ڀوتار ته هوندو!
آچر 17 ڊسمبر 2006ع
هڪ پنجابي دوست جو ٻڌايل لطيفو آهي ته ڪنهن ڳوٺ جو ڪو يتيم مسڪين ڇوڪرو شيدو ڪنهن ريت شهر مان 8 يا 0 1 درجا پڙهي واپس ڳوٺ آيو ته سڌو پنڊ جي چوڌري وٽ ويو، جيڪو پنهنجي چوگرد ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ زور پيو ڏياري ۽ ڪچهري لڳايو ويٺو هجي. شيدي هٿ ٻڌي چوڌري صاحب کي چيو ته کيس ان سان نويڪلائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي. چوڌري کيس حقارت سان ڏسندي چيو ته، ”تون ڪهڙو معتبر آهين جو توسان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهايان، جيڪو چوڻو اٿئي سڀني ماڻهن جي وچ ۾ چئه،“ اهو ٻڌي شيدي چيو ته، ”سائين پڙهي لکي، نوڪري سان لڳو آهيان، سوچيان ٿو ته شادي ڪري وٺان، سو توهان وٽ توهان جي ڌيءُ جو سڱ گهرڻ آيو آهيان.“ اهو ٻڌندي ئي چوڌري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ شيدي کي موچڙا هڻڻ لاءِ پنهنجن ماڻهن کي هڪل ڪيائين. چوڌريءَ جا ماڻهو جڏهن ان ڇوڪري کي ٺيڪ ٺاڪ ڪٽڪو ڏيڻ کان پوءِ پري ٿيا ته شيدو اٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊي پنهنجو ٽوال ڪلهي تي رکي چوڌري کي ڏسي چيائين، ”پوءِ چوڌري صاحب سڱ لاءِ آئون توهان پاران جواب ئي سمجهان؟“
اڪثر ڪري شيدي جيان گهڻين ئي جٺين ۽ خوارين ٿيڻ جي باوجود به الائي ڇو اسان کي به يقين نٿو اچي ته مختلف فردن، ادارن ۽ Vested interest رکندڙ ڌرين پاران ”جواب“ ئي سمجهڻ گهرجي. مثال طور اسان جي سوسائٽي ۾ برادرين جي نالي تي قتل و غارتگري ڪرائي ان مان لکين رپيا ڪمائي ان ذات جي هزارين ماڻهن کي برادريءَ جو نالو ڏيئي انهن کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکندڙن کان جيڪڏهن ڪو اميد رکي ٿو ته اڄ، سڀاڻي يا 0 5 سالن کان پوءِ به هي ان فرسوده اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ جي حق ۾ هوندا ته اها هڪ خام خيالي ئي چئبي. ساڳيءَ ريت وڏي پيماني تي اسٽرڪچرل تبديليون توڙي سسٽم ۾ ٽرانسپيرنسي آڻڻ کان سواءِ سرڪاري ڪاروهنوار مان ڪرپشن ختم ٿي وڃڻ جي اميد ڪرڻ به اجائي ٿيندي، يا وري ورهين کان ووٽ وٺي ۽ موٽ ۾ معياري تبديلي لاءِ ڪا گهڻي نه به ته ڳڻپ جوڳي ڪوشش لاءِ به جواب ڏئي بيٺل همراهن ڌرين پارٽين کان وري مستقبل ۾ ڪا مختلف ۽ مثبت روش جي اميد رکڻ بلڪل ائين ئي هوندو، جيئن شيدي پاڻ سان ٿيل سڄي جُٺ کان پوءِ پڇڻ جي زحمت ڪئي ته، ”ڇا هو جواب ئي سمجهي؟“
جيڪي دانشور يا ليکڪ اهو سمجهن ٿا ته سندن ڀاشڻن ۽ نصيحتن سان ان تبديلي سندن لکڻين جي عيوض کين هي مخلوق شايد ڪنهن بورڊ يا ڪنهن اٿارٽي ۾ سرڪاري نوڪري ڏياري سگهي. پر ظاهر آهي ته اهي نوڪريون به ٻن يا چئن ڄڻن کي ئي ملنديون، سو باقي دانش جا ور به جواب ئي سمجهن. جيڪي ڏاها، ڌريون، پارٽيون عوام کي اليڪشن پراسيس کان ٻاهر رهي انقلاب يا تبديلين جو درس ڏين ٿا، عوام کي انهن مان به 0 5 سالن کان جواب ئي ملي پيو. سو هاڻ به عوام انهن مان جواب ئي سمجهي ۽ شايد منهنجو هي مضمون پڙهندي ڪجهه دوست هي به چون ته، ”معياري تبديلي لاءِ ووڪل ڪلاس مان علي قاضي صاحب! توهان به جواب ئي سمجهو!“ ”ڪاوش“ ۾ اسان جي ساٿي منظور ميراڻيءَ ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته، ”اسان وٽ ووڪل ڪلاس ته الائي ڪيترو آهي، پر جيڪو ڪلاس اسان وٽ اڪثريت ۾ آهي، اهو آهي توڪل ڪلاس.“
پنهنجن اڳوڻن مضمونن ۾ اسان جي معاشري جي جن ماڻهن لاءِ اهو لکيو هئم ته انهن وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ
Initiative
(ڪوشش)
وٺڻ جي کوٽ آهي، ۽ هو چاهين ٿا ته ڪجهه چڱو ٿئي، پر اهو چڱو ڪو ٻيو ڪري. ان کي پاڻ ”موڪل ڪلاس“ جو نالو به ڏيئي سگهون ٿا، يعني هو پاڻ ڪجهه به ڪرڻ کان ”موڪل“ تي رهڻ چاهين ٿا. سو اسان وٽ جتي ووڪل ڪلاس آهي، اتي ”توڪل ڪلاس“ ۽ ”موڪل ڪلاس“ جا ماڻهو به آهن ۽ جيئن موڪل يا توڪل ڪلاس جا ماڻهو ڪنهن معاشي طبقي کان آجا هجن ٿا، ساڳيءَ ريت ”ووڪل ڪلاس“ به ڪنهن معاشي يا طبقاتي ڪلاس جي ماڻهن تي ٻڌل ناهي. مون جڏهن سنڌ ۾ موجود ووڪل ڪلاس جي ڳالهه ڪئي هئي ته اهو چٽي نموني سان لکيو هئم ته ان ڪلاس جا ماڻهو هر طبقي مان ٿي سگهن ٿا، هر سوچ ۽ فڪر جا ۽ هر شعبي سان سندس تعلق ٿي سگهي ٿو. پر خبر ناهي ڇو معياري تبديلي آڻڻ جي حوالي سان ٿيندڙ بحث ۾ اڪثر دوست ووڪل ڪلاس مان مراد مڊل ڪلاس ڪڍي ان تي رايا ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته ووڪل ڪلاس مان منهنجي مراد سوسائٽيءَ جو هر اهو مرد يا خاتون، جيڪو غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي همت رکي ٿو، پوءِ سندس تعلق شهري علائقي سان هجي يا ٻهراڙيءَ سان، ڪاروباري ماڻهو هجي يا زميندار، مزدور هجي يا هاري، غرض ته سوسائٽيءَ جو هر اهو فرد، جيڪو ان فرسوده نظام مان بيزار به هجي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جو وٽس جذبو به هجي، جيڪو پاڻ سان ٿيندڙ هر جٺ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ٿيندڙ هر ناانصافيءَ کي نصيب جو حصو سمجهي خاموش نه رهڻ چاهيندو هجي، جنهن جي اندر جو انسان مئو نه هجي، جيڪو چوطرف ٿيندڙ زيادتين تي گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ ئي اهو ضرور چوندو هجي ته
Enough is Enough
(بس گهڻي ٿي ـ)
ووڪل ڪلاس جي 250 يا 300 ماڻهن پاران گڏجي تڪ ۾ ”غير روايتي“ اميدوار کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ واري فارمولي تي هڪ ٻيو اعتراض اٿاريو پيو وڃي ته اسان وٽ ڇاڪاڻ ته چونڊون وڙهڻ هڪ مهانگو عمل هجي ٿو، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس جو نمائندو ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آڻيندو، جو هو هڪ روايتي اميدوار جو مقابلو ڪري سگهي؟ ان ڏس ۾ سمجهڻ اهو گهرجي ته اليڪشن جو بنيادي خرچ چونڊ مهم يعني ڪارنر گڏجاڻين وغيره تي اچي ٿو ۽ ٻيو وڏو خرچ اليڪشن واري ڏينهن ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي اچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ، ماني وغيره تي اچي ٿو. پر ووڪل ڪلاس جي اميدوار جي معاملي ۾ ايئن نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ دفعو 250 يا 300 ماڻهو گڏ ٿي ويا ته پوءِ چونڊ مهم ڪو هڪ اميدوار نه، پر تڪ جا اهي 300 ماڻهو هلائي رهيا هوندا، جن کي پڻ پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن ۽ واقفڪار 70 يا 80 ووٽرن سان ئي لهه وچڙ ۾ اچڻو هوندو ۽ کين قائل ڪرڻو هوندو آهي ته اهي پنهنجو ووٽ ووڪل ڪلاس جي نمائندي کي ڏين. سو ڪنهن هڪ ماڻهو لاءِ ٽن مهينن اندر هڪ تڪ اندر رهندڙ پنهنجن 70 يا 80 مائٽن ۽ واقفڪارن سان روبرو ملاقاتن ڪرڻ ۾ گهڻو خرچ گهربل هوندو؟ ظاهر آهي ته نه هجڻ برابر ـ
ساڳيءَ ريت اليڪشن واري ڏينهن هڪ ماڻهو لاءِ پنهنجا 70 يا 80 ووٽر پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ ۾ گهڻو خرچ اچي ويندو؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گاڏي نه پر موٽر سائيڪل تي ئي پندرنهن ويهه ڦيرا ڪندو، يا ڪنهن رڪشي تي يا ڪنهن چنگچي تي 70 يا 80 ماڻهن کي پولنگ اسٽيشن تائين آڻيندو ته ڪهڙا ان همراهه جا لکين روپيا خرچ اچي ويندا؟ ظاهر آهي ان همراهه جا هزار، پندرنهن سو روپين کان مٿي ڇو خرچ ايندو؟ سو سمجهڻ اهو گهرجي ته ڪو هڪ ماڻهو چونڊ نه پيو وڙهي پر 250 يا 300 ماڻهو چونڊ وڙهن پيا ۽ انهن کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڏوڪڙن جي نه پر ڪمٽمينٽ ۽ ان يقين جي ضرورت آهي ته هو گڏجي معياري تبديلي آڻي سگهن ٿا ـ
ان ڏس ۾ هڪ ٻيو نقطو اهو اٿاريو وڃي ٿو ته روايتي ڀوتار جي سامهون جيڪڏهن 250 يا 300 ماڻهو گڏ ٿي به ويا ته کين مقامي ڀوتار جي ڏمر کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. ان خوف ۾ ورتل ماڻهن کي سمجهڻ اهو گهرجي ته تڪ جي سطح تي ٺهيل ووڪل ڪلاس جي 250 ۽ 300 ماڻهن ۾ وڪيل هوندا، ڊاڪٽر به، قلمڪار، واپاري ماڻهو ته زميندار به ۽ سياسي ڪارڪن ۽ استاد، يا ٻيا سرڪاري ملازم توڙي بيروزگار نوجوان به. سو هاڻ ايڏو به انڌير ناهي، جو انهن سڀني کي ڀوتار کائي ويندو. سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، تنهن ڪري ايڏو خوف اجايو به آهي ۽ گڏوگڏ جڏهن معياري تبديلي چاهيو به ٿا ته ڪير پليٽ تي رکي ته اها تبديلي پيش نه ڪندو. ڪجهه خفو، ٿوري همت ۽ محنت ته ڪرڻي پوندي. اردو جي هڪ شعر جي انداز ۾ پاڻ واري صورتحال ڪجهه هيئن بيهي ٿي ته ـ
ڪها معياري تبديلي لائين گئ
ڪها معياري تبديلي لائو
ڪها ڀوتار ڪارڊ هئ
ڪها ڀوتار تو هوگا
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو