۽
”ڪجهه نه ڪجي ڪلب“
جون سرگرميون!
31 آڪٽوبر 2006ع
|
محترمه بينظير ۽ ميان نواز شريف جي ميڊيا آڏو خير سان ٻي ملاقات ٿي گذري، جڏهن ته ميڊيا کان سواءِ انهن جون ٻيون ملاقاتون به خوشگوار موڊ ۽ ماحول ۾ ٿي چڪيون آهن. ميثاق جمهوريت جي بحاليءَ ۾ ڪو اهم سبب بڻجي سگهن يا نه، پر انهن ون ٽو ون ملاقاتن کان پوءِ اها اميد ضرور پيدا ٿي آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ اقتدار ۽ ٻيو اختلاف يعني اپوزيشن ۾ هوندو، تڏهن شايد ماضيءَ جيان هڪ ٻئي سان ذاتي دشمنن جهڙو ورتاءُ نه ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت کي ڪنهن تهذيب جي دائري ۾ رکندا. مون کي ذاتي طرح انهن ٻنهي جي هڪ ٻئي جي ويجهي اچڻ تي نه ڪا حيرت ٿي آهي ۽ نه ئي سڀاڻي انهن ٻنهي جي وري هڪ ٻئي کان پري ٿي وڃڻ تي ڪا حيرانگي ٿيندي، پر جنهن ڳالهه تي حيرت ٿي آهي اها هيءَ ته انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ محترمه بينظير جو ور آصف زرداري نظر نه آيو!
آصف انهن ملاقاتن ۾ ڇو نه هو؟ اهڙو سوال هڪ پ پ اڳواڻ دوست کان ڪيم ته، هن موصوف چيو ”آصف صاحب آمريڪا ۾ آهي.“ کلندي چيو مانس، ”بي بي آمريڪا مان پهرين ملاقات لاءِ لنڊن آئي هئي ۽ هونءَ به آمريڪا مان لنڊن 8 ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي، ٽڪيٽ جا پيسا پيا بچايو ڇا؟“ چوڻ لڳو ”ٻن پارٽين جي ليڊرن جي ملاقات هئي، ان ۾ آصف ڇا ڪري ها؟“ چيومانس ”يار، ٻار نه سمجهه، ماضيءَ ۾ سموري سياسي ڊيلنگ ۾ آصف کي محترمه يا اڳتي ڪندي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ گڏ رکندي هئي، هاڻ ڇا ٿيو آهي؟“ موٽ ۾ چيائين ”ماضي، ماضي هو، هاڻ حال آهي.“ پڇيومانس ”ڇا مطلب؟“ ته ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ پوءِ ڪجهه دير Pause (وقفو ) ڏئي چيائين ته ”خبر سڀ اٿو پوءِ به مون کان ٿا پڇو“. چيومانس ”مون کي خبر ناهي توهان ٻڌايو“. چوڻ لڳو ”ته پوءِ پارٽي پاليسي موجب جواب اهو آهي ته آصف زرداري جي طبيعت ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري هو نواز شريف سان ملاقاتن ۾ محترمه سان گڏ نه هو.“
پ پ ۽ نواز ليگ جا سنجيده حلقا محترمه ۽ ميان صاحب جي ملاقات کان پوءِ دٻيل لفظن ۾ اهڙي خواهش جو اظهار ڪندي ٻڌا وڃن ٿا ته ملڪ جو جمهوري نظام ڪيڏو نه مضبوط ٿي وڃي جيڪر ميان نواز شريف ملڪ جو صدر ۽ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي وڃي ۽ ٻيئي گڏجي ملڪي ڪاروهنوار هلائين. انهن حلقن ۾ موجود ان معصوماڻي قسم جي خواهش جي حوالي سان ٻه اهم سوال اڀري اچن ٿا. هڪ اهو ته جيڪڏهن نواز شريف صدر ٿيو ته ڇا هو اٺين ترميم (پارليمينٽ ٽوڙڻ وارن اختيارن) سوڌو صدر هوندو، يا بي اختيار صدر؟ ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اقتدار جون دعويدار صرف سولين قوتون نٿيون هجن، ۽ پ پ توڙي نواز ليگ ٻئي سولين پاسي جي نمائندگي ڪن ٿيون، پر نان سولين قوتون ڪيئن ان پاور شيئرنگ فارمولا ۾ Accommodate ڪيون وينديون؟ هڪ نواز ليگ اڳواڻ کي ڀوڳ واري انداز ۾ چيم ته بهتر ٿيندو ته صدر نواز شريف، وزير اعظم بينظير ٿئي ۽ چيئرمين سينيٽ ڪنهن ورديءَ واري کي ٺاهي وٺو! بهرحال اهو ته مذاق هو پر سنجيده ڳالهه اها آهي ته في الحال ته ورديءَ وارو ملڪ جو صدر آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته في الحال نه رڳو سندس وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، بلڪه هو بينظير يا نواز شريف کي واپس اچڻ به نه ڏيندو. آئين ۾ ترميم ٿيل آهي ته ٻه دفعا وزيراعظم ٿيندڙ ٽيون ڀيرو وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. پر اتي سوال اهو ٿو اڀري ته صدر مشرف کي بار بار ان جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ڇو ٿي پوي ته ”ٻنهي کي واپس اچڻ نه ڏبو.“ شايد صدر مشرف اهو باور ڪرائڻ ٿو چاهي ته ٻنهي کي ملڪ ۾ ئي اچڻ نه ڏبو، پر اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته هو نواز شريف کي ته ڪيل ڊيل جي آڌار تي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪڻ جي صحيح يا غلط Justification ڏئي سگهي ٿو، پر بينظير کي هو ڪهڙي اخلاقي يا قانوني جواز آڌار ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ بينظير ڀٽو جيڪڏهن پنهنجي پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري ڏيهه ورندي ته حڪومت کيس مختلف ڪيسن ۾ گهربل هجڻ سبب گرفتار ڪري سگهي ٿي. پر حڪومت کيس جهاز مان ئي حراست ۾ وٺي (شهباز شريف جيان) ٻئي جهاز ۾ ملڪ بدر ڪهڙي جواز آڌار ڪندي؟ ساڳي ريت آئين ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي آهي. پر ٻيهر يا ٽيهر چونڊن ۾ بيهڻ تي پابندي ناهي. سو ظاهري طرح اهو نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن محترمه پوئين چونڊن ۾ به اچڻ چاهي ها ته اچي پئي سگهي ۽ هن ڀيري به ڏيهه موٽڻ چاهيندي ته حڪومت کيس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪندي ـ
غيرجانبدار سياسي حلقا توڙي خود پ پ جا سمجهو ماڻهو ان نقطي تي متفق نظر اچن ٿا ته جيڪڏهن هن ڀيري به محترمه بينظير چونڊن کان اڳ ڏيهه نه موٽي ته پارٽيءَ جو رهيل سوجهرو به چٽ ٿي ويندو. ان ڳالهه ۾ وزن نظر اچي ٿو ۽ اها اڳڪٿي آرام سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ هوندي، پوءِ ڀلي ڪنهن جيل ۾ يا بلاول هائوس ۾ نظر بند ئي ڇو نه هجي، پر پارٽي پرفارمنس ۾ ٻه سئو سيڪڙو بهتري اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان اسان جي پارٽين ۾ عهديدارن جي اڪثريت ليڊر کي ڏيکارڻ لاءِ ڪم ڪندي آهي
(ايئن ڇو آهي، ان بابت ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪبو)
ساڳيءَ ريت بينظير ڀٽو جي ڏيهه ۾ هجڻ ڪري ووٽن جو ٽرن آئوٽ به وڌيڪ ٿيندو ۽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي لوٽي ٿيڻ جو امڪان به 80 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪامياب ٿيندڙ همراهه اهو سمجهندا ته بينظير ملڪ ۾ اچي وئي آهي، تنهن ڪري ٿورو صبر ڪجي ۽ پارٽي ڇڏڻ جي تڪڙ نه ڪرڻ کپي. سو چوڻ وارا چون ٿا ته محترمه به في الحال انهيءَ خيال جي آهي ته هو چوندن کان اڳ ڏيهه موٽندي، پر جيڪڏهن کيس ڪا اهڙي ڊيل آفر ڪئي وئي، جنهن ۾ کيس خاطري هجي ته چونڊن ۾ سندس پارٽي پنهنجي منزل ماڻيندي ۽ کين اقتدار ڏيڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه وڌي ويندي. تنهن ڪري شايد محترمه ان
Understanding
جي صورت ۾ چونڊن کان پوءِ ڏيهه اچي. بهرحال جيڪڏهن پاڻ Assume (فرض)
ڪريون ته بينظير چونڊن کان اڳ ڏيهه موٽندي ته 7 سال اڳ اقتدار ۾ آيل صدر مشرف لاءِ اهو پهريون ڀيرو هوندو، جو بينظير ڀٽو به پاڪستان ۾ هوندي ۽ پرويز مشرف صدر پاڪستان هوندو ۽ صدر صاحب کي ساڳئي وڪيٽ تي بينظير ڀٽو سان کيڏڻ جو ماضيءَ ۾ ڪو تجربو ناهي رهيو. اها ڳالهه محترمه جا مخالف به مڃن ٿا ته کيس اقتداري سياست جو وسيع تجربو آهي، سو جيڪڏهن سڀاڻي محترمه ۽ صدر مشرف ٺهي هلن ٿا ته به ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ڪات ڪهاڙا کڻن ٿا تڏهن به دلچسپ پر گرما گرم سياسي موسم جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ اهو به ياد ڏياريندو هلان ته 2007ع ۾ پاڪستان ۽ 2008ع ۾ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون آهن ۽ آمريڪا ۾ سال جي شروعات کان ئي چونڊن جو ماحول گرم ٿيڻ شروع ٿيو وڃي ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ”بش راڄ“ جي خاتمي سان ” مُش راڄ“ تي به ان جا اگرا اثر پوندا ـ
اسان وٽ به چونڊن جي حوالي سان ڪا گهڻي سرگرمي نه به ته ڊرائنگ روم ڪچهرين ۾ ايندڙ چونڊن وارو موضوع هاڻ گرمي وٺندو پيو وڃي. چانهه يا ڪافي جي گرم گرم ڪوپن يا برف جهڙن ٿڌن گلابي گلاسن تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ”مون کي ٽڪيٽ ملندي، فلاڻي کي ٽڪيٽ ملندي، سرڪار ۾ هوندي آئون نه هاريندس، سگهارن ادارن وارن جي آشيرواد ملي ويئي، هاڻ نه ڪو لهر نه لوڏو، وغيره وغيره“ جهڙي گفتگو زور وٺي ويئي آهي، جيڪا گفتگو هي اليڪشني سياستدان سالن کان وٺي چونڊن کان اڳ ڪندا آيا آهن. وري ڪجهه حلقن ۾ رازداريءَ سان اهو به چيو ۽ ٻڌو پيو وڃي ته ايندڙ نگران وڏو وزير ڪير هوندو؟ ٻن ٽن مهينن لاءِ نگران وڏو وزير بڻجڻ، ۽ ان نگران ڪابينا ۾ وزيرن جي نالن تي به ڳالهيون هلندڙ آهن، پر اهڙيون روايتي نوعيت جون ڪچهريون انهن ئي چار، پنج سئو يا کڻي هزار ماڻهن جي وچ ۾ هلندڙ آهن، جيڪي چونڊ وڙهڻ کي پنهنجي مروثي ذميواري تصور ڪن ٿا. پر ٻئي طرف چونڊن جي
Process
۾ غير روايتي انداز ۾ داخل ٿي
Vocal class
جي نمائندن کي کٽرائڻ واري فارمولي تي به بحث هلي رهيو آهي ـ
مون کي پنهنجن گذريل ٻن مضمونن بابت جيڪي اي ميلز، فون يا روبرو فيڊبيڪ مليو، ان مان اهو محسوس ٿيو ته ماڻهو ان Concept
يا فارمولا ۾ دلچسپي وٺن پيا. جيتوڻيڪ ڪجهه اهل دانش حضرات کي اڄ به هي هڪ يوٽوپيائي خيال لڳي ٿو، پر ٻي گهڻي اڪثريت اها آهي، جيڪا ڄاڻڻ چاهي ٿي ته هي فارمولو ڪيترو عمل جوڳو آهي ۽ ان جا ٻيا تفصيل ڇا آهن؟ پاڻ ان فارمولي کي سمجهڻ لاءِ پهرين اهو جائزو ٿا وٺون ته هڪ عام ڀوتار يا اليڪشني سياستدان ڪهڙي حڪمت عملي هيٺ چونڊ وڙهي ٿو؟ انهن ڀوتارن مان 95 سيڪڙو اميدوار پنهنجي تڪ جي اهڙن ننڍن ننڍن چڱن مڙسن، ننڍن ننڍن وڏيرن کي هٿ ڪن ٿا، جن چڱن مڙسن وٽ پنهنجي راڄ ڀاڳ وارن علائقن جون چار، پنج پولنگ اسٽيشنون هجن ٿيون. هي ڀوتار اهڙن 50، 100 يا 150 ننڍن ننڍن چڱن مڙسن کي مختلف آسرا، لالچون يا واسطا ڏيئي پاڻ سان گڏ ڪن ٿا. پوءِ اهو انهن سئو يا ڏيڍ سئو ننڍن چڱن مڙسن تي بار هجي ٿو ته هو پنهنجين، پنهنجين اثر وارين پولنگ اسٽيشنز تي ڀوتار کي وڌ ۾ وڌ ووٽ وجهرائي ڏين. ساڳيءَ ئي ريت جڏهن پاڻ ووڪل ڪلاس جي 250 يا 300 ماڻهن جي گڏجي في ماڻهو 60 يا 80 ووٽ وجهرائڻ واري ڳالهه ڪريون ٿا ته اها به اوتري ئي عملي ۽ ٿيڻ جوڳي ڳالهه هجي ٿي، جيئن ڪنهن ڀوتار پاران 50 يا 100 ننڍا چڱا مڙس گڏ ڪرڻ هجي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ووڪل ڪلاس جا ماڻهو سوسائٽيءَ ۾ معياري تبديلي آڻڻ واري مقصد هيٺ پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، نه ڪي ڪنهن ٻيءَ لالچ جي ڪري ـ
هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاتون جيڪا هائوس وائف (گهريلو خاتون) آهي، کان پڇيم ته، ڇا هوءَ 50 يا 60 ووٽ ڪنهن اميدوار کي ڏياري سگهي ٿي؟ ته سندس تڪڙو جواب هو ”نه، آئون ڪيئن ڪنهن کي 50 ووٽ ڏياري سگهنديس“. کيس چيم ته ”توهان پنهنجي چوگرد ڏسو، توهان جو مڙس آهي، ڀائر آهن، والده آهي، ڀيڻ، ڀيڻ جو مڙس، ڀاڄايون، سئوٽ، ماسات، ساهيڙيون، گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي وغيره. ڇا پوءِ به 50 يا 60 ووٽ توهان جي اثر هيٺ نه هوندا؟“ تنهن تي ان خاتون چيو ته، ”ها، ائين ته ممڪن آهي.“ بس، اها ئي ڳالهه آهي ته اسان اهو سمجهي سگهون ته هي فارمولو عمل جوڳو ۽ ممڪن آهي. مون ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته اهو آسان آهي، پر چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته ناممڪن ۽ مشڪل جي وچ ۾ فرق هجي ٿو، تنهن ڪري ڏکئي ڪم کي ڏکيو ئي چوڻ کپي، نه ڪي ناممڪن. اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ”دانش“ جي اڪثر ”ورن“ جو ٻين مسئلن سان گڏ هي به پرابلم آهي ته هو مسئلي جي حل بدران حل لاءِ ڪو نه ڪو مسئلو ڳولهڻ/پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ـ
ميرپورخاص مان چونڊيل ايم پي اي سيد عرفان علي شاهه رضوي منهنجن ڇپيل مضمونن جي حوالي سان موڪليل اي ميل ۾ اهو سوال اٿاريو آهي ته ”ڇا آئون اهو چاهيان ٿو ته سياسي پارٽيون ختم ٿي وڃن ۽ 300 ماڻهن وارين لوڪل اسيمبلين مان مختلف تڪن تان آزاد اميدوار ڪامياب ٿي اچن؟“ شاهه صاحب، جنهن جو تعلق پ پ سان آهي، تنهن اهو سوال به اٿاريو آهي ته جيڪڏهن 168
Individual
(آزاد)
اميدوار پنهنجا پنهنجا منشور کڻي صوبائي اسيمبليءَ ۾ پهتا ته اتي ڪنهن جي منشور تي عمل ٿيندو ۽ ڪنهن جي ته نه؟ سياسي پارٽين جي خاتمي جي خواهش ڪنهن ڊڪٽيٽر کي ٿي پئي سگهي، يا ڪنهن بنهه جاهل ماڻهوءَ کي، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي سول سوسائٽيءَ کي Organise
(منظم)
ڪري عوام جي خواهشن پٽاندر تبديليءَ لاءِ عوام وسيلي عوام جي نمائندگي ڪن ٿيون. اهي سياسي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي عوام جي حقيقي جذبن جي عڪاسي ڪن ٿيون، اهي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي عوام جي سهاري، عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچي سوسائٽيءَ جي مجموعي حالتن ۾ معياري تبديلي آڻڻ جون ذميوار هجن ٿيون، سو منهنجي نظر ۾ سياسي پارٽين جي خاتمي جو خيال به آڻڻ هڪ انتهائي غير عقلي ڳالهه هوندي، پر سياست ۾ عقيده پرستيءَ جو به آئون حامي ناهيان. هڪ ووٽر، هڪ سياسي ڪارڪن، يا هڪ سياسي اڳواڻ کي پنهنجي پارٽيءَ اندر اختلاف ڪرڻ يا اصولي ڳالهه تي پارٽي تبديل ڪرڻ يا پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کي حرام ۽ گناهه سمجهڻ به ڪا دانشمندي ناهي. عرفان شاهه هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو آهي ۽ شايد هو ان نقطي سان متفق ٿئي ته جيڪر اسان جي هاڻوڪين سياسي پارٽين اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سوسائٽيءَ ۾ ڪا معياري تبديلي آندي هجي ها ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث تي سوسائٽيءَ ۾ ايترو خفو ڇو ٿي رهيو هجي ها؟ ٻي ڳالهه اها ته سياسي پارٽيون خاص طرح سنڌ ۾ پ پ جيڪڏهن چاهي ته 300 ماڻهن واري فارمولا کي پنهنجي استعمال ۾ به آڻي سگهي ٿي، جيئن ان کي
Winning Candidates
وارو ٺپو مٿي تي هڻي گهمندڙن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي لاچاري نه رهي پر جيڪڏهن پ پ يا ٻيون سياسي پارٽيون پنهنجي اڳوڻي سياسي روش تبديل نٿيون ڪن ته پوءِ ڇا ووٽ پرفارمنس بدران عقيدي تي ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهڻ گهرجي؟ شاهه صاحب پنهنجي اي ميل ۾ تجويز ڏيندي لکي ٿو ”منهنجي صلاح اها آهي ته اهي 300 ماڻهو گڏجي پنهنجن علائقن ۾ سياسي پارٽين مٿان زور وجهن ته اهي پارٽيون انهن 300 ماڻهن پاران مڊل ڪلاس جي نامزد ڪيل اميدوار کي ٽڪيٽ ڏين.“ عرفان شاهه جي صلاح ۾ وزن آهي، پر ان لاءِ به ضروري آهي ته 250 يا 300 ماڻهن تي مشتمل لوڪل اسيمبليون وجود ۾ اچن ـ
آمريڪا مان ڪاوش پڙهندر امتياز سولنگي نالي دوست اي ميل ۾ ٻه سوال اٿاريا آهن،
(i)
جيڪڏهن اسان ووٽ ڪريون ۽ ڪامياب به ٿي وڃون، پوءِ حڪومت وري به مخالف اميدوار کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏي ته پوءِ؟
(ii)
جيڪڏهن اسين ڪامياب قرار به ڏنا وڃون ۽ حڪومت اسيمبليءَ جو اجلاس نه ڪري ته پوءِ؟ پهرئين سوال جي جواب ۾ اهو ٻڌائيندو هلان ته هي 1980ع يا 1990ع وارو ڏهاڪو ناهي، جو پولنگ اسٽيشن ته نتيجو هڪڙو اچي ۽ سرڪاري ٽي وي ان جي ابتڙ نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هاڻ چونڊ نتيجا نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تمام تڪڙا اچيو وڃن. ٻي ڳالهه ته ان اميدوار کي 300 ووڪل ڪلاس جي ماڻهن جي حمايت هوندي، جيڪي ان اميدوار جا پولنگ ايجنٽ به هوندا. سو انهن پولنگ ايجنٽن جي موجودگيءَ ۾، شهري علائقن ۾ ڪنهن ڀوتار يا سرڪار لاءِ ڌانڌلي ڪرائڻ سولو ڪم نه هوندو. ان حوالي سان تفصيل اڃان ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين، في الحال ٻئي سوال يعني جيڪڏهن سرڪار اسيمبليءَ جو اجلاس ئي نٿي گهرائي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان سوال جي پويان شايد سولنگي صاحب جو خيال اهو هجي ته 168 تڪن مان اڪثريت Vocal Class
جي ماڻهن جي اچڻ جي صورت ۾ متان سرڪار ڊڄي ڪري اجلاس ئي نه سڏائي. ان ڏس ۾ پوءِ سوال ٿو اڀري ته ڇا سرڪار سنڌ مٿان گورنر راڄ لڳائي ڇڏيندي؟ آئون نٿو سمجهان ته اهڙو ڪو منظر جڙندو ۽ هي ڪجهه اهڙو ئي سوال آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يا ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اميدوار جيڪڏهن روڊ ايڪسيڊينٽ يا بيماريءَ ۾ گذاري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ سوا اهڙن سوالن تي اڄ پريشان ٿيڻ سان ڪجهه نه ورندو ـ
ضروري اعلان: ”ڪجهه نه ڪجي“ ڪلب جا ميمبر حضرات ٻيهر تمام گهڻا سرگرم ٿي چڪا آهن. انهن جي اثر کان بچاءَ لاءِ Ignore ڪرڻ وارا ٽڪا لڳرائڻ گهرجن، يعني کين نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان ڪلب جي معزز ميمبرن جي اوهان صحيح سڃاڻپ ايئن ڪري سگهو ٿا جو هي معزز صاحبان ڳالهائڻ ۽ لکڻ مهل مون پاران ڏنل فارمولا يا تجويزن تي گهٽ، پر منهنجي ذات تي ڳالهائيندي ۽ لکندي وڌيڪ نظر ايندا ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو