چريا کريا به سڀ سمجهن ٿا
جمع 15 مارچ 2002ع
|
ڳالهه آهي يا مشڪري، پاڻ ته اسلام آباد آڏو ڪڇي نه پيا سگهن پر جيڪڏهن ڪا ٻي ڌر احتجاج ڪري اهو نياپو اماڻڻ ٿي چاهي ته ”سنڌ کي ٿل ڪئنال قبول ناهي“ ته ان کي به جيل ۾ وڌو ٿو وڃي. ڊي آءِ جي پوليس ڪراچي فرمائي ٿو ته ”سياسي جلسن، جلوسن ۽ ريلين تي پابندي آهي“. اها ڳالهه ڊي آءِ جي کي تڏهن ياد آئي، جڏهن ٿل ڪئنال خلاف ريلي سڄو ڪراچي لتاڙي، شهر جي دنگ يعني گهگهر ڦاٽڪ تي پهتي ۽ جيڪڏهن ڊي آءِ جي جي اک ڏهن منٽن کانپوءِ کلي ها ته ريلي ڪراچيءَ جي حدن مان نڪري چڪي هجي ها. سوال اهو آهي ته آخري لمحن ۾ ڊي آءِ جي جي اک ڪنهن ۽ ڇو پٽرائي!؟ اسلام آباد وارا چون ٿا ته ”ٿل ڪئنال کي سياسي اشو نه بڻايو وڃي پر ان پراجيڪٽ کي ملڪي مفادن جي حوالي سان ڏٺو وڃي!“ ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اهو سياسي اشو ناهي ته ان کي رد ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ احتجاج ڪيئن سياسي ٿيو؟ ۽ جيڪڏهن اهو احتجاج سياسي نه هو ته پوءِ ان کي ٿيڻ کان روڪيو ڇو ويو، ڇاڪاڻ ته پابندي ته صرف سياسي جلسن، مظاهرن ۽ ريلين تي آهي. جڏهن ته هيءُ ته ملڪي مفاد ۾ اسلام آباد کي نياپو موڪلڻ جي ڪوشش هئي ته ”سنڌ کي ٿل ڪئنال قبول ناهي“. عجيب ڳالهه آهي ته ٿل ڪئنال جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ غير سياسي آهي ۽ ملڪي مفاد ۾ به آهي، پر ان کي رد ڪرڻ سياسي به آهي ته وري ملڪي مفاد جي خلاف به آهي! اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي پر ماضيءَ ۾ به حڪومتن جي فيصلن مٿان ”قومي مفاد“ جو ٺپو لڳائي ان کي تنقيد يا بحث کان مٿانهون قرار ڏنو ويندو رهيو آهي ۽ عوام جي فيصلي کي ”قومي مفادن“ جي ابتڙ ڪوٺيو ويندو رهيو آهي ـ
يون هي هميشه الجهتي رهي هي ظلم سي خلق
نا ان کي رسم نئي هي نا اپني ريت نئي
يون هي هميشه کهلائي هين هم ني آگ مين پهول
نا ان کي هار نئي هي نا اپني جيت نئي
پنهنجي پاڻ کي عقل ڪُل سمجهندڙ نواز شريف جڏهن ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ کانپوءِ ”جوش“ ۾ اچي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ جو رٿيو ته کيس سندس ويجهن ساٿين ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ نذير ناجي جيڪا تقرير نواز شريف لاءِ لکي ان ۾ به ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪونه هو پر اسلام آباد ٽي وي اسٽيشن تي پنهنجي تقرير رڪارڊ ڪرائيندي اوچتو نواز شريف پنهنجي کيسي مان هڪ پنو ڪڍيو، جنهن کي پڙهي هن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو. ٽي وي اسٽيشن تي ان مهل نواز شريف جي موجود ٻين ساٿين سوڌو شهباز شريف جڏهن ڊوڙ پائي تقرير جي رڪارڊنگ روڪرائي ۽ نواز شريف کان کيسي مان ”ڪارتوس“ ڪڍي هلائڻ جو سبب پڇيو ته هن شهباز کي پنجابيءَ ۾ چيو ته ”آئون ڇا ڪريان، وڃي اباجي کان پڇو!“ خير ابا جي کان ته ڪير ڇا پڇي ها ۽ ڪيئن پڇي ها پر اسلام آباد مان اهڙي فيصلي اچڻ کانپوءِ ڏچو سنڌ ۾ موجود لياقت جتوئيءَ جي سرڪار لاءِ ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته ان سرڪار جو وجود ئي اسلام آباد جي آشيرواد سبب هو ۽ ان دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو قائم مقام اسپيڪر جلال محمود شاهه ۽ پي پي وارا زور هڻي بيهي رهيا، پر سنڌ حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ پاس ٿيڻ نه ڏنو. سڄي سنڌ ٻري رهي هئي. جلسا، جلوس، مظاهرا، ڌرڻا، غرض ته سڄي سنڌ ۾ شديد رد عمل هو، پر سنڌ جي ان مهل جي ”چونڊيل ايوان“ ۾ ڊيم خلاف ٺهراءُ پاس نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ جڏهن ان مهل جي حڪومت ۽ اسيمبلي ڪجهه ئي عرصي ۾ گهر ڀيڙو ڪري اسيمبليءَ کي علائقي جي ايس ايڇ او کان تالو لڳرايو ويو ته عوام به نواز سرڪار جي اهڙي فيصلي تي ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪيو. ڇو ته جنهن اسيمبليءَ ۾ عوام جي امنگن ۽ مفادن جي ترجماني نه ٿي سگهي، ان اسيمبليءَ کي تالو لڳڻ تي عوام کي ڇو افسوس ٿئي ها؟ ان مان سمجهڻ گهرجي ته جيڪا حڪومت عوام جي ترجماني نٿي ڪري ۽ ان جي اهنجن جو فڪر نٿي ڪري، ان جون پاڙون به ڪمزور هجن ٿيون ۽ ماڻهو به ان جو ايترو ئي خيال ڪندا، اوترو ئي پاسو وٺندا، جيترو انهن نواز سرڪار پاران هٽايل جتوئي سرڪار جو پاسو ورتو هو، اڄ ماضيءَ جا سنڌ جا حڪمران چون ٿا ته ”نواز شريف کان اصولي اختلافن سبب ڌار ٿيا آهيون!“ ظاهر آهي ته هاڻ نواز شريف جدي ۾ ويٺو آهي ۽ اسلام آباد ۾ نواز شريف مخالف حڪومت آهي، تنهن ڪري نواز شريف سان اختلاف ”اصولي“ نه ته پوءِ ڇا ذاتي هوندا؟ اهي ماڻهو، جن هاڻي نواز شريف سان ”اصولي“ اختلاف رکيا آهن، انهن مٿان حيرت آهي ته سنڌي هوندي به کين ڪالاباغ ڊيم جي اعلان مهل نواز شريف سان ڪي به ”اصولي“ اختلاف نه ٿيا هئا؟ بهر حال ڊيم جي اعلان مهل سنڌ جي سرڪاري نمائندن ڪجهه ڪيو يا نه پر سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مڙسي ڪري ورتي. اڄ وري جڏهن ڪالاباغ ڊيم بدران ٿل ڪئنال جو وارو آيو آهي ته به آسرو ڪنهن ٻئي ۾ نه پر سجاڳ ڌرين ۽ ماڻهن ۾ ئي آهي ته هو ”ملڪي مفاد“ ۾ پنهنجو ڪيس ڪيئن ٿا اٿارين ـ
جو تجهه سي عهدِ وفا استوار رکهتي هين
علاجِ گردشِ ليل و نهار رکهتي هين
تازو اسلام آباد ۾ اوچتو اطلاعات کاتي جي هڪ اڳوڻي وفاقي وزير سان ملاقات ٿي. کيس چيم ته ”اسلام آباد وارا سمجهن ٿا ته سنڌ وارا بيوقوف آهن، پر يقين رکو ته اهي بيوقوف ناهن، پر في الحال رڳو ڪمزور آهن ۽ هاڻي سنڌ نئين سر منظم ٿي پنهنجي طاقت کي آزمايو آهي ته هر ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي“. ڇا اهو تماشو ناهي ته جنهن ماڻهو سنڌ جي ڳوٺن مٿان بم وسرايا ان جي پٽ تي تازو سنڌ ۾ سياسي سرگرميون ڪرڻ، ريليون ڪڍڻ يا جلسا ڪرڻ تي ڪا پابندي نه هئي، باقي ٿل ڪئنال، جيڪو هڪ خالص معاشي مسئلو آهي،ان جي خلاف جيڪڏهن ڪا ڌر ريلي ڪڍي ٿي ته اهو ڏوهه ٿي پيو!؟ چريا کريا آهيون پر سمجهون سڀ ٿا. اخباري رڪارڊ موجود آهي ته پ پ ، ايس ڊي اي، مسلم ليگ (ق) ۽ ٻين ڌرين گذريل هڪ مهيني ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن تي جلسا به ڪيا، وڏيون ريليون به ڪڍيون. پر کين ڪنهن به نه جهليو، پر ڪالهه جڏهن پ پ ٿل ڪئنال جي خلاف ريلي ڪڍي ته سرڪار کي اوچتو ياد اچي ويو ته ريلين ڪڍڻ تي پابندي آهي ۽ پوليس نه صرف ريلي نه ڪڍڻ ڏني، بلڪه وڏي پيماني تي گرفتاريون به ڪري ورتيون. ڇا ان مان اهو سمجهڻ کپي ته باقي هوائي توائي قسم جي سياسي سرگرمين جي اڻ اعلانيل طور اجازت آهي. پر جيڪڏهن ٿل ڪئنال يا اهڙي ڪنهن سنڌ مخالف رٿا تي چرپر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ سان گهٽ نه ٿيندي ـ
نثار مين تيري گليون ڪي اي وطن ڪه جهان
چلي هي رسم ڪه ڪوئي نه سر اٺها ڪي چلي
جو ڪوئي چاهني والا طواف ڪو نڪلي
نظر چرا ڪي چلي جسم وجان بچا ڪي چلي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو