Tuesday 16 December 2014

نسيم بخارِي

پشاور ۾ المناڪ واقعي کانپوءِ عمران خان جي ايجنڊا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

پشاور ۾ اسڪول ۾ ٿيل دهشتگردي سئو کان وڌيڪ حياتيون ڦري ورتيون آهن، ڇهن کان وڌيڪ دهشتگرد اسڪول پويان قبرستان واري پاسي کان داخل ٿيا. هڪ خودڪش بمبار ڪلاس ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو ۽ گلن جهڙن ٻارڙن جا عضوا ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙجي ويا ـ

واقعي کانپوءِ وزيراعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ عمران خان پشاور پهچي متاثر خاندانن ۽ زخمين جي داد رسي ڪئي آهي واقعي. کي المناڪ ۽ افسوسناڪ قرار ڏنو آهي ـ

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو المناڪ واقعن مان وڏو دردناڪ واقعو آهي، جنهن جي ٿوري دير کانپوءِ عالمي سطح تي ردعمل آيو آهي. برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جو چوڻ آهي ته هن لاءِ اها خبر شاڪنگ نيوز ثابت ٿي آهي، اهڙا ئي احساس ٻين عالمي سربراهن جا به سامهون آيا آهن ـ

وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پي ٽي آءِ، طاهر القادري ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران خان 18 تاريخ تي ملڪ گير هڙتال ۽ طاهر القادري 17 تاريخ تي احتجاج وارو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي ـ

هنن سٽن لکجڻ تائين فقط 36 ڄڻن جي لاشن جي شناخت ٿي چڪي هئي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ٻارڙن ۽ استادن جا لاش جنهن حالت ۽ جهڙي حال ۾ آهن اهي انتهائي ڏکوئيندڙ آهن ـ

آرمي پبلڪ اسڪول ڪينٽومينٽ ايريا ۾ اچي ٿو جنهن جي ٿوري فاصلي تي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس آهي ۽ هن اسڪول جي سيڪيورٽي به آرمي حوالي آهي. هن اسڪول ۾ استادن کي به ٽن چئن هنڌن تي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ اندر وڃڻ ڏنو ويندو آهي. اهڙي سيڪيورٽي واري اداري ۾ آساني سان ٿيل دهشتگردي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن ـ

پشاور جو آرمي پبلڪ اسڪول مين روڊ تي واقع آهي، جنهن ۾ دهشتگردي لاءِ آيل دهشتگردن پهريائين پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي سيڪيوٽي جو ڌيان ڇڪايو ۽ بعد ۾ پنهنجي ٽارگيٽ تي ڌيان ڏنو ۽ هو پنهنجي ناپاڪ ارادي ۾ باقاعده ڪامياب ويا. هنن فائرنگ جو مينهن وسايو ۽ معصوم ٻارڙن کي قتل ڪيو. هڪڙي شاگرد جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڏاڙهين وارا هئا ۽ هو پاڻ ۾ عربي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا ـ

وزير اطلاعات مشتاق غني جو چوڻ آهي ته متاثر اسڪول ۾ اڍائي هزار ٻار پڙهندا هئا ۽ مقتول ٻارڙن جون عمريون تيرهن سالن کان ارڙهن سالن جي وچ ۾ هيون ـ

پشاور گذريل ڪيترن سالن کان افسوسناڪ واقعن جو ڳڙهه رهندو آيو آهي. هن ڀيري به اسڪول جي امتحان واري موقعي تي ايف سي جون ورديون پاتل هٿياربندن حياتيون کسيون آهن، جن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ـ

وزيراعليٰ پرويز خٽڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 126 ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن، مقتول ٻارڙن جي وارثن لاءِ پنج پنج ۽ زخمين لاءِ ٻه ٻه لک امداد جو صوبائي حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 122 زخمي ٻڌايا ويا آهن ـ

واقعي بعد پي ٽي آءِ ۽ سرڪار وچ ۾ اعلانيل ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ سڄو ملڪ ان ڏک جي لهر ۾ غمگين ٿي ويو آهي. عمران خان انقلاب ۽ تبديلي جو چيمپين تصور ڪيو ويندو آهي پر عمران خان جي تحريڪ انصاف حقيقي معنيٰ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ انتهاپسنديءَ خلاف اهو عَلم بند نه ڪري سگهي آهي جنهن جي سخت ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنهنجون پوريون توانايون ۽ صلاحيتون دهشتگردي جي پاڙ اکيڙڻ ۽ پاڙ پٽڻ ۾ لڳائيندي اچي ها ته اڄ پڪ سان ڪي ٻيا ئي نتيجا هجن ها پر افسوس ته ان حوالي سان عمران خان جي تحريڪ انصاف ڪن لاٽار ڪندي آئي ۽ نتيجي ۾ اڄ دهشتگردن جو ايترو من وڌيو ۽ پيٽ ڀرجي ويو آهي جو هو ڏينهن ڏٺي جو کلي عام سوين ماڻهو ماري رهيا آهن. ان ڪري اهو سوال به وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته خيبر پختونخواهه مان انتهاپسندي مان ڇوٽڪاري لاءِ عمران خان ڪهڙي ايجندا جوڙي آهي. حقيقت ۾ هو ان حوالي سان ڪا زبردست حڪت عملي جوڙي ۽ ان تي عمل ڪري پاڻ کي ۽ تحريڪ انصاف کي تمام وڏي عزت ڏياري سگهي ٿو ـ

مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف تنقيدن ۽ الزامن کان ٻه وکون اڳتي وڌندي جهڙيءَ ريت جارحاڻي لهجي سان ڪردار ڪشي تي لهي آيون آهن تنهن مان نه ٿو لڳي ته حڪومت ۽ عمران خان ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪو نتيجو ڏينديون يا وري ڪنهن نتيجي تي پهچنديون. لاهور ۾ تحريڪ انصاف (40) هنڌن تي ڌرڻا هڻي، جهڙيءَ ريت شهر بند ڪرائي اتي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ وارو تاثر ڏنو آهي. اهو پڪ سان شريف ڀائرن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن بار بار اهو بيان پئي ڏنو ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ سندن ڪارڪن ڪا رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه وجهندا. هنن اِهو پڻ چيو هو ته ان ڏينهن تي ڪارڪن گهرن ۾ رهندا ۽ ٻاهر ئي نه نڪرندا پر ان جي باوجود لاهور جي ڪجهه علائقن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻنهي پارٽين جي قيادت توڙي ڪارڪن هڪ ٻئي لاءِ ڪهڙو احساس ۽ اهميت رکن ٿا؟

بابو صابو چوڪ تي ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿيا، نعرن جو مقابلو ٿيو ۽ شهرين سان پڻ ٽڪراءُ ٿيو. شاهه عالم مارڪيٽ ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا شهرين ۽ واپارين سان جهيڙا رپورٽ ٿيا آهن. چورنگي امر سنڌو وٽ ميٽرو بس تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي. ٽائر ساڙڻ سبب ميٽرو بس معطل ٿي ۽ ان ڇڪتاڻ جي ڪري عمران خان چورنگي امر سنڌو نه وڃي سگهيو. قانون لاڳو ڪندڙن پاران سيڪيورٽي خدشن ڄاڻائڻ سبب، عمران خان ٺوڪر نياز بيگ به نه ويو. لبرٽي چوڪ کانپوءِ عمران خان کي مٿين علائقن جو دورو ڪرڻو هو پر پوليس جي مشوري سبب قافلي جو روٽ بدلايو ويو. وزيراعظم نواز شريف پي ٽي آءِ جي سياست کي غنڊه گردي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڊي سان ڊولپمينٽ ۽ ڊيسٽريڪشن به ٿئي ٿي ـ

لاهور ۾ ايمبولينس کي رستو نه ڏيڻ تي چئن مريضن جي فوت ٿيڻ واريون خبرون تحريڪ انصاف لاءِ خواريءَ جا اطلاع ثابت ٿيون آهن. شاهدره ۾ پندرهن ورهين جو نينگر ۽ 17 ڏينهن جي ٻارڙي فوت ٿي آهي. جوڙي پل تي ڌرڻڻ سبب رستو نه ملڻ تي 60 سالن جو پوڙهو دل جو مريض امانت رڪشا ۾ دل جي دؤري سبب فوت ٿيو. احتجاج دوران انساني جانين جي ضايع ٿيڻ واري معاملي تي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪا انساني جان ضايع ٿي آهي ته معذرت ٿا ڪيون پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو معذرت ڪافي آهي؟ جن جا پيارا ڌرڻن سبب وقت سر اسپتال نه پهچڻ ۽ علاج نه ٿيڻ سبب رستي تي فوت ٿيا آهن، تن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ انهن جي دلين مان ڪهڙيون آهون نڪرنديون هونديون؟ ڇا اها صورتحال ۽ اهو احساس تحريڪ انصاف جي لاءِ ڪنهن سنجيده سوچ ويچار جو سنيهو نه ٿو سانڍي؟ سوال اهو آهي ته عمران خان عوام جي زندگين ۾ انقلاب ۽ خوشگوار تبديلي آڻڻ وارا جيڪي تصور پيش ڪري رهيو آهي يا جيڪي خوبصورت خواب ڏيکاري رهيو آهي، انهن جي حاصلات لاءِ ابتدا ئي غلط طور طريقن سان ٿي رهي آهي! ڇا احتجاج جا سائنسي بنيادن تي ۽ نقصانن کان مٿانهان ٻيا ڪي طور طريقا بچيا ئي ناهن؟ شهر بند ڪرائڻ ۽ ڌرڻن هڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته اهڙا عمل ڪندڙ ڌر کي پنهنجي طاقت جو احساس اجاگر ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪنهن ڪاميابيءَ جو تاثر ڏسڻ ۾ ايندو هجي پر ان سڄي مشق دوران جيڪا عوام تي مصيبت وقت جي وڄ جيان ڪڙڪي ٿي ڇا ان کي ڪنهن حساب ڪتاب يا ليکي چوکي ۾ نه آڻجي؟

ڌرڻا سياست بلڪل تباهيءَ ۽ بربادي وارو رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ گذريل اڍائي مهينن کان عمران خان جهڙيءَ ريت روڊن رستن تي نڪتل آهي. ان مان لڳي ٿو ته اهو معاملو هاڻ جلد ڪنهن منطقي انجام طرف وڌندو! حڪومت ۽ عمران خان هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ جيڪي هٿ وڌا آهن، اُهي هاڻ اڃا وڌيڪ خطرناڪ نتيجن جي گواهي ڏئي رهيا آهن. عمران خان جو اُهو بيان ته آئون تنگ ٿي ويو آهيان جن خلاف ٽربيونل ۾ ڪيس پيا هلن اُهي اسٽي آرڊر پويان لڪي وڃن ٿا. پرويز رشيد جو وري چوڻ اهو آهي ته عدالتي ڪميشن لاءِ عمران پاڻ رڪاوٽ آهي. لاهور ۾ چار حياتيون عمران جي سياست جي ور چڙهيون آهن هو بني گالا مان نڪرندي لاشن تي قدم رکي ٿو. پلان سي لاشن جي سياست آهي. جنگين ۾ به ايمبولينسن تي حملا نه ٿيندا آهن. لاشن جو تحفو ڏيڻ عمران جي سياسي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ ان جي جارحاني رويي سبب بيگناهه شهري مري رهيا آهن ـ

پرويز رشيد جي اهڙي پريس پڌرائي کان هٽي ڪري پاڻ جيڪڏهن تحريڪ انصاف پاران شروع ڪيل احتجاج جي جوازن کي ڏسون ته اُهي بي سبب يا بيڪار نه ٿا لڳن، انهن ۾ دم آهي ۽ اُهي عام ماڻهو جي نمائندگي ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ هاڻ ڪنهن حد تائين چڙچڙا، جوشيلا، باغي ۽ ڪاوڙيل به ٿي ويا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن کي ان سطح تائين پهچڻ جو جواز ڪنهن پيدا ڪري ڏنو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته اها نواز حڪومت آهي جنهن جي مسلسل سستي، نااهلي ۽ لاپرواهي ماڻهن جي غصي کي سياسي طور اڀارڻ واسطي عمران خان کي ماحول ٺاهي ڏنو ـ

عمران خان موٽروي تي جڏهن تنقيد ڪري ٿو ته اهو ماڻهن کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ٺهيل موٽروي جا مثال ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هُتي اُهي اسڪيمون ڪيتريون سستيون ۽ سهنجون ٺهيون آهن ۽ اسان وٽ اُهي ڪيئن ٻيڻ ٽيڻ يا اڃا به چئوڻ تي ٺاهيون ويون آهن. عمران خان جا انگ اکر ۽ تنقيدي حوالا ماڻهن کي سوچ ويچار تي مجبور ڪن ٿا ۽ اهو ئي نقطو حڪمرانن کي پنهنجي پيرن هيٺان، ڌرتي کسڪڻ جا به اطلاع ڏئي ٿو. عمران خان کي پنهنجي مقصد ۽ منشور جي ڪاميابي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملين بابت جهڙي ريت واضح ايجنڊا ۽ رٿابندي خلق اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، هو ان ڏس ۾ اڃا تائين ڪا مؤثر ۽ واضح پاليسي پڌري نه ڪري سگهيو آهي. پڇڻ وارا اهو به پڇن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جون سموريون ڳالهيون مڃيون به وڃن ته ڇا ملڪ ۾ چونڊ سسٽم ۾ ڪو غريب غربو ۽ مسڪين ماڻهو اُميدوار بيهي ۽ اليڪشن وڙهي سگهندو؟ اسان وٽ صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي اُميدوار کي هر پولنگ تي ايجنٽ ڏيڻا ۽ ويهارڻا پوندا آهن، انهن جي چانهه پاڻي ۽ کاڌي پيتي کان خرچي پاڻي تائين يا ووٽرن کي ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ ۽ اليڪشن مهم کي اثرائتي بڻائڻ لاءِ جن ڪارنر گڏجاڻين، پمفليٽس، پينا فليڪس، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پروپئگنڊا ڪرڻ، ووٽر لسٽن جي هر علائقي ۾ رسائي، هر پاڙي ۽ محلي ۾ اليڪشني ڪئمپ قائم ڪرڻ توڙي عام ماڻهو تائين ووٽن جون پرچيون پهچائڻ اهو سڄو ڪم بهترين ٽيم کانسواءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ ان کان علاوه انهن سمورن مرحلن ۾ جنهن وڏي پئسي جي ضرورت هوندي آهي سو عام ماڻهو يا مڊل ڪلاسي جي وس کان چڙهيل آهي ـ

خبر آئي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏهه ارب روپين ۽ ٽن سالن جو عرصو گهربل آهي. 2018ع کان پهريان اليڪٽرانڪ ووٽنگ ممڪن ئي ناهي ۽ ايندڙ اليڪشن جا خرچا هڪ اندازي مطابق ويهه ارب روپيا ٻڌايا ٿا وڃن. مشينن جي خريداري تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ان شيءِ کي يقيني به بڻايو وڃي ته ماڻهو هڪ ووٽ کان وڌيڪ ڏيئي نه سگهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڻ وٽ ووٽ ڏيڻ جو جيڪو ۽ جهڙو رجحان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ان سڄي سرگرميءَ ۾ عام ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار آزادي جي حوالي سان بااختيار ئي ڪيترو هوندو آهي. اسان وٽ 60 کان 70 سيڪڙو ووٽ اڄ به يرغمال آهن. اُهي تر جي وڏيري راڄ جي چڱي مڙس يا قبيلي جي سردار توڙي مرشد جي مرضي سان ڏنا ويندا آهن سو سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته عمران خان جنهن نئين پاڪستان جو نعرو هڻي رهيو آهي اهو عملي طور تي عوام ڪڏهن ڏسي به سگهندو؟ سو اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن کي عوام دوست بڻائڻ لاءِ جن بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي انهن کي يقيني بڻايو وڃي. ڇو ته جيستائين ائين نه ٿو ٿئي، تيستائين اسلام آباد جي ايوان ۾ ايندڙ ۽ وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهندڙ هر حڪمران پنهنجي سسٽم جي هٿان مجبور آهي، جيستائين اهو سسٽم پنهنجي بُڻ بنياد ۾ ڪا نواڻ نه ٿو آڻي، تيستائين عوام دوست خواب فقط خواب ئي هوندا. اُهي حقيقت ۾ بدلجي نه سگهبا ـ

پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاهور ۾ شهرين ۽ واپارين کانسواءِ صحافين کي به ڪٽڪو چاڙهيو آهي، انهن تي پٿراءُ ڪيو آهي. اينڪر ثنا مرزا سان بدتميزي ٿي آهي. ان جو گهيراءُ ٿيو آهي ۽ ان خلاف اڻ وڻندڙ نعرا لڳا آهن جنهن جي ردعمل ۾ هوءَ رُني ۽ رڙي آهي. سهيل وڙائچ، امين حفيظ، احمد نواز ۽ جواد ملڪ سان به بدتميزيون ٿيون آهن. پي ايف يو ۽ ٻين صحافتي تنظيمن طرفان ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف احتجاج آڏو آيا آهن، سو غور طلب ڳالهه اها آهي ته هاڻ سان ئي عمران خان جا متوالا جيڪڏهن پنهنجي اهڙي مهانڊي سان آڏو اچڻ شروع ٿيا آهن ته اُهي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ته ليگين ۽ جيالن کي پٺ تي ڇڏي گوءِ کٽي ۽ ملهه ماري ويندا ـ

تنهن ڪري وقت جي اها ضرورت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي تشدد پسنديءَ واري پاسي کي نگاهه ۾ رکي، انهن جي ڪن مهٽ ڪري ته جيئن سندس ساک پت خراب نه ٿئي. ساڳئي وقت اها به ڇنڊڇاڻ ڪري ته ڪٿي انهن جي صفحن ۾ ڪن ٻين جا ڪانڍيل ماڻهو ته نه گهڙي آيا آهن! اُهي ننڍڙيون پر بنيادي ڳالهيون آهن جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي پارٽين ۾ ڊسيپلين نه هئڻ ڪري ڇڙواڳيون وڌنديون آهن ۽ ڇڙواڳ ماڻهو جيڪو ڪجهه ۽ جنهن رفتار سان ڪندا آهن تنهن سان قيادتن جا پٽڪا لهن يا نه پر ڌوڙ ضرور ٿيندا آهن. عمران خان کي لاهور ۾ جيڪا پذيرائي ملي آهي، اُها پذيرائي هن لاءِ غرور نه پر ڌيان، احتياط ۽ سنجيدگيءَ جو سنيهو ثابت ٿيڻ گهرجي. اهو لاهور جتي ماڊل ٽائون واري واقعي چوڏهن انسانن جون زندگيون ڳڙڪايون ۽ جنهن جي بنياد تي طاهر القادري ملڪي سطح تي شريف ڀائرن جو گهيرو تنگ ڪيو. ان لاهور ۾ عمران خان اڄ آزاد مست ۽ الست آهي. هن جا ڪارڪن اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا آهن. انهيءَ لاهور ۾ جڏهن معذور ماڻهن احتجاج ڪيو هو ته پوليس کين لٺيون هڻي ڀڄايو هو. انهيءَ لاهور جي رستن تي جڏهن نرسن احتجاج ڪيو هو ته ڪو انهن کان حال احوال وٺڻ نه آيو پر اڄ اهو لاهور جن چئن مريضن جا لاشا مٽي ۾ دفن ڪري رهيو آهي، تن جي موت جي ذميوارن خلاف ڪا ايف آءِ آر نه ڪٽي آهي. ناليواري کڻي نه پر نامعلوم ماڻهن خلاف ئي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ها پر هنن سٽن لکجڻ تائين اهڙي ڪنهن به ڪيس داخل ٿيڻ جو اطلاع نه آيو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ جيڪو جيترو ڏاڍو آهي حڪومت ان آڏو اوتري بيوس آهي جيڪو جيتري قانوني ڀڃڪڙين جي طاقت رکي ٿو. قانون ان کي اوتري ئي ڇوٽ ڏئي ٿو. احتجاج، ڌرڻا، هڙتالون انهن سمورن عملن ماڻهن جي رت ۾ رات ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري عوام کي بيزار ڪرڻ وارن عملن کان بچڻ جي ضرورت آهي ۽ جدوجهد جا ڪي اهڙا نت نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، جن سان ماڻهن جي دلچسپي، شوق ۽ اتساهه وڌي. عمران خان جيترو زور ڌرڻن ۽ شهرن بند ڪرائڻ تي ڏنو اوترو زور پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت، علمي ۽ اخلاقي بلندين تي ڏي ها ته اڄ صورتحال ڪا ٻي هجي ها!ـ

تحريڪ انصاف چاهي ته هر شهر ۾ وڏا وڏا تعليمي ۽ تربيتي توڙي فڪر انگيز پروگرام ڪرائي سگهي ٿي، جنهن سان ماڻهن ۾ سياست کان بيزاري وارو تاثر ختم ٿئي ۽ عام ماڻهو نظرياتي هٿيار سان اڳتي وڌي. تحريڪ انصاف رعايتي ڪتابي ميلن ذريعي سياست جي افق تي ڪا نئين نواڻ متعارف ڪرائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف هر علائقي ۾ اتان جي ضرورتن آڌار تي ڪي فلاح بهبود جا پروجيڪٽس به هلائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف بدعنوانين، بدانتظامين جا سمورا رڪارڊ مقامي سطح تي منظرعام تي آڻي سگهي ٿي. اها نوجوانن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته ادارن ۾ ڪيتريون نوڪريون ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت وڪرو ڪيون وڃن ٿيون؟ ادارا ڪيئن ڀڙڀانگ ٿين ٿا ٺيڪن ۾ ڪنهن جا ڀڀ ڪيئن ڀرجن ٿا؟ ترقي جي آڙ ۾ خلق جا ڪيئن ترا ڪڍيا وڃن ٿا؟ تحريڪ انصاف هر ضلعي ۾ ڏهن کان پندرهن ٽيمون جوڙي هنن کي سوشل ميڊيا جي سمورن ذريعن سان ڳنڍي اهڙو ته متحرڪ ڪري سگهي ٿي، جو اُهي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ادارن جي هر چرپر جو ڀانڊو ڦاڙي سگهن ٿا! تحريڪ انصاف تعلقي سطح تي لائبريرين جو ڄار وڇائي، عام پڙهندڙن جو ڌيان ۽ همدرديون حاصل ڪري سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته اهي ڳالهيون عمران جي ايجنڊائن ۾ به شامل آهن؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو