Monday 15 December 2014

امر سنڌو

طاقتورن ڌريون ۽ انساني 
حقن جو عالميمنشور!

جمع 10 ڊسمبر 2004ع
اهو خاڪي ورديءَ جو کاٻي پاسي وارو کيسو ڏيکاريل آهي، جنهن مان ٻن آڱرين کيهڪ ڪرسي کيسي مان ڪڍندي يا شايد کيسي ۾ وجهندي ڏيکاري وئي آهي. اها عوام جينمائندي، سياستدان کان زوري کسيل ڪرسي آهي يا اقتدار پنهنجي کيسي ۾ رکڻ جي نشاندهيڪندڙ علامتي ڪرسي آهي. خير اهو مامرو به عام ماڻهوءَ جي فهم تي ڇڏيون ٿا ته اهو انتصوير کي ڪهڙي معنيٰ ۽ مفهوم سان ڏسي ٿو. اهو واضح ڪندو هلجي ته اها معنيٰ خيزمفهوم رکندڙ تصوير انساني حقن واري پاڪستان ڪميشن HRCP جي 2003ع جي ٽائيٽلپني تي ڇپيل آهي. ٽائيٽل جي وضاحت جيڪا اندرئين پني تي ڏنل آهي، سا عام پڙهندڙ لاءِناهي، اهي لفظ اچارڻ تي، مٿن ڪا به آفت نازل ٿي سگهي ٿي ـ

انساني حقن جو ذڪر، اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان، اڄوڪو ڏينهن يعني 10ڊسمبر عالمي ڪلينڊر ۾ ”انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي“ طور ملهايو وڃي ٿو. دنيا جا سڀئيترقي يافته، ترقي پذير توڙي ترقي جي ڊوڙ ۾ ساڪن بيٺل اهي سڀئي ملڪ ٻي عالمي جنگجي خاتمي تي تشڪيل ڏنل 1948ع ۾ گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبليءَ ۾ طئي ڪيلانساني حقن جي عالمي منشور تي صحيح ڪري چڪا آهن. انهن سڀني ملڪن جي سرڪاريڪلينڊر ۾ پڻ 10 ڊسمبر انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي حيثيت رکي ٿو. ”انساني حق نيٺبه ڇا ٿيندا آهن؟“ ان تي اچون، ان کان پهرين ٿورو تفصيل گڏيل قومن جي ”انساني حقن جيعالمي منشور“ جو سندن ئي سرڪاري/دفتري ٻولي ۾ ڪنداسون. ”انساني حقن جي عالمياصولن تي ٻڌل هي آئين، منشور ملڪن، قومن ۽ تهذيبن جي اخلاقي واڌ ويجهه ۽ ترقي کيجانچڻ ۽ ماپڻ لاءِ هڪ عالمي معيار جي حيثيت رکندڙ آهي ـ

گڏيل قومن واري اداري U.N جي ٻولي ۾ ڪجهه هن ريت سمجهائي سگهجي ٿوته، ”گڏيل قومن پاران دنيا جي مختلف ملڪن تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته اهي پنهنجي رياستاندر انساني حقن جي صورتحال کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجا رياستي/ملڪي قانون انساني حقن تيآڌاريل هئڻ کي پڻ يقيني بنائين ـ

پاڪستان جي انساني حقن واري ڇپيل 2003ع واري رپورٽ کي کوليو، پنجينصفحي کان ستين صفحي تائين ڏنل سب هيڊنگس واريون سڀ سرخيون پڙهو ۽ پوءِ ڪتاب ڦٽوڪري ڇڏيو. 2004ع جي ايندڙ رپورٽ سان ڀيٽجو ته لڳ ڀڳ اهي ئي خبرون، اهي اوڀاريونلهواريون، قانون شڪني وارا انڪشاف هوندا. رڳو اسان جي وطن ۾ ئي نه، پر غور ڪريوته، 1948ع کان اڄ تائين انساني حقن جو عالمي منظر تبديل ناهي ٿيو ۽ ٻئي طرف ڏسو تهسڄي دنيا جي اڪثريت انساني حقن جي آگاهي جو درس وٺندي به ان کان محروم آهي. هاڻي10 ڊسمبر انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي شڪل ۾ رڳو نيويارڪ، واشنگٽن، لنڊن، ٽورنٽو۽ ٻين ترقي يافته سماجن جي نمائندگي ڪندڙ وڏن شهرن ۾ ئي نه، پر اهو بکايل، ڏڪاريل،ڌڪاريل ۽ خانه جنگي جي باهه ۾ جلندڙ آفريڪي ملڪن، بک، بيماري، مطلوق العنانبادشاهتن ۽ فوجي آپيشاهي جي قبضه گيري جي شڪار ايشيائي ملڪن ۾ ويندي سنڌ جي بنياديانساني سهولتن کان وانجهيل واهي پانڌي کان کور واهه تائين جهڙن ڳوٺن/واهڻن ۾ به ملهائجڻلڳو آهي. ان باوجود به دنيا جي نقشي تي نظر ڦيرائجي ته انساني حقن جي لتاڙ عالمي اسڪيلتي اڳي کان به اڳڀري آهي. ”ائين ڇو آهي؟“ بيشڪ اهو بنيادي سوال ڏاڍو ننڍڙو آهي، پرجيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن تي ڪي پل ان سوال تي سوچڻ ۾ خرچ ڪجن ته ان Myth جو ٽوڙڳولهي سگهجي ٿو، جنهن سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي راند پويان هڪ وڏي منافع بخش گيمکيڏي آهي. انساني تاريخ جي هن ترقي يافته منزل تي به انساني حقن جي تحريڪ ڇو ناڪامآهي؟ جيڪڏهن ان ئي سوال کان پيرا کڻجن ته ممڪن آهي ته اسان انساني حقن جي عالمياداري جي بنيادي فلسفي ۽ ڪردار تي اهو سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃون ته، ڇا اهو ادارو واقعيبه اهڙي حقيقي طاقت رکندڙ آهي، جيڪا فقط ۽ فقط انساني حقن سان مشروط آهي يا ماڳهينانساني حقن جي نالي ۾ اهو ادارو دراصل اهڙين طاقتن لاءِ جاءِ پناهه آهي، جيڪي انسانيسماج لاءِ ناسور بڻيل آهن. گهڻو پري نٿا هلون، فقط روبينه سهگل جي هڪ مقالي، ”انسانيحقن جي تحريڪ، هڪ تنقيدي جائزو“ جا ڪجهه حوالا ٿا پڙهون. ياد رهي ته روبينه سهگلسامراج مخالف فڪر رکندڙ فيمنسٽ آهي، جنهن خود 1996ع ۾ ٻن غير سرڪاري تنظيمنسان گڏجي ”انساني حقن“ جي مامرن تي ڪم ڪيو. ان ئي ”انساني حقن جي تعليم“ جيپروجيڪٽ تي ڪم ڪندي کيس انساني حقن جي موضوع تي هڪ تربيتي ڪورس لاءِڪينيڊا وڃڻو پيو ۽ اهي انساني حقن جي موضوع تي ٿيندڙ تربيتي ڪورس جا ٽي هفتا ئي هئا،جن نه رڳو روبينه سهگل کي هن مقالي لکڻ لاءِ اتساهيو، پر گڏو گڏ کيس ان ڳالهه جو پڻشعور بخشيو ته دراصل ٽئين دنيا جي ماڻهن کي انساني حقن جي تربيت ڏيڻ واري فلسفي جيڳنڍ کولي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته دنيا جي سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن وٽ پنهنجي تهذيبجي برتري جو نه رڳو فخر آهي، پر کين انساني حقن جي حوالي سان پنهنجي ”Civilized“هئڻ جو ڪوڙو شعور پڻ آهي. گڏو گڏ ان تربيتي ڪورس کيس اهو شعور پڻ ڏنو ته دراصلانساني حقن واري تحريڪ ڪنهن به غير منصفاڻي ۽ استحصالي نظام کي ڏسڻ ۽ پرکڻ وارينظر ۽ شعور کان وانجهيل آهي. ٽئين دنيا ۽ غير ترقي يافته، سياسي ۽ سماجي طور پوئتي پيلملڪن بابت انساني حقن جي تحريڪ جو نظريو اهو آهي ته ٽئين دنيا جي سڀني غير ترقي يافتهسياسي ۽ سماجي طور پوئتي پيل ملڪن ۾ انساني حقن جي پائمالي جو گراف چڙهيل آهي،جڏهن ته ترقي يافته ملڪ سڌريل سماج جو ڏيک ڏيندڙ ملڪن ۾ انساني حقن جي لتاڙ انتهائيغير رواجي آهي. روبينه سهگل اتي سوال اٿاريو ته، ”گذريل ٻن صدين ۾ انساني حقن جونشديد ۽ سڀ کان سنگين خلاف ورزيون آفريقه، ايشيا يا لاطيني آمريڪا ۾ ته نه ٿيون آهن، پراوڻويهين صدي ۾ برطانيه، فرانس ۽ پرتگال جي حڪمرانن سڄي دنيا جي گولي تي سامراجيحڪمرانن جي صورت ۾ مقامي ماڻهن سان ڪهڙيون نه ويڌنون ڪيون، خود آمريڪا ڪارنجي رت ۽ پگهر جي پيڙهه تي بيٺل آهي. ڪينڊا ۾ پڻ گورا گذريل صدين کان اڄ تائين ڏيهيماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪري ويٺل آهن ۽ ڪينڊا ۾ جڏهن ماڻهن احتجاج ڪيو ته انسانيحقن جي علمبردار حڪومت انهن خلاف فوج جو استعمال ڪيو. ويهين صدي ۾ انهن آمريڪا،فلپائن، ايران، نڪارا گوا ۽ ٻين ملڪن ۾ انساني آزادين جي مخالفت ڪئي. جاپان تي ائٽم بمڪيرائڻ واري سانحي کي به ڪي گهڻا ڏينهن ناهن گذريا، جنهن وسيلي آمريڪا لکين ماڻهوماريا. جرمني، 6 ملين يهودين کي، جنهن ۾ ٻار، ٻڍا۽ عورتون به شامل هئا، کين اذيتناڪطريقن سان ماريو. سچ پچ ته مهذب مغربي ملڪن جي ڏوهن جي فهرست ڏاڍي ڊگهي هئي، پرڪورس ۾ کين ٻڌايو ويندو هو ته، مغربي ملڪ تهذيب يافته، سمجهدار ۽ ذميوار ٿين ٿا، جڏهنته ٽئين دنيا جا ملڪ جيڪي سندن سامراجيت جو شڪار رهيا، سي بي عقل، جاهل ۽ ظالمآهن، تنهن ڪري انساني حقن ذريعي مهذب ٺاهڻ جي ذميواري به مٿن عائد ٿئي ٿي ـ

سڄي ڪورس ۾ ڪٿي به يورپ ۾ وڌيل نسل پرستي، ڪارن سان نفرت آميزسلوڪ، عورتن کي ڪمتر سمجهڻ ۽ سندن فوجين واري اسلحه سازي واري صنعتن ۽ خاصطور تي طبقاتي ونڊ ورڇ ۽ صنعتن جي مزدورن وارن رهائشي علائقن جو ذڪر ڀلجي به نهآيو. انساني حقن جي تربيتي ادارن جي منافقت ته ان واقعي ۾ چٽي ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿي،جڏهن ان ڪورس ڪرائيندڙ آمريڪي خاتون کان فلپائن جي عورت اتي بيهي چيو ته، هوءَفلپائن ۾ آمريڪي سامراجيت خلاف عالمي عدالت ۾ مقدمو ڪرڻ چاهي ٿي، ته ان تي آمريڪيخاتون کلي چيو ته، آمريڪا کي ڀلا ڪير ٿو بين الاقوامي عدالت ۾ وٺي وڃي سگهي؟ ان تيسريلنڪا، نائيجريا ۽ ٽئين دنيا سان تعلق رکندڙ ڪجهه باشعور فرد اٿي بيٺا ۽ آمريڪي انسانيحقن جي علمبردار خاتون کي سمجهائڻ لڳا ته، ”تاريخ کان منهن موڙڻ غلطي ٿيندي، ڇو تهجيڪي تاريخ کي فراموش ڪن ٿا، سي انهن ئي غلطين کي دهرائين ٿا.“ ان تي تربيتي استادنمان هڪ صاحب چوڻ لڳو، ”اسان کي تاريخ سان ڪا به غرض ناهي، اسان ته فقط انسانيحقن جا علمبردار آهيون ۽ ان تحريڪ کي سڄي دنيا ۾ ڦهلائينداسين.“ ان تي لاطيني آمريڪيجواب ڏيندي چيو ته، ”انساني حقن جي تحريڪ جي اها ئي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي تهاها تاريخ جي نفي جي آڌار تي بيٺل آهي “ـ

حقيقت ته واقعي به اها آهي ته جيڪڏهن تاريخ جي آئيني ۾ آمريڪا پنهنجو جاپانتي بم ڪيرائڻ واري بربريت جو چهرو ڏسي سگهي ها ته کيس عراق تي جنگ مڙهڻ جيضرورت پيش نه اچي ها ۽ هاڻ به ائين ئي آهي. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ انساني حقن جا سڀ کانوڏا ڏوهاري ئي انساني حقن جا علمبردار بڻجي ويٺا آهن. ان سڄي تنقيد کي اڳتي وڌائجي، انکان اڳ جيڪڏهن برابري، مساوات جي پرچارڪ گڏيل قومن واري اداري جي ئي جوڙجڪجو جائزو وٺجي ته اهو پڻ غير جمهوري ۽ ”ڏاڍو سو گابو“ واري اصول تي ٻڌل ملندي.آزادي ۽ برابري جو تصور ته ممڪن ئي ناهي. مثلن محض پنج ڏاڍا مڙس بڻيل ملڪ فرانس،برطانيه، روس، آمريڪا چين دنيا جي سڀني ملڪن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي واري فيصلي کيويٽو ڪري سگهن ٿا. ”In th name of devolpment“ (ترقي جي نالي تي) هڪ ڪتابهڪ ڪينڊين جوڙي پيٽريشيا ايدمز ۽ لارنس سولون پاران لکيو ويو، جنهن ۾ انهن سڄي دنيا۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن وارين تنظيمن ۽ ترقياتي ايجنسين نالي انڪشاف ڪندي لکيو آهي تهترقي يافته ملڪن جون نالي چڙهيل ترقياتي ايجنسيون ڪيئن ترقي پذير ملڪن ۾ ترقي جينالي ۾ عام ماڻهن جي زندگين سان کيڏنديون رهن ٿيون. سندن چواڻي ته، ”ان عمل ۾ ترقي پذيرملڪن جون بدعنوان حڪومتون ۽ حڪمران طبقا غير ملڪي حڪمرانن سان مليل هُجن ٿا.سندن چوڻ آهي ته اهي ايجنسيون انساني حقن جي جدوجهد جي نالي ۾ پنهنجا واپاري ۽ منافعخوري تي ٻڌل منصوبا کڻي اچن ٿيون ـ

روبينه سهگل، پيٽريشا ۽ لارنس سولومن جي ڳالهه جي تائيد ڪندي 1797ع ۾انگريز بيٺڪيتي نمائندي جو اهو قول ته، ”جتي جتي برطانيه جي سوچ ويندي، اتي اتيبرطانيه جو واپار پڻ وڌندو.“ روبينه سهگل ان قول تحت ”انساني حقن جي تحريڪ“ جو”آزاد منڊي“ سان منطقي تعلق ڏسي ٿي، جنهن ۾ نئين سامراجيت، واپار وسيلي نيون بيٺڪيتونٺاهي رهي آهي ۽ ”آزاد منڊي“ Neo colonializm جي فروغ لاءِ ”آزاد شهري“ جو هئڻانتهائي ضروري آهي، جيڪو ان منڊي ۾ کپجندڙ مال جي کپت ڪري سگهي ۽ آزاد شهري لاءِلازمي آهي ته اهو ڪنهن به سياسي نظام ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ بدران پنهنجي”انفراديت“ ۽ ”فردي حقن“ جي باري ۾ وڌيڪ حساس هجن ۽ انساني حقن جو پرچار دراصلان آزاد شهري جي تشڪيل ڪرڻ آهي، جيڪو ٽئين دنيا ۾ اڃان ناپيد آهي. ان ”آزاد شهري“کي سمجهڻ لاءِ هڪ عام آمريڪي شهري جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. آمريڪي شهري وٽ دنياجا سڀ کان اولين مسئلا سندن ”شهري حق“ آهن، پوءِ کڻي سڄي دنيا کي جنگي حملن جيصورت ۾ ان جي قيمت ڇو نه چڪائڻي پوي. حقيقت ۾ هينئر به بش جو چونڊجي اچڻ ثابتڪري ٿو ته شخص آزادين/شهري حقن جي قيمت تي آمريڪي ”آزاد شهري“ سڄي دنيا کيباهه ڏيڻ لاءِ راضي آهي ۽ اهو ئي فلسفو آهي، جيڪو ”آزاد منڊي“ لاءِ ”آزاد شهري“ پيداڪرڻ لاءِ انساني حقن جي تحريڪ پويان ڪم ڪري ٿو ـ

انساني حقن جي تحريڪن جي سڀ کان اوليت اها آهي ته سماج ۾ سياست کي خيرآباد ڪيئن ڪجي؟ ماڻهن کي غير سياسي ڪرڻ ۾، انساني حقن جي تحريڪن ۾ فنڊ وڏيحيثيت رکن ٿا. سماج ۾ عورتن، ٻارن، ٻڍن جي ڪنهن به مسئلي کي فنڊ کان سواءِ نه ڏسڻ انتحريڪ جي مجبوري آهي. روبينه سهگل پنهنجي مقالي ۾ 1997ع ۾ آمريڪا جي اسٽيٽڊپارٽمينٽ پاران عام ڪيل سڄي دنيا بابت انساني حقن واري صورتحال جو ذڪر ڪندي لکيوآهي ته، ان رپورٽ سان آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جا الزام هنيا۽ ان وقت جي وزير اطلاعات مشاهد حسين ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته،آمريڪا پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ انوقت آمريڪا کي پنهنجو ڪردار ڏسڻ کپي ها. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ بنگلاديش ۽ ويٽنام آمريڪاجي اهڙن ريمارڪس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انساني حقن جي تحريڪ جنهنآمريڪا جي عراق تي حملي وقت سڄي دنيا جي ”امن جي خواهشمند“ لکين انسانن جي روڊنتي نڪتل هجومن کي نظرانداز ڪري عراق ڏانهن آمريڪي فوجين جي پيش قدمي ثابتڪري ٿي ته اهي انساني حقن جون تحريڪون جيڪي سڄي استحصالي نظام بابت مذمتينٿيون ٿين، تيستائين بي اثر ئي رهنديون.

”انساني حقن جي عالمي منشور جي پنجاهين سالگره آهي ۽ هي سالگره ملهائڻ جوبهترين طريقو هوندو ته ان جي هاڻوڪي منشور ۽ آئين کي ترڪ ڪري ڇڏجي ۽ جيڪڏهناهڙو منشور جيڪو فقط ان وقت استعمال ڪجي، جڏهن پنهنجو مفاد هجي، سراسر منافقتآهي. ان کان بهتر آهي ته ڪو منشور نه هجي، ڇو ته اهڙو منشور جيڪو اسرائيل تي لاڳو نهٿئي، آمريڪا ۾ لاڳو نه ٿئي، برطانيه ۽ فرانس تي لاڳو نه ٿئي، ان جو ڪهڙو فائدو؟ انسانيحقن جي وڏي خلاف ورزي جيڪا سڀ کان سنگين ۽ قابل مذمت آهي، اهو سامراجي ”قوتن جومعاشي ۽ سياسي تلسط آهي “ـ

روبينه سهگل جا مٿيان لفظ اڄ کان 6 سال اڳ جا لکيل آهن، پر اهي سچ جيڪسوٽي تي اڄ به ساڳي اهميت جوڳا آهن ته انساني حقن جي 6 5 هين سالگره تي به انسانيحقن جي ڪنهن اهڙي منشور جي تمنا ڪري سگهجي ٿي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو