هڪ ”وڏيرڪي ٻار“ جي پيءُ جو الميو!
ڇنڇر 26 جنوري 2002ع
|
He must be a highly qualified person?
(هو ضرور تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هوندو؟)
ان سوال تي ويچارو 13 يا 14 سالن جو ٻار ڇا جواب ڏئي ها، تنهن ڪري هن ڳالهه گول ڪندي پنهنجي دوستن کي ٻڌايو ته ”منهنجي بابا مون سان واعدو ڪيو آهي ته جڏهن آئون
level A
پاس ڪندس ته هو مون کي گاڏي وٺي ڏيندو ـ
آئون ان ڇوڪري جي باصلاحيت والد کي سڃاڻان ٿو. هو صاحب سنڌ جي انهن ڪيترن ئي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز مان هڪ آهي، جيڪي اسيمبلين ۾ ماٺ رهڻ جو وچن ڪري داخل ٿيندا آهن ۽ اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس ۾ اوٻاسيون ڏيڻ يا وزيرن کان درخواستن تي نوٽ لکرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪندي نظر ٿا اچن. سوال اهو آهي ته جڏهن انهن صاحبن وٽ اسيمبلين ۾ ٿيندڙ سنجيده قانونسازي يا ٻين اهم اشوز بابت ڪا سڌ ٻڌ نه ٿي هجي ۽ اسيمبلي ميمبر ۾ جيڪا اهليت هجڻ گهرجي اها به انهن وٽ ناهي ته پوءِ خرچ ڪري، ڪشٽ ڪري ميمبر ڇو ٿا بڻجن؟ ٻيو سوال اهو آهي ته اهڙن صاحبن کي اليڪشن ۾ پارٽيون ڇو ٿيون پارٽي ٽڪيٽ ڏين ۽ ووٽر ڇو ٿا ووٽ ڏين؟، انهن سوالن جاجواب ڏکيا ڪونهن ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته خرچ ۽ ڪشٽ ڪري ان ڪري ميمبر ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته جيئن لئي ٿئي، سرڪاري مشينري تي داٻو وڌي، راڄن مٿان دهمان ٿئي ۽ سرڪاري اختيارين وسيلي ڏوڪڙ ڪمائجن، ، اهڙن اميدوارن کي عام ماڻهو، پارٽي سان جذباتي وابستگي، اميدوارجي اثر رسوخ، واسطن وڙن ۽ پنهنجي تعليم ۽ سياسي شعور جي کوٽ جي ڪري ووٽ ڏين ٿا. پارٽيون ان ڪري اهڙن صاحبن کي ٽڪيٽون ڏين ٿيون جو انهن وٽ پئسو هجي ٿو، علائقي ۾ داٻو هجي ٿو ۽ چونڊ وڙهڻ جو تجربو به هجي ٿو، ان ريت اسان جي ملڪ ۾ ورهين کان عام چونڊن جي نالي ۾ پنج يا 8 سئو ماڻهن تي ٻڌل ”اليڪشن ڪلب“ جا ميمبر هڪ ٻئي سان اليڪشن وڙهندا پيا اچن. 1993ع جي اليڪشن ۾ چونڊ مهم دوران محترمه بينظير کان اهو سوال ڪيو هيم ته ”توهان جن ماڻهن کي ماضيءَ ۾ پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون آهن انهن مان ڪيترا ئي نااهل ۽ ڪرپٽ آهن، آخر توهان اهڙن ماڻهن کي ڇو ٿا ٻيهر ٽڪيٽ ڏئي اليڪشن کٽرايو؟“ موٽ ۾ چيو هئائين ته ”توهان اسان جا پروگرام ۽ پاليسيون ڏسو ۽ اهو نه ڏسو ته ڪنهن کي پيا کٽرايون؟“ وري پڇيو مانس ته ”ڀلي توهان جو پروگرام يا پاليسي سٺي هجي پر انهن تي عملدرآمد ته وري به اهي ئي ڪرائيندا نه جيڪي توهان چونڊرائي پيا اچو؟“ محترمه ان سوال جو جواب نه ڏنو ۽ کيس ڪو ”ضروري ڪم“ ياد اچي ويو، جنهن سبب ڪچهري اڌ ۾ رهجي وئي ـ
پ پ پنهنجي پليٽ فارم تان تمام ڀلوڙ ماڻهو به اڳتي آندا پر ٽيلينٽ ۽ ايمانداري جو اسان جي سياسي ڪلچر ۾ ڊگهو عرصو جٽاءُ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. اهو 1990ع جو قصو آهي ته قائم علي شاهه کي هٽائي آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي وڏو وزير بڻايو ويو هو ۽ ان وقت مسئلو اهو هو ته ميراڻي صاحب جي ڪابينا ۾ ڪهڙا وزير کنيا وڃن، نيٺ ڪجهه پراڻا (قائم علي شاهه ڪابينا وارا) ۽ ڪجهه نوان وزير کڻي ڪابينا ٺاهي وئي پر ان ۾ قائم علي شاهه واري ڪابينا ۾ ناڻي ۽ صحت واريون وزارتون رکندڙ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجي کي شامل نه ڪيو ويو ۽ ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويو ته ڊاڪٽر ڪرپشن ۾ ملوث آهي. خير ٿورو عرصو گذريو ته صدر غلام اسحاق خان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ۽ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو پر ڊاڪٽر اسماعيل کي هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني وئي ۽ جواز اهو ڄاڻايو ويو ته وٽس اليڪشن ۾ خرچ لاءِ گهربل ڏوڪڙ ناهن! هاڻ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪڙي ايماندار ۽ مخلص ماڻهوءَ تي ڪرپشن جو الزام هڻي کيس وزارت نٿي ڏني وڃي پر ڪجهه مهينن کان پوءِ چونڊن ۾ وري اهو چئي ٽڪيٽ نه ٿي ڏني وڃي ته هو ڪنگلو آهي! هڪ ئي وقت ماڻهو ڪرپٽ ۽ ڪنگلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ خير وري سال ٻن کان پوءِ نئون مذاق اهو ٿيو ته ساڳئي ڊاڪٽر اسماعيل کي پارٽي جو صوبائي صدر بڻايو ويو. هاڻ وري سوال اهو ٿو اڀري ته جنهن ماڻهوءَ مٿان توهان ڪرپشن جو الزام هڻي کيس وزارت به نٿا ڏيو ته ساڳئي ماڻهوءَ کي پارٽي جو صوبائي سربراهه ڪيئن ٿا بڻائي ڇڏيو؟ ڊاڪٽر مرحوم ايترو ”ڪرپٽ سياستدان“ هو جو جڏهن سندس وفات ٿي ته سندس اڌ ٺهيل گهر جا ڪاغذ مالڪ مڪان وٽ هئا، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر مڪمل ادائگي ڪري گهر جا ڪاغذ آجا نه ڪرائي سگهيو هو ۽ سندس پراڻي ماڊل جي الٽو ڪار جا ڪاغذ به قرض عيوض حيدرآباد جي هڪ پ پ اڳواڻ وٽ گروي ٿيل هئا ـ
ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٺاهيل پارٽي جي ڪاميابيءَ جو راز ان ڳالهه ۾ هو ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
Multi class (گهڻ طبقاتي)
پارٽي ٺاهي، جنهن ۾ وڏيرن ، مڊل ڪلاس ۽ هيٺئين سطح جي ماڻهن سان گڏ ٽيڪنوڪريٽس، دانشور ۽ اڳوڻا بيورو ڪريٽس شامل ٿيا، جن ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جا ماڻهو هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ٿيا، جنهن ۾مرشد ۽ مريد گڏ ويهڻ لاءِ مجبور ٿيا. مختصر اهو ته ڀٽو اهو تاثر ڀرپور نموني قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته ملڪ جي هر طبقي ۽ سوچ جا باصلاحيت ماڻهو هن سان گڏ آهن، تنهن ڪري عوام جي نمائندگي لاءِ هو سڀني کان وڌيڪ اهل آهي، ڀُٽي لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ واري تڪ تان ايم پي اي طور ڪامياب ٿيل نواب يوسف مگسيءَ کان سيٽ خالي ڪرائي مڊل ڪلاس جي عبدالوحيد ڪٽپر کي اتان کٽرايو ۽ کيس وزير بڻايو. ڀُٽي جا اهڙا ٻيا کوڙ سارا مثبت عمل ئي هئا جنهن سبب سندس پارٽي هڪ ملٽي ڪلاس ۽ باصلاحيت ماڻهن تي ٻڌل پارٽي تصور ڪئي ويندي هئي ۽ ڪو وقت هو جڏهن پارٽي ۾ اهم عهدن تي چار چار يا پنج پنج باصلاحيت ماڻهن جا آپشن هوندا هئا پر آهستي آهستي هلندي پارٽي اڄ ان مقام تي پهتي آهي جو پارٽي کي ڪنهن عهدي تي تبديليءَ کان اڳ وڏو مسئلو اهو پيش اچيو وڃي ته فلاڻي کي هٽائجي ته سهي پر ان جو متبادل ڪٿان آڻجي؟. پارٽي ۾ اهڙو قحط ڇو پيدا ٿيو آهي،؟ ان جو هڪ ڪارڻ اهو ٿو سمجهه ۾ اچي ته پارٽي ۾
Fresh blood
(نئين رت)
جي آمد رڪجي وئي اهي ۽ ٻيو اهو ته پارٽي جي واڌ ويجهه ۽ ان کي نئين دور جي تقاضائن موجب نئين سر آرگنائيز ڪرڻ ڏانهن شايد قيادت جي دلچسپي به ناهي رهي! پارٽيءَ ۾ ردو بدل يا واڌ ويجهه جي حوالي سان ائپروچ اها جڙي آهي ته صرف ان ماڻهوءَ لاءِ پارٽيءَ جا دروازا کولي سگهجن ٿا، جنهن جي ڇاتيءَ تي Winnig candidate
(ڪامياب اميدوار)
جي تختي لڳل هجي، يعني جيڪو ”پنهنجي چونڊ تڪ“ رکڻ جو دعويدار هجي ۽ جنهن مان پارٽي قيادت کي اها خاطري آميز اميد هجي ته هو پنهنجي زور تي چونڊن ۾ سيٽ کٽي سگهي ٿو، پوءِ ان همراهه ۾ تعليم ۽ قابليت نالي ڀلي ڪا شيءِ نه هجي، ان جي ماضيءَ جو رڪارڊ ڀلي داغدار ڇو نه هجي. تازو ضلعي اسيمبلين جي چونڊ دوران به پارٽيءَ اهڙن فردن کي واپس پارٽي ۾ آندو. جن جو اڪثر ماڻهن کي وهم ۽ گمان به ڪو نه هو ۽ اهو سڄو لقاءُ ڏسندڙ پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ پنهنجي مٿان ئي طنز واري انداز ۾ چيو ته ”اسين اصولن تي سوديبازي ناهيون ڪندا. باقي سوديبازي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اصول ضرور مٽائي ڇڏيندا آهيون ـ
جيئن جيئن اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندا تيئن تيئن مختلف پارٽين ۽ گروپس ۽ حڪومت ۽ ماڻهن ۾ سوديبازي ڪرڻ لاءِ اصولن جي تبديلي جون خبرون به اينديون. ڪٿي ليگي ڌڙا هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ اصول ۽ هڪ نظريي هيٺ چونڊ وڙهندي نظر ايندا ته وري ڪٿي پراڻيون رنجشون وساري قومپرست گڏجندي نظر ايندا، ڪٿي مذهبي جماعتون پنهنجا اختلاف وساري گڏجي چونڊن ۾ بيهندي نظر اينديون ته وري ڪٿي ايس ڊي اي ۽ اي آر ڊي جهڙا اتحاد جڙندي ۽ ٽٽندي نظر ايندا ۽ نيٺ آڪٽوبر ۾ ڪي ڌريون سوڀاريون ٿي اچي وينديون ۽ ڪي ڌريون وري نئين سر نئين حڪومت جي ڊهڻ جو انتظار ڪرڻ شروع ڪنديون پر ان سڄي عمل ۾ ”عام ماڻهو“ وري به خاموش تماشائي بڻيل رهندو، ڇاڪاڻ ته آڪٽوبر جي چونڊن ۾ سندس ووٽ جو حقدار وري به انهيءَ دنيا جي مخلوق مان هوندو، جيڪا مخلوق مٿس ورهين کان حڪمران آهي، پوءِ ڀلي ماضيءَ ۾ هو هڪڙيءَ پارٽيءَ سان هو ۽ اڄ ڪنهن ٻيءَ پارٽي سان. آئون اهو نه پيو چوان ته چونڊن سان ڪا تبديلي نه ايندي، اها يقينن ايندي ڇاڪاڻ ته جمهوريت بحال ٿيندي، ماڻهن جي اقتدار ۾ شرڪت وڌندي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته ملڪي نظام سڌي راهه تي هلي پوندو. جيڪو نظام جيڪڏهن 40 يا 50 سال هلڻ ڏنو ويو هجي ها ته اڄ يقينن اسان جو سڄو معاشرو تبديل ٿيل هجي ها پر جنهن روايتي انداز ۾ ساڳيون روايتي ڌريون 9 مهينن کان پوءِ رٿيل اليڪشن ڏانهن وڌي رهيون آهن، تنهن مان اها اميد رکڻ ته هو چونڊ وڙهڻ ۽ چونڊن بعد حڪومتي ڪاروهنوار جي ڪلچر ۾ ڪي ريڊيڪل قسم جون تبديليون آڻي ڇڏينديون ته اها اميد ته ”دل ڪي بهلاني ڪو غالب يه خيال اڇا هي“ جيان هوندو. جڏهن آئون پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي کان اهو پڇان ٿو ته سنڌ ۾ توهان جي خلاف جڙيل ايس ڊي اي ۾ به روايتي طرح اليڪشن وڙهندءَ گڏ ٿيا آهن ۽ هو به چون ٿا ٿه سنڌ جي خدمت ڪندا ۽ توهان جي پاران به ساڳيا اليڪشن باز وڙهندا ۽ توهان به چئو ٿا ته توهان کان وڌيڪ عوام جي خدمت ٻيو ڪير ڪري نه ٿو سگهي پر مسئلو اهو آهي ته ٻئي ڌريون اڳ به مختلف صورتن ۾ اقتدار ۾ رهيون آهن ۽ ٻنهي جا حال عوام کي سجهن ٿا پوءِ عوام توهان ٻنهي ۾ ڇو فرق ڪري؟، جي جواب ۾ نثار کهڙو چوي ٿو ته ”ايس ڊي اي ڪجهه ماڻهن تي ٻڌل گروهه آهي، جنهن وٽ ڪو هڪ نظريو ڪونهي. ڪهڙي خبر اهو اتحاد سڀاڻي رهندو به يا نه پر پ پ هڪ منظم وڏي پارٽي آهي، جيڪا ڪنهن گروهه جي اتحاد جيان فردن جي محتاج ناهي، بلڪه هڪ اداري طور ڊسيپلين ۾ ڪم ڪندي عوام ڏانهن وڌيڪ جوابده هجي ٿي ۽ انهيءَ ڪري عوام به فردن جي ڪنهن اتحاد بدران پارٽيءَ کي وڌيڪ ترجيح ٿو ڏئي“ وري ايس ڊي اي اڳواڻ امتياز شيخ جو چوڻ هو ته ”پ پ ڀلي پنهنجي پاڻ کي پارٽيءَ جو نالو ڏئي پر اها به در اصل ڪجهه ماڻهن جو گروهه پيو هلائي ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ هڪ متبادل طور ايس ڊي اي جو وجود نه پوي هئا جنهن کي عوام به موٽ پيو ڏئي“. نثار کهڙي ۽ امتياز شيخ جا اهڙا بحث ته پيا هلندا، ڏسجي ته عوام ڪنهن کي ٿو ترجيح ڏئي. پر هڪڙي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته جيڪڏهن چونڊون وقت کان اڳ نه ٿيون ۽ طئي ٿيل آڪٽوبر جي مهيني ۾ ٿيون ته اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ٿيندو جو چونڊ مهم لاءِ ايترو ڊگهو وقت پارٽين/ڌرين کي مليو هجي. ان کان اڳ 1970ع وارين چونڊن لاءِ پارٽين کي ڏيڍ سال جو چونڊ مهم جو وقت مليو هو ۽ هن ڀيري 9 مهينا اڳ ئي چونڊ مهم شروع ٿي ويئي آهي. هر پارٽي /ڌر پنهنجي امڪاني اميدوارن جون لسٽن ٺاهڻ جو ڪم ۽ ٻيو هوم ورڪ شروع ڪري ڏنو آهي. متوقع اميدوارن ووٽرن سان تعزيتون ڪرڻ، شادين ۾ وڃڻ ۽ ووٽرن سان ميل ملاقات ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ آهستي آهستي اليڪشن وارو ماحول جڙي رهيو آهي، سو هن ڀيري ڏٺو وڃي ته پارٽين/ڌرين لاءِ پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت آهي ۽ کين جديد طريقن سان چونڊ مهم هلائڻ لاءِ به ڳچ وقت مليو آهي. ساڳيءَ ريت حڪومت کي به وڌيڪ وقت هٿ ۾ آيو آهي، هو پنهنجن مخالفن کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ لاءِ اثرائتو پلان جوڙي سگهي ٿي ۽ ساڳئي وقت عوام کي به هن ڀيري گهڻو وقت آهي ته هو رڳو ڪنهن ڀوتار جي لنگهي اچڻ يا نام نهاد بار پوڻ يا وڏن سان واسطن ٽائيپ ڳالهين جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ بدران اميدوار جي ماضي ۽ حال کي ڏسندي مستقبل جي افعالن جو اندازو هڻي کيس ووٽ ڏين ـ
جيتوڻيڪ 9 مهينا اڳ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته چونڊ نتيجا ڪهڙي پارٽيءَ جي حق ۾ ويندا پر پاڻ اها ڳالهه سولائيءَ سان چئي پيا سگهون ته ايندڙ چونڊن تي ٻن ڳالهين جو تمام گهڻو اثر پوندو، هڪ اها ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڪنهن موڙ تي پ پ ۽ سرڪار جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو ته پوءِ هر ڪو اکيون ٻوٽي پ پ جي کٽڻ تي شرط لڳائي ڇڏيندو، ٻيو اهو ته جيڪڏهن چونڊن کان ٽي يا چار مهينا اڳ بينظير ڀٽو ڊيل ڪرڻ کان سواءِ ئي ڏيهه موٽي آئي پوءِ ڀلي کيس جيل ۾ رکن ته به سرڪار لاءِ پنهنجي پسند جا چونڊ نتيجا حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، ڇاڪاڻ ته پ پ جو ملڪ ۾ 15 کان 18 سيڪڙو اهڙو ووٽ بئنڪ به آهي جيڪو هرو ڀرو ڪنهن جي اثر رسوخ ۾ ناهي، پر هو رضاڪاراڻي طور تي جڏهن مناسب سمجهندو آهي ته پولنگ اسٽيشن تي وڃي پ پ کي ووٽ ڏئي ايندو آهي. 1996ع جي چونڊن ۾ مرتضيٰ ڀُٽي واري سانحي سبب اهو ووٽر گهر کان نه نڪتو هو ۽ پ پ چونڊون هارائي وئي هئي پر جيڪڏهن بينظير ڀٽو ڏيهه واپس آئي ته اهو 15 کان 18 سيڪڙو ووٽر متحرڪ ٿيندو ۽ اليڪشن جي ڏينهن پ پ جي حق ۾ ووٽ استعمال ڪندو، جنهن سان چونڊ نتيجن ۾ ڏينهن رات جو فرق پئجي سگهي ٿو، سو هڪ هڪ ملين ڊالر جا ٻه سوال آهن، هڪ سوال اهو ته ڇا حڪومت ۽ پ پ ۾ ڪا ڊيل ٿي ويندي ۽ ٻيو اهو ته ڇا ڊيل نه ٿيڻ جي صورت ۾ بينظير چونڊن کان اڳ ڏيهه ورندي؟ انهن سوالن تي اوهان به غور ڪريو پاڻ ڪنهن ٻئي مضمون ۾ انهن بابت مٿو هڻنداسين ـ
ايندڙ چونڊن ۾ ايم پي اي جي هڪ اميدوار ٿڌو ساهه ڀريندي چيوته ”يار ڀلو ٿئي مائٽن جو جن دڙڪا ڏئي موچڙا هڻي پڙهائي وڌو نه ته جيڪڏهن اڄ بي اي پاس به نه هجون ها ته چونڊن ۾ ڪيئن بيهي سگهون ها؟“ سرڪار پاران اميدوار لاءِ گريجوئيٽ هجڻ جو شرط اچڻ کان پوءِ اليڪشني سياست ڪندڙن ۾ اڄ ڪلهه گهڻو وقت ان تي بحث پيو هلي ته ڪير گريجوئيٽ آهي ۽ ڪير نه ؟ ۽ اميدوار اڄ ڪلهه پنهنجن مخالفن جي قابليت بابت وڌيڪ کوجنا ۾ رڌل آهن، ان ڏس ۾ جيڪي شروعاتي اطلاع ملن پيا اهي ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ آهن ۽ ماضي ۾ تمام اهم عهدن تي رهندڙ سينيئر سياستدانن، جيڪي فر فر انگريزي ڳالهائي يا لکي پيا سگهن بابت خبرون پيون اچن ته موصوف ميٽرڪ يا صرف انٽر پاس آهن، ملڪ جي لڳ ڀڳ سمورين اهم پارٽين ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران اميدوار لاءِ گريجوئيٽ هجڻ واري شرط کي بنيادي انساني حقن ۽ جمهوري روايتن جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان شرط سبب سرڪار جا ڪيترائي من پسند اميدوار به پارليامينٽ کان ٻاهر رهجي ويندا، تنهن ڪري اهو شرط ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت مٿان ايندڙ ڏينهن ۾ تمام گهڻو دٻاءُ به وڌندو پر جيڪڏهن سرڪار پنهنجي فيصلي تان پوئتي نه هٽي ته نجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان جعلي ڊگرين جاري ٿيڻ جا اسڪينڊل به سامهون اچڻ شروع ٿيندا، پر مون کي فڪر ”ڪوپر ڪيٽل ريسٽورنٽ“ ۾ ويٺل ان ٻار جو آهي جنهن جو پيءُ نان ميٽرڪ هجڻ سبب هن ڀيري اسيمبليءَ ۾ نه پهچي سگهندو ۽ مجبوريءَ وچان کيس هن ڀيري پنهنجي وڏي پٽ کي اليڪشن ۾ بيهارڻو پوندو، جيڪو آهي ته ”وڏيرڪو ٻار“ پر گريجوئيٽ ضرور آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو