اقتدار جي ايوانن ۾ ڪو ته
هيٺئين ڪلاس جو سفير هجي!
ڇنڇر 9 فيبروري 2002ع
|
”فيض احمد فيض عوامي شاعر نه هو، پر هو هيٺئين طبقي جي ماڻهن جو مٿئين طبقي وٽ سفير هو،“ فيض بابت گهڻا سال اڳ ٻڌل ايترو مناسب تبصرو مون سان اڄ به نٿو وسري، ڇاڪاڻ ته واقعي به فيض جنهن انداز جي شاعري ڪئي، اها عام ماڻهن جي اڪثريت جي سمجهه کي بنهه مٿي هئي.
هم ڪه ٺهري اجنبي، اتني ملاقاتون کي بعد
جهڙي فيض جي خوبصورت نظم بابت اڄ تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر ناهي ته اها ڪا عشقيه شاعري نه پر فيض احمد فيض اهو نظم اوڀر پاڪستان ٽٽڻ جي ڏک ۾ لکيو هو. چون ٿا ته ضياءُ الحق جي اها ڏاڍي خواهش هئي ته فيض صاحب ساڻس ملاقات ڪري ۽ سالن تائين ضياءَ جو ويجهو ساٿاري ۽ مشهور ليکڪ صديق سالڪ اها ڪوشش ڪندو رهيو ته فيض ان ملاقات لاءِ راضي ٿئي، پر فيض سدائين اهو چئي کيس ٽاريندو رهيو ته ”اسان قلم هلائيندڙ آهيون ۽ هو (ضياءُ الحق) بندوق هلائيندڙ آهي. اسان ۾ ڪابه هڪجهڙائي ناهي ته پوءِ ملاقات ڪري ڇا ڪنداسين؟“ پر پوءِ عمر جي آخري حصي ۾ فيض صاحب پاڻ ضياءَ سان ملاقات ڪرڻ چاهي. ضياءُ الحق، جيڪو هڪ شاطر حڪمران هو، سو ٿوري نخري کانپوءِ ملاقات لاءِ راضي ٿيو ۽ نيٺ ايوان صدر ۾ ضياءُ الحق ۽ فيض احمد فيض هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويٺا. ملاقات ۾ ڪنهن ڇا ڳالهايو، ان جي خبر ته خدا کي پر ڪامن سينس اهو ٿو ٻڌائي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڪابه ڏي وٺ نه ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته ضياءُ وٽ اهڙو ڇا هو جو فيض کي ڏئي سگهي ها، جيڪو شاعر
قفس اداس هي يارو صبا سي ڪچهه تو ڪهو،
ڪهين تو بهرِ خدا آج ذڪر يار چلي
جهڙي شاعري ڪندو هجي ان کي هڪ فوجي ڊڪٽيٽر آخر ڏئي به ڇا پيو سگهي؟ اڄ تائين اسان جي ڪافي ڪامريڊن کي ان ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي ته فيض ڪو وڃي فوجي آمر ضياءَ سان مليو هوندو، ڇاڪاڻ ته فيض صاحب جنهن دور ۾ رهندو هو ۽ سندس ڪامريڊ جنهن وقت ۾ عملي سياست ڪندا هئا، اهو Black & White (اڇي ۽ ڪاري) جو دور هو. ان مهل Grey (ڪاري ۽ اڇي جو وچ) ٿي سگهڻ جو ڪو Concept (تصور) نه هو. ان دور ۾ ليڊر، شاعر، حڪمران وغيره کي يا ته فرشتو سمجهيو ويندو هو يا شيطان، پر وقت سان گڏ اهو نظر آيو ته فرشتي ۽ شيطان جي وچ ۾ ڪو شخص، صرف انسان به ٿي پيو سگهي، جنهن ۾ خوبيون به هجن ۽ خاميون به. اهڙي لچڪيدار رويي جي پيدا ٿيڻ سان سياسي ڪلچر ۾ بهتري اچڻ کپي ها، پر بدقسمتيءَ سان ٿيو اهو جو هر ڪنهن اهو چئي ڪري ته ”دنيا مان نظرياتي سياست واري دور جو خاتمو اچي چڪو آهي،“ بنا ڪنهن اصول ۽ اخلاقيات جي سياست ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن جو پاور ڪلب جي ميمبرن تي ته ڪو گهڻو اثر نه پيو، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ۾ ئي نه ڪا نظرياتي ۽ نه ئي ڪا گهڻي اصولي سياست ڪندا هئا پر ”سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي“ واري لهر هيٺئين سياسي ڪيڊرز ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ بي اصولي وارو ڪلچر جوڙي ڇڏيو، جنهن سبب مستقبل ۾ ڪنهن چڱي ۽ اصولي سياست ٿيڻ وارو امڪان مٽيءَ جي ڪيترن ئي مڻن هيٺ دٻجي ويو. حد ته اها ٿي جو سياست ۾ پنهنجي هر واهيات عمل کي اهو چئي جائز قرار ڏنو ويندو رهيو ته ”جنگ ۽ محبت ۾ سڀ ڪجهه جائز هجي ٿو“. پر خدا جي ٻانهن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سياست نه جنگ آهي ۽ نه ئي ڪن ٻن فردن جي وچ ۾ محبت جو نالو آهي، پر سياست سڄي انسانيت ڏانهن جوابده هجڻ، سڄي سوسائٽيءَ جي ڏکن ۽ پيڙائن جو درد رکندي ان جي حل لاءِ اهليت رکڻ ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ ڪن اصولن ۽ ضابطن ۾ رهي جاکوڙ ڪرڻ جي ڏانءَ جو نالو آهي. سياست مستقل ۽ لڳاتار اهڙي عمل ۾ رهڻ جو نالو آهي، جنهن ۾ نيلسن منڊيلا يا برما جي سوچيءَ وانگر ذاتي طرح گهڻو ڪجهه وڃائي اجتماعي فائدو حاصل ڪري سگهجي. جيڪڏهن معاملو جمهوريت ۾ يقين رکڻ جو هجي ته پوءِ ونسٽن چرچل جيترو حوصلو به ماڻهو کي ڌارڻ گهرجي، جنهن برطانيا کي ٻي جنگ عظيم ۾ ڪاميابي ڏيارڻ کان فوري بعد جڏهن چونڊون ڪرايون ته برطانوي عوام پنهنجي ان جنگ جي هيرو کي هارائي ڇڏيو ۽ چرچل ”جمهوريت جي راڻي جي حڪم آڏو سر تسليم خم ڪندي“ اقتدار ڇڏي هليو ويو. چرچل جيڪڏهن چوي ها ته هن برطانيا کي نازي جرمنز کان بچايو ته هو غلط نه هجي ها. چرچل جيڪڏهن چوي ها ته برطانيا کي هن جهڙو ذهين وزيراعظم پوءِ وري نه ملندو ۽ قوم کي سندس ضرورت آهي ته هو غلط نه هجي ها، پر چرچل اهڙو ڪجهه نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو جمهوري نظام جي ان پهرئين سبق کان واقف هو ته ”عوام غلط هجي يا صحيح پر ان جو فيصلو حتمي تصور ٿيڻ کپي“. اهو ته چرچل ۽ برطانيا هو پر پاڻ وٽ هر ڪو عوام جو هڏ ڏوکي بڻجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر عوام جي بنيادي حقن يعني عوام جي راءِ کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. صدر پرويز مشرف چو ٿو ته ملڪ ۽ قوم کي سندس ضرورت آهي، تنهن ڪري هو آئينده به صدر رهندو. هڪ منٽ لاءِ پاڻ اهو مڃي به وٺون ته جنرل پرويز مشرف پاڪستان ۽ اتان جي عوام لاءِ تمام ضروري آهي پر پوءِ به ڇا کيس عوام کان چرچل جيان راءِ وٺڻ نه گهرجي؟ صرف مسئلو صدر مشرف جو ناهي پر اسان وٽ مجموعي طرح اهڙو ئي ڪلچر موجود آهي جو اسان جي اڪثر سياستدانن ۽ ليڊرن جي پويان سندن گهر وارا يا پاڙي جا ماڻهو به ڪونهن پر هو بضد آهن ته ”قوم“ کي سندن ضرورت آهي، تنهن ڪري کين ”قوم جي نمائندگيءَ وارو فرض“ جاري رکڻ کپي!
اسان جي سياسي ڪلچر جو الميو اتي ختم نٿو ٿئي پر مسئلو اهو به آهي ته جن صاحبن يا ڌرين کي عوام جي حمايت حاصل هجي ٿي، اهي ان حمايت کي For granted (پنهنجو حق تصور ڪرڻ) وٺندي، ان چڪر ۾ لڳي وڃن ٿا ته کين غير عوامي پر سگهارين ڌرين جي حمايت ڪيئن حاصل ٿئي؟ يعني عوامي حمايت رکندڙن جي ترجيح وري اسٽيبلشمينٽ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ٿيو وڃي ۽ ائين اهو اڻ کٽ واهيات Vicious circle (نڀاڳ جو چڪر) شروع ٿيو وڃي، جنهن ۾ اسين ورهين کان ڦاٿل آهيون، يعني عوام پنهنجي پسند جي ليڊرن جي پويان، پر ليڊر وري اقتدار جي حاصلات لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي پويان ۽ وري اسٽيبلشمينٽ انهن ليڊرن ۽ عوام کي باءِ پاس ڪري سڌي حڪمراني ڪرڻ يا پنهنجا هٿ ٺوڪيا ليڊر ٺاهڻ جي خواهش جي پويان! سو اسان سڀ ان ڪُن ۾ پيا ڦرون ۽ شايد ڊگهي عرصي تائين ڦرندا ئي رهنداسين! محترمه بينظير ڀٽو جو تازو آمريڪا ۾ ڏنل اهو بيان ته هوءَ جنرل مشرف کي صدر طور قبول ڪري ساڻس وزيراعظم طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر کيس (بينظير کي) پڪ ناهي صدر مشرف کي بينظير ڀٽو سان ڪم ڪرڻ منظور هوندو يا نه! اهو بيان به دراصل انهيءَ ڪن، جو واضح مثال آهي، جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ـ
1988ع ۾ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برطرف ڪرڻ کانپوءِ جنرل ضياءُ جڏهن نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته پ پ انهن چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ مرتضيٰ ڀٽي اهو قصو مون کي پاڻ ٻڌايو هو ته جڏهن بينظير انهن چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ لنڊن کان واپسيءَ جو فيصلو ڪيو ته مرتضيٰ ڀٽي، پنهنجي ڀيڻ سان ملاقات ڪئي ۽ پڇيو ته ”توهان ضياءُ الحق جي حڪومت پاران اعلانيل چونڊن ۾ ڇو ٿا حصو وٺو؟“ بينظير موٽ ۾ کيس چيو ته ”1985ع جي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ اسان جي غلطي هئي پر هاڻ چونڊن ۾ حصو نه وٺي ٻيهر غلطي نه ڪبي“. مرتضيٰ پڇيو ته ”جيڪڏهن پ پ چونڊون کٽي به ويئي ته ڇا توهان وزيراعظم طور، ضياءُ الحق کان حلف وٺندؤ؟“ محترمه بينظير ان سوال جي جواب ۾ چيو ته ”اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن ڪونهي“. مرتضيٰ بعد ۾ اهو قصو مختلف انٽرويوز ۾ به ٻڌايو جيڪو ڇپيو پڻ هو ۽ بينظير ڀٽو ڪڏهن به ان جي ترديد نه ڪئي. جيڪڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻيءَ کان حلف کڻائي ها ته اهو ان ملڪ جي سياسي تاريخ جو تمام ڏکوئيندڙ واقعو هجي ها پر چونڊن کان اڳ ئي 130-C جهاز هوا ۾ ڦاٽي ڪري اسان سڀني کي اهڙي Embarrassing واقعي ڏسڻ کان بچائي ورتو! تازو جڏهن محترمه بينظير پنهنجي آمريڪا جي دوري دوران انٽرويو ۾ چيو ته هوءَ صدر مشرف سان بطور وزيراعظم جي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته يڪدم ذهن ۾ اهو خيال آيو ته واقعي به جنرل مشرف ته جنرل ضياءُ الحق کان ڪيترن ئي حوالن کان گهڻو بهتر آهي، پوءِ بينظير ڀٽو وزيراعظم جو حلف صدر مشرف کان ڇو نه پئي وٺي سگهي! شايد محترمه به مرزا غالب جو اهو شعر پڙهيو هجي ته
وفا ڪيسي ڪهان ڪا عشق جب سر پهوڙنا ٺهرا
تو پهر اي سنگدل تيرا هي سنگِ آستان کيون هو!
جڏهن مقصد وزيراعظم بڻجڻ ئي هجي ته پوءِ حلف ڪنهن آئيني طرح چونڊيل صدر کان وٺڻ ئي ڇو ضروري ٿئي پيو ۽ ضياءُالحق يا غلام اسحاق يا جنرل مشرف کان حلف وٺڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي!
اقتداري سياست جي اصولن موجب ڏسجي ته بينظير ڀٽو جو منطق ايترو غلط به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اقتداري دنيا ۾ جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ جهڙو به نظام هجي ان جو حصو بڻجي ئي رهڻو پوندو آهي. خود ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سياست جي شروعات ۾ ان منطق جو حامي هو پر پنهنجي آخر دور ۾ هو ان ساڳئي منطق جو ايترو مخالف ٿي ويو جو هن ضياءُ الحق جي نظام سان سمجهوتو ڪرڻ بدران پنهنجي حياتيءَ جي قرباني ڏئي بغاوت ڪئي. شايد ڀٽو آخري ڏينهن ۾ مرزا غالب جي ان ٻئي شعر سان سهمت ٿي ويو هو ته
رگون مين دوڙتي پهرني ڪي هم نهين قائل
جب آنکهه هي سي نه ٽپڪا تو پهر لهو ڪيا هي
يعني رڳو سسٽم ۾ ئي ڊوڙندو رهڻ ڪافي نٿو هجي پر ڪجهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪجهه اضافو به ڪرڻو ٿو پوي، پر چوڻ وارا ائين به چئي پيا سگهن ته ڀٽو مرحوم ۽ ضيا جنهن دور ۾ هئا، اهو بليڪ اينڊ وائيٽ جو دور هو. ان دور ۾ غلط بنهه غلط ۽ صحيح بنهه صحيح تصور ٿيندو هو پر اڄ جي دور ۾ ڪاري ۽ اڇي جي وچ ۾ ”گري ايريا“ ڳولبو آهي. اڄ جي سياسي دنيا ۾ Accommodate ۽ Adjust ڪرڻ بنيادي اصول تصور ڪيا وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن ڳالهه صدر مشرف ۽ بينظير ڀٽو جي ايندي ته چوڻ وارا ائين به چئي پيا سگهن ته ٻئي لبرل خيالن جا حامي آهن ۽ ٻنهي جي ايجنڊائن تي اقتدار ۾ رهڻ/اچڻ ۽ ريڊيڪل قسم جا سڌارا آڻڻ آهي، سو ٻنهي جي گڏ هلڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي؟ ۽ لڳي ٿو ته محترمه بينظير ڀٽو آمريڪين کي به اهو ئي سمجهائي رهي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پاڪستان ۾ صدر مشرف کي ايندڙ وقتن ۾ به اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته کيس (بينظيرکي) ان ڳالهه تي هروڀرو اختلاف به ڪونهي پر پوءِ آمريڪا به صدر مشرف تي بار وجهي ته هو (صدر مشرف) بينظير کي قبول ڪري. ان ڏس ۾ هڪڙي ٿيوري اها به آهي ته آمريڪا ايندڙ وقتن ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ حڪومت ۽ بينظير ڀٽو جي وچ ۾ دوريون ختم ٿي وينديون، پر ٻي ٿيوري اها به آهي ته آمريڪا ايندڙ وقتن لاءِ بينظير کي Reserve force (بچايل قوت) طور رکندو، جيئن مشرف حڪومت مٿان چيڪ رکڻ سان گڏ ڪنهن ڏکئي موڙ تي بينظير ذريعي پريشر وجهي سگهجي، سو ان حوالي سان ڪا ڊگهي سياسي دانشوري ڪرڻ وارو معاملو ناهي پر ڳالهه سنئين سڌي پيئي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا چاهيو ته سڀاڻي ٻنهي ڌرين ۾ ڊيل ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن آمريڪا اهڙي ڪنهن ڊيل جي مخالفت ڪئي ته پوءِ معاملو جتي آهي، اتي ئي اٽڪيل رهندو. في الحال لڳي ائين ٿو ته آمريڪا بهادر جو وڌيڪ لاڙو صدر مشرف ڏانهن هجڻ جي باوجود بينظير ڀٽو کي به آسرا ملندا پيا اچن، يعني ٻين لفظن ۾ آمريڪا بهادر ڊيل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي معاملي تي ڪا حتمي راءِ ناهي قائم ڪئي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ميلو چڱو مچندو ۽ اهو محترمه بينظير جي صلاحيت، صبر ۽ تجربي جو امتحان هوندو ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجا ڪارڊ ڪيئن ٿي اڇلائي؟ ڇاڪاڻ ته سندس سياسي ڪيريئر ۾ اهو نئون تجربو آهي ته هو ڪنهن حڪومت جي خاتمي لاءِ نه پئي جاکوڙي، پر صرف ايترو پئي چاهي ته حڪومت ۾ کيس به حصو ڏنو وڃي. اڄ محترمه جو ”حڪومت هٽايو“ جو نعرو ناهي، بلڪه سندس نعرو آهي ته ”اسان کي به حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو!“ پر فوجي حڪومت لاءِ بينظير ڀٽو جو اهو مطالبو تسليم نه ڪرڻ ۾ ٻين انيڪ سببن سان گڏ اهم سبب اهو آهي ته کين اهو صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو پاڻ هڪ دفعو ڪنهن اهم حڪومتي عهدي تي اچي ويئي ته صدر مشرف لاءِ سمورا اختيار هجڻ جي باوجود ملڪ، ايوان صدر مان هلائڻ ناممڪن ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ايوان صدر جو اڌ کان وڌيڪ وقت رڳو بينظير ڀٽو تي نظر رکڻ ۾ گذري ويندو ۽ خود بينظير ڀٽو اقتدار ۾ ڊگهي عرصي تائين ڪنهن ٻئي جي شراڪت برداشت ڪرڻ جي عادي ناهي. سو ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ علم نجوم جو اچڻ ضروري ناهي ته جيڪڏهن ايندڙ سيٽ اپ ۾ جنرل مشرف صدر ۽ بينظير ڀٽو وزير اعظم هوندا ته اهو حڪومتي سيٽ اپ سال کن به هليو ته وڏي ڳالهه چئبي! حڪومت پاران ان ڏس ۾ ڏنل ”ڪامپرو مائيز فارمولو“ ته پ پ کي بطور پارٽي اقتدار ڏجي، پر بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري ملڪ کان ٻاهر رهن، ظاهر آهي ته اهو فارمولو به بينظير ڀٽو لاءِ قابل قبول ناهي، ڇاڪاڻ ته اها ننڍڙي ڳالهه هوءَ به سمجهي ٿي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو پ پ جي پليٽ فارم تان ڪو ٻيو ماڻهو وزيراعظم ٿي ويو ته پوءِ ملڪ کان ٻاهر ويهي ڊگهي عرصي تائين پارٽي جي قيادت پاڻ وٽ رکڻ هن لاءِ تمام ڏکيو ٿي ويندو ۽ پارٽي اندر جيڪڏهن ڪنهن جو سياسي قد وزيراعظم ٿيڻ جيترو ٿي ويو ته پوءِ پارٽي ٽٽڻ ۾ ٿورو ئي وقت لڳندو ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته
خدا جب حسن ديتا هي، نزاڪت آ هي جاتي هي
جيئن محمد خان جوڻيجي جهڙو سادو ۽ شريف ماڻهو به جڏهن وزيراعظم ٿيو ته سندس پنهنجن محسنن (پير صاحب پاڳاري ۽ ضياءُ الحق)سان اختلاف ٿيڻ ۾ به گهڻو وقت نه لڳو هو، سو اول ته بينظير ڀٽو اهڙي ڪنهن فارمولي کي قبول ئي نه ڪندي، پر جيڪڏهن مختلف سببن جي ڪري کيس پنهنجيءَ جڳهه تي پ پ جي ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي وزيراعظم ٺاهڻو پيو ته هوءَ ان اڳواڻ جي چونڊ سنڌ بدران پنجاب مان ڪندي پر پنهنجي ٺاهيل ان حڪومت کي به گهڻو عرصو پاڻ ئي هلڻ نه ڏيندي. شايد انهن سڀني ڳالهين جي ڪري ئي مشرف سرڪار به متبادل سياسي قوت جوڙڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي حامي پارٽين ۽ فردن کي ”گرين سگنل“ ڏنو ويو آهي. سرڪاري حلقن مان ته اهڙا سرٻاٽ به اچن پيا ته پ پ جي هڪ اهم اڳواڻ کي پارٽي اندر فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. مون کي ذاتي طرح فوري طور اهڙو ڪو بلاڪ جڙندي نظر نٿو اچي ۽ نٿو سمجهان ته چونڊن جي هن موسم ۾ ڪو موثر فارورڊ بلاڪ ٺهي سگهندو.
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي دعويٰ آهي ته محترمه بينظير ڀٽو بنا ڪنهن ڊيل جي به جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڏيهه موٽي آئي ته سنڌ ۾ اليڪشن جا نتيجا 1988ع جي اليڪشن جهڙا ايندا يعني پ پ سامهون بيٺل وڏا وڏا بت لڙهي ويندا. پڇيو مانس ته ”جيڪڏهن بنا ڊيل جي محترمه آئي ته ظاهر آهي سرڪار کيس حراست ۾ وٺندي؟“ ته چيائين ته ”پوءِ ته ويتر پارٽي وڌيڪ متحرڪ ٿيندي ۽ هر طرف اهو نعرو هوندو ته ”عوام ووٽ ڏئي جيئن بينظير کي جيل مان ٻاهر آڻجي.“ منظور وساڻ ان ڳالهه تي 5 هزار رپين جي شرط به لڳائڻ لاءِ تيار آهي ته جيڪڏهن نين تڪبندين ۾ سرڪار ڪا گهڻي هير ڦير نه ڪئي ته ايس ڊي اي جا 10 کان 13 ايم پي ايز به مس ڪامياب ٿيندا. آئون سندس ان ڳالهه سان ڪافي حد تائين اتفاق ٿو ڪريان ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو چونڊن کان اڳ ڏيهه موٽي آئي ته سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ان جو تمام گهڻو اثر پوندو، پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته ڪنهن ڊيل کانسواءِ محترمه واپس ورندي؟ ان سوال بابت پ پ اڳواڻن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته بينظير چونڊن کان اڳ يقينن موٽندي. غير جانبدار سياسي تجزيي نگارن جو به چوڻ آهي ته بينظير جيڪڏهن چونڊن کان اڳ نه موٽي ته کيس سياسي طرح وڏو ڌڪ لڳندو، پر منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته بينظير ڀٽو پنهنجي واپسيءَ جو فيصلو آمريڪا ۽ صدر مشرف جي وچ ۾ ڊگهي مدي تائين خوشگوار تعلقات رهڻ يا نه رهڻ بابت تجزيي ۽ ان ڏس ۾ کيس ملندڙ معلومات جي آڌار تي ڪندي ۽ جيڪڏهن کيس محسوس ٿيو ته آمريڪا بهادر هر قيمت تي صدر مشرف جا هٿ مضبوط رکڻ چاهي ٿو ۽ سندس (بينظير جي) ڏيهه واپسي کي آمريڪا صدر مشرف کي ڪمزور ڪرڻ سان تعبير ڪندو ته پوءِ محترمه آمريڪا کي ناراض ڪري ڏيهه موٽي جيل ۾ ڊگهي عرصي رهڻ وارو فيصلو نه ڪندي. بينظير ڀٽو لاءِ سندس حامين ۽ مخالفن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته She is fighter (هوءَ جهيڙاڪ آهي) پر آئون سمجهان ٿو ته وقت ۽ تجربي کيس اهو ضرور سيکاريو آهي ته Where to fight and where not to (ڪٿي جهيڙو ڪجي ۽ ڪٿي جهيڙو نه ڪجي)
جيئن جيئن چونڊون ويجهو پيون اچن تيئن ”اليڪشني ڪلب“ جا ميمبر پنهنجيون وابستگيون مٽائين پيا ۽ ڇاتيءَ تيWinning candidates (ڪامياب اميدوار) جي تختي لڳائيندڙن پويان پ پ ۽ ايس ڊي اي وارا وٺ وٺان لايو ويٺا آهن. ڪالهه تائين هڪ ٻئي خلاف سياسي اڻبڻت کان وڌيڪ ذاتي دشمني جو ڏيک ڏيندڙ ماڻهو اڄ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پيا پائين. پاڻ سان (پارٽيءَ ۾) شامل ڪرائيندڙ کي پرواهه نه آهي ته ڪنهن کي پيا شامل ڪريون نه ئي شامل ٿيندڙن کي ڪا پرواهه آهي ته ڪنهن سان پيا شامل ٿيون! گذريل هڪ هفتي ۾ ايتري تيزيءَ سان ماڻهن پارٽيون مٽايون آهن جو هاڻي کين پنهنجن گهرن جي ٻاهر تختي لڳائڻ کپي ته ”آئون اڄڪلهه فلاڻي پارٽيءَ ۾ آهيان“. اڃا ته گهڻائي ماڻهوءَ بنهي ڌرين (پ پ ۽ ايس ڊي اي) جي لسٽ تي آهن، جن جي شموليت جا اعلان اخبار ۾ ڇپجڻا آهن، پر اهي سمورا انهيءَ اليڪشني ڪلب سان لاڳاپيل آهن، جيڪي هر دور ۾ ”توهان جي ووٽ جا صحيح حقدار“ ٿي سامهون اچن ٿا. سو جيڪڏهن ڪو پ پ ڇڏي ايس ڊي اي ۾ هليو ويو ته ڇا فرق پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيهر پ پ ۾ موٽي آيو ته ڪهڙو انقلاب اچي ويندو! اهو سڀ ڄاڻندي به ووٽرن وٽ انهن صاحبن مان ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ کانسواءِ ٻي واهه ڪهڙي آهي؟ پوءِ اچو ته دعا ڪريون ۽ انتظار ڪريون ته انهيءَ اليڪشني ڪلب مان ڪو هڪ فيض احمد فيض به پيدا ٿئي، جيڪو اقتداري ايوانن ۾ هيٺئين طبقي جو سفير هجي......!
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو