ۾ شرڪت جي احساس کي جمهوريت چئبو آهي.

آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت آڏو انيڪ مسئلن جي هوندي به اڃا اها صورتحال نه جڙي آهي، جتان بهتري ڏانهن رخ نه موڙي سگهجي. ان حوالي سان 27 ڊسمبر جي ڏهاڙي تي حڪومت ۽ پارٽي جي سمجهدار ماڻهن کي پاڻ ۾ ويهي اهو ضرور ويچارڻ گهرجي ته ڇا سندن پارٽي ليڊر صرف هڪ يا ٻن سالن جي حڪومت لاءِ شهيد ٿي وئي؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو