Saturday 22 November 2014

شرميلا فاروقي

                                   : سنڌ فيسٽيول
     ماضي ۽  مستقبل جي تحفظ جي جنگ
                          خميس 30جنوري 2014ع


سنڌ فيسٽيول پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي گڏيل اعليٰ دور ۽ پنهنجي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ جي هڪ جنگ آهي. جيڪا امن، محبت ۽ يگانيت جي هٿيار سان وڙهي ويندي. اها انهن قوتن خلاف جنگ آهي، جيڪا نه صرف سنڌ بلڪه پاڪستان جي سمورن علائقن يعني سنڌ جي تهذيب سان برسرِ پيڪار آهي ۽ اسان جي تاريخ کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سنڌ فيسٽيول هڪ مشن آهي، جنهن جو مقصد هڪ عظيم تهذيب جي وارث قوم کي اهو احساس ڏيارڻ آهي، ته ان جي تهذيب جو ڳاڻيٽو دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان ٿئي ٿو ۽ ان کي دنيا ۾ اهو مقام حاصل ڪرڻو آهي، جيڪو دنيا جي قديم تهذيب جي وارث قومن جو استحقاق آهي. سنڌ فيسٽيول پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو آئيڊيا آهي. اهو آئيڊيا ان جي ذهن ۾ ڪو ساڍا ٽي مهينا اڳ ان وقت آيو، جڏهن هن موهن جي دڙي جي سائيٽ جو دورو ڪيو. هن کي اهو ڏسي تمام گهڻو ڏُک ٿيو ته، موهن جي دڙي جا تاريخي آثار تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيا آهن، حالانڪه موهن جي دڙي جي سائيٽ صرف اسان جو قومي ثقافتي ورثو ئي ناهي، بلڪه اقوامِ متحده جي تنظيم يونيسڪو ان کي عالمي ورثو قرار ڏنو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته، جيڪڏهن موهن جو دڙو جا آثار محفوظ نه ڪيا ويا، ته 20 سال ۾ اسان انهن کي وڃائي ويهنداسين. موسمي اثرن جو انهن تي تمام وڏو اثر پئجي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري موهن جي دڙي جي سائيٽ تي بيهي اهو فيصلو ڪيو، ته نه صرف موهن جو دڙو بلڪه پنهنجن سمورن تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کي تحفظ ڏيڻ گهرجي. اُتان کان سنڌ فيسٽيول جي آئيڊيا تي ڪم شروع ٿيو. هن فيسٽيول جو بنيادي مقصد هِي آهي ته، قديم ورثي جي تحفظ لاءِ فنڊز گڏ ڪيا وڃن ۽ دُنيا کي ان ڪم ۾ شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ پاڪستاني معاشري مان ان جي بيگانگي کي ختم ڪيو وڃي، جيڪو پنهنجي سُڃاڻپ سان ماڻهن کي پري ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو فائدو انتهاپسند قوتون کڻي رهيون آهن.
سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب پهرين فيبروري 2014ع تي منعقد ٿي رهي آهي، هتي افتتاحي تقريب ان لاءِ رکي وئي آهي ته، ماڻهن کي موهن جي دڙي جي عظمت سان روشناس ڪرائي سگهجي ۽ کين ڏيکاريو وڃي ته، هتي هڪ اهڙو شهر آباد هو، جيڪو اڄ جي ڪنهن به جديد شهر کان گهٽ نه هو. افتتاحي تقريب ۾ گذريل پنج هزار سالن ۾ پهريون ڀيرو موهن جو دڙو يعني ”مُردن جي شهر“ کي هڪ زندهه شهر طور ڏيکاريو ويندو. هتي افتتاحي تقريب جي انعقاد جو اهو مقصد به آهي ته، اڄ جي نسل کي اهو معلوم ٿي وڃي ته، اسان دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهيون ۽ 5 هزار سال پهرين اسان جو شمار ان وقت جي مهذب قومن ۾ سرِفهرست هوندو هو. اسان جي تاريخ کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪڏهن ضياءُ الحق جهڙن ماڻهن اسلامائيزيشن جي نالي تي اسان جي سُڃاڻپ کي ڦِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪڏهن انتهاپسندن اسان جي ماضيءَ سان اسان جي رشتي کي ختم ڪري اسان تي عربن جي تهذيب مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪڏهن مغرب زنده ماڻهن ثقافتي احساسِ ڪمتري ۾ مغرب جي تهذيبي يلغار اڳيان اسان کي هٿيار ڦٽو ڪرڻ جي تلقين ڪئي. اسان کي اڄ جي نسلن کي اهو ٻڌائڻو آهي ته، واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت دنيا تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي ۽ اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ گهرجي. مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙن، مختلف زبانون ڳالهائيندڙن ۽ مختلف نسلن جا ماڻهو هزارين سالن کان هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان گڏ زندگي گذاريندا رهيا آهن، هنن اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ڪئي آهي، جنهن تي انساني تاريخ فخر ڪري ٿي. هڪ منصوبابنديءَ تحت ماڻهن مان پنهنجي سڃاڻپ کان بيگانگي پيدا ڪئي ۽ پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي کان پري ڪيو ويو. ان بيگانگي ۽ لاتعلقيءَ دهشتگردن ۽ انتهاپسندن لاءِ جاءِ پيدا ڪئي. سنڌ فيسٽيول کي وسيع تر تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. هن فيسٽيول جو مقصد نه صرف پنهنجي ورثي کي محفوظ بڻائڻ آهي، بلڪه پنهنجي مستقبل کي به محفوظ بڻائڻ آهي.
سنڌ ۾ موهن جي دڙي سان گڏوگڏ مڪلي، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي ۽ ٻيا ڪيترائي تاريخي آثار اهڙا آهن، جن کي فوري طور تي تباهه ٿيڻ کان بچائڻو آهي. 18هين آئيني ترميم کان پوءِ سنڌ کي 130 تاريخي سائيٽس منتقل ٿي ويون آهن، جيڪي 18هين ترميم کان اڳ وفاق وٽ هيون ۽ جن جي تحفظ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا هئا. پنهنجي ان تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ لاءِ اسان کي خطير رقم جي ضرورت پوندي. جيڪا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت گڏجي به فراهم نٿيون ڪري سگهن. يونيسڪو موهن جي دڙي جي تحفظ لاءِ جيڪا رٿا ڏني آهي، جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي، ته اربين روپين جي رقم گھربي. هيريٽيج فائونڊيشن جي مڪلي قبرستان جي هڪ مقبري کي محفوظ بڻائڻ جو ڪاٿو ست هزار ڊالر لڳايو آهي، اهڙي نموني سموري سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي، ته اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته، ان لاءِ ڪيتري فنڊ جي ضرورت پوندي. سنڌ فيسٽيول ان مقصد لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي هڪ مهم به آهي. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ان مهم تي نه فقط پاڪستان پر پوري دنيا مان هاڪاري موٽ ملي آهي. ملڪي ۽ بين الاقومي ادارن ۽ اهم شخصيتن اسان جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ واري ڪم ۾ زبردست دلچسپي ورتي آهي. انهن افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي ته، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري اها رقم سنڌ فيسٽيول ۾ لڳائي پئي وڃي. حقيقت اها آهي ته، ثقافت کاتي سنڌ وٽ 25 ڪروڙ روپين جا الوڪيشن هئا، جن مان سنڌ فيسٽيول جو افتتاحي خرچ ڪيو پيو وڃي  ۽ اها رقم ان کان پوءِ سنڌ حڪومت کي واپس ڪئي ويندي، ڇو ته اسان سنڌ فيسٽيول جي مختلف پروگرامن لاءِ سهائتا حاصل ڪئي آهي. مختلف شين جي برانڊنگ ڪئي ويندي ۽ مختلف ايوينٽس جون ٽڪيٽون وڪرو ڪيون وينديون. ان علائقائي ٽي وي چينلز کي ڪوريج جا رائٽس ورڪرو ڪيا ويا آهن. اهڙي طريقي سان فنڊ حاصل ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت کي خرچ ڪيل رقم واپس ڪئي ويندي. ان کان علاوه سئو رپين وارا هيريٽيج ڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويندا، جيڪي پوري پاڪستان ۾ وڪرو ڪيا ويندا. انهن ذريعن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ سان هڪ ٽرسٽ ٺاهيو ويندو، آئنده اهو ٽرسٽ تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڻ رقم فراهم ڪندو. حڪومت کي ان حوالي سان ڪا به بجيٽ مختص نه ڪرڻي پوندي. ٽرسٽ مستقل بنيادن تي ڪم ڪندو رهندو ۽ فنڊ جمع ڪرڻ لاءِ پنهنجا پروگرام جوڙڻ ۾ آزاد هوندو. سنڌ فيسٽول هڪ اهڙو خيال آهي، جيڪو ماضيءَ جي ورثي جي تحفظ سان گڏوگڏ ان خال کي به ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو ماڻهن جي حال ۽ ماضيءَ جي وچ ۾ ٽوڙي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي انتها پسند قوتن ڀريو آهي. هِي فيسٽيول سنڌ جي ماڻهن جي حال ۽ مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به آئيڊيل آهي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو