Saturday, 13 December 2014

علي قاضي

هڪ خواب ۽ تعبير جي اميد
22 نومبر 2006ع                            

سنڌ ۾ معياري تبديلي اليڪشنز ذريعي ممڪن آهي
 واري بحث تي ڪالمن ۾ آيل راين توڙي اي ميل يا روبرو مليل فيڊ بيڪ ۾ هڪ نقطو ساڳيو سامهون آيو آهي، اهو هي ته اگر ڪجهه تڪن تان ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ايم پي ايز ٿي به پيا ته ان سان سنڌ ۾ معياري تبديلي ڪيئن اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته بنا ڪنهن گڏيل ايجنڊا جي، انفرادي طرح چونڊجي آيل ميمبر ايوان ۾ ڪيئن ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهندا؟ ڪجهه دوستن اهو اعتراض به اٿاريو آهي ته 200 يا 300 ماڻهن واري لوڪل اسيمبليءَ واري فارمولي هيٺ مختلف تڪن تان انفرادي طرح جيڪڏهن مختلف ماڻهو چونڊجي به آيا، ته ان سان سياسي پارٽين کي ڏک رسندو ـ

پنهنجي گذريل مضمون ۾ تفصيل سان اهو عرض ڪيو هئم ته بنهه گهٽ عقل رکندڙ ڪو ماڻهو يا ڊڪٽيٽر ئي اهو چاهيندو ته ڪنهن سوسائٽي مان سياسي پارٽي / پارٽيون ختم ٿي وڃن ۽ سندن جڳهه تي ڪجهه 
 Individuals 
 اچي وڃن، پر اتي سوال اهو ٿو اڀري ته جيڪڏهن ڪنهن سوسائٽي ۾ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽي / پارٽيون بهتريءَ واري تبديلي نه آڻي سگهن، ته ڇا ان جو متبادل نه ڳولڻ گهرجي؟ ڇا اگر هڪ سياسي فلسفو يا
 Concept 
(تصور)
 مسلسل آزمائڻ باوجود سوسائٽي ۾ ڪا بهتري نه آڻي ته ان جو alternate 
 (متبادل)
 نه سوچڻ گهرجي؟ جيڪڏهن هڪ سياسي پارٽي عوام کي Deliver 
 نه ڪري سگهي ته عوام پاران ان پارٽيءَ بدران ٻيءَ پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ کي گناهه تصور ڪرڻ گهرجي؟ اسان جي سوسائٽي ۾ به جيڪر هر پاسي ترقي، خوشحالي، شانتي ۽ مسلسل، متواتر بهتريءَ لاءِ تبديليءَ جو سلسلو جاري هجي ها ته پوءِ هرڀرو ماڻهن جو مٿو ته نه ڦريو آهي، جو اهي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جهڙن بحثن ۾ پون ها! شاديءَ جي محفل هجي يا ڪنهن جي تڏي تي ويٺل ماڻهن جون ڳالهيون هجن، ڪا اوطاق هجي يا هوٽل تي هلندڙ ڪچهري، ڪا سياسي گڏجاڻي هجي يا سماجي ميڙاڪو، هر هنڌ ماڻهن کي پاڻ چوندي، ٻڌندا آهيون ته سنڌ جون حالتون ڇا آهن، ڪٿي تعليم جي ٻيڙي ٻڏڻ تي ماڻهو منهن مٿو پٽي رهيا هجن ٿا، ته ڪٿي امن و امان جي تباهيءَ تي آهه و زاري ٿي رهي هوندي آهي. ڪٿي رياستي ادارن جي ڏاڍاين آڏو ماڻهو پنهنجي بيوسيءَ جا قصا ٻڌائي رهيا هجن ٿا، ته وري ڪٿي ڪرپشن سبب انصاف نه ملڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهن ٿا. سو اگر پنهنجي چوطرف کان خلق خدا جي راءِ مان اهو پيغام نه ملي رهيو هجي ها ته عوام بهتريءَ ۽ معياري تبديليءَ لاءِ واجهائي رهيو آهي، ته ڪير هروڀرو واندو ته ناهي جو اهڙن خفن وارن بحثن ۾ پوي ها! منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهي ته،
“Sindh desewes better” 
 (سنڌ بهتريءَ جي حقدار آهي)
. ائين ته هر ڪو فرد ۽ سوسائٽي وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي خواهشمند هوندي آهي پر سنڌ سان مسئلو ”اڃان به“ يا ”وڌيڪ بهتر / اڳتي“ ٿيڻ وارو ناهي، بلڪ سنڌ جو مسئلو ”اڃان به پوئتي“ ٿيڻ وارو آهي. سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي ماڻهن ۾ ته اهڙيون ڊپ واريون اڳڪٿيون عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته، ”اسان جيڪي ڪالهه هئاسين. اڄ نه آهيون ۽ جيڪو اڄ آهيون، ٿي سگهي ته سڀاڻي ان کان به پوئتي نه هليا وڃون“ ـ

سوسائٽي جي مختلف ٽرينڊز ۽ معاشرتي اٿل پٿل تي نظر رکندڙ فرد طور اهو ڪير ٿو چئي سگهي ته سنڌ ۾ اهو بحث بلڪل ناهي ته اتي ڪا معياري تبديلي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو هاڻ صرف هڪ بحث نه پر اها بنيادي ضرورت بڻجي ويئي آهي. ان ڏس ۾ چار مختلف 
 School of thoughts 
 (مڪتبهءِ فڪر)
 وارا ماڻهو نظر اچن ٿا. انهن مان پهرين اهي ماڻهو، جيڪي ان اسٽيٽسڪو واريءَ صورتحال جا سڌا 
Beneficiaries
 (مستفيض ٿيل)
 آهن، تنهن ڪري اهي ڪنهن به بهتريءَ لاءِ تبديليءَ جي حق ۾ ناهن. ٻئي قسم جا اهي ماڻهو آهن، جيڪي تبديليءَ جي حق ۾ ته آهن پر هو شديد 
Pessimism
 (نراسائي/قنوطيت)
 جو شڪار آهن ۽ سندن خيال ۾ ڪجهه به ڪري وٺجي پر ڪجهه به نه ٿيندو. ٽئين قسم جي ماڻهن وٽ وري 
Initiative
 (شروع ڪرڻ جي جذبي)
 جي کوٽ هجي ٿي. هي هر وقت اهو سوچين ٿا ته 
 Some one else should bell the cat 
 (ٻليءَ کي گهنٽي ٻيو ڪو ٻڌي)
 انهن وٽ پاڻمرادو اڳتي وڌڻ وارو حوصلو گهٽ هجي ٿو. چوٿين قسم ۾ اهي اٻوجهه ماڻهو اچي ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي حالت زار کي قسمت جو لکيو سمجهي هر ظلم ۽ زيادتيءَ کي برداشت ڪندا رهن ٿا. پهرئين نمبر واري ڪيٽيگريءَ تي ڳالهائڻ يا انهن کان ڪا اميد ان ڪري به اجائي آهي، جو تبديلي نه اچڻ ۾ ئي انهن جا
 Vested Interest 
 (لاڳاپيل مفاد)
 آهن ـ
 ساڳيءَ ريت ڀوتارن جي داٻن ۾ پيڙهين کان زندگي گهاريندڙ ماڻهو به معياري تبديلي آڻڻ جي پهرئين مرحلي ۾ ڪو گهڻو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا پر جيڪر ووڪل ڪلاس جا اهي ماڻهو جيڪي تبديليءَ جي حوالي سان نا اميد ٿي چڪا آهن، ٻيو ڪجهه نه پر چوڻ جي حد تائين ئي سهي، اهو مڃين ته، سوسائٽيءَ ۾ اليڪشن جي ذريعي معياري تبديلي ممڪن آهي ته منهنجي خيال ۾ سندن پراميد ٿيڻ خود هڪ مثبت تبديلي ڳڻبي، ڇاڪاڻ ته هي ووڪل ڪلاس معاشري ۾ راءِ عامه ٺاهڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن اهي مايوسيءَ جي ور چڙهيل هوندا ته 
 Over all 
 (مجموعي طرح)
 معاشري ۾ به چوطرف مايوسي ۽ نااميدي ئي نظر ايندي. آئون سمجهان ٿو ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو روز ڏينهن ۾ ٻه چار دفعا هڪ ٻئي سان حال احوال دوران، ڪنهن ڪچهريءَ دوران اهو جملو ورجائين ته، ”ها، معياري تبديلي ممڪن آهي“ ته اها ذهني 
 Exercise 
 (مشق)
 معاشري کي
 Pessimsim
 (نراسائي)
 ۽ ڊپريشن واري ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍي پيئي سگهي. سو اچو ته هاڻ ان سوچ سان مضمون کي اڳتي وڌايون ته، ”اليڪشن ذريعي معياري تبديلي ممڪن آهي“ ـ

صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تي 200 يا 300 ماڻهن جي لوڪل اسيمبلي ٺاهي اميدوار ڪامياب ڪرائڻ واري فارمولي پويان انگن اکرن سان دليل ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته، جيڪي ”دانش زده“ حضرات ورهين کان اهو چوندا رهيا آهن ته اليڪشن ۾ صرف ڀوتار يا ڪروڙپتي ماڻهو يا ابن ڏاڏن کان وراثت ۾ مليل سيٽ رکندڙ ”خانداني“ ئي صرف چونڊ کٽي سگهن ٿا ته اها هڪ غلط
 Perception 
 (سوچ/تصور)
 آهي ۽ شهري تڪن تان اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو آزاد ووٽرن کي گڏ ڪري مڙسي ڪن ته روايتي اميدوار کي ڪو غير روايتي اميدوار هارائي سگهي ٿو. سو اگر هاڻ پاڻ ان بحث کان مٿي چڙهي آيا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته چونڊن ۾ ووڪل ڪلاس جي اميدوار پاران ڪنهن ڀوتار کي هارائڻ ناممڪن ناهي ته پوءِ ان نقطي تي ويچاريون ٿا ته مختلف تڪن تان مختلف الخيال ماڻهون اگر چونڊجي به آيا ته اهي ڪيئن سنڌ جي اشوز تي گڏيل راءِ جوڙي سگهندا؟ ان ڏس ۾ ٻن ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. هڪ اها ته اگر مثال طور، گهوٽڪي يا اپر سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهري تڪ تان 200 يا 300 ماڻهو گڏجي هڪ اميدوار کي سامهون آڻيندا ته ظاهر آهي ته ان اميدوار کان سنڌ جي اهم اشوز، جهڙوڪر پاڻي، ناڻو، گڊ گورنس وغيره تي ئي لوڪل اسيمبليءَ ۾ حلف کڻايو ويندو، پر ڇا بدين، ٺٽو يا لاڙ جي ڪا لوڪل اسيمبلي پنهنجي اميدوار کان سنڌ جي انهن اهم اشوز تي حلف نه کڻائيندي؟ ظاهر آهي ته ضرور حلف کڻائيندي ۽ سمجهڻ اهو گهرجي ته سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ مان اميدوار بيهندو پر سنڌ جي بنيادي اشوز تي هڪ ٻئي کان مختلف راءِ ڪيئن رکي سگهندو؟ باقي لوڪل اشوز هر علائقي جا پنهنجا هجن ٿا، مثال طور جيڪب آباد جا پنهنجا لوڪل مسئلا آهن، ته دادوءَ جا وري پنهنجا آهن. ان ريت اگر سڄيءَ سنڌ مان جيترا به اميدوار بيهندا، اهي سنڌ جي اهم اشوز جي حوالي سان هڪ ئي ايجنڊا تي نه صرف ووٽ کڻي پر چونڊجڻ کان اڳ حلف کڻي ايوان ۾ پهچندا ۽ ڀلي انهن جو ڪو هڪ چونڊ نشان نه به هجي پر انهن سڀني جي ايجنڊا هڪڙي هوندي ـ

پاڻ ان کان به ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا، ڀلي ڪو چوي ته علي قاضي خواب پيو ڏسي، پر سٺو سوچڻ ۽ ڀلي خواب ڏسڻ تي پابندي ته ناهي. فرض ڪريو ته مختلف تڪن تي لوڪل اسيمبليون جڙن ٿيون، ته سواءِ لوڪل اشوز جي، باقي سڄي ايجنڊا ته انهن جي هڪڙي ئي هوندي. سو اهي سڀ لوڪل اسيمبليون چونڊن کان اڳ يا چونڊن کان پوءِ پاڻ ۾ الحاق ڇو نٿيون ڪري سگهن؟ جڏهن ايجنڊا هڪڙي، مقصد هڪڙو، Orientation 
 ساڳي، ته پوءِ انهن تڪن جا اميدوار ايوان ۾ سنڌ جي اشوز تي گڏيل گروپ ٺاهي پيا سگهن. ان ريت ووڪل ڪلاس جا نمائندا ايوان ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪنهن هڪ سياسي پارٽيءَ وارو ئي ڪردار ادا ڪندا، نه ڪي انفرادي رول. ساڳيءَ ريت ووڪل ڪلاس جا نمائندا سڀاڻي ايتري اڪثريت ۾ اچي وڃن (خواب ڏسڻ تي ٽيڪس ناهي لڳندو) جو هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هجڻ تي سنڌ جي سمورين لوڪل اسيمبلين مان ٻن ٻن نمائندن کي گڏ ڪري هڪ سنڌ سطح جي ڪميٽي ٺاهين، ان مان اڪثريت جي بنياد تي ايوان ۾ پنهنجو هڪ اڳواڻ چونڊجي، يعني جنهن فارمولي هيٺ تڪ جي سطح تي لوڪل اسيمبلي پنهنجو ايم پي اي جو اميدوار چونڊيو. ساڳئي فارمولي هيٺ سنڌ سطح تي به سڀئي لوڪل اسيمبليون گڏجي هڪ پارليماني گروپ جو اڳواڻ چونڊين. سو اگر اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي ٿو ته ظاهر آهي ته هي هڪ سياسي پارٽي ئي ٺهي ويندي، جنهن وٽ هڪ مضبوط ايجنڊا به هوندي ۽ وٽس گراس روٽ سطح تي ووٽرن سان هڪ مضبوط ڪمٽمينٽ به هوندي ـ

آمريڪا جي جڳ مشهور سول رائيٽس اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ پنهنجي مشهور هڪ تقرير ۾ چيو هو ته 

I have a dream that my little four children will one day live in a nation where they will not be judged by the colour of their skin but by their character. 
I have a dream today.

منهنجو هڪ خواب آهي ته)
 هڪ اهڙو ڏينهن ايندو، جڏهن منهنجا چار ننڍڙا ٻارڙا اهڙي قوم ۾ جيئندا، جتي انهن جي سڃاڻپ چمڙيءَ جي رنگ بدران ڪردار جي بنياد تي ڪئي ويندي. اهو منهنجو اڄوڪو خواب آهي“) ـ

مارٽن لوٿرڪنگ جو خواب مڪمل طور ساڀيان نه به ٿي سگهيو هجي پر ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته اڄ آمريڪا ۾ افريڪن امريڪنز (ڪاري رنگت رکندڙ آمريڪي) جي حالت سئو سيڪڙو ضرور بهتر ٿي آهي. اڄ چمڙي يا رنگ جي بنياد تي آمريڪا ۾ تعصب وڏو قانوني جرم تصور ڪيو وڃي ٿو ـ

Like Martin Luther king I have a dream too. I have a dream to see a changed Sindh, a better sindh.

 مارٽن لوٿر ڪنگ وانگر منهنجو پڻ هڪ خواب آهي )
( هڪ تبديل ٿيل ۽ بهتر سنڌ جو خواب  

منهنجو خواب آهي ته آئون ۽ مون کان پوءِ منهنجا ٻار هڪ اهڙي سنڌ ۾ رهن، جتي تعليم جي شرح نوي سيڪڙو پلس هجي، جتي ڪرائيم ريٽ زيرو هجي، جتي ڪرپشن جو ڪو تصور نه هجي، جتي حڪومتي ادارا صرف حڪم هلائڻ لاءِ نه پر سروس ڏيندڙ ادارن واري جانفشانيءَ سان ڪم ڪن، جتي انسان حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجي، جتي حڪومت هلائندڙ ٽيم ايتري باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ هجي، جو اسلام آباد مان به پنهنجو حصو وٺڻ ڄاڻي پر ساڳئي وقت پنهنجن وسيلن جي سٺي مئنيجمينٽ به ڪرڻ ڄاڻي ............. منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي ڌرتي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي وڃي. جو ايندڙ ٻن ٽن ڏهاڪن کان پوءِ جڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ سنڌ جي تاريخ بابت پڙهايو وڃي. ته هاڻوڪي دور کي سنڌ جو انتهائي پوئتي پيل دور قرار ڏين ۽ ٻارن کي يقين نه اچي ته جنهن ترقي يافته سنڌ ۾ هو رهن ٿا، اها سنڌ ڪجهه ڏهاڪا اڳ ايتري پوئتي پيل هئي، ۽ پوءِ ڪو شاگرد اسڪول کان گهر پهچي ڪنهن بزرگ کان پڇي ته، ”ٽيچر جيڪو اسڪول ۾ ٻڌائي پيو، اِها ڪا ڏند ڪٿا آهي يا واقعي سنڌ اڳين وقتن ۾ ايتري پوئتي پيل هئي؟“ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو