Monday 15 December 2014

ارباب عبدالمالڪ

کوکرو پار- موڻا 2 ريل ڪهاڻي

خميس 9 ڊسمبر 2004ع


لوڌي عبدالڪريم نيشنل فنانس ڪميشن مان جهڙوڪر جهالت کي لوڌي ڪڍڻ جيڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ”باباءِ کوکرا پار“ کي به هن مڙس پبلڪ اسڪول ميرپورخاص مان 1984ع ڌاري لوڌي ڪڍيو هو. موصوف تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جو ڪمشنر هيو. لوڌيءَلاءِ مشهور آهي ته هو جهڙي تهڙي کي کنگهي ئي ڪو نه! اين ايف سي ايوارڊ لاءِ جوڙيلانهيءَ ڪميشن جا سنڌ پنجاب لاءِ مقرر ٿيل نمائندا خوش قسمتيءَ سان سنڌ جا چيفسيڪريٽري به رهيا آهن. سعيد قريشي پنجاب جي نمائندگي لاءِ نامزد ٿيل آهي ۽ لوڌي صاحبکي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ وارو فريضو سپرد ٿيل هو. اوهان اسان سندس شڪايتون پڙهي چڪاآهيون، پر سائين پاڳاري جي ذاتي دوست هن سڳوري، سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن وائکي ڪريڪافي حد تائين سنڌ وطن جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حق گهرڻ تي ملڪ ٽوڙڻجا طعنا ۽ مهڻا ملڻ واري ڳالهه کي ٿا کڻون ته بات وڃي بنگلي تائين پُهچندي! لوڌيءَ جهڙوسينيئر ڪامورو به رڙي پيو ته منهنجي مستعفي ٿيڻ جو مقصد مرڪز يا پنجاب کي اک تهڏيکارڻ ناهي، البت آئون چاهيان ٿو سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ميراث جي مالڪيءَ لاءِ معلوماتحاصل ڪرڻ ۽ ٿيندڙ ڦر ڦران کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري! انهيءَ ڳالهه جي توهان کيخبر آهي ته سنڌ ۾ سياسي تربيت گهڻو ڪري نعري بازي تائين محدود رهي آهي ـ

صوبائي خودمختياري بابت 1973ع واري آئين ۾ جيڪي چٽائيون ڪيون ويونهيون، انهن آپشنس بابت ننڍن صوبن کي سخت اعتراض هيا. تڏهوڪن حڪمرانن لکت ۾ طئيڪيو هيو ته ڏهن سالن اندر وڌيڪ خودمختياري ڏينداسين. ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪي ٻيڙيطوفانن جي گهيري ۾ آهي، ان ڪري صوبن کي صبر ڪرڻ گهرجي. هاڻوڪي سنڌ جا ڪيتراسينيٽر، ايم اين ايز يا ايم پي ايز آهن، جن وٽ انهيءَ ڪانٽريڪٽ لسٽ جي سربستي معلوماتهجي؟ لڳي ٿو ته آصف صاحب جي اسٽڊي به انهيءَ موضوع تي اڀري سُڀري آهي. وري جوموصوف کي”لاهوري“ بنائڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، پوءِ ته هيءُ همراهه به وڏن ڀائرن جيلاءِ وڌيڪ حق گهرندو. جهڙو ديس تهڙو ويس نه به کڻي هجي، پر جنهن جي ٻاجهري کائبي،انهيءَ جي حاضري ڀرڻ ته ضروري آهي. حاضريءَ کان به همراهه اڳتي لنگهي”جيحضوري“ تائين پهچندا رهيا آهن. انهيءَ تناظر ۾ توهان ۽ اسان کي عبدالحفيظ پيرزادي ياعبدالحفيظ لاکي جهڙا معاملات جي بڻ بنياد کان آگاهه ماڻهو سنڌ ۾ ڪيترا ٿا سُجهن. جن ليڊرنکي رائلٽي ۽ مالڪيءَ جو فرق معلوم نه هجي، انهن ليڊرن سان ڳالهيون به ڪهڙيون ڪبيون؟تپيداري جي ٽريننگ ٿئي ٿي، اڃا ڪالهه ئي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ، سروي ۽ لينڊ ريڪارڊتربيت لاءِ گهربل تپيدارن وارو اشتهار ڇپرايو آهي، پر سياسي تربيت جي اڪيڊمي به ڪٿينظر آئي؟ تپيدار کي رکرائڻ ۽ جمعدار کي بدلي ڪرائڻ کان مٿي واري سوچ ڪٿي هجي تههجي، پر سنڌ ۾”سُڃ“ پيئي واڪا ڪري! انهيءَ ميدان ۾ انٽيليڪچوئل سڏائيندڙ ڌريون به جرم۾ برابر جون شريڪ آهن. اهي ڳاڻ ڳڻيا دوست صرف ڪتابي ۽ ڪچهري واري ميدان ۾پهرين جوڙ جا ملهه آهن. باقي سندن طرفان سنڌ ۾ پارلياماني چونڊون کٽيندڙن-هارائيندڙن لاءِڪو به تربيتي ادارو قائم ٿي ڪو نه سگهيو آهي. ادارو ته رهيو اداري جي ماڳ، پر اهامخلوق عام وهڪري کان عليحده اوپري بڻجي ڪُنڊن پاسن کي وسايو ويٺو آهي. انضمام ۽تحليل واري فلسفي سان سندن تعلق ڪتابي آهي، عملي ناهي. اهو ئي سبب آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر مسئلي کي سمجهڻ واري سطح”سقيماڻي ۽ يتيماڻي“ آهي. کوکرو پارõ مُوڻا2 وارو مسئلو به انهيءَ يتيميءَ جي ورن وڪڙن ۾ اُلجهي پيو آهي ـ 

هاڻي هلون ٿا”ريل ڪهاڻي“ بيان ڪرڻ ڏانهن! رضا علي عابدي واري ڪهاڻي به کوکرو-موڻا 2 کان خالي آهي. کوکرو پار-موڻا 2 واري ڪهاڻيءَ لاءِ هن وقت هندستانپاڪستان جون حڪومتون جيڪو ميٽر ۽ مواد فراهم ڪري رهيون آهن، انهيءَ”انفرااسٽرڪچر“ واري آکاڻيءَ ۾ ريل ڪهاڻيءَ جي روان دوان ٿيڻ واري ڳالهه سرد مهري جوشڪار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿي. سنڌي ماڻهو پير پٿون ڪري جنهن سفر ڏانهن روانا ٿيا آهن،اهو سفر جوڳين ۽ سامين وارو سفر آهي. روحاني سامي جوڳي ته ڀاڳن وارا ٿيندا آهن، پر دنياکي تياڳڻ ۽ مسئلن ۽ مامرن بابت ”گيڙو ويس غزل“ چوڻ، چريائپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟کوکرو پار سرحد کلڻ جي ڳالهه ڪالهه ڀارتي هاءِ ڪمشنر شو شنڪر مينن ۽ سنڌ جي وڏيوزير ارباب غلام رحيم به ڪئي آهي. ارباب صاحب جو اهو بيان ڪالهه ئي اخبارن ۾ ڇپيوآهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان روڊ تعمير ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، سندس اشارو بس سروسڏانهن آهي. ساڳي ڏينهن سنڌ رينجرز جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر مسعود موڻا2 کان اڌڪلوميٽر اورتي هند سنڌ سرحد وٽ(ڀارت جي پاسي) بي ايس ايف جي هم منصب سانمذاڪرات ڪري رهيو هو. جنهن ميٽنگ هال ۾ سندن مذاڪرات ٿي رهيا هئا، انهيءَ بنگلي جي اڏاوت، ارباب غلام رحيم جي سوٽ ۽ راجسٿان اسيمبليءَ جي ٽي ڀيرا منتخب ٿيندڙ ايم ايل اي ارباب محمد امين نهڙيءَ جي اسپانسر ڪيل پئسن سان ٿي آهي. راجسٿان جو تڏهوڪو(سال اڌ اڳ) وڏو وزير اشوڪ گيلوٿ مالهي ۽ ارباب امين انهيءَ بنگلي جي افتتاح لاءِ تشريف فرماٿيا هئا. تڏهن سنڌ ۾ رهندڙ امين ۽ اشوڪ جي عزيزن کين پري کان ڏٺو پئي، سندن ”اسماءِگرامي“ ميٽنگ هال واري افتتاحي پٿر تي به اُڪريل آهن. کوکروپار واري مسئلي کي الطافحسين به مٿي تي کنيو آهي. هندستان ۾ ڪجهه ڏينهن موصوف هند-سنڌ سرحد کولڻ واري مهمهلائڻ کان پوءِ تازو نشترپارڪ واري جلسي ۾ اهو به چئي چڪو ته”جيڪڏهن اسلام آبادي اسٽيبلشمينٽ کوکروپار-موڻا 2 رستو نه کوليو ته هند-سنڌ جا ماڻهو زوريءَ انهيءَ رستي کيکوليندا“. اهڙين”ڌمڪين“ جي هوندي به اسلام آباد انهيءَ ٽريڪ تي سفر کي آسان بنائڻ واريپيش رفت کي”آهستي آهستي“ اڳتي وڌائڻ جي موڊ ۾ آهي. هنن سٽن ڇپجڻ وقت دهليءَ ۾ سرينگر-مظفر آباد بس سروس لاءِ ٻنهي ملڪن جون ڳالهيون تڪميل کي پهچي چڪيون آهن. لڳيٿو ته اها بس سروس کوکرو پار-موڻا 2 کان گوءِ کڻي ويندي. کوکرو پار لاءِ ٻه ارب ڏههڪروڙ رپيا گهربل آهن. 128 لوميٽرن واري انهيءَ ٽريڪ کي بدلائڻ لاءِ سال ٻه جو وقفوپاڪستان سرڪار حاصل ڪيو آهي. ڀارت جو خيال هيو ته ٽريفڪ ترت چالو ڪرڻ لاءِ ميٽرگيج جا انجڻ ۽ ٻيو گهربل سامان(ٻارڻ وغيره) هند سرڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرپاڪستان پرائي پئسي کي هٿ لائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميٽر گيج ٽريڪميرپورخاص واري پهرين نمبر پليٽ فارم جي الهندي طرف کان ڏهه وکون اڃا به اولهه طرفکان شروع ٿئي ٿي. حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ شادي پلي تائين 1890ع ۾ ميٽر گيج ٽريڪواري ٽرين شروع ٿي هئي، پوءِ 1962ع ڌاري تڏهوڪي ريلوائي وزير محمد خان جوڻيجيجي ڪوششن سان ميرپورخاص حيدرآباد ريلوي لائين کي براڊ گيج ۾ بدلايو ويو. هن وقتميرپورخاص ويسٽ ڪئبن(ٺهيل 1926 کان ستر وکون اولهه طرف جيڪا ميٽر گيج ٽريڪاسٽارٽ وٺي ٿي، اها اڳتي پليٽ فارم نمبر ٻه کان ٿيندي وري نواب شاهه لاءِ ٺهيل پليٽ فارمنمبر ٽي ۽ لوڪو ڏانهن وڃي ٿي. کوکرو پار لاءِ پليٽ فارم ٻه ڪتب ايندو آهي. ويسٽ ڪئبنجي سامهون واري پليٽ فارم جون بئنچون پي ڊبليو آر سان سينگاريل آهن. جڏهن اوڀرپاڪستان پاڻ سان گڏ هو، تڏهن اولهه پاڪستان لاءِ ”پاڪستان ويسٽرن ريلوي“ ۽ اوڀرپاڪستان لاءِ ”پاڪستان ايسٽرن ريلوي“ وارا نالا استعمال ٿيندا هئا. بنگلاديش ڌار ٿي ويو، پرچوٽيهه پنجٽيهه سالن کانپوءِ به پاڪستان ريلوائي مان ”ون يونٽ“ ختم ٿي ڪو نه سگهيوآهي. ٻيو ته ٺهيو، پر پاڪ ڀارت مذاڪرات ۾ به سينيئر سنڌي ريلوي عملدار نظر ايندا رهن ٿا.تازو جن پاڪستاني ريلوي عملدارن ڀارت جي مسٽر”ٺاپر“ جي سربراهيءَ ۾ ايندڙ وفد سانڳالهيون ڪيون آهن، تن بزرگن کان بيشمار غلطيون ٿيون آهن. پاڪستاني وفد کوکرو پار موڻا2 ٽريڪ کي ”ڪان من الغائبين“ قرار ڏنو آهي ۽ چيو اٿس ته کوکرو پار کان اڳتي يارهنڪلوميٽرن جي علائقي ۾ 1965ع کان ريلوي پٽڙي اڻ لڀ آهي. جڏهن ته چشم ديد ڳالهه اهاآهي ته کوکرو پار موڻا 2 جي وچ ۾ ريلوائيءَ جي پٽڙي سلامت آهي. هتي 1971 دورانڀارتي فوج لاءِ ريل هلندي رهي آهي. ايڪهتر واري جنگ ۾ پاڪستان جون پنج ريلوياسٽيشنون کوکرو پار، ڀٽارو، واصل 2، جالوءِ جو چئونرو ۽ پرچيءَ جي ويري هندستانيقبضي ۾ هليون ويون هيون، جيڪي ڀٽي مرحوم شملي ٺاهه دوران واپس ورتيون. انهيءَ جنگدوران هندستاني فوج نئون ڇوڙ اسٽيشن واري ڀٽ تائين پهتل هئي ۽ ساندهه ٻارهن مهينا اهياسٽيشنون انڊيا حوالي هيون. ٻارهن مهينن تائين هر روز موڻا 2 کان پرچيءَ تائين ڀارتي ٽرينرواني ٿيندي هئي. اها ريل فوجين لاءِ پاڻي ۽ گهربل هٿيار پهنوار پهچائڻ وارو فريضو سرانجام ڏيندي هئي. واپس به ابتي پير هلندي هئي. ڇاڪاڻ ته پرچيءَ جي ويري تي انجڻ جو رخموڙڻ وارو سسٽم موجود ڪو نه هيو. چئبو ته سيپٽمبر 1965ع کان نه البت 22 ڊسمبر1972ع کان کوکرو پار-موڻا 2 ريلوي ٽريفڪ بند آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ دوستن سان گڏ کوکرو-موڻا 2 زيرو پوائنٽ تائين وڃڻ ٿيو هيو، جتي پٽڙي به موجود نظر آئي ته ٽيليفون جاکنڀا به سلامت ڏسڻ ۾ آيا. اسلام آبادي عينڪ سان ڏسبو ته پوءِ ليليٰ ڪاري آهي، البت مجنيجي ديدن سان ملاحظه ڪبو ته ليليٰ حسين آهي ـ

محمد خان جوڻيجو اڻ ڄاڻ ڪو نه هيو. هن 1986ع ڌاري جڏهن کوکرو پار کولڻجو اعلان ڪيو هو، تڏهن ترت هندستان سرڪار موڻا 2 کي جديد سهولتن سان آراسته ڪيوته پاڪستان به کوکرو پار ۽ ڇوڙ پراڻو ۾ پليٽ فارمن جي درستگي ۽ رهائشي ڪالونيون قائمڪيون هيون، جيڪي اڄ تائين ڪُتن ۽ گڏهن لاءِ پناهه گير ڪئمپ بڻيل آهن. انڊين ايڪسپريسجي رپورٽ مطابق 1986ع ۾ هندستان موڻا 2 جي بيوٽيفڪيشن لاءِ ويهه لک رپيا خرچ ڪياهئا. هندستان سرڪار انهن ئي ڏينهن ۾ ٻاهڙ مير کان موڻا 2 تائين هڪ سئو چاليههڪلوميٽرن وارن ميٽر گيج کي به براڊ گيج ۾ بدلائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو. اڍائي ارب رپين جيلاڳت سان 6 مهينا اڳ اهو منصوبو مڪمل ٿيو آهي. هن وقت موڻا 2 کان جنتا ايڪسپريسجوڌپور تائين هلي ٿي. جوڌپور جي راجا اها ريلوي سروس برٽش انڊين سرڪار جي تعاونسان شادي پلي(سنڌ) کان ٻاهڙ مير(هند) لاءِ 1900ع ڌاري شروع ڪرائي هئي. تڏهن هند ۽سنڌ جو ريگستان شديد ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل هيو. مقامي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ڏڪار کي”ڇپڻوڏُڪار“ چيو ويندو آهي. ريلوائيءَ جو ڪم ڪندڙن کي روڪڙا پئسا ڏيڻ بدران اناج فراهمڪيو ويندو هو. انهي 200 ڪلوميٽر واري ٽريڪ تي هزارين مزور ڪم ڪندا هيا. عورتن ۽مردن جا هجوم هوندا هيا. بک بڇڙي ٽول، بيشمار دانائن کي ديوانو ڪري ڇڏيو هو. هڪصدي اڳ انهي ٽريڪ وڇائڻ لاءِ جوڌپور درٻار کي 41 لک رپيا خرچ ڪرڻا پيا هئا. موڻا 2-کوکرو پار ٽريڪ تي هڪ صدي اڳ احمد آباد کان حيدرآباد تائين ممبئي ميل نالي واريايڪسپريس ٽرين هلندي هئي. احمد آباد نريندرا مودي واري گجرات پرڳڻي جي گاديءَ واروهنڌ آهي. ”جي جي آئي آر“ واري اها ريلوي سروس جيسلمير ۽ جوڌا پور رياستن جياشتراڪ سان هلندي هئي. دهلي، ممبئي ۽ گجرات، جهونا ڳڙهه، جيسلمير، ڪاٺيا واڙ ۽سورٺ راءِ ڏياج جو ڏيهه نيرون ڪوٽ(حيدرآباد) ۽ مورڙي جي ماڳ مائيڪولاچي(ڪراچي) سان ريل وسيلي ڳنڍيل هيو. اڄ به موڻا 2 ساڳين تاريخي پنڌن ۽ پيچرنسان ريل وسيلي سينگاريل آهي. پيار ۽ پريت جا پنڌ پچائڻ ۾ به سر خرو آهي، سواءِ سنڌ جي!موڻا 2 کان پوءِ جيسيڏر، ليملو، تاملور، گڍڙا روڊ، گهاگهريو، رامسر، ڀاچٻر، کڙين، آنٽيمالاڻي، واڻيا ڌورو ۽ پوءِ پهريون ضلعي صدر مقام ٻاهڙ مير ايندو آهي. هتان کان سمنڊڙيجنڪشن تائين اجمير شريف ۽ دهليءَ لاءِ ويندڙ گاڏيون گڏو گڏ هلن ٿيون، پر گجرات ۽ احمدآباد ڏانهن انهيءَ جنڪشن کان ٽرينون ٽرن ٿيون. راجسٿان جي راڻين ۽ راجائن جي عشقمعشوقيءَ سان معطر اسٽيشنن کي پوئتي ڇڏي ريل”پالڻ پور“ پهچندي آهي، جيڪا گجراتپرڳڻي جي پهرين اسٽيشن آهي. اتان هڪڙي ريل هيرج، ڪنڊلا، گانڌي ڌام ۽ ڏيسا لاءِ روانيٿيندي آهي، جيڪا ننگر پارڪر جي دنگائي شهر”ڀڄ“ کي ڀيٽيندي، اڳتي ويندي آهي. جڏهن تهٻي ٽرين پالڻ پور کان احمد آباد ممبئي ڏانهن ويندي آهي. لوڻي جنڪشن کان پالي-مارواڙ،جوڌپور-جيسلمير ٽريڪ به بحال آهي، احمد آباد کان دهليءَ لاءِ به ايڪسپريس ٽرينون هلن ٿيون ـ

مطلب ته کوکرو پار-موڻا 2 ٽريڪ سان سنڌ جا دنگائي هندستاني پرڳڻا گجرات ۽راجسٿان سلهاڙيل آهن ۽ سنڌ ۾ لاتعداد ماڻهو آهن، جن جا رت جا رشتا مٿين صوبن ۾ موجودماڻهن سان آهن. بدقسمتيءَ سان اهي سموري جا سمورا نج نبار سنڌي لوڪ آهن ته سامهونسرحد کان هن پار سندن مائٽ، جيڪي ”پاڪستاني سنڌ“ ۾ رهن ٿا، تن کي به نوانوي سيڪڙوسنڌي چئي سگهجي ٿو. اها ڳالهه بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته کوکرو پار- موڻا 2 رستونه ته چند بارڊر ايرياز جي رهاڪو ماڻهن جو آهي ۽ نه وري صرف هندو وطني ڀائرن يا غيرسنڌي ٻوليون ڳالهائيندڙن جو مسئلو آهي. اهو ڪيس سنڌ جو اجتماعي مقدمو آهي. انهيءَمقدمي کي خراب ڪندڙ ”وڪيل“ اسلام آبادين سان سازباز آهن، جن جو وڏي عرصي کاناهو خيال آهي ته سنڌ ۾ تضادات کي تقويت پهچائڻ لاءِ شهري ڳوٺاڻي محاذ کي سرد ٿيڻ نهڏجي. تازو پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي اوڀر پنجاب ۾ ڏهه ڏينهن گذاري آيو آهي.لاهور ۽ لڌيانو ملي رهيا آهن، پٽيالو ۽ پنڊ دادن خان پيچ در پيچ پريم ونڊي رهيا آهن. انبالو ۽لالو موسو”دورون دورون اکيان ماري، منڊا پٽواري دا“ وارا مرحلا طئي ڪري رهيا آهن.سمان سٽا کان منچن آباد، مامون ڪانجن، هارون آباد، فورٽ عباس، بهاول نگر ۽ امروڪاويندڙ ريلوي ٽريڪ کي فاضلڪا ۽ فيروز پور(هندستاني پنجاب) سان سلهاڙڻ ۽ سرائيڪيبيلٽ کي بيڪانير، الور، ڀرت پور ۽ گنگا نگر سان ملائڻ لاءِ ڳالهيون هلن پيون. ٻي ريلويلائين رائيونڊ، قصور کان ٿيندي گنڊا سنگهه والا مان بابا گورو نانڪ جي ديس ڏانهن ويندي.ٽين ريلوي لائين سيالڪوٽ کان ڄمون(ڪشمير) لاءِ به هلائڻ لاءِ سروي هلندڙ آهي. چوٿينريلوي لائين نارووال، بابا نانڪ جو ديرو ۽ گولڊن ٽيمپل لاءِ هلائڻ جا پروگرام جُڙي رهياآهن. امرت سر-لاهور اسپيشل بس سروس به شروع ٿيڻ واري آهي. نانڪاڻي صاحب کي”ماڊل سٽي“ قرار ڏنو ويو آهي. اوڀر ۽ اولهه پنجاب جي وچ ۾ لساني رابطن ۽ ثقافتي وفدن جيآوت جاوت ۾ اچانڪ سئو سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. ماڊل ٽائون وارا مانجهاندو لاهور ۾ٿا ڪن ته سانجهاندو ست سري اڪال وارن وٽ ”روپڙ“ ۾ ٿا ڪن. لاهور ۽ چندي ڳڙهه،هريانو ۽ جهلم(جهنم نه) سرهند شريف ۽ شرف پور شريف ملي رهيا آهن، ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته هند-سنڌ رابطن ۾ ”چنانچه، چونڪه، ليڪن، تاهم، بعد ازان ۽ بعيد ازقياس“ وارا فل اسٽاپڇا جي لاءِ استعمال پيا ٿين؟ جڏهن واهگه-اٽاريءَ کان بسون هلي سگهن ٿيون ته ننگر پارڪر۽ ڀڄ جي وچ ۾ بسون ڇو نه هلن؟ (1937ع کان 1947ع تائين بديڻن کان ڀڄ ۽ هيرج وايا ننگرپارڪر سنڌ گجرات موٽر سائيڪل ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ جون ٻه بسون هلنديون رهيونآهن.)عمرڪوٽ کان رتنور، ڪيرلو، ويراڙو، سومرن جو پار، انوپاڻي، سيکڙو، مهنڌري جوپار، پٽارو ۽ کوکرا پار لاءِ پڪو روڊ راس ٿيڻ تي آهي ۽ ڇوڙ، نئون ڇوڙ، پرچيءَ جي ويري۽ جالوءِ جي چئونري تائين به پڪو روڊ موجود آهي. عمرڪوٽ، ڪٽار، ڀوڄرا جيو،وائوڙي، سکر نهڙي، پير جو تڙ ۽ چيتا چوڪ تائين ٽيون روڊ به موڻا 2 ڏانهن تيار ٿيو پيوآهي. سرڪار ابد راضي ٿئي ته نانيءَ جيان ڏوئين ۾ کاڌ خوراڪ فراهم ڪري سگهي ٿي، پرلڳي ٿو ته پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ تفاوت ۽ تفريق کي”تقويت“ پُهچائڻ لاءِ اسان جا پريمي ڀاءُوڌيڪ”پنگا“ اڙائڻ جي مُوڊ ۾ آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ سبويزا آفيسون-پاسپورٽ دفتر ٺهڻ سان ڪهڙو آسمان ڪرندو؟ موهن جو دڙو، سکر، حيدرآباد ۽سنڌڙي ايئر پورٽس تان فوڪر جهازن کي بيڪانير، جيسلمير، ڀڄ ۽ جوڌپور لاءِ اچ وڃ واريناڏامن جي اجازت ڇو نٿي ڏني وڃي . جڏهن ته هن وقت انهن ايئر پورٽن تي سڃ واڪا پئيڪري. فوري طور تي گجرات ۽ راجسٿان لاءِ بس ۽ ايئر سروسز جي اشد ضرورت آهي. ريلڪهاڻي پٽڙي جڏهن مڪمل ٿئي، تڏهن شروع ٿيندي، پر ان وچ ۾ پنج سال وڌيڪ انتظارڪرڻو پوندو ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو