Saturday, 13 December 2014

علي قاضي

اقتداري ٽرائيڪا جا مسئلا ۽”آئيڊيل بندوبست“ جي حقيقت
اربع  17 آڪٽوبر 2007ع  
”صدر مشرف جي بطور صدر جونڊجڻ جو سرڪاري طرح نوٽيفڪيشن ان مهل تائين جاري نه ڪيو وڃي، جيستائين عدالت ان ڏس ۾ پنهنجو فيصلو نٿي ٻڌائي“. اهڙي هدايت سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏني ـ 
”صدر پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير وچ ۾ هلندڙ ڊائلاگ جي نتيجي ۾ قومي مفاهمتي آرڊيننس جاري ٿي ويو”. ان آرڊيننس تحت محترمه بينظير ۽ ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪيس واپس ورتا ويندا ـ 
6- آڪٽوبر تي صدر مشرف ڳري اڪثريت سان ٻيهر صدر پاڪستان جونڊجي ويو . پارليامينٽ ۾ باقي بچيل اڪيلي اپوزيشن پارتي پي پي استعفيٰ ڏيڻ بدران چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ـ 
سپريم ڪورٽ قومي مفاهمتي آرڊيننس تي عدالت پاران حتمي فيصلو اچڻ تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ـ
”صدر مشرف طرفان، محترمه بينظير کي سپريم ڪورٽ پاران حتمي فيصلو اچڻ تائين ڏيهه ورڻ وارو پروگرام ملتوي ڪرڻ واري ڏنل صلاح بينظير ڀٽو رد ڪندي هر صورت ۾ 18-آڪٽوبر تي ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو آهي “ـ

اهي هيون گذريل ٻن هفتن جون اهم هيڊ لائينز ۽ هاڻ هلون ٿا انهن خبرن جي تفصيلات ڏانهن، جن تفصيلن سڀني کي منجهائي ماريو آهي. پر ان کان اڳ مرزا غالب جي شعر لاءِ هڪ مختصر بريڪ ٿا وٺون ـ

فڪر دنيا مين سر کهپاتا هون
مين کهان اور يه وبال کهان

پاڪستان جي 60 سالن جي اقتداري سياست ۾ سازشون، بحران، مونجهارا ڪا نئين ڳالهه ڪونهن پر هن بحران بابت عام Perception
 (ادراڪ)
 اهو ئي رهيو ته بحران اسان جي اسٽيبلشمينٽ يا ڪجهه موقعن تي آمريڪا جي آشيرواد سان جنم ورتو آهي ۽ جڏهن بحران پيدا ڪندڙن جا مقصد پورا ٿي ويندا هئا. ته بحران به ٽري ويندا هئا ۽ سڀ ڪجهه واپس نارمل ٿي ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ 90 سيڪڙي کان به وڌيڪ پيرا جيڪي بحران پيدا ٿيا. اهي سگهارين طاقتن پاران اڳواٽ رٿيل پلان موجب مختلف ”مهرن“ کي اڳيان پويان ڪرڻ سبب پيدا ٿيندا هئا ۽ پوءِ جڏهن مقصد حاصل ٿي ويندو هو ته ٻيهر مهرن کي
Stand Still
(روڪ / جهل)
پوزيشن ۾ اچڻ جو چيو ويندو هو ۽ وري وقت گذرڻ لڳندو هو پر هاڻوڪي اقتداري بحران ۾ صرف واشنگٽن، راولپنڊي ۽ سياستدان شامل ناهن. هن ڀيري عدليه، وڪيل برادري، ميڊيا بلڪه سڄي سول سوسائٽي شامل آهي. تهن ڪري ماضيءَ جيان اقتداري بحران جا پراڻا ۽ مستقل ميمبر، يعني آمريڪا، آرمي ۽ سياستدانن کي نج پنهنجي مرضيءَ موجب ان بحران جو نتيجو وًڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. اسٽيبلشمينٽ ٽيم جي هڪ ذميوار ڪنهن ڪچهريءَ ۾ چيو ته، ”اسان کي ماضيءَ بدران هن ڀيري ٻنهه مختلف صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو پئي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ عدليه ڪڏهن به اسان جي مفادن خلاف نه ويئي آهي. تنهن ڪري اسان جو ان ڏس ۾ ڪو گهڻو هوم ورڪ ٿيل نه هو. ساڳي ريت بار يعني وڪيل برادري ڏانهن به اسان گهڻو ڌيان نه ڏيندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته ان برادريءَ ته ماضيءَ ۾ اسان لاءِ ڪو وڏو ڏجو پيدا نه ڪيو هو. باقي رهيو ميڊيا ۽ خاص طور تي اليڪرانڪ ميڊيا. ته اهو پاڪستان ۾ هڪ نئون فنومينا هو. جنهن بابت پڻ اسان کي ڪو خاص تجربو ته هو. تنهن ڪري 9-مارچ کان شروع بحران اسان کان اڃان تائين مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه پيو اچي. ”ان همراهه جي ڳالهه ۾ لاجڪ آهي. پر اها ڳالهه به غير منطقي ناهي ته اسٽيبلشمينت هاڻ ڇا به ڪري وٺي. پر بوتل مان ٻاهر نڪري آيل سول سوسائٽي وارو جن هاڻ مڪمل طور تي واپس بند ڪرڻ ڪنهن جي لاءِ ممڪن ناهي رهيو ـ
گذريل اٺن سالن کان جيئن طاقت جو محور مشرف صاحب جي ذات رهي آهي. تيئن ظاهر آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نه رهندو. جيتوڻيڪ واشنگٽن ۽ راولپنڊي کي Suit اهو ئي پيو ڪري ته اقتدار جو سرچشمو هڪڙي ذات / شخص ئي هجي. ته جيئن سندن مفادات جي حاصلات لاءِ جڙيل پاليسين تي عملدرآمد ۾ ڪي به رنڊڪون اچن پر ملڪ جون معروضي حالتون اهڙي اجازت نه پيون ڏين ۽ ته چاهيندي به هڪ شخص ۾ سمايل اقتداري ٽرائيڪا
 (صدر وزيراعظم ۽ آرمي چيف)
 هاڻ واقعي به ٽن ماڻهن تي ٻڌل ٿيڻ ڏانهن وڃي پئي
  شوڪت عزي صاحب کي مشرف صاحب جو حصو ئي سمجهڻ گهرجي . ان کان به وڌيڪ اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته هاڻ اسان وٽ ادارا به متحرڪ ٿيڻ شروع ٿي آهن ۽ عدليا توڙي ميڊيا جو ڪردار پنهنجي آڏو آهي ۽ ڪامن سينس اهو ٿو چوي ته ايندڙ چوندن کان پوءِ ٺهندڙ چونڊون کان پوءِ ٺهندڙ پارليامينٽ ماضيءَ جيان ته هوندي ۽ اسان جو هي ادارو (پارليامينٽ) به ماضي جيان ربڙ اسٽيمپ ٿيڻ بدران وڌيڪ ڪرائنو ڪردار ادا ڪندو. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ، عدليه ۽ ميڊيا گڏجي پنهنجو اٿرائتو ڪردار نڀائيندا. جيئن هڪ جمهوري معاشري ۾ ٿئي ٿو. ته پوءِ اسٽيڀلشمينت جو اسان جي سياست ۾ باقي ڪردار ڇا بچندو! ۽ گڏو گڏ ايتري چيڪ ۽ بيلنس واري سسٽم ۾ آمريڪا بهادر جون فرمائشون ڪيئن پوريون ٿينديون! اسان جي اسٽيبلسمينٽ جنهن کي گذريل 60 سالن کان اقتدار ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح رهڻ جو چسڪو پيل آهي. سا ماٺ ڪري ڪنڊ جهلي بيهي رهندي؟ آمريڪي مفادن هيٺ ڪبل جي جنگ جيڪا سري ڪري وزيرستان ۾ اچي وئي آهي. ان ڪري ٻيهر ڌڪو ڏئي ڪابل ڏانهن ڪير موڪلي سگهندو ـ
مغربي دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ هم آهنگيءَ سان انتها پسنديءَ کي مات ڏئي سگهي ۽ ايندڙ ٽرائيڪا. جنهن ۾ سويلين صدر مشرف، محترمه بينظير ۽ جنرل ڪياني ڇاڪاڻ ته مغربي دنيا جي پاليسين ۽ خيالن سان ويجهڙائپ رکن ٿا. تنهن ڪري اهو هڪ آئيڊيل بندوبست هوندو پر صورتحال جي باريڪي اها آهي ته صرف انهن ٽنهي جو مسئلو پرڏيهي دنيا جي پاليسيءَ جو پورائتو ڪرڻ ته نه هوندو، بلڪه انهن ٽنهي وچ ۾ Personality clash شخصيتي ٽڪراءُ ٻين ڏيهي معاملن تي ورڪنگ رليشن شپ ۽ ان کان سواءِ انهن ٽنهي شخصيتن جي پويان موجود ادارن ۽ فردن جي مفادن جو ٽڪراءُ. يعني صدر مشرف جا 8 سالن کان رهندڙ سياسي توڙي غير سياسي اتحادي. محترمه بينظير جي پويان سندس پارٽي ۽ ووٽرن جون اميدون ۽ خواهشون ۽ جنرل ڪياني پويان فوج جو ادارو، و ان پس منظر ۾ انهن ٽنهي شخصيتن وچ ۾ ڀلي واشنگٽن بهادر ڪو رولز آف دي گيم جوڙي کين گڏ هلڻ جي نصيحت ڪري پر اهو معاملو هلڻ ڪو ايترو سولو نظر نٿو اچي. ساڳي ريت ٽن شخصيتن جي ٺاهه سان ضروري ناهي ته عدليه، پارليامينٽ، ميڊيا ۽ مجموعي طور سول سوسائٽي انهن تنهي سان هر ڳالهه تي سهمت ٿين. جنهن جو تازو مثال پاڻ صدر مشرف پاران جاري مفاهمتي آرڊيننس تي عدالت پاران عملدر آمد روڪڻ واري حڪم جي صورت ۾ ڏسي سگهون ٿا ـ
محترمه بينظير جي سڀاڻي ڏيهه واپسيءَ جي موقعي تي جتي سندس ڀرپور آجيان لاءِ پارٽي متحرڪ نظر اچي پئي. اتي ئي سندس تحفظ لاءِ به وڏي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. الله سائين سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي پر جيتري سيڪيورٽي سڀاڻي واري استقبال جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي. اها صرف هڪ ڏينهن لاءِ ظاهر آهي تي نه ڪٿي ويندي. بلڪه سڄي چونڊ مهم دوران اهو هڪ اهم concern (خفو) رهندو ۽ سندس ايندڙ سياسي چرپر ۽ فيصلن تي به اهو فيڪٽر اثر انداز رهندو. ڇاڪاڻ ته چونڊن کان پوءِ ٺهندڙ اقتداري ٽڪنڊي مان اولهه جون طاقتون. انتها پسنديءَ خلاف اڃان ڀرپور ۽ اثرائتي حڪمت عملي چاهينديون. جنهن جي رد عمل طور انتها پسند ڌرين پاران به وڌيڪ ڪارواين جي امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ـ 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو