ايندڙ وقت سنڌ لاءِ ڪهڙيون تبديليون کڻي پيو اچي؟
پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين جي سفر ۾ جنهن شئي جي مون ذاتي طرح شدت سان ڪمي محسوس ڪئي، اها هئي منهنجو مضمون يا ڪالم لکڻ. ائين نه آهي جو اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي Express (اظهار) نٿو ڪري، بلڪه ٽي وي تي ماڻهو وڌيڪ اثرائتي نموني سان Express
ڇنڇر 11 ڊسمبر 2004ع
|
(اظهار)
ڪري ٿو سگهي پر تنهن هوندي به مون کي ذاتي طرح ڪالمن ۾ ڪيل اظهار وڌيڪ
Satisfaction
(اطمينان)
ڏئي ٿو، جنهن جو شايد وڏو سبب مون کي ويجهڙائيءَ کان سڃاڻندڙ دوستن جي منهنجي باري ۾ ڏنل اها راءِ ٿي پئي سگهي ته ”آئون من اندر انتهائي اڪيلو آهيان“، سو جڏهن ڪاوش ۾ لکبو هو ته آئون ڪجهه گهڙيون پنهنجي منهن ويهي قلم سان ڪاغذ تي ابتيون سبتيون سٽون لکي وٺندو هئس ۽ ائين پنهنجي اندر جي تنهائيءَ کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هئس، پر ٽي وي جهڙي ميڊيا تي اظهار ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪلاڪ اڳ تيار ٿي منهن تي سرخي پائوڊر (Puffing)
لڳائي، هزار هزار والٽن جي اٺ لائيٽن آڏو، 6 يا 7 ڪئميرامين، اسسٽنٽ ڪئميرامين وغيره جي وچ ۾ ويهڻو ٿو پوي، جنهن ۾ توهان جي اندر جي تنهائي ويتر وڌي ٿي وڃي. سو جن معزز پڙهندڙن يا ڪجهه اديبن ۽ دانشورن منهنجا ڪالم يا مضمون نه ڇپجڻ جي ڪري سک جو ساهه کنيو هجي، انهن سمورن معززن سان انتهائي معذرت سان هڪ ڀيرو وري لکڻ جو سلسلو شروع ڪري رهيو آهيان ـ
اڪثر ماڻهو پڇن ٿا ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ۾ بنيادي فرق ڪهڙا محسوس ڪيا؟ ته کين چوندو آهيان ته ظاهر آهي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تمام گهڻا فرق هجن ٿا پر جيڪا هڪجهڙائي مون واضح طور ڏٺي، اها هئي اسان جي ڪجهه ”خان صاحب دانشورن“ جو ساڳيو ڪروڌ، ٻاراڻي تنقيد ۽ بي بنياد الزام. يعني ڪاوش کي الله سائينءَ جي مهرباني سان سنڌ جي لکين ماڻهن موٽ ڏني ۽ رب پاڪ جي فضل سان ڪي ٽي اين کي به ڪروڙين سنڌين دل ۾ جايون ڏنيون آهن پر هي ”صاحب لوگ“ مجال آهي جو خلق خدا جي فيصلي يا خواهشن جو احترام ڪن. اهڙي هڪڙي ”بادشاهه“ دانشور کي ڪٿي چيم ته توهان سنڌ جي آبادي جا 0.2 سيڪڙو آبادي به نه آهيو ۽ خواب اهو ٿا ڏسو ته 99.8 سيڪڙو سنڌي آبادي توهان جي هوائي قسم جي ڳالهين جي پويان هلي!! موصوف موٽ ۾ فرمايو ته ”هر سماج ۾ ڏاها، فلاسفر ۽ دانشور ٿورا ئي هوندا آهن ۽ ضروري ناهي ته سوسائٽيءَ جي اڪثريت انهن سان متفق هجي“ ـ
چيومانس ته ”مار، مون کي به ته سنڌي سوسائٽيءَ جا اهي فلاسفر يا دانشور ڏيکاريو، جن کي پاڻ ٻيو نه تڏهن بهB يا C ڪلاس جا يا وري گهٽ ۾ گهٽ فلاسفر ته چئي سگهون. جن کي توهان فلاسفر پيا سڏيو، انهن جي فلاسفي رڳو هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهڻ، سڻڀيون پوزيشنون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ سيمينارن ۾ مهمان خصوصي ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪهڙي آهي؟“ اسان جا جيڪي ڏاها بزرگ گذاري ويا، انهن کي ڇڏي پاڻ اڄ جي ڳالهه ڪريون ته هر هنڌ، هر شعبي ۾ ذهانت، سچائي ۽ جذبي جي کوٽ ٿي نظر اچي، هر شعبي ۾ فردن جي ذهانت ۽ صلاحيتن جو قحط ۽ زوال ئي نظر ٿو اچي، اڄ جي سياستدانن کان تعليم دانن تائين، قلمڪارن کان صحافين تائين غرض ته هر فيلڊ ۾ فردن جي ذهني صلاحيت گهٽجندي نظر ٿي اچي. جنهن اديب، ليکڪ ڏهه سال اڳ جنهن سطح جو مضمون، ڪالم يا ڪتاب لکيو هو، اڄ ڏهن سالن کانپوءِ به سندس لکڻي ۾ ٽڪي جي بهتري نه آئي آهي، ڄڻ اهي هڪڙي هنڌ بيهي رهيا هجن. سياستدان آهن ته اهي به ڏهه يا 20 سال پراڻا طريقا يا گٺل پيٺل تقريرون اڃا پيا ٻڌائين. صحافي آهن ته انهن به پنهنجي Creative skills
(تخليقي صلاحيتن)
کي ڄڻ جامد ڪري ڇڏيو هجي. دانش جي ورن جو به ساڳيو حال آهي، جو اڄ به خلق کين سمجهڻ ۾ ۽ هي وري خلق کي سمجهڻ کان قاصر آهن، ڇو ته اڃا هي پنهنجي پاڻ کي ئي مڪمل طرح سمجهي ناهن سگهيا. سو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڏسجي ته سوسائٽي کي مختلف شعبن ۾ ليڊ ڪندڙن جي اڪثريت جو
Standard
(معيار)
تيزيءَ سان هيٺ اچي رهيو آهي پر ٻئي طرف دلچسپ صورتحال اها آهي ته عوام جي مجموعي ڏاهپ وارو گراف هيٺ بدران مٿي وڌي رهيو آهي. ان جو ظاهري طرح هڪ اهم ڪارڻ انفارميشن ٽيڪنالاجي تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي ئي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جا ”اصلي وڏا“ به سنڌ جي ”ڏاهن“ جي ”ڏاهپ“ کان وڌيڪ سنڌين جي
Collective wisdom
(اجتماعي ڏاهپ)
کان خائف رهندا آيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته اهي سدائين اسان جي سوسائٽي ۾ گراس روٽ سطح تائين ڪنفيوزن، عدم تحفظ ۽ عدم اعتماد واري فضا قائم رکڻ جي ڪوشش جاري رکندا پيا اچن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سوسائٽي جا فرد ته خريد ڪري سگهجن ٿا پر ڪروڙين ماڻهن کي صرف
CHOAS (مونجهاري)
۾ رکي ئي کين پنهنجن حقن لاءِ ڪا جاکوڙ نه ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به اسان وٽ وڏن وڏن سياسي ادبي يا قلمي ڀوتارن پنهنجي نراڙن تي
Price tag
(اگهه جو ليبل)
لڳائي رکيو آهي، ڪنهن جي قيمت واري پرچي تي ”وزارت“ لکيل آهي ته وري ڪنهن پنهنجو اگهه ”گورنري“ ۽ ڪنهن وري پنهنجي قيمت ان کان به ٿورو وڌيڪ رکي آهي. ڪجهه ته وري صفا روڪ ڪيش ۾ معاملا اڪلائڻ ۾ يقين رکن ٿا، سو لڳي ٿو ته ايندڙ ٻه يا ٽي مهينا اهڙن ڀوتارن جي ”ڪمائيءَ جو سيزن“ بڻبا ۽ اسلام آباد وارا نوٽن جا ٻورا ۽ مختلف اقتداري پيڪيجن جا فارمولا کڻي سنڌ ۾ لهندا ـ
اقتداري سياست بابت ڀلوڙ تجزيو ڪندڙ گذريل 6 مهينن کان ان ڳالهه تي زور ڀريندا پيا اچن ته ملڪ سياسي تبديلي ڏانهن وڌي رهيو آهي. آئون ان تجزيي بابت ڪا راءِ بعد ۾ ڏيندس، پر اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته سنڌ جي ٻن اهم ترين اشوز يعني ناڻي ۽ پاڻي بابت فيصلا ٿيڻ ۾ باقي ڪجهه مهينا وڃي بچيا آهن ۽ اسلام آباد جي اقتداري سيٽ اپ ۾ جيڪڏهن ڪا تبديلي ٿيڻ واري به آهي ته اقتداري دنيا جا ”اصلي ۽ وڏا“ سنڌ جي ناڻي ۽ پاڻي بابت هاڻوڪي سيٽ اپ کان ئي فيصلا ڪرائي پوءِ تبديلي آڻڻ جي حق ۾ هوندا. اهي فيصلا پڌري پٽ سامهون آهن، هڪ نيشنل فنانس ڪميشن (N.F.C) جنهن ۾ ماضي جيان هن دفعي به صرف آباديءَ جي بنياد تي ناڻي جي ورڇ ڪري وفاقي پول ۾ 70 سيڪڙو ٽيڪسن جي اوڳاڙي ڪري جمع ڪرائيندڙ سنڌ کي سندس جائز حق کان محروم رکڻ ۽ ٻيو ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو باضابطه اعلان، ان جي موٽ ۾ ورهين کان پنهنجي ناڻي وارن حقن لاءِ رڙيون ڪندڙ سنڌ لاءِ اجايا سجايا پيڪيج اعلان ڪري ۽ عظيم ”ملڪي مفاد“ جا ليڪچر ڏئي يا ڪجهه سالن لاءِ پاپولر حڪومت جا لالي پاپ ڏئي ريجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي. ان کان پوءِ به جيڪڏهن سنڌي نه مڙيا ته ”ملڪ دشمنيءَ“ وارا سرٽيفڪيٽ ڏئي، ڪنهن پنهنجي ئي ڀوتار هٿان موچڙا هڻائڻ وارا آپشن ته ڪيڏانهن ئي نه ويا آهن!! اسلام آباد ۾ اهم جڳهه تي مقرر هڪ پنجابي ڳالهائيندڙ ڪاموري کي چيم ته ”بنگالين جيان هاڻ اسان مان به دل ڀرجي وئي اٿوَ ڇا، جو سنڌ جي خواهش کي آڱوٺي تي رکي پنهنجا فيصلا سنڌ مٿان مڙهي رهيا آهيو؟“ موٽ ۾ معنيٰ خيز انداز ۾ مرڪندي چيائين، ”توهان بنگالي، بنگالي ڪري اسان کي گهڻو ڊيڄاري ورتو آهي، توهان ۾ ۽ انهن ۾ گهڻو فرق آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هي 1970ع وارو ڏهاڪو نه پر 2004ع آهي، سو اهي ڳالهيون ڇڏي ڏيو“. وري چيومانس ته ”توهان سمجهو ٿا ته توهان ڪالاباغ ڊيم ٺاهيندؤ ۽ سنڌي ماٺ ڪري ويٺا رهندا؟“ موٽ ۾ چيائين ته ”نه، ٿورو گهڻو احتجاج وغيره ضرور ٿيندو، پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. آخر ٿل ڪئنال به ته ٺهي ويو نه، جنهن لاءِ وڏا احتجاج به ٿيا. ساڳيءَ ريت ڊيم به ٺهي ويندو، اسان کي هاڻ پورو اندازو آهي ته ڪيترو احتجاج ٿيندو، ان کي ڪيئن ٿڌو ڪبو، هن دفعي اسلام آباد جو هوم ورڪ ٿيل آهي ۽ هو ان اشو ۾ ماضي جيان ڪچو هٿ نه وجهندو،“ وري بحث ڪندي چيومانس ته ”پر ان سان صوبي ۽ مرڪز جي تعلقات جو ڇا ٿيندو؟“ چيائين، ”اڳ ۾ ڪهڙو سنڌ مان اسلام آباد يا لاهور کي دعائون ٿيون ملن، سو اڳتي به تلخ ٻولي کڻي ٿوري سوائي ٿي ويندي، ٻيو ڇا؟ باقي جيڪڏهن سنڌين احساس محرومي واري ڳالهه ڪئي ته وري ڪجهه سالن لاءِ پيپلز پارٽي کي آڻي اسلام آباد ۾ ويهارجو، جيڪا 5 يا ڏهه هزار سنڌين کي نوڪريون وغيره ڏيندي، الله، الله خير صله“ـ
نيشنل فنانس ڪميشن لاءِ سنڌ جي نمائندي عبدالڪريم لوڌي کي گهڻو نه سڃاڻان پر اهڙو حوصلي وارو فيصلو ڪرڻ تي هو جس لهي. لوڌي صاحب پاران ڪميشن جي ميمبريءَ تان استعيفا واري فيصلي ۾ جنهن شئي مون کي ويتر متاثر ڪيو، سا هيءَ ته اي ڪي لوڌي وقت کان پهرين محسوس ڪري ورتو ته اين ايف سي بابت فيصلو سنڌ جي مفادن وٽان نه ٿيندو، سو فيصلي ٿيڻ کانپوءِ احتجاج ڪري استعيفا ڏيڻ بدران هن صاحب پهرئين ئي اهڙي امڪاني سنڌ مخالف فيصلي تي احتجاج رڪارڊ تي آندو، جو متان ان احتجاج جو اقتدار ڌڻين مٿان ٽڪي پئسي جيترو اثر پوي ۽ وفاق ۾ ويهي فيصلوڪندڙ ڌريون سنڌ بابت اختيار ڪيل پنهنجي رويي ۾ تبديلي بابت سوچين پر منهنجي يا ڪنهن جي اها معصوم خواهش ته ٿي سگهي ٿي ته اسان پاران انگ اکر ڏيڻ تي يا دنيا جي ٻين ملڪن جا حوالا ۽ منطق تي ٻڌل دليل ٻڌي اسلام آباد توڙي لاهور ۾ ويٺل Decision makers
(فيصلو ڪندڙ ڌريون)
اين ايف سي يا ڊيم بابت پنهنجي راءِ تبديل ڪري ڇڏيندا ۽ هو چوندا ته ”توهان جي دليلن ۽ انگن اکرن اسان جون اکيون کولي ڇڏيون!“ اسان پاران ائين سوچڻ پاڻ کي پاڻ بيوقوف بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو سنئون سڌو پنهنجن پنهنجن مفادن جو آهي. مثال طور جيڪڏهن ناڻي جي ورڇ صرف آبادي بدران اوڳاڙي ۽ ٻين فيڪٽرز کي به آڏو رکي ڪئي وئي ته ظاهر آهي ته ان جو سڌو سنئون نقصان پنجاب ۽ فائدو ننڍن صوبن کي ٿيندو، سو پنجاب کي ڪهڙي دليل سان ان ڳالهه تي راضي ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجو نقصان ڪري؟ جيڪڏهن اهو دليل ڏجي ته ملڪي مفادن ۾ ائين ٿيڻ گهرجي ته اهو دليل سدائين ننڍن صوبن کي لاهور مان ٻڌڻ لاءِ مليو آهي، جيڪو دليل وري موٽ ۾ لاهور ڇو ٻڌندو؟ يا وري ٿل ڪئنال ٺهي پيو يا ڊيم ٺهندو ته ظاهر آهي، پنجاب جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿيندي ته پوءِ ڇا پنجاب جي نمائندن کي ان کان ٻئي ڪنهن وزندار دليل جي ضرورت رهندي ته سندن وڌيڪ زمين آباد ٿئي ٿي ان ڪري هو ڊيم تان هٿ کڻن.
سو اهو سمجهڻ ته اين ايف سي يا ڪالاباغ ڊيم تي پنجاب ۽ ننڍن صوبن جي وچ ۾ غلط فهمي
Communication
(رابطي جي کوٽ)
جي ڪري آهي ۽ هي هڪ ٻئي جي موقف کي نه سمجهڻ ڪري ورهين کان منڌل آهن، ته اها سوچ پاڻ کي بيوقوف بڻائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون سڀ ڪجهه سمجهن ۽ ڄاڻن ٿيون ۽ معاملو سنئون سڌو مفادن جو آهي، نه ڪو غلط فهمي تي ٻڌل. ان ڏس ۾ هڪ ٻيو عجيب و غريب منطق ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته انهن معاملن کي
Politicise (سياست جي نذر)
ڪيو ويو آهي. مون کي ان منطق جو به سريا پير نٿو لڀي ته ڀائي صاحب ڇا ٿا چوڻ چاهين ته سنڌ يا سرحد يا بلوچستان جا سياستدان پنهنجي عوام جي گذر سفر جي ذريعي يعني زرعي پاڻي تي بند ٻڌجڻ تي آواز نه اٿارين؟ يا پنهنجي صوبي جي ترقي لاءِ وفاق ڏانهن نڪرندڙ پنهنجي ناڻي جي جائز حصي لاءِ آواز نه اٿارين!؟ ڇا اهڙا حساس ۽ صوبن جي عوام لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جهڙا معاملا ”اصلي سرڪار“ جي من پسند ٻن يا ٽن وزيرن ۽ ڪامورن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجن؟ عجيب ”بادشاهي“ سوچ آهي، جو جڏهن ڪو چوي ٿو ته ڊيم جي اشو کي Politicise
(سياست جي نذر)
ڪيو ويو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته سياستدان جيڪڏهن عوام سان لاڳاپيل اهم اشوز تي سياسي اسٽينڊ وٺي عوام سان گڏ سياسي جاکوڙ نه ڪندا ته پوءِ ڀلا سياستدانن جو باقي ڪهڙو ڪارج رهجي ويندو؟ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته ڊيم جي معاملي کي سياسي بڻايو ويو آهي، اهي وري ساڳئي وقت ڊيم تي ملڪ جي عوام ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڳالهه به ڪن ٿا! ڇا ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن سان ڊائيلاگ ڪري ڪنهن هڪ نقطي تي کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ خود هڪ سياسي عمل ناهي؟ بلڪل اهو هڪ سياسي عمل آهي، ڊيم جيڪو هڪڙن ڪروڙين ماڻهن کي خوشحال ۽ ٻين ڪروڙين ماڻهن کي بدحال ڪندڙ هڪ پراجيڪٽ آهي، اهو يقينن هڪ سياسي اشو ئي آهي ۽ رهندو ـ
سنڌ سرڪار سان ويجهڙائپ رکندڙ ڪنهن همراهه ٻڌايو ته مهينو کن اڳ پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ وفاقي وزير سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ملاقات دوران چيو ته ”ارباب صاحب، توهان ڪالاباغ جي مخالفت ڇو پيا ڪريو؟“ جنهن تي ارباب رحيم وراڻيو ته ”آئون نٿو چاهيان ته سنڌ جو عوام مون کي ايوب کهڙي جيان ياد ڪري“. ان ملاقات ۾ موجود همراهه موجب اهڙي جواب جي هن وفاقي وزير توقع نه پئي ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته ارباب رحيم اقتداري راند جو تمام سمجهو ۽ تجربيڪار سياستدان آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي ٻين کان گهڻي خبر هوندي ته اسان جي اقتدار جا ”اصلي وڏا“ نه ڪنهن جا مستقل دوست هجن ٿا ۽ نه مستقل مخالف ۽ اهي ”صاحب لوگ“ پنهنجن مقصدن لاءِ ماڻهن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ بعد ۾ سڃاڻڻ کان به انڪاري ٿيو وڃن. پر قومن کي پنهنجا محسن به ياد رهندا آهن ۽ ايوب کهڙا به ياد رهن ٿا. ارباب صاحب اقتداري ايوان ۾ پاڻ ويٺو آهي، تنهن ڪري کيس مون کي وڌيڪ حڪومتي تبديلي جي حوالي سان هلندڙ ڳالهين جي صحيح يا غلط هجڻ بابت ڄاڻ هوندي. منهنجو نقطو اهو آهي ته جيڪڏهن ارباب صاحب پنهنجي موقف تي بيٺو رهيو، ان هوندي به جڏهن اسلام آباد مان ئي سيٽ اپ ويڙهبو ته سنڌ جو حڪومتي سيٽ اپ به پاڻمرادو هليو ويندو. پر جيڪڏهن ارباب رحيم ڊيم بابت پنهنجي موقف تان پوئتي به هٽيو، تنهن صورت ۾ به جيڪڏهن سڄو سيٽ اپ ويو ته رڳو سنڌ ۾ ته اهو سيٽ اپ
Intact
(بحال)
نه رهي سگهندو. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڊيم جي کليل مخالفت اڃا سندس اقتدار ۾ ڪجهه واڌارو ئي آڻي سگهي ٿي، نه ڪي گهٽتائي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته ان سان حڪومت جي وفاق توڙي صوبي ۾ اتحادي ايم ڪيو ايم کي به ڊيم معاملي تي پاڻ کي اڃا کولي ارباب رحيم جي موقف سان بيهڻو پوندو، اهو ان ڪري نه ته متحده جو ارباب رحيم جي پويان هلڻ فرض آهي پر ڇاڪاڻ ته متحده قيادت پاران سنڌ دوستيءَ جون ايتريون دعوائون رڪارڊ تي آهن، جو انهن لاءِ اوچتو ڊيم اشو تي پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ مشڪل ٿيندو. ان ڏس ۾ جيڪڏهن پاڻ وٽ اسٽيٽڪو تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو رٿيو ويو آهي ته به ارباب رحيم پاران ڊيم جي ڪيل کليل مخالفت سان راءِ عامه جو پريشر اسلام آباد وٽ اهو پوندو ته سنڌ ۾ خلق خدا اهو ڄاڻي ٿي ته گورنر راڄ يا حڪومتي تبديلي جا ظاهري ڪارڻ ڀلي ڪهڙا به ٻڌايا وڃن، پر اصل سبب وڏي وزير جي ڊيم مخالفت ئي آهي ـ
سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي حوالي سان تمام ٿورن ماڻهن جو نالو عزت سان ورتو وڃي ٿو، جنهن مان هڪ عبدالحميد خان جتوئي مرحوم به آهي. سندس وڏو پٽ جيڪو اڄڪلهه پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير آهي، ان جو تازو هڪ اردو چئنل تي انٽرويو ٻڌم پئي، جنهن ۾ لياقت جتوئي چيو ته ڪالاباغ ”ڪيري اوور“ ڊيم ٺهندو جنهن بعد سنڌ جي ماڻهن کي ان بابت تحفظات ختم ٿي ويندا! خدا کي خبر ته لياقت جتوئي کي ڪنهن اهو چيوآهي، ڇاڪاڻ ته اول ته ڪالاباغ جي سائيٽ ”ڪيري اوور“ ڊيم لاءِ موزون ئي ناهي، ٻي ڳالهه ته ڪالاباغ تي
Storage
(ذخيري)
جي ڪل
Capacity
(گنجائش)
6 ملين ايڪڙفٽ آهي، جيڪا توهان جي هڪ مند جي پوکي جي به پورت نٿي ڪري. جڏهن ته ”ڪيري اوور“ ڊيم وڏي گنجائش رکندڙ جڳهين تي ٺاهيا ويندا آهن، جيئن ڏڪار وارن سالن ۾ ملڪ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي، جيئن پاڻ وٽ اسڪردو جي سائيٽ ڪيري اوور ڊيم لاءِ انتهائي موزون قرار ڏني وڃي ٿي، جتي 22 يا 24 ايم اي ايف پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. ڪالاباغ تي ڪيري اوور ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ان ڪري به سمجهه کان ٻاهر آهي جو 12 کان 15 ارب ڊالرز جي وڏي رقم سان ٺهندڙ هي پراجيڪٽ جيڪڏهن هائيڊرو بجلي ٺاهيندڙ نه هوندو ته اهو فزيبل ڪيئن ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته ڪيري اوور ڊيم جو مقصد ته هڪ هنڌ پاڻي روڪي رکڻ ۽ ضرورت مهل ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ هجي ٿو، پر بجلي ٺاهيندڙ ڊيم ۾ سڄو پاڻي ڪيئن روڪبو ۽ جيڪڏهن روڪبو ته بجلي ڪيئن ٺهندي ته پوءِ قرض تي ورتل 12 کان 15 ارب ڊالرز ڪهڙي کاتي مان قرض ڏيندڙ ادارن کي موٽائي ڏبا؟
ايندڙ 6 کان 8 مهينا ملڪ ۽ سنڌ ۾ Full of news events هوندا. نظر اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾
(ترتيب مختلف ٿي سگهي ٿي)
صدر مشرف وردي لاهڻ يا نه لاهڻ جو اعلان ڪندو. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي باضابطا اعلان جو امڪان آهي يا اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان به متوقع آهي. مڪاني چونڊون، آمريڪا پاران ملڪ ۾ وڌيڪ جمهوريت آڻڻ، انتهاپسندن خلاف اڃا سخت قدم کڻڻ ۽ ايم ايم اي بدران
Moderate
پارٽي جهڙوڪر پ پ نواز ليگ سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وارا معاملا ۽ انهن معاملن مان ٻيامسئلا ڦٽي نڪرندي نظر اچن ٿا، سو اچو ته پنهنجيون اکيون ۽ ڪن کولي صورتحال جو روز به روز جائزو وٺندا رهون ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو