اقتداري سياست ۾ خميسو خان ڪٿي آهي؟
خميس 04 جنوري 2007ع
ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، ايندڙ چونڊن، محترمه بينظير ڏيهه موٽندي يا نه؟ وغيره جهڙا موضوع اڄڪلهه هر ان محفل ۾ بحث هيٺ رهن ٿا، جنهن ۾ ٻه يا چار سياسي ذهن رکندڙ ويٺل هجن ٿا. پوءِ اُها محفل چانهه جي ڪوپ تي ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل تي هجي، يا ڊفينس، ڪلفٽن جي ڪنهن بنگلي ۾ ٿيندي هجي. اهڙي ئي ڪنهن محفل جو ذڪر آهي، جنهن ۾ موجود هڪ پ پ اڳواڻ ٻڌايو ته ڪهڙا ڪهڙا پ پ مخالف ڀوتار ۽ وڏيرا ٻيهر پارٽي ۾ اچڻ لاءِ رابطا پيا ڪن ۽ وري پ پ قيادت به ڪجهه ڀوتارن سان رابطا ڪيا آهن. اهڙن رابطن بابت ان اڳواڻ کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته سدائين ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي ڇڏي ويندڙ يا سدائين پارٽي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي اسٽيبلشمينٽ سان بيهندڙن کي آخر پارٽيءَ ٻيهر پاڻ ڏانهن ڇو پئي آڻي؟ ته ان اڳواڻ جو چوڻ هيو ته، چونڊن ۾ ڪجهه علائقن ۾ پارٽيءَ وٽ متبادل مضبوط اميدوار ناهن، تنهن ڪري انهن ڀوتارن جي اچڻ سان پارٽيءَ کي فائدو ٿيندو. ان اڳواڻ جائزو وٺي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پ پ وٽ واقعي به ”سگهارا اميدوار“ ناهن. يعني جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل صورتحال ايئن ئي بيٺي ته پوءِ پ پ ورڪرن کي تيار رهڻ گهرجي ته جن ڀوتارن جي ڏمر هيٺ هو گذريل 5 سالن کان هئا، ايندڙ چونڊن ۾ انهن ئي ڀوتارن جا پوسٽر ڪُلهن تي کڻي ڀتين تي چنبڙائڻ لاءِ کين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦرڻو پوندو ـ
پ پ جي هڪ ايم اين اي کان ڪنهن پڇيو ته، ”ڇا ايئن نٿو لڳي ته پارٽي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪرڻ ڏانهن پئي وڌي؟“ ان موصوف جي چهري تي ايندڙ ناخوشگوار تاثرات فطري هئا، پر کيس حيرت به پئي ٿي ته اهڙو تبصري نما سوال ڇو اڀريو آهي. اهڙو سوال اڀرڻ جا منهنجي خيال ۾ انيڪ سبب آهن، پر بنيادي طرح پارٽي يا تنظيم جو صرف هڪ فارميلٽي (روايت) طور هجڻ آهي. پارٽيءَ وٽ ”بينظير کي آڻبو، وزير اعظم بڻائبو“ کان اڳيان جو ڪو Concept (تصور) نه هجڻ يا گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ان جي ڄاڻ نه هجڻ کان سواءِ هڪ اهم فيڪٽر اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ پ پ جا ملڪ ۾ ٻه مضبوط بنياد هئا، يعني پنجاب ۽ سنڌ. اُن مان پنجاب جي صورتحال هاڻ اها آهي ته جنهن ڏينهن نواز شريف لاهور ايئرپورٽ تي پهتو، ان ڏينهن نواز ليگ پنجاب کي ايئن کٽي ويندي، جيئن 8 8 9 1 ع ۾ پ پ سنڌ ۾ کٽيو هو. توهان پنجاب ۾ ڪٿي به رهندڙ ڪنهن پنجابيءَ کان سندس دل تي هٿ رکرائي پڇندئو ته سندس ليڊر ڪير آهي؟ ته هو نواز شريف جو ئي نالو کڻندو. باقي رهي سنڌ ته اتي به هاڻ آهستي آهستي ڀوتار ايترا مضبوط ٿيندا پيا وڃن، جو اڄ پارٽي اهڙن ڀوتارن جي واپسيءَ لاءِ سوچي پئي، جيڪي پارٽي ۽ پارٽي قيادت لاءِ سالن کان غير پارلياماني ٻولي ڳالهائيندا پيا اچن، پر جنهن کي هڪ اداري طور فردن جو محتاج هجڻ نه گهرجي، سا اڄ ڪٽر مخالف ڀوتارن جي محتاج پئي ٿئي. مٿي بيان ڪيل تجزئي سان ٿي سگهي ٿو پارٽيءَ جي ٿنڪ ٽينڪس کي اختلاف هجي، پر منهنجو کين مشورو آهي ته پري تائين نظر رکندڙ يا دور انديش ماڻهو ئي سٺا سياستدان هجن ٿا. مون کي ياد آهي ته جڏهن اٺ، ڏهه سال اڳ لکندا هئاسين ته سنڌ ۾ سياسي ويڪيوم (خال) پيدا پيو ٿئي، جنهن جو سبب پ پ جي پرفارمنس آهي ته پ پ جا اڪابرين اهڙي تجزئي تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ يا پنهنجي پرفارمنس بهتر ڪرڻ بدران مشڪري ۾ ان تجزئي جو مذاق اڏائيندي چوندا هئا ته، ويڪيوم سنڌ ۾ نه، پر اهڙو تجزيو ڪندڙن جي دماغ ۾ پيدا پيو ٿئي. پر وقت ڇا ثابت ڪيو، اهو سڀني جي سامهون آهي، پاڻ ان جي ڊيگهه ۾ نٿا وڃون ـ
مٿي ڪيل حال احوال مان هروڀرو ڪير اهو مقصد نه ڪڍي ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي پوزيشن خراب هوندي. ان جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ اهو ته هن دفعي چونڊن ۾ امڪان اهو آهي، بلڪه تمام گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته ميان نواز شريف پنجاب ۾ نه هوندو، جڏهن ته تمام گهڻو امڪان آهي ته محترمه ڏيهه ۾ هوندي ۽ ان ۾ شڪ ناهي ته هوءَ
Crowd Ruler
(مجموعي تي ڇانئجي ويندڙ)
شخصيت آهي، ٻيو سبب محترمه ۽ صدر مشرف درميان ٿيندڙ امڪاني
Understanding
(مصلحت)
به اليڪشني فضا جو ماحول پ پ جي حق ۾ ڪندي، ان کان سواءِ جيتوڻيڪ عوام هاڻوڪي سرڪار جي مختلف پاليسين کان گهڻو خوش ناهي، پر هونءَ به ماڻهو سالن کان پوءِ تبديليءَ جا خواهشمند به هوندا آهن ۽ مسلم ليگ (ق) هجي يا کڻي ايئن چئون ته صدر مشرف جي ٽيم هجي، في الحال متبادل پيپلز پارٽي ئي آهي. سو اهي سمورا فيڪٽرز ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي حق ۾ وڃن ٿا. پر جنهن سوال جو جواب سمجهه ۾ نه پيو اچي، سو هيءُ آهي ته صدر مشرف جي اقتدار ۾ هوندي ان سان ڪو ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ پ پ حڪومت ڪيئن ٺاهيندي ۽ جيڪڏهن ٺاهه ٿيو ته ڇا محترمه بينظير ڀٽو صدر مشرف کي وردي ۾ قبولي وٺندي؟ اتي اهو بحث ئي اجايو آهي ته ڪو صدر مشرف خوشيءَ سان وردي ڇڏي ڏيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو وردي ڇڏي ٿو ته پوءِ ڪجهه ئي عرصي ۾ ايوانِ صدر به کيس ڇڏڻو پئجي ويندو. سو بحث اهو ڪرڻ کپي ته محترمه جيڪڏهن ظاهر ظهور بنا ڪنهن رک کاءَ جي وردي واري صدر جي ٽيم بڻجي وئي ته سندس اهو فيصلو بطور هڪ جمهوريت پسند اڳواڻ جي سندس سياسي رڪارڊ تي جيڪي داغ ڇڏيندو، اهي مٽائڻ ممڪن نه رهندا. تنهن ڪري اهڙا ڪهڙا آپشنز ٿي سگهن ٿا، جنهن تي صدر ۽ محترمه جي وچ ۾ مفاهمت جا خواهشمند ”مفاهمت ڪار“ غور ڪري رهيا هوندا، جنهن سان صدر به وردي ۾ رهي ۽ محترمه کي به Face saving (بچاءُ)
ملي وڃي؟ ان ڏس ۾ هڪ ڄاڻو صحافي موجب هڪ آپشن اهو ٿي سگهي ٿو ته صدر هاڻوڪي پارليامينٽ مان ئي پاڻ کي ٻيهر صدر چونڊرائي وٺي ۽ پ پ پارليامينٽ ۾ رهندي احتجاج وغيره ڪري ۽ ان طرح سان جنرل مشرف صدر به ٿي وڃي، ۽ بينظير ڀٽو کي آسانيءَ سان Face saving به فراهم ٿي وڃي. ان خيال جي مخالفت ۾ ٻه سوال اڀرن ٿا. هڪ اهو ته جنهن پارليامينٽ کي خود 5 سالن جو مينڊيٽ مليل آهي، جيڪو پڻ ختم ٿيڻ تي آهي. اُها پارليامينٽ ڪنهن ٻئي ماڻهو (صدر) کي وڌيڪ 5 سالن جو مينڊيٽ ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟ ان جا آئيني ۽ قانوني جواز ته نڪري ايندا، پر ان عمل کي ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي صدارتي ريفرنڊم جيان سياسي مڃتا ڪيئن ملندي؟ خير هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي مڃتا جي هروڀرو ڪنهن کي گهڻي پرواهه ناهي هوندي، پر ان آپشن سان جيڪو ٻيو مسئلو ڳنڍيل آهي، سو اهو ته جيڪڏهن صدر هاڻوڪي پارليامينٽ مان ئي پاڻ کي چونڊرائڻ جو اعلان ڪندو ته پ پ ۽ ايم ايم اي وارا جيڪي اڄ تائين اسيمبلين مان استعيفائن ڏيڻ کان اهو چئي پاسو ڪندا آيا آهن ته ”صحيح وقت“ تي استعيفائن جو ڪارڊ استعمال ڪندا، ته بظاهر اهو ”صحيح وقت“ صدر جي اليڪشن ئي ٻڌايو ٿو وڃي. پر جيڪڏهن پ پ وارن استعيفائون ڏنيون ته پوءِ صدر سان ڊيل ڇا جي ۽ جيڪڏهن استعيفائون نٿا ڏين ۽ صرف بائيڪاٽ وغيره ڪن ٿا ته صدر جي وردي جي اها کليل حمايت نه هوندي ته ان کي ٻيو ڇا چئبو؟
صدر ۽ محترمه جي وچ ۾ ڪم ڪندڙ ”مفاهمت ڪار“ ان آپشن تي به متان سوچيندا هجن ته باوردي صدر چونڊرائڻ جو ڪم ايندڙ پارليامينٽ تي ڇڏي ڏجي، جنهن ۾ پ پ اٿندي ئي پاور شيرنگ کان پري رهندي ڪجهه وقت لاءِ اپوزيشن جو ڪردار نڀائي، جيستائين صدر ٻيهر چونڊجي وڃي. ان صورت ۾ نئين نئين چونڊيل پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ وارو پريشر به پ پ مٿان ڪو نه پوندو، پر ان آپشن ۾ صدر جي ڪئمپ لاءِ رسڪ پيدا ٿي سگهي ٿو. يعني باوجود سڄي هوم ورڪ ۽ پلاننگ جي جيڪڏهن عام چونڊن جا نتيجا صدارتي ٽيم جي پلان موجب نه آيا ته پوءِ محترمه بينظير ۽ ٻي اپوزيشن جي بارگينگ پوزيشن تمام گهڻي مضبوط ٿي ويندي ۽ ظاهر آهي ته صدر جي ڪئمپ اهڙو ڪو منظر ڏسڻ نه چاهيندي. سو ظاهري طرح ته اهڙو ڪو آپشن سمجهه ۾ نه پيو اچي، جنهن ۾ صدر ۽ محترمه ٻنهي لاءِ ڪا
Win-Win Situation
(اهو سود، جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو)
هجي، پر لڳي اهو ٿو ته آمريڪا جي صلاح ۽ مشوري سان ٻنهي وچ ۾ ”قومي مفاد“ تحت ڪو نه ڪو رستو شايد نڪري ئي اچي پوءِ اُن ۾ بينظير صاحبه کي ڪا ڪس ڪسر کائڻي پئجي وئي ته به قومي مفادن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اڳواڻن کي ايئن ڪرڻو ئي پوندو آهي نه ـ
ڪنهن ڪچهريءَ ۾ موضوع اهو ڇڙي پيو ته، ”جيڪڏهن ايندڙ سنڌ حڪومت پ پ ٺاهي ته پارٽي منجهه ايندڙ چيف منسٽر جا امڪاني اميدوار ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. اهي نالا آڱرين تي ڳڻياسين ته قصو ڳڻپ کان چڙهي ويو۽ پوءِ خواهشمندن جا نالا پاسي ڪري شارٽ لسٽ ٺاهي سين ته اُها لسٽ به ستن نالن جي جڙي، جنهن ۾ سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد مراد علي شاهه، مخدوم جميل الزمان، نثار احمد کهڙو، منظور وساڻ ۽ صفدر عباسي شامل هئا. ان ڪچهريءَ ۾ موجود هڪ صحافيءَ جو چوڻ هو ته چيف منسٽر انهن ستن مان هجي، يا اڃان ڪو ٻيو، پر پ پ جو وزير اعليٰ ڪير ٿيندو، ان جو فيصلو صرف پ پ قيادت نه ڪندي، بلڪه پ پ قيادت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو جنهن اميدوار مٿان اتفاق ٿيو، اهو ئي وڏو وزير ٿيندو. هن صحافي پنهنجي ڳالهه جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته، 3 9 9 1 ع ۾ به ظاهري طرح چيف منسٽرشپ جا اميدوار مخدوم امين فهيم، نثار کهڙو ۽ پرويز علي شاهه سمجهيا پئي ويا، پر ان مهل ڪنهن اها ڳالهه نوٽ نه ڪئي هئي ته جڏهن سيد عبدالله شاهه کي سينيٽ تان استعيفيٰ ڏياري ايم پي اي چونڊرايو پيو وڃي ته ظاهر آهي معاملو عبدالله شاهه کي صرف ايم پي اي بنائڻ جو نه هو، بلڪه چونڊن کان اڳ ۾ ئي ”سڀني“ طئي ڪري ورتو هو ته عبدالله شاهه ايندڙ وڏو وزير هوندو ـ
هڪڙيون هجن ٿيون خواهشون ۽ هڪڙو هوندو آهي تجزيو ڪرڻ، پر اسان وٽ تجزئي ۾ به پنهنجيون خواهشون شامل ڪرڻ جو ٽرينڊ موجود آهي. مثال طور جيڪڏهن عام چونڊن ۾ ڪو اهو سمجهي ته اڄ جي دور ۾ ”جهرلو“ ڦري ويندو ته اها ”واڳ ڌڻين“ جي خواهش ٿي سگهي ٿي، پر ايئن ڪرڻ ممڪن ناهي، باقي چونڊن کان اڳ فرشتن جي مدد ورتي ويندي، پر ووٽ فرشتا نه، پر ماڻهو ئي وجهندا. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن محترمه بينظير چونڊن دوران ڏيهه ۾ هوندي
(جنهن جو تمام گهڻوامڪان آهي)
۽ ان جي ڏيهه ۾ هجڻ سان ڪو اهو سمجهي ٿو ته 8 8 9 1 ع جهڙا چونڊ نتيجا اچي ويندا ته اها پڻ
Wishfull Thinking
(نيڪ خواهش واري سوچ)
آهي. باقي چونڊ نتيجا 3 9 9 1 ع جي چونڊ نتيجن جي ويجهو ويجهو ٿي سگهن ٿا، جڏهن پ پ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي هئي ۽ کيس سنڌ ۾ ته مرڳو ڪنهن ڌر کي اتحادي بنائڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي هئي. پ پ جي ٿنڪ ٽينڪس جو خيال آهي ته هن ڀيري به گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ کين هروڀرو ڪنهن کي اتحادي ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي، پر ”واڳ ڌڻين“ جي اها خواهش نظر ٿي اچي ته پ پ اقتداري سفر تي روانگي مهل ڪجهه اضافي لگيج (سامان) کڻي هلي، ۽ شايد هو سنڌ ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ مسلم ليگ (ق) جي ڪا گڏيل حڪومت ڏسڻ جا خواهشمند هجن، پوءِ ڀلي کڻي ان حڪومت جو چيف منسٽر پ پ سان تعلق رکندڙ هجي. واڳ ڌڻين جي اها خواهش ضروري ناهي ته پوري به ٿي سگهي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته جيڪڏهن سڀاڻي صدر مشرف سان پ پ جيWorking Equation جڙي ٿي وڃي ته صدر مشرف جي ٽيم سان ٺهڻ ۾ ڪهڙو مسئلو؟ پوءِ اها ايم ڪيو ايم هجي، مسلم ليگ (ق)، يا ڪا ٻي پارٽي ـ
پ پ جا حامي دانشور ملڪي سياسي وايومنڊل کي ان ريت بيان ڪن ٿا ته ملڪ ۾ هڪ ئي سياسي پارٽي آهي، اُها آهي پيپلز پارٽي، ٻئي طرف صرف اسٽيبلشمينٽ آهي. ان کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه بوگس آهي. جڏهن ته ڪجهه سياسي نقاد اسان جي سياست جي ڪاروهنوار جي تشريح هِن ريت ڪن ٿا ته اسان وٽ بنيادي طرح سياست جو
Nucleus
(مرڪز)
اسٽيبلشمينٽ ئي آهي، جنهن مان مختلف شاخون نڪتيون ۽ اڃان نڪرن پيون، پوءِ انهن مان ڪجهه ٿوري دير لاءِ پري ٿيڻ کان پوءِ وري واپس اچي ملن ٿيون. اهڙن تبصرن کي ٻڌي يا اقتداري سياست بابت مغز مار قسم جا تجزيا ڪندي يا ٻڌندي اڪثر منهنجو ذهن ان پير اگهاڙي خميسي خان ڏي هليو وڃي ٿو ته آخر اهو ڪڏهن اسان جي اقتداري سياست ۾
Relevant
(لاڳاپيل)
بڻبو ۽ ڪڏهن اقتداري سياست ان لاءِ
Relevant
(لاڳاپيل)
بڻبي؟ ايندڙ چونڊن ۾ ڪير حڪومت ٺاهيندو، ڪنهن جو ڪنهن سان ٺاهه ٿيندو، يا نه اهڙن خفن ۾ خميسو خان پنهنجو ٽوال ڇنڊي شايد مرزا غالب جو اهو شعر پڙهي ٿو ته
پر ڇا خميسي خان جيان سنڌ جي ووڪل ڪلاس به ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي سڄي صورتحال کان
Irrelevant
(اڻ لاڳاپيل)
ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ ٻيو ڪجهه نه، پر ڇا ايترو ويچارڻ کان به وياسين ته ايندڙ چونڊن لاءِ جتي هاڻ کان ئي ڀوتار، مختلف پارٽيون، ڌريون ۽ اسٽيبلشمينٽ تياريون وٺن پيا ته گهٽ ۾ گهٽ ”وو ڪل ڪلاس“ پاران ايندڙ چونڊن لاءِ ”سنڌ ايجنڊا“ ئي سامهون آندي وڃي، جيڪا مختصر، پر جامع هجي. جنهن ۾ ٺوس ۽ عمل جوڳيون ڳالهيون هجن، جنهن کان ڪو چونڊ اميدوار انحراف ڪرڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچي، جيڪا ايجنڊا ووٽرن لاءِ ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو معيار بڻجي سگهي ـ
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو