نون صوبن جي مطالبي پٺيان
ڪهڙي سازش آهي؟
اربع 24 سيپٽمبر 2014ع
ڪهڙي سازش آهي؟
اربع 24 سيپٽمبر 2014ع
هن وقت جڏهن ملڪ ۾ سياسي ٻائيتال متل آهي، اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن جو چاليهو به ٿي ويو آهي ۽ اڃا تائين هڪ غير يقيني صورتحال قائم آهي، تڏهن ايم ڪيو ايم طرفان سڄي ملڪ سميت سنڌ کي به انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي مطالبي ڪيترائي سوال ۽ انومان اٿاريا آهن. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا سنڌ ۾ مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبي ٺاهڻ جو مطالبو ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. ايم ڪيو ايم طرفان هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو اهو مطالبو ظاهري طور نه، ته به اشارن ۽ ڪناين ۾ ورجايو ويندو آهي يا وري ڪڏهن ڌمڪي طور اها ڳالهه ڪئي ويندي آهي، ۽ پوءِ ڪانه ڪا فرمائش پوري ڪرائي ويندي آهي.
گذريل سال به الطاف حسين پنهنجن ڪارڪنن کي خطاب ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ الڳ صوبي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان جي ردِعمل ۾ سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ قومپرست تنظيمن جڏهن سخت احتجاج ڪندي هڙتال جو اعلان ڪيو هو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالهه جون وضاحتون ۽ صفايون پيش ڪرڻ لڳي. ان جا اڳواڻ وسيم اختر، ڪنور نويد جميل ۽ زبير احمد ارباب غلام رحيم کي ساڻ ڪري حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي آفيس ۾ آيا. هنن اياز لطيف پليجي سان ملي يقين ڏياريو هو ته ايم ڪيو ايم جو سنڌ ۾ الڳ صوبي ٺاهڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي. عوامي تحريڪ طرفان هڙتال جي سڏ واپس وٺڻ سبب ان تي تنقيد به ٿي هئي.
هاڻي اوچتو اهو ساڳيو راڳ ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، پر نئين انداز ۾. گذريل ڇنڇر يعني 20 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ الطاف حسين جي سالگرهه ملهائي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن سنڌ بابت حيرت انگيز ۽ متضاد ڳالهيون ڪيون. هڪ طرف هن اهو چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ڪڏهن به ورهائڻ نه چاهيو آهي، پر ساڳئي وقت اهو به چيائين ته نوان صوبا ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي. وري اهو به ته ”سنڌ سميت ملڪ جي ٽنهي صوبن کي ورهائي نوان صوبا ٺاهيا وڃن، ٻي حالت ۾ ڪوبه نئون صوبو ٺاهڻ نه کپي“. اتي ئي هن سنڌ کي چئن صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه به ڪري ڇڏي. اهي چار صوبا اتر سنڌ، ڏکڻ سنڌ، سينٽرل يا اولهه سنڌ ۽ اوڀر سنڌ هجڻ کپن ۽ سنڌي ماڻهن جي انديشن کي دور ڪرڻ لاءِ سنڌ جو نالو نه بدلايو وڃي. اهي چار صوبا رڳو ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ سان ٺهندا. سنڌي ماڻهن جي راءِ يا مرضيءَ جو ان ۾ ڪوبه عمل دخل نه هوندو!
سوال هي آهي ته هن وقت ملڪ جي جيڪا سياسي صورتحال آهي، ان ۾ چئني صوبن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ جي پويان اصل مقصد ڪهڙو آهي؟ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي صوبن کي ٽوڙي وڌيڪ نوان صوبا ٺاهڻ ڪا ايتري سولي ڳالهه ناهي. ان ۾ آئيني طور ايتريون رڪاوٽون آهن، جو اها ڳالهه مختلف مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ئي عمل ۾ اچي سگهي ٿي. اول ته موجوده چئني صوبن مان ڪوبه ان ڳالهه لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ نه ڪنهن صوبي جي اسيمبلي اهڙي منظوري ڏيندي، جيڪا ڳالهه آئين ۾ بنيادي شرط طور درج آهي. ڇا ايم ڪيو ايم چئني صوبن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري، ان جي آڙ ۾ سڄو زور سنڌ کي ٽوڙي ٽڪرن ۾ ورهائڻ تي لڳائڻ ٿي چاهي؟ پر حقيقت اها آهي ته ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ عام سنڌي ماڻهن جو سنڌ سان لڳاءُ ۽ پيار سڀني کان وڌيڪ آهي. اهي سنڌ کي ورهائڻ جي سلسلي ۾ نهايت حساس آهن. ون يونٽ جي خلاف به وڌ ۾ وڌ تحريڪ سنڌ ۾ هلي هئي. هن وقت به سنڌي ماڻهن جي سياسي وابستگي قوم پرست جماعتن سان هجي يا پيپلز پارٽي سان، پر اهي سنڌ کي ورهائڻ واري ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ۾ شامل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ڀائيوار آهن. ڪيترن سالن کان وٺي سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو آهي، پر ان کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ کپي.
ايم ڪيو ايم وارا ان ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌ کي ورهائڻ وارو مطالبو باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي. 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي مهاجر- سنڌي فساد ٿيا، تن ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي خاندان دربدر ٿي ويا. ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري وري سنڌ ۾ خوني فساد جو هڪ نئون دور شروع ڪرڻ چاهي ٿي؟ ايم ڪيو ايم جي ان اوچتي تازي شوشي جي پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، تن بابت ڪيتريون ئي Conspiracy theories (سازشي انومان) آهن.
(1) ايم ڪيو ايم جي اندر تنظيمي بحران. (2) نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي موجوده سياسي صورتحال ۾ بليڪ ميل ڪرڻ. (3) لنڊن گيٽ سازش جي مهندار مولانا طاهر القادري جي مطالبن جي حمايت ڪرڻ، (اڃا ڪالهه ئي الطاف حسين پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽس جي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي). (4) ملڪ ۾ موجوده جمهوري سيٽ اپ جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ به افراتفري پيدا ڪرڻ. (5) سنڌ جي قومپرست ڌرين توڙي عام سنڌي ماڻهن جي جذبات کي ڀڙڪائي، فساد ۽ رتوڇاڻ ڪرائي مهاجر صوبي جو جواز پيدا ڪرڻ.
ڊپ اهو آهي ته سنڌي قومپرست ڌريون ڪٿي غير شوري طور انهن سازشن ۾ استعمال نه ٿي وڃن ۽ نتيجي طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو اجايو نقصان ڪرائي ويهي رهن. ان ڪري سنڌي دانشورن توڙي سياسي ڌرين کي جذباتيت ۾ اچي جهيڙي وڌائڻ بدران تحمل، بردباري ۽ خبرداري سان صورتحال تي نظر رکي پوءِ ڪنهن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو