Saturday, 13 December 2014

علي قاضي

ڇا سنڌ ۾ قومپرستيءَ وارو فهم اڃا ميچوئر ناهي ٿيو؟
آچر 16 نومبر 2003ع

بلوچستان جي هڪ قومپرست جو چوڻ هو ته ”سنڌي نيشنلزم اڃا ميچوئر نه پر ٻاراڻي سطح تي بيٺل آهي“ بلوچ قومپرستي ۽ بلوچ قومپرستن جا پنهنجا حال ڇا آهن جو هو ڪنهن ٻئي تي تنقيد ڪن پر تنهن هوندي به مون کي ان بلوچ اڳواڻ جو سنڌي قومپرستيءَ بابت ڪيل اهو تبصرو تمام وزنائتو لڳو ۽ ڪافي عرصي کان سوچيم پئي ته سنڌي قومپرستيءَ جي هن مهل سطح ڪهڙي آهي ۽ ڇا واقعي به اها بالغ ٿي چڪي آهي يا اڃا بانڀڙا پيئي پائي؟ اڪيڊمڪ رهندي بحث ڪريون ته آ ئون ان ڳالهه جو حامي ناهيان ته نيشنلزم صرف ۽ صرف ان قوم ۾ وڌي ٿي جنهن جا حق کسيا ويا هجن يا جنهن ۾ احساس محرومي هجي، بلڪه قومپرستي هر ان قوم يا گروهه ۾ وڌي سگهي ٿي جنهن ۾ مسلسل اهو احساس جيئرو رکيو وڃي ته کين (ان قوم کي) ٻاهريون قوتون/قومون نشاني تي رکيو ويٺيون آهن ۽ جيڪڏهن هي پاڻ ۾ ٻڌي نه رکندا/ڪندا ته دشمن کين تباهه ڪري ڇڏيندو. ان جو وڏو مثال آمريڪي نيشنلزم جي صورت ۾ پاڻ ڏسون ٿا، جنهن کي هروڀرو ڪا به احساس محرومي ناهي پر سندن انٽيليجنشيا هالي ووڊ جي فلمن توڙي ٻيءَ ميڊيا وسيلي سدائين آمريڪين کي اهو احساس ڏياريندي رهي آهي ته ”کين خطرو آهي“ ماضيءَ ۾ اهو ڊپ سوويت يونين مان ڏياريو ويندو هو ۽ هاڻ انتهاپسندن ۽ شايد سڀاڻي يورپ يا ٻيءَ ڪنهن قوت وسيلي آمريڪين جي ڊپ کي جيئرو رکي آمريڪي نيشنلزم کي زندهه رکبو، ساڳيءَ ريت پنهنجي سگهه ۽ برتريءَ جو احساس ڏياري به قومن ۾ قومپرستي وڌائبي آهي، جيئن هٽلر جرمن قوم کي ٻين انسانن کان افضل قرار ڏيئي جرمن قومپرستي جنونيت جي حد تائين وڌائي هئي. سو اهو سمجهڻ ته قومپرستي صرف محروم قومن ۾ وڌي ٿي صحيح راءِ نه هوندي. هاڻ پاڻ واپس موٽي سنڌي نيشنلزم جي صورتحال جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا پر ان کان اڳ اها وضاحت ضروري آهي ته هتي اسين سنڌي نيشنلزم کي بحث هيٺ پيا آڻيون نه ڪي سنڌي قومپرست اڳواڻن يا قومپرست پارٽين کي ڇاڪاڻ ته انهن بابت ماضيءَ ۾ به تمام گهڻو بحث ٿي چڪو آهي. سنڌي سوسائٽي ۾ قومپرستيءَ جو گذريل چئن ڏهاڪن ۾ جيتري کليل انداز ۾ پرچار بلڪه جيتري انتهاپسندي سان ان جو علم بلند ڪيو ويو آهي. اوتري ئي اها ڍڪيل بلڪه ڪيموفلاج به رهي آهي. مثال طور بنگال جي علحدگيءَ کان پوءِ سنڌ پهريون صوبو هو جنهن ۾ علحدگيءَ جونعرو لڳو پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ ننڍن صوبن مان واحد صوبو آهي جتي قومپرست سياست کي ڪڏهن به ڳڻپ جوڳي مڃتا نه ملي، بلڪه سوسائٽي ۾ موجود قومپرستيءَ جو جذبو به هڪ وفاقي پارٽي (پ پ) جي حصي ۾ ويندو آهي! اسان جي ڪامريڊ دوست سهيل سانگي هڪ دفعي لکيو هو ته سنڌي ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ڀٽو ۽ دل ۾ سيد آهي، ان جملي جي سولي تشريح اها ٿي پئي سگهي ته سنڌي ماڻهو دل ئي دل ۾ قومپرست ٿيڻ چاهي ٿو پر ذهني طرح کيس قومپرست ٿيڻ جو ڪو 
Viable proposition
 (فائدي واروسودو)
 نظر نٿو اچي. ائين ڇو آهي، ان بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، جنهن ڪري پاڻ صرف قومپرست سياست ڪندڙ يوسف لغاري جو قصو بيان ڪري اڳتي ٿا وڌون. يوسف لغاري هڪ اليڪشن دوران پنهنجي تڪ جي هڪ ووٽر کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي پئي ڪيو ته هن ڳوٺاڻي تمام سادي انداز ۾ چيو ته ”ماما يوسف! ڳالهه اها آهي ته تون برابر ڀلو ماڻهو آهين، پر مهينو اڳ آڌيءَ رات جو جڏهن منهنجي زال ويم جي سورن ۾ صفا مري پيئي ته پاڙي واري زميندار جي گاڏيءَ ۾ کيس اسپتال کڻائي ويس، جتي مون کي پٽ ڄائو. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءُ کي پوليس ٻڌي ويئي ته به ساڳئي وڏيري پوليس مان جان ڇڏرائي. سو تون برابر ڪامياب ٿي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائيندين پر آڌي مانجهي جو مون کي ڪم ته اهو وڏيرو ئي اچي ٿو سو ان کي ڇڏي توکي ووٽ ڪيئن ڏيان؟“، جيڪڏهن ان قصي تي غور ڪريون ته ان مان سمجهه ۾ ايندو ته عام سنڌي ماڻهو قومپرست سياست کي پنهنجي عام رواجي زندگي ۾
 Relevant 
(لاڳاپيل)
 نٿو سمجهي پر ڳالهه رڳو عام ماڻهن جي سطح جي به ناهي. پر جيڪڏهن پاڻ سنڌي سوسائٽيءَ جي سکئي ستابي ۽ سگهه رکندڙ طبقي بيوروڪريسيءَ کي آڏو رکي به ڏسون ته (ٿورن آفيسرن کي ڇڏي) عجيب صورتحال نظر ايندي. هتي جڏهن به صوبي جي اهم منصبن تي سنڌي بيوروڪريٽس نه هوندا آهن ته سڄي صوبي ۾ هڪ هل هنگامو هجي ٿو ته ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو، سنڌ ۾ شديد احساس محرومي آهي جو سنڌي آفيسرن کي پوسٽنگز نه ٿيون ملن پر جيئن ئي انهن جي اڪثريت سڻڀي پوسٽنگز تي اچي براجمان ٿئي ٿي ته پوءِ انهن جو سنڌ ۾ مجموعي مفادن ڏانهن رويو اهڙو ئي هجي ٿو جهڙو ٻين جو هجي ٿو، ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته سنڌ ۾ اهم منصبن تي مقرري جو پهريون حق سنڌي بيوروڪريٽس جو ناهي، يقينن آهي پر ٽرانسفر، پوسٽنگ سان مشروط قومپرستي کي يقينن ڪا حقيقي قومپرستي قرار نٿو ڏئي سگهجي. هڪ سنڌ دوست بيورو ڪريٽ کي جڏهن مٿيون ڳالهيون ڪچهريءَ ۾ چيم ته هن اتفاق ڪندي چيو ته واقعي به سنڌي بيورو ڪريٽس جي اڪثريت جو ڪردار به سنڌي سياستدانن کان گهڻو مختلف نه رهيو آهي، جو جڏهن پوسٽنگ کان ٻاهر هجن ٿا ته سنڌ جا سور تمام گهڻا ياد اچن ٿا پر جڏهن ڪرسي ملي ٿي ته پوءِ اسان جو رويو به سنڌ ڏانهن اهو ئي هجي ٿو. جيڪو اقتدار ۾ آيل سياستدان جو هجي ٿو، اها ڳالهه ٺوس حقيقت آهي ته جڏهن ڪي بي رند سنڌ جو چيف سيڪريٽري هو ته لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو اهم منصبن تي سنڌي بيورو ڪريٽس مقرر ٿيل هئا، (جن جي گهڻائي اڄ به آهي) پر ڇا سنڌ جي حالت ۾ توهان کي ان مهل يا اڄ تر جيتري به بهتري نظر اچي ٿي؟ سرڪاري کاتن ۾ ساڳي ڪرپشن جو دڪان ناهي کليل؟ سنڌي ماڻهن لاءِ آيل فنڊز هڙپ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي پيئي وڃي؟ جيڪي ڪامورا سنڌ جو پاڻي ارسا جي ميٽنگ ۾ ڏئي آيا، اهي ڇا سنڌي ڪامورا نه هئا؟ ۽ سنڌ سان اهڙو ظلم ڪندڙ سنڌي ڪامورن خلاف ڪو قدم کڄڻ ۾ به ڇا ٻيا سنڌي ڪامورا ديوار نه بڻيل هئا يا آهن؟ سو اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڇاهي اسان جا سياستدان هجن، ڪامورا هجن يا عوام (جنهن ۾ آئون اوهان سڀ ٿا اچون) کي پنهنجي پنهنجي باري ۾ ٻن ٽن ڳالهين جو حقيقي تجزيو ڪرڻ گهرجي ـ

سنڌ دوستي ۾ حقيقي طرح يقين ٿا رکون يا مڙئي فيشن ۾ اها ڳالهه ٿا ڪريون؟

جيڪڏهن سنڌ دوستي ۾ يقين ٿا رکون ته ان لاءِ ڪيترو نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو ٿا رکون؟ ـ

پاڻ رڳو مڙئي ڳالهيون ڪرڻ ٿا ڄاڻون يا ڪنهن نتيجي ڏيندڙ عمل ڪم ڪرڻ جي سگهه ۽ اهليت به رکون ٿا؟

شايد ان ڪري جو آئون پاڻ سياستدان يا دانشور ناهيان يا ٻيو ڪو سبب آهي جو مون کي صرف لٻاڙ هڻندڙ يا مڙئي ڀاشن ڏيندڙ نه وڻندا آهن ۽ هر مهل اهو خيال رهي ٿو ته جيڪا ڳالهه ڪئي پيئي وڃي اها ڪو نتيجو ڏيندڙ ٿيندي به يا نه؟ مبهم ۽ ٽڙيل پکڙيل خيال، تجويزون ٻڌي سواءِ ڪوفت جي ٻيو ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي. در اصل اسان وٽ مڙئي ڳالهيون ڪرڻ يا وري انهن ڳالهين کي رد ڪرڻ وارو ڪلچر حاوي آهي. اسان وٽ ڪا ڳالهه ڪرڻ يا تجويز ڏيڻ کان اڳ نه اهو ڪاٿو لڳايو وڃي ٿو ته
 Ground Realities 
(زميني حقيقتون)
 ڇا آهن ۽نه ئي وري ڪنهن ڳالهه کي رد ڪرڻ مهل اهو سوچيو وڃي ٿو ته ان ڳالهه جي پويان 
Vision 
(فهم)
 ڇا آهي. اسان جي اڪثر (نام نهاد) دانشورن سان ٽي بنيادي مسئلا آهن، هڪ اهو ته هر هر نئين خيال يا نئين سوچ سان ٽڪر ۾ اچڻ ائين ضروري سمجهن ٿا، ڄڻ جمود برقرار رکڻ ئي سندن اولين فرض آهي. انهن سان ٻيو مسئلو سندن جعلي ڏاهپ جو آهي، جنهن سبب کين حقيقي يا عمل جوڳي ڳالهه سطحي ۽ ٻاراڻي ٿي لڳي، جنهن ڳالهه ۾ لفظن ۽ افسانوي قسم جي لٻاڙ هجي ته ان کي اهميت ڏني ٿي وڃيئ ٽئين ڳالهه پنهنجي ذات، گروهي مفادن ۽ انا پرستي سبب مجموعي چڱائيءَ جي ڳالهه کان ذاتي مفاد واري ڳالهه کي اهميت ٿا ڏين جنهن جو ڪارڻ ڪمٽمينٽ ۽ وٽن
Vision
 (فهم)
 جي کوٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو سمجهه ۾ اچي ـ

هڪ ڪالم نگار سان جڏهن به اهڙي ڪنهن موضوع تي بحث ٿئي ٿو ته هو سدائين مون کي تلقين ڪندو آهي ته سائين سنڌ هڪ پوئتي پيل سوسائٽي آهي، سو تنهن ڪري توهان کي اتي سياسي ماڻهن ۽ دانشورن جي گهڻائي به اهڙي ئي پوئتي پيل ملندي ۽ جنهن نئين
 vision
 (فهم) 
جي ڳالهه توهان ٿا ڪريو سا اتي جي ماحول جي اعتبار سان 
Pre-mature
(قبل از وقت)
 آهي. آئون ان دوست سان اتفاق نٿو ڪريان، بلڪه ان راءِ جو آهيان ته سنڌ جا ماڻهو ۽ سوسائٽي به ٻين سوسائٽيز جيان هر چڱي ۽ مثبت ڳالهه، خيال ۽ عمل کي موٽ ڏين ٿا، شرط اهو آهي ته اها ڳالهه، خيال يا عمل نه صرف نيڪ نيتيءَ سان ڪيو وڃي پر اها ڳالهه يا عمل ڪرڻ جو انداز به فضيلت ۽ عقل ڀريو هجي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ کان 32 يا 33 سال اڳ جڏهن اسان جي سوسائٽي اڃا بنهه پوئتي پيل ۽ پراڻ پسند هئي ان وقت جڏهن هڪ شخص اچي جمهوريت، عوام جي حقن ۽ تبديلي جو نعرو ڏنو ته سنڌ جا لکين ڪروڙين ماڻهو سندس شيدائي بڻجي ويا، جو ذوالفقار ڀٽو اڄ تائين ماڻهن کان نٿو وسري، سو اهو چوڻ غلط ٿيندو ته سنڌ جا ماڻهو نواڻ پسند ناهن پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن ٿو سندن آڏو بهتر ۽ 
Viable (قابل عمل)
 آپشن اچي. ماضي ۾ اهو بهتر آپشن سنڌواسين آڏو سياست جي ميدان ۾ آيو هجي يا ادب جي دنيا ۾، صحافت هجي يا موسيقي غرض ته جڏهن به سندن آڏو بهتر نواڻ آئي آهي ته سنڌ واسين ٻانهون کولي ان جي آجيان ڪئي آهي، سو اها دعويٰ ڪري جمود پسند ٿجي ته سنڌ جي سوسائٽي يورپ يا ڪنهن ٻيءَ سڌريل سوسائٽي جيان بهتر نواڻ نه قبوليندي آهي ته اها سوچ انتهائي غلط هوندي. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌي سوسائٽي ڀلي ڪيتري ئي ڪڌين ريتن، رسمن ۾ ڦاٿل هجي يا ان کي ڪير ڀلي ڪيترو پوئتي پيل قرار ڏئي پر ان سوسائٽي جو گڏيل فهم ڪنهن به ريت ٻين سوسائٽيز کان گهڻو گهٽ ناهي ۽ جڏهن به مجموعي طرح سنڌ جي چڱائيءَ جي حوالي سان ڪا نئين ڳالهه يا مثبت عمل انهن آڏو اچي ٿو ته هو ڀرپور موٽ ڏين ٿا ـ

ڪجهه اڌ اکري دانشور ڀلي ڇا به چون پر منهنجو اهو پختو يقين آهي ته باوجود ان ڳالهه جي ته سنڌي سوسائٽي ۾ نيشنلزم اڃا ميچوئر سطح تي پهچي نه سگهيو آهي پر ان جو ذميوار پاڻ مجموعي سوسائٽي کي ڪنهن به ريت قرار نٿا ڏئي سگهون پر ان جو اهم ڪارڻ اها انداز سياست آهي جيڪا سوسائٽي منجهه پنهنجي لاءِ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته سوسائٽي گذريل ٻن ڏهاڪن دوران هڪ ڪميٽيڊ، ميچوئر ۽ ماڊرن طرز تي هلندڙ ”انداز سياست“ جي گهرجائو رهي آهي پر بدقسمتيءَ سان ان قسم جي سياست سامهون نه اچي سگهي آهي پر جنهن به ڏينهن نواڻ پسند، مثبت ۽ نتيجا ڏيندڙ ”انداز سياست“ اسان جي سوسائٽي ۾ آندي ويئي ته پاڻ سڀ ان نئين ۽ مثبت سياست ڏانهن سوسائٽيءَ جي ڀرپور موٽ کي اکين سان ڏسي سگهنداسين ـ

پڙهيل ڳڙهيل سمجهو ماڻهن جي اڪثريت ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي ته
 Genius Thoughts 
(عظيم خيال)
 عظيم ماڻهو ۽ 
Creative Ideas
 (تخليقي خيال)
 اڪثر بحراني حالتن ۾ ئي جنم وٺن ٿا پوءِ اها 
Creativity
 ادب جي ميدان جي هجي يا سياست جي آئون هروڀرو 
Exaggerate
 (وڌاءُ)
 ڪري سنڌ ۾ موجود بحران کي انقلاب کان اڳ فرانس واري صوررتحال يا ٻئي ڪنهن خطي جي حالتن سان ڀيٽڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته اسان جي صورتحال ڪافي حد تائين مختلف آهي پر تنهن هوندي به اسان جي سوسائٽيءَ جا پنهنجا بحران آهن جن مان ٻه Directionless 
(بي سمت)
 هجڻ ۽
Lack of confidence
 (اعتماد جي کوٽ)
 وارا بحران اهم آهن. اسان جي سوسائٽيءَ ۾ موجود ظاهري بحران جهڙوڪر سياسي ويڪيوم، امن امان جي مخدوش صورتحال، معاشي بدحالي، برادرين جا جهيڙا، سنڌ جي حقن جي پامالي غرض ته جيڪا به افراتفري ۽ بحراني حالتون پاڻ چوطرف ڏسون ٿا، اهي مٿي ڄاڻايل ٻنهي فيڪٽرز مان ئي ڦٽي نڪرن ٿا. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪا ڌر يا ادارو Direction
(رخ)
 وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ ان اندر سمورن قسمن جا بحران جنم وٺن ٿا. ٻيو ته ڇڏيو پر ڪو هڪ شخص به جڏهن 
Direction
 وڃائي ويهي ٿو ته هو اندروني بحران جو شڪار ٿيو وڃي ۽ هو ڪڏهن ڪرائيم ڏانهن ته وري ڪڏهن خودڪشيءَ ڏانهن سوچڻ شروع ڪري ٿو. پر جڏهن مورڳو ڪا سڄي سوسائٽي بي سمت ٿي وڃي ته سوچيو ته ڪيڏي نه انارڪي جنم وٺندي ۽ ڪو به فرد، ادارو، ڌر يا سوسائٽي عام طرح تڏهن ئي
Directionless
 ٿئي ٿي، جڏهن ان وٽ ڪو واضح ٽارگيٽ نه ٿو هجي، کيس ڪا منزل نه سجهندي هجي ۽ اسان جو به الميو اهو آهي ته اسان وٽ ڪو به چٽو ٽارگيٽ ناهي ته آخر اسين ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيون؟ سو جيستائين ڪو حاصلات جوڳو ٽارگيٽ سامهون نه رکبو، تيستائين ان جي حاصلات لاءِ حڪمت عملي ڪيئن جوڙبي؟ ـ

آئون سمجهان ٿو ته جڏهن اسان وٽ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو بحث شروع ٿيو هو ته ان جي پويان به نيت يا خواهش ان سوسائٽي لاءِ ڪا حاصل ڪرڻ جوڳي منزل ڳولڻ هئي پر جنهن بيدرديءَ سان اسان جي ڪجهه ”اڪابرن“ ان بحث تي ٺٺوليون ڪري ان کي ڪچري جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ان تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي پيو. آئون اڄ به سمجهان ٿو ته اسان جي 80 سيڪڙو دردن جو درمان فضيلت ڀرئي، مثبت ۽ ڪميٽيڊ سياسي ڪلچر ۾ آهي، جيڪو صرف دانشوري يا ڀاشن ڏيڻ تائين نه پر نتيجو ڏيندڙ به هجي ۽ جيڪڏهن بحيثيت سول سوسائٽي پاڻ ۾ اعتماد بحال ڪريون ته سنڌ سطح تي اقتداري دنيا ۾ اهڙو سياسي ڪلچر ٺاهي وٺڻ ناممڪن ڪونهي. در اصل ڪابه شيءِ ناممڪن ناهي هوندي پر ضرورت صرف نيتن جي صاف هجڻ پاڻ تي اعتماد هجڻ ۽ صحيح حڪمت عملي جي هجي ٿي، پوءِ رب جي ذات پاڻ ئي ٻيڙو پار ٿي لڳائي ۽ جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته نيڪ نيت ۽ ڪميٽيڊ ٿي ڪم ڪجي ته
 Only failure is impossible
(صرف ناڪامي ئي ناممڪن هجي ٿي)
جيڪڏهن ڪجهه دوست وري چوندا ته علي قاضي وري يوٽوپين خيال پيو ظاهر ڪري يا خواب پيو ڏسي ته کين عرض ڪندم ته هر وڏي شيءِ لاءِ پهريان خواب ئي ڏسبو آهي ـ

ڪنهن به قوم جي فرد بڻجڻ ۾ ان فرد جو نه ڪو ڪمال ۽ نه ئي عمل هجي ٿو. جيڪڏهن ڪو سنڌي گهراڻي ۾ ڄائو آهي ته اها فقط سندس قسمت هجي ٿي پر اهو فرد پنهنجي سوسائٽي لاءِ ڇا ٿو
 Contribute
 (ڪردار ادا) 
ڪري ان مان ئي سندس قومپرستي ظاهر ٿئي ٿي ۽ منهنجو مشاهدو اهو آهي ته سنڌي سوسائٽي اجتماعي طرح مختلف موقعن تي قومپرستيءَ جي بينر هيٺ يا قومپرستي جو نعرو هڻڻ کان سواءِ ڀرپور قومپرستانه فيصلا ڪيا آهن پر اڃا اهي 
Camouflage 
(پوشيده)
 ئي آهن پر جنهن انداز سان ڊيمز ۽ ٻين حوالن سان سڄي سوسائٽي جي خواهشن ۽ مفادن کي لتاڙيو پيو وڃي ان سان اهي احساس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن جيڪي ڪنهن به سوسائٽيءَ ۾ نيشنلزم کي وقت کان اڳ ميچوئرٽيءَ جي حد تي پهچائي ٿا ڇڏين. آئون وڌيڪ نه پر پنجن يا ڇهن سالن کان پوءِ جيڪا سنڌ ڏسان ٿو ان سنڌي سوسائٽي کي ڏسي ڪو به بلوچ يا پٺاڻ قومپرست اڳواڻ اهو نه چئي سگهندو ته ”سنڌي نيشنلزم اڃا ٻاراڻي سطح تي بيٺل آهي“ ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو