Monday 15 December 2014

امر جليل

جويو صاحب سان ڪيل 3 اڌ ملاقاتون  

خميس 13 نومبر 2014ع
محترم جويو صاحب!
نياز ۽ عقيدتون
گذريل سال منهنجا ٽي افسانا ۽  لاڪاليجن  جو ايڊيٽوريل پڙهي، توهان جھڙي پُر خلوص انداز ۾ منهنجي همٿ افزائي ڪئي، ان جي بدولت ڪالهه رات مان پنهنجي  زندگيءَ جو اڻيتاليهون افسانو مڪمل ڪري چڪو آهيان. مون وٽ الفاظ ڪونهن جو اوهان اڳيان مان پنهنجي اها حالت پيش ڪري سگهان، جڏهن گذريل سال پهريون دفعو مان پنهنجو افسانو کڻي توهان جي آفس ۾آيو هيس. بس فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته ان وقت دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ هڪ دفعو ته ڪاريڊار ۾ منهنجا قدم به لڙکڙائجي ويا هئا. توهان منهنجي تحرير کي ساراهيو ۽  مونکي ڄڻ دنيا جي خوشين جو خزانو ملي ويو. ان وقت توهان جي آفيس مان   ٻاهر نڪرندي مونکي  ڊوسٽو وسڪي ياد آيو هو.
هو به جڏهن ان وقت جي عظيم روسي نقاد وائسرين بيلنسَڪيءَ کي پنهنجي آکاڻي پڙهائي ٻاهر ٿي نڪتو ته هن پنهنجي دامن ۾ سڄي دنيا جي مسرتن کي گڏ ٿيندي ڏٺو هو – ڇو جو بيلنسڪيءَ نوجوان ڊوسٽو وسڪيءَ جي خوب همٿ افزائي ڪئي هئي پر مان ته ڪجهه به نه آهيان، ڪجهه به نه ، فقط زندگيءَ جي ڪٺن راهن ۾ پنهنجيون بيچينيون کڻي ڀٽڪڻ وارو ڪاليجي شاگرد! جنهن کي سڪون فقط آکاڻين لکڻ ۾ ملندو آهي.
توهان گذريل سال مون کان پڇيو هو ته، ڇا مان دکي آهيان يا مون کي گھرو اختلاف آهن؟ ان وقت مان اجنبيت جي احساس ۾ خاموش رهيو هيس. پر اڄ مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته منهنجي والدين کي ادب سان ڪابه دلچسپي ڪونهي، هو نٿا چاهين ته مان مطالعو ڪيان يا ڪجهه لکان. بس سمجھو ته لڪي لڪي آکاڻيون ۽ مضمون لکندو آهيان -  ڇو جو مون کي خبر آهي ته آکاڻين ۽ افسانن کان سواءِ مان مري ويندس ۽ جي نه لکندس ته منهنجو ساهه گُهٽجي ويندو.
وري بهڪي رهيو آهيان. لکڻ ڪجهه ٿي چاهيم ۽ لکي ويٺس پنهنجا ڪَٿا.
مان توهان کان پنهنجي آکاڻين ۽ اڌ ۾ رهيل ناول لاءِ هدايتون وٺڻ ٿو چاهيان. مان گُھران ٿو ته توهان منهنجي ادبي زندگيءَ جي تا عمر رهبري ڪندا رهو.
ساريان ڪانَ سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
ساهَڙ ڄام! ستار! سِگھو رسج سِير ۾.
مون کي ڪنهن فرصت جي  لمحي ۾ پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏيو.
توهانجو
جليل قاضي.

11 اپريل 1960ع
محترم جويو صاحب،
اڄ منجھند ڌاري توهان جو شفقت ڀريو خط مليو. ”تو بنهه منهن مٽائي ڇڏيو“– توهان جي انهن اکرن مون کي پنهنجي غلطي محسوس ڪرائي- ته مون هي ڇا ڪري ڇڏيو، روشنيءَ کان منهن موڙي ڇڏيم. ڀُلائي ڇڏيم ته منهنجي منزل ڪٿي آهي ۽ وِساري ڇڏيم ته مون کي وسيع مطالعي جي بيحد ضرورت آهي، ديپ مان ديپ جلي.
ڄاڻان ٿو ته لکڻ لاءِ پڙهڻ سِکڻ ۽ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي، ته پوءِ ڇو مون اهڙي ناداني ڪئي ۽ پاڻ کي توهان جي رهبري کان محروم ڪري ڇڏيم. غفلت جي احساس بيچين ڪري ڇڏيو. سوچيم ته سڀاڻي پنهنجي گناهن جي تلافي ڪندس ۽ هزارين ارمان کڻي توهان ڏانهن ڊوڙندو ايندس. پر ڪمزور انسان هميشه پنهنجي تمنائن کي پورو به ته ڪري نه ٿو سگھي!
ڪجھه ڏينهن ٻيا به زمين جي خاڪ آسمان کان دور رهندي.
مان سنڌ يونيورسٽي ڪنووڪيشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن حيدرآباد وڃي رهيو آهيان - ۽ پوءِ جڏهن موٽندس ته –
ڪبي بات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجھه جي.
توهان جو
جليل قاضي

03 اپريل 1960 ع
ريسرچ يونٽ
ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد
حيدرآباد سنڌ
19 آڪٽوبر 1969ع
سائين،
مان ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد کان ٻاهر ويل هوس. اوهان جو خط منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهي. منهنجين ڪهاڻين جو سڀ کان وڏو معاوضو آهي. جڏهن به دل اُداس ۽ من ملول ٿي ويندو آهي، تڏهن، پُراڻن فائيلن مان اوهان جو ڏنل تعارفي خط ڪڍي پڙهندو آهيان، جيڪو اوهان ڪنهن نوڪريءَ جي سلسلي ۾ مون کي ڏنو هو. اُن خط ۾، منهنجيون ٻه– ٽي ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ اوهان لکيو هو –
He is a great writer in making.
I would always love to remain
touch with him in his literary pursuits.”
اُن کان پوءِ جڏهن به مون منهن ورائي پوئٽي نهاريو آهي، تڏهن اوهان جي خط کي ئي ڏٺو اٿم. اهو خط اوهان آگسٽ 1958ع ۾ لکيو هو.
آگسٽ 1958ع کان آگسٽ 1969ع تائين جيڪي ڪجهه مونسان وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه تجربي طور ملندو رهيو آهي، تنهن ۾ نتيجي طور اِهو پروڙيو اٿم ته هڪ ليکڪ پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن ذميدار آهي- ڌرتيءَ جي ماڻهن جو عيوضي آهي.
سائين، مان ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جو هڪ نماڻو ليکڪ آهيان.
ليکڪ ۽ حالتن جي وچ ۾ نه ڪڏهن ٺاهه ٿيو هو ۽ نه وري قيامت تائين ڪڏهن ٺاهه ٿي سگھندو. ليکڪ اوندهه کي اوندهه چوندو رهندو ۽ ظلم جي زرهه پوش هانءَ ۾ بڙڇي بڻجي لڳندو رهندو.
سائين، مان جڏهن به پنهنجيون ذميداريون وساري ويهان ۽ ڌرتيءَ جي ڪهاڻين بدران تفريحي ڪهاڻيون لکڻ لڳان، تڏهن پنهنجو سمجھي ڇينڀي ڇڏجو.
توهانجو پنهنجو
امر جليل

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو