Saturday, 22 November 2014

سهيل ميمڻ

                   شهري سهولتن لاءِ ذميوار
             ادارن جي نااهلي
                     سومر 13 جنوري 2014ع


دنيا ۾ معاشرو ترقي يافته هجي، ترقي پذير هجي يا ترقيءَ کان وانجهيل هجي. ميونسپالٽيءَ جو ادارو هر معاشري ۾ تهذيب يعني رهڻي ڪهڻيءَ جو ذميوار هوندو آهي. جيئن ڪنهن گهر جي صفائي ٿيل نه هوندي، ته ان مان ان گهر وارن جي ’افعالن‘ جي خبر پوندي آهي. ائين ئي ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي صفائي نه هوندي، ته ان ڳوٺ ۽ شهر جي ميونسپالٽيءَ جي عملدارن جي افعالن جي خبر پوندي آهي. اسان جو هر ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي ڏيک جي حساب سان، ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي مهمان کي ڏيکارڻ جي قابل ناهي. گٽر کُليل، گندگيءَ جا ڍيرَ، بدبودار پاڻيءَ جا تلاءُ، مکين ۽ مڇرن جا آزار، گهٽيون، روڊ رستا، انڪروچمينٽ جي وَر چڙهيل، چڱن ڀلن پاڙن ۾ مينهن جا واڙا، انسان ۽ جانور گڏ پيا رهن. رولو ڪُتا ٻارڙن کي پيا پَٽيندا وتن، ان جي ڀيٽ ۾ هر ميونسپالٽيءَ جا ڪروڙين رپين جا ساليانا بجيٽ ۽ صفائي عملي جي ڀرتي ٿيل نفري، اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب جمعي 10 جنوريءَ جي ڪاوش ۾ سکر جي ڪمشنر سکر ڊويزن جي چار ضلعن جي ميونسپل عملدارن سان گڏجاڻيءَ ۾ ڏنو آهي. 
سکر جي ڪمشنر سکر ضلعي جي چار ضلعن سکر، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ گهوٽڪيءَ جي ميونسپل عملدارن جي گڏجاڻيءَ ۾ چيو آهي ته، اها حد ٿي وئي آهي جو قبرستانن ۽ اسڪولن ۾ گندو پاڻي بيٺو آهي. هن ان کي ”ظلم“ سڏي چيو آهي ته، اهو ظلم حدون اورانگهي ويو آهي. هن واضح چيو ته، ستر لک سکر واسي ڪامورن کي چور سمجهي پِٽين ٿا.....سکر جو ڪمشنر حقيقت پسند ماڻهو ٿو ڏسجي، ان ڪري ڪو حڪم جاري ڪرڻ بجاءِ هن انهن ميونسپل عملدارن کي درخواست واري انداز ۾ چيو آهي ته، توهان پنج لک ’ڪمائيءَ‘ کي گهٽائي ٻه لک ڪريو ۽ باقي 3 لک جا ڪم ڪرايو. ڪمشنر صاحب انهن ميونسپل عملدارن جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي سوال ڪيو ته، جيڪڏهن توهان جو پنهنجو ٻچو رولو ڪتا چَڪيندا وتن، ته توهان جي ڪهڙي حالت هوندي؟! حقيقت اها آهي ته، ڪمشنر سکر سنڌ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ کاتي لوڪل باڊيز جي بلڪل صحيح منظر ڪشي ڪئي آهي. قبرستان، اسڪول، روڊ رستا ۽ گهٽيون گندي بدبودار پاڻيءَ سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ ’سينگاريل‘ آهن. ننڍڙا معصوم ٻار ڪنهن نه ڪنهن شهر جي گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيڻ جون خبرون به عام آهن ۽ جي اُهي گٽرن کان بچن ٿا، ته رولو ڪُتن جي حوالي ٿين ٿا.
ٻار قومن جو مستقبل ٿين ٿا، اسين پنهنجي ٻارڙن کي ڪُتن آڏو نِڌڻڪو ڇڏي ڏيون ٿا. جڏهن ته برطانيا جي ٻِي عالمي جنگ ۾ جڏهن هٽلر پيرس فتح ڪري انگلش چينل پار ڪري لنڊن فتح ڪرڻ لاءِ شهر تي بم اُڇلرائي رهيو هو ته، برطانوي وزير اعظم پهريون ڪم اهو ڪيو هو جو سڄي لنڊن جا ٻار، برطانيا جي ڳوٺن ڏانهن موڪليا هئا، ته جيئن اسان جو مستقبل محفوظ رهي! ميونسپالٽيءَ ۾ صفائي عملي جي نفري ڀرتي ته ٿيل آهي، پر صرف پگهار کڻڻ لاءِ....! رشوت ايتري عام جام آهي جو، 50 لکن جي بجيٽ واري رستي تي پنج لک به خرچ نه پيا ٿين. 45 لک سڌا سنوان عملدارن، ٺيڪيدارن، سياسي ڀوتارن ۽ انهن جي واٺن جي نذر ٿيو وڃن !. ترقي يافته ملڪن ۾ انساني رهڻي ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي بهترين وهنوار لاءِ چار کاتا انتهائي اهم تصور ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ مڪاني ادارن يا ميونسپالٽيءَ جو ڪم اهو هوندو آهي، ته اهي شهر جي هر هڪ رستي، گهٽي ۽ ديوار توڙي هڪ هڪ سِرَ جي ائين حفاظت ڪن، جيئن ماڻهو پنهنجي گهر جي ڪندو آهي. ٻيو اهم ادارو تعليم جو آهي، تمام بهترين پگهارون ۽ تمام گهٽ وقت نوڪريءَ وارن هزارن نه پر لکين ’ماسترن‘ جي هوندي به سنڌ جي تعليم تباهه آهي! سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ وارا اُستاد، پنهنجن ٻارن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿا پڙهائين، ته هزارين ماستر ۽ ماسترياڻيون بنا نوڪريءَ جي پگهارون کڻن ٿا، مان ذاتي طور ڪيترن اهڙن همراهن کان واقف آهيان، جيڪي ڏهه ڏهه سالن کان اُستادن واري پگهار ته کڻن ٿا پر هڪ ڏينهن به هنن اسڪول جو منهن نه ڏٺو آهي!
ٽيون اهم کاتو صحت آهي. هيپاٽائيٽس جي ور چڙهي ويل سنڌ ۾، وڏين ته ڇڏيو ننڍين بيمارين جو به علاج سرڪاري اسپتالن ۾ ممڪن ناهي، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پهتل صحافي شان ڏهر جو موت به هڪ تازو مثال آهي. رات جو اسپتال آندل شان صبح جو گذاري ويو، رات جو هڪ ڊاڪٽر به وٽس نه پهتو ۽ نرسز ۽ ميڊيڪل ٽيڪنيشن اُن جي وس آهر مدد ڪندا رهيا. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ڊاڪٽرن سان ڀريل لاڙڪاڻو، ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي اسپتال، مريض به ملڪ جي هڪ وڏي چينل جو نالي وارو صحافي، پر پوءِ به ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تان غائب ۽ سڄي رات نه پهتا، نه ميڊيا ۾ خبر اچڻ جو خوف، نه ڪنهن پُڇاڻي جي پرواهه، جڏهن اهڙن شهرن ۽ اهڙن ماڻهن سان زندگي ۽ موت جي مسئلي ۾ ئي اهڙو حشر آهي، ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، باقي شهرن ۾ عام ماڻهن سان صحت کاتي جي اسپتالن ۾ ڪهڙو حشر هوندو. چوٿون کاتو امن امان قائم ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ پوليس مُک ادارو آهي، روزانو اغوائن ۽ ڌاڙن جون خبرون پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، سنڌ ۾ ڪيترو امن امان آهي. وزير اعليٰ سنڌ جو ضلعو، اغوائن جي تعداد جي حوالي سان ڪيترن سالن کان پهريون نمبر آهي. مطلب ته مڪاني ادارن، صحت، تعليم ۽ پوليس، معاشري ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ڪرنگهيءَ جي هڏي سمجهيو ويندڙ ادارا، رشوت، اقربا پروري ۽ سنگدليءَ ۾ ايترو وڌي ويا آهن، جو ڪمشنر سکر کي ان عمل لاءِ لفظ ”ظلم“ استعمال ڪرڻو پيو آهي ۽ واقعي به انهن کاتن جا وس وارا قوم تي، قوم جي ٻچن تي ”ظلم“ ئي ڪري رهيا آهن ۽ انهن ظالمن تي ڪو هٿ ان لاءِ نه ٿو وجهي سگهي، ته ڪنهن ميونسپالٽي عملدار، ڪنهن ماستر، ڪنهن ڊاڪٽر ۽ ڪنهن پوليس جي صوبيدار جي پٺيان ڪو ڀوتار ڪو سياستدان يا ان جو واٺو ٽيڪ بڻيو بيٺو آهي، اها ٽيڪ ڳري رشوت يا ووٽ وٺڻ عيوض فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ اهڙن آفيسرن کي کُليو ڇڏيو ٿو وڃي، ته ڀلي وڃي ڀِينگَ ڪريو ۽ اها ڀِينگَ في الحال بند ٿيندي نظر نه پئي اچي!.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو