ڪجهه به نه ٿي سگهڻ جو ڏک
ڇنڇر 26 مئي 2001ع
|
(ڏيک) ۾ ڪو عام سويلين شهري نه پئي لڳو وڏي رڙ ڪري (اردو ۽ انگريزي) ۾ چوڻ لڳو ته سنڌ ۾ ڪو به مسئلو ڪونهي، نه ئي اتي جي ماڻهن ۾ ڪا بيچيني آهي صرف اخبارن ڀنڊي ٻاري آهي ۽ جنهن ڏينهن انهن (اخبارن) جو بندوبست ٿي ويو ته ڏسجو چو طرف شانتي ئي شانتي ٿي ويندي!! سندس ان سلطان راهي ٽائيپ ڊائلاگ کان پوءِ به بحث هلندو رهيو ۽ جڏهن محفل ختم ٿيڻ ڏانهن پهتي ته پاسو ڏئي پڇيو مانس ته ڇا سرڪار، اخبارن ۾ هٿ وجهڻ جو رٿيو آهي،؟ موٽ ۾ کلندي چيائين ته ”نه نه حڪومت ڇو اها فلم پنهنجي ڳچي ۾ وجهندي پر ڪو توهان جو پنهنجو ئي اها ونگار، سرڪار لاءِ وهي ويندو“ ان همراهه ڪجهه سيڪنڊن جي ماٺ کان پوءِ وري چيو ته ”جب اخبارات ڪي بنڊل جلين گي تو صحافي اپني خير منائين گي يا سنڌ، سنڌ ڪي رٽ لڳائين گي ـ
اڄ کان ٽي مهينا اڳ 9 فيبروري تي لکيل هڪ مضمون ”آخر عوام ۽ سياسي پارٽين جي ايجنڊائن ۾ فرق ڇو آهي؟“ جو آخري پئراگراف هتي ٻيهر ورجائڻ ضروري ٿيندو جيڪو اڄوڪي مضمون جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو. اهو پئراگراف هن ريت هو ....”تازو جيڪي ٽي اهم مسئلا سڄيءَ سنڌ کي وڪوڙي ويا آهن انهن بابت رڳو بيان جاري ڪرڻ يا علامتي احتجاجن کان سواءِ ڪنهن به ڌر ڇا ڪا اهڙي چرپر ڪئي آهي جيڪا سنڌ کي ڪو رليف ڏياري سگهي؟ اهي ٽي اشوز آهن، (1)ڪيترن ئي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ 43 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفين جون تياريون (2) زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ کان پوءِ اڳتي به اڻاٺ رهڻ جا اعلان (3) تڪراري ڪاموري تسنيم احمد صديقي جي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ آڌار ڪراچي ۾ سٽي حڪومت جي قيام جي تياري. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اهي ٻرندڙ مسئلا نالي ماتر احتجاج يا بيانن ذريعي حل ٿي سگهندا ته هو ڀليل آهي. پر جيڪڏهن ڪو ”پراميد“ دوست ان آسري ۾ آهي ته اسان جون سياسي ڌريون پنهنجا ٻيا ”خفا“ وساري روايتي سياسي روش مٽائيندي انهن اشوز تي عوامي سطح تي ڪو وڏو طوفان اٿاري ڇڏينديون ته منهنجي خيال ۾ اهو دوست به ڀليل آهي. باقي اهڙو امڪان به ويجهي مسقبل ۾نٿو نظر اچي ته عوام پاڻمرادو ڪنهن قيادت کان سواءِ روڊن تي اٿلي پوي. باقي رهيون اخبارون جيڪي بهرحال پاڻ ته مسئلا حل نٿيون ڪري سگهن پر پوءِ به گهڻو گوڙ ڪن ٿيون ته لڳي ٿو ته دير سوير انهن جي بندوبست لاءِ به سوچيو ويندو ۽ پوءِ پاڻ مرزا غالب جو اهو شعر پڙهي گذارو ڪنداسين ته
هوئي مدت ڪي غالب مرگيا پر ياد آتا هي
وه هر اڪ بات پر ڪهنا ڪي يون هوتا تو ڪيا هوت
اچو ته جائزو وٺون ته ٽي مهينا اڳ اٿاريل انهن ٽن اشوز جو معاملو اڄ ڪٿي پهتو آهي؟ ظاهري طرح ڏسجي ته اهي ٽيئي مسئلا اتي جو اتي بيٺا آهن، يعني 34 هزار ملازمن جون لسٽون ٺهي راس ٿيل آهن پر هاڻ حڪومت انهن کي هڪ ئي ڌڪ سان ڪڍڻ بدران قسطن ۾ فارغ ڪرڻ جو رٿيو آهي. ان مسئلي تي سياسي ڌرين به احتجاج ڪيو، استادن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن جي تنظيمن پاڻ ۾ اتحاد ڪري چڱو خاصو احتجاج ڪيو، جنهن کان پوءِ سرڪار پنهنجي ”ڇانٽي پروگرام“ کي ڍرو ضرور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻيءَ جي اڻاٺ جو هو/آهي، جنهن لاءِ مختلف سياسي ڌرين، اديبن ۽ دانشورن الڳ الڳ رهي ڪري ٺيڪ ٺاڪ احتجاج ڪيا، جيڪي وقفي وقفي سان اڃا به جاري آهن پر انهن احتجاجن جي باوجود سنڌ کي پاڻي نه ملي سگهيو ۽ اسان وٽ ستر سيڪڙو فصل جي پوکي نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو اعتراف خود سنڌ سرڪار به ڪيو آهي، سو جن ڌرين ان مسئلي تي هڙتالون ڪيون، مارچ ڪيا، ڌرڻا هنيا يا مظاهرا ڪيا، جيل ويا، سڀ جس لهن پر تلخ حقيقت اها ئي آهي ته سندن سڄي جاکوڙ جي باوجود نه صرف سنڌ کي پاڻي نه مليو بلڪه وفاقي ۽ پنجاب سرڪار مستقبل لاءِ ڪو ٺوس فارمولو مڃڻ لاءِ تيار ناهن، يعني انهن احتجاجن جو پنجاب سرڪار ايترو به اثر نه ورتو جو اها 1991ع جي پاڻيءَ واري ٺاهه تي ٻيهر عمل لاءِ راضي ٿي وڃي، جيڪو ٺاهه تسليم نه ڪرڻ جو نه ڪو ئي قانوني جواز آهي ۽ نه ئي اخلاقي جواز. هاڻ اسان واري وزير علي مير شاهه صاحب آسرو ڏنو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻي سنڌ پهچي ويندو الله ڪري سائينءَ جي ڳالهه سچ ثابت ٿئي پر سائين ته مهينو اڳ به وڏا بيان ڏئي اهو اعلان ڪيو هو ته پنجاب سرڪار مهرباني ڪري واڌو پاڻي سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ۽ پاڻي جو بحران نه رهندو پر خدا کي خبر اهو ”واڌو پاڻي“ ڪڏهن آيو ۽ ڪڏانهن هليو ويو، جو سنڌ جي اڪثريتي علائقن جي آبادگارن کي ته اهو پاڻي ڏسڻ به نصيب ئي نه ٿيو، باقي شاهه صاحب جي زمينداريءَ وارن علائقن ۾ ان ”واڌو پاڻي“ ڪا خوشحالي آندي هجي ته ان جي خبر سائينءَ کي هوندي. شاهه صاحب سوڌو جيڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته پاڻي اچڻ وارو آهي تنهن ڪري هاڻ پاڻي ڪو اشو ناهي رهيو انهن صاحبن کي اسان جهڙن ناسمجهه ماڻهن کي اهو سمجهائڻ گهرجي ته جيڪڏهن ضرورت موجب پاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ پهچي به ويو ته ان سان وقتي طور پاڻي جو بحران ٽري ويندو پر جيستائين پاڻي جي اڳوڻي ٺاهه تي عمل ٻيهر شروع نٿو ٿئي يا پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ ڪو نئون معاهدو نٿو ٿئي تيستائين اها دعويٰ ڪرڻ ته پاڻي جو اشو ختم ٿي ويو آهي، ڪيئن درست ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن قدرتي طور پاڻي وڌيڪ هوندو ته پوءِ اهو پاڻي لازمي طور پنجاب ڇو رکندو پر ڳالهه ته تڏهن جي آهي جڏهن پاڻي جي کوٽ هجي جيئن اڄ آهي، سو جيڪڏهن اڄ سنڌ سرڪاري طرح يا غير سرڪاري سطح تي پنجاب سرڪار کي ٻيهر ڪنهن ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي ته پوءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته پاڻي جو اشو ختم ٿي ويو؟
ڪراچيءَ کي سٽي حڪومت جي نالي ۾ انتظامي طرح سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪرڻ واري رٿ هاڻ جهڙوڪر پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ان رٿ خلاف ٻين سان گڏ ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌي اڳواڻن ٿورو گهڻو احتجاج به ڪيو پر ان جو ڪو گهڻو کڙ تيل نه نڪتو ۽ ڪراچي ڪجهه مهينن ۾ ”ڪراچي حڪومت“ جي حوالي ٿي ويندو ـ
مايوسي ڪفر آهي پر حقيقت پسندي عقلمندي چئبي آهي. جڏهن ٽي مهينا اڳ انهن ٽن ٻرندڙ اشوز تي نشاندهي ڪندي پنهنجي مضمون ۾ اهو تاثر ڏنو هئم ته انهن اشوز کي حل ڪرڻ جي ڪا واهه نٿي نظر اچي ته ڪجهه دوستن تنقيد ڪندي چيو هو ته ”مايوسي جون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“ اڄ اهي دوست پاڻ ٻڌائين ته آئون مايوسي جو شڪار هئس يا اهي خود فريبيءَ واري احساس ۾ مبتلا هئا؟ ـ
ڪراچيءَ ۾ رهندڙ طاهر شيخ نالي هڪ مهربان منهنجا مضمون نه صرف غور سان پڙهندو آهي پرهر مضمون کان پوءِ خط لکي ان تي تبصرو به ڪندو آهي. طاهر منهنجي 9 فيبروريءَ تي لکيل (مٿي بيان ڪيل) مضمون جي ڇپجڻ جي هفتي کان پوءِ موڪليل هڪ خط ۾ ڪجهه هن ريت تبصرو ڪيو هو....” توهان اهو چڱو ڪيو جو سنڌ سان لاڳاپيل اهم اشوز کي اجاگر ڪيو ۽ هاڻي اسان جي سياسي پارٽين تي دٻاءَ وڌندو ته هو انهن مسئلن جي حل لاءِ روڊن تي نڪرن، پر توهان کي اڳواٽ اهو نه چوڻ کپندو هو ته انهن جي جاکوڙ نتيجه خيز ثابت نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته منهنجو تجزيو اهو آهي ته جيڪڏهن اسان جون سموريون پارٽيون اٿي کڙيون ٿيون ته پوءِ وفاقي سرڪار وٽ سنڌ جي مطالبن مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچندو“. طاهر کي مارچ مهيني ۾ موٽ ۾ ٻن سٽن جي جواب ۾ لکيو هئم ته ”پيارا طاهر! منهنجي دعا آهي ته منهنجو غلط ۽ توهان جو تجزيو صحيح ثابت ٿئي ـ
1983ع ۾ ايم آر ڊي هلچل کان پوءِ اوچتو سڄي سنڌ ۾ امن امان جي مڪمل بريڪ ڊائون ٿيڻ بابت ڪجهه حلقن جي اها دعويٰ هئي ته هٿ وٺي امن امان جي صورتحال کي ان ڪري خراب ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ ۾ پنهنجي سياسي ۽ قومي حقن لاءِ گڏ ڪيل رد عمل جي جيڪا سگهه پيدا ٿي آهي ان کي ڪمزور ڪري ختم ڪري سگهجي. اها ٿيوري صحيح هئي يا غلط ان جي خبر هوندي پاڻ ڌڻين کي پر زميني حقيقت اها آهي ته 1983ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو اغوا، ڦرن ۽ ڌاڙن جو سلسلو شروع ٿيو ته ماڻهن بي بي سي ۽ اخبارن ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جهڙين خبرن کان وڌيڪ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٿيندڙ ڏوهن بابت خبرن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ان Crime wave
(ڏوهن جي لهر)
اسان جي مس مس ٿوري انگ ۾ پيدا ٿيل مڊل ڪلاس، حقن لاءِ جاکوڙ جو شعور ۽ مڇي مانيءَ وارو معاشي استحڪام سڀ تباهه ڪري ڇڏيو. تازو جڏهن سنڌ ۾ ڏوهن ۾ شديد اضافو آيو آهي ته هر ڳالهه مان ڪا ٿيوري ٺاهيندڙ، اها ٿيوري ڏين پيا ته سنڌ سان جيڪي انيڪ زيادتيون ٿي رهيون آهن انهن جي خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ جي هڪ پوري فضا تيار ٿي رهي هئي، جيڪا ٻيهر ڪنهن اجتماعي رد عمل ڏانهن صورتحال کي وٺي وڃي پئي سگهي، تنهنڪري امن امان جو ڪارڊ ٻاهر نڪري آيو آهي ـ
ايس ايس پي سطح جي هڪ پوليس آفيسر تازو ٻڌايو ته آءِ جي پوليس سنڌ تازو هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ ۽ خاص ڪري اپر سنڌ ۾ خراب ٿيل امن امان جي صورتحال بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ”سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جون حالتون تمام خراب ٿي ويون آهن“. آءِ جي سنڌ پاران حالتن جي خراب ٿيڻ جي اظهار ڪرڻ جو ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته عام طرح آءِ جي سنڌ، عملي طرح صرف ڪراچي شهر لاءِ فڪرمند هوندو آهي، ڄڻ سنڌ جا ٻيا علائقا سندس ذميواري جو حصونه هجن، سو هاڻوڪي آءِ جي پوليس سنڌ جي ٻين علائقن بابت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته اها به سندس مهرباني، پر عام طرح اهو مڃيو ٿو وڃي ته هاڻوڪي دور ۾ پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ جا اختيار آءِ جي وٽ نه پر وڏن صاحبن وٽ آهن، ۽ اپر سنڌ ۾
Break down of law and order(امن امان جي خرابي)
جو وڏو ڪارڻ پوليس کاتي ۾ ”چين آف ڪمانڊ“ ڪمزور ٿي وڃڻ آهي ۽ صورتحال وڃي اها بيٺي آهي ته هڪ ڊويزن جو ڊي آءِ جي ۽ ان جا ماتحت ايس ايس پيز هڪ ٻئي سان گهڻو ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن ۽ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز 24 ڪلاڪ هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا هوندا آهن. اپر سنڌ ۾ اوچتو امن امان جي انتهائي خراب ٿيل صورتحال جو ٻيو سبب ٻين صوبن مان آيل انتظامي توڙي پوليس آفيسرن جون اتي مقرريون به آهن جن کي نه علائقي بابت ڪا ڄاڻ آهي نه ئي کين اتان جي مسئلن ۾ ڪا دلچسپي آهي ـ
امن امان جي خراب ٿيل صورتحال جا انتظامي نوعيت جا سبب ڪهڙا به هجن پر ان جو هڪ وڏو ڪارڻ پاڻيءَ جي اڻاٺ کان پوءِ پيدا ٿيل معاشي بحران به آهي. ڏوهه ڪرڻ يا ڪرائڻ لاءِ ڪو به جواز قابل قبول ناهي هوندو پر حالتن جو
objective
(معروضي)
جائزو وٺجي ته سماجيات جي ننڍڙي شاگرد کي به اهو سمجهه ۾ ايندو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سنڌ ۾ جيڪو معاشي بحران پيدا ڪيو آهي. انهيءَ بحران جي ڪک مان امن امان جي بلا ٻيهر جنم ورتو آهي ۽ جيڪڏهن معاشي بحاليءَ لاءِ ڪو وڏو پيڪيج ڏئي ان بلا جو مٿو نه چٿيو ويو ته حالتن جي ويتر خراب ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل نه هوندي ـ
مجموعي طرح حالتن جي تيزيءَ سان خراب ٿيڻ جو احساس ڪجي ٿو ته خوف ورايو وڃي پر جڏهن وري اهو سوچجي ٿو ته اهي حالتون ڪير ۽ ڪڏهن ٺيڪ ڪندو ته وري بي چيني ۽ مايوسي جو شڪار ٿيو پوان، جنهن جو علاج هر سنڌي جيان مون کي به اخبار ۾ ٻه اکر لکي پنهنجي ڪيفيت (ڪٿارسز) ٻين سان شيئر ڪرڻ ۾ نظر اچي ٿو ۽ جيستائين اخبارن جو پنهنجي يا پرائي هٿان بندوبست نٿو ڪرايو وڃي تيستائين ان واحد فورم تان پنهنجا خيال، پنهنجا ڏک ۽ پنهنجا جذبا ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ٻي واٽ به ڪهڙي آهي ۽ جيڪڏهن ان فورم (اخبارن) جوبه ڪو ”بندوبست“ ٿي ويو ته پوءِ پاڻ مرزا غالب جي اها سٽ پڙهي ماٺ ٿي ويهي رهنداسين ته ـ
غالب خسته ڪي بغير ڪو ن سي ڪام بند هين
ڪيجئي هائي هائي ڪيا، روئي زار زار ڪيون
ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجن وسيلن ۽ پنهنجن حقن جي ڦرمار تي به ماٺ ٿي رهيا آهيون سو جيڪڏهن هاڻ اسان جي مسئلن کي حڪمرانن آڏو آڻيندڙ معلومات جي ذريعي ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي فورم (اخبارن) تي به ڪنهن اچي لت رکي ته پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو