سنڌ جو عوام اجتماعي احتجاج جي سگهه وڃائي چڪو آهي؟
جمع 9 مارچ 2001ع
|
اهو لکڻ لاءِ ڪنهن شاعري يا ڳورن لفظن جو استعمال ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي ته سنڌ پاڻي جي تاريخي کوٽ کي منهن ڏيئي رهي آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪنهن جذباتي منظرڪشي ڪرڻ جي هروڀرو ضرورت آهي ته پاڻيءَ جي ان بحران جي ڪري پوکيل فصل سڪي رهيا آهن، ٻئي فصل ٿيڻ جي اميد به ناهي ۽ خدشو اهو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ماڻهوءَ کي پيئڻ جو پاڻي به مشڪل سان ملي! سو ڳالهه سولي ۽ سڌي سامهون آهي، جنهن لاءِ ڪا الف ليليٰ جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ وقت جو زيان هوندو ۽ سنڌ وٽ ڇاڪاڻ ته نه ئي وقت آهي ۽ نه ئي پاڻي، تنهن ڪري اجائي تفصيل ۾ وڃڻ بدران اچو ته اصل نقطي جي ڳالهه ڪريون ته ان ڀوائتي صورتحال تي سنڌ جو ردعمل ڇا آهي ۽ اڳتي هلي جيئن جيئن اهو بحران پنهنجا رنگ ڇڏيندو ته ان مهل سنڌ ان کي ڪيئن منهن ڏيندي؟ اتي پاڻ ان سوال تي به گهڻي ڊيگهه نٿا ڪريون ته ان بحران جو ڪارڻ ڇا آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ۽ عوامي سطح تي جهڙوڪر ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهي ته سنڌ پڇڙي ۾ آهي ۽ منڍ وارا (پنجاب) پاڻي اڳ ۾ ئي کنيو وڃن. سنڌ ۾ اها سوچ آهي ته پنجاب، سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي ٿو وڃي پر ٻي سوچ اها به آهي ته پنجاب مجموعي طرح پيدا ٿيل پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ڀائيواري لاءِ تيار ناهي ۽ قدرتي طرح ٿيل سموري کوٽ سڄي ساري سنڌ کي ئي ڀوڳڻي پوي ٿي. ٻنهي ڳالهين يعني جيڪڏهن پنجاب، سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي پيو يا کوٽ ۾ ڀائيواري نه پيو ڪري جي ردعمل طور سنڌ ۾ عام خلق پنجاب کي ئي ذميوار بيهاري پيئي. عام ماڻهن جي سطح تي اهڙي راءِ جڙڻ لاءِ سمورا عقلي جواز موجود آهن يعني هڪ ته کين پاڻ پنهنجين ٻنين ۾ پاڻي نظر نٿو اچي ۽ گڏوگڏ ارسا جي گڏجاڻين جي رپورٽ ٿيندڙ ڪارروائي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميوارن جا بيان پڙهڻ کانپوءِ کين ازخود سمجهه ۾ اچيو وڃي ته سندن اڃ ۽ پوکي نه ٿيڻ سبب سندن بک جو ذميوار ڪير آهي. سو ان صورتحال ۾ سنڌ ڇا پيئي ڪري، يعني سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي، اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ـ
پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مختلف سياسي ڌرين پاران ننڍا ننڍا مظاهرا، بک هڙتالون ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايا پيا وڃن، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي آبادگار پنهنجي منهن ننڍا ننڍا مظاهرا ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين پيا. سنڌ حڪومت به ارسا جي پليٽ فارم توڙي ٻين ذريعن سان وفاقي سرڪار آڏو پنهنجي ڳڻتي رڪارڊ ڪرائي پئي. عام ماڻهن کان ويندي دانشورن تائين هرڪو پنهنجين ڪچهرين ۾ پاڻيءَ جي اشو تي پنهنجي پيڙا ۽ ڪاوڙ هڪ ٻئي جي رڪارڊ تي آڻي پيو. مطلب اهو ٿيو ته هر ڪو رڪارڊ تي اهو مسئلو آڻي پيو ۽ رڪارڊ ٺاهي پيو. جيئن ڪنهن سرڪاري ڪم ڪرڻ لاءِ پهرين رڪارڊ ٺاهبو ۽ فائيلن جو پيٽ ڀربو آهي، تيئن سڄي سنڌ رڪارڊ پئي ٺاهي ۽ پئي ٺاهي ۽ پئي ٺاهي! گرامو فون ۾ رڪارڊ وڄائبا به آهن سو هاڻ سنڌ ۾ رڪارڊ ٺاهيا به وڃن پيا ۽ رڪارڊ وڄايا به وڃن پيا. توهان کي هر طرف اهو رڪارڊ وڄندي ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو ته ”ظلم ٿي ويو، پاڻي ڪونهي، فصل سڪي ويا، سڄي سنڌ رڻ ٿي وئي وغيره“ پر اردوءَ ۾ رڪارڊ جي حوالي سان اها چوڻي به آهي ته ”فلان آدمي دوسري ڪا رڪارڊ لگا رها هي.“ اها چوڻي تڏهن استعمال ٿيندي آهي جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو مذاق اڏائيندو هجي يا مٿس ٺٺولي ڪندو هجي، سو رڪارڊ خاطر اهو سوال پنهنجي ذهنن ۾ رکي وٺجي ته سنڌ سان جنهن شديد نوعيت جي زيادتي ٿئي پئي ۽ موٽ ۾ جنهن سطحي نوعيت جو ردعمل سنڌ ۾ ظاهر پيو ٿئي اهو ڏسي ڇا لاهور ۾ ويٺل ”سنڌ جو رڪارڊ نه لڳائي رهيا هوندا؟“
گذريل ڪجهه سالن کان جڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي پاران عوامي هلچل هلائڻ بابت سروي ڪيو ويو آهي ته پارٽي کي اهو ئي فيڊ بيڪ مليو آهي ته عام ماڻهو پنهنجي دال ماني ۽ ٻين خفن ۾ ايترو منڌل آهي جو اهو ڪنهن سياسي پارٽي لاءِ روڊن تي ڪونه نڪرندو. ان راءِ کي جيڪڏهن پاڻ هڪ منٽ لاءِ بلڪل صحيح مڃي وٺون ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته في الحال ماڻهن آڏو جيڪي مسئلا آهن، اهي جمهوريت جي بحالي يا ڪنهن ليڊر جي گرفتاري يا آزادي وغيره جا ته آهن ڪونه، بلڪه اهي اشوز سڌا سنوان عام ماڻهن جي پنهنجي گذر سفر ۽ دال مانيءَ سان لاڳاپيل آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته فصل نه ٿيندو، جنهن تي هاري ۽ زميندار جو دارومدار آهي ۽ جيڪڏهن آبادگار طبقي جي مالي پوزيشن ڪمزور هوندي ته شهرن ۾ دڪاندارن جو ڪاروبار ڪٿان هلندو؟ ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ نه هوندو ته ڪپڙو يا بوٽ يا ٻيون شيون ڪٿان خريد ڪندا؟ هوٽلن تي چانهه ڪير پيئندو؟ ساڳيءَ ريت زرعي صنعتون ڪٿان هلنديون؟ سو ايتري معاشيات ته ٻار به سمجهي ٿو ته پاڻي نه هوندو ته زراعت تي بيٺل اسان جو سڄو سماج متاثر ٿيندو ۽ فطري طور جيڪي هيٺئين طبقي يا هيٺئين، وچولي ۽ ايماندار وچولي طبقي جا ماڻهو آهن (جيڪي اڪثريت ۾ آهن) ان بحران سبب شديد متاثر ٿيا آهن ۽ ٿيندا. ان پس منظر ۾ جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، اها هيءَ آهي ته ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ٺاهيل اشو تي ٻاهر نٿا نڪرن ته اهو مڃي وٺون ٿا پر ڇا پنهنجي اشو تي به ماڻهن ماٺ رهڻ سکي ورتو آهي؟ پاڻي جيڪو نج عام ماڻهوءَ جو پنهنجو مسئلو آهي، ان تي به خاموشي؟ يعني جيڪو اشو سندن پيٽ گذر سان لاڳاپيل آهي، ان بابت به ماٺار؟ سماجي نفسيات هڪ ڏکيو موضوع آهي پر جيڪي ان موضوع جا ڄاڻو آهن تن کي سنڌي ماڻهو جي نفسيات بابت صرف ماضي جا احوال يا تاريخ ڏسي ڪا راءِ جوڙڻ بدران نئين سر تحقيق ڪري اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اڄ سنڌ جو مزاج ۽ ائپروچ ڇا آهي ۽ مختلف معاملن بابت ان جو رويو ڇا آهي؟ ذاتي طرح آئون سمجهان ٿو ته زرعي سماج ۾ رهندڙ ماڻهو ۾ عام طرح اجتماعي ردعمل جو تصور گهٽ هوندو آهي، جڏهن ته انفرادي ردعمل جو رجحان وڌيڪ هوندو آهي، ان جي ابتڙ شهري معاشرن ۾ اجتماعي احتجاج يا ردعمل جي tendancy (رجحان) وڌيڪ ۽ انفرادي يا شخصي ردعمل گهٽ نظر ايندو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ عام طرح ڪنهن ڳوٺاڻي جي ڌاڙيل بڻجڻ پويان ڪنهن وڏيري يا پوليس واري جي زيادتيءَ واري ڪهاڻي ٻڌائي ويندي هئي ته ان مان پڻ اهو اندازو لڳائي پيو سگهجي ته ڳوٺاڻو پاڻ سان ٿيندڙ ڪنهن زيادتي خلاف پنهنجو انفرادي احتجاج ظاهر ڪندي بندوق کڻي ٻيلي ۾ لهي پوندو هو، نه ڪي پنهنجي ڳوٺ يا برادري يا سنگت کي گڏ ڪري ان وڏيري يا پوليس خلاف احتجاج ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته زرعي سماج ۾ گڏيل احتجاج جو رجحان ۽ گڏيل مقصد لاءِ گڏجڻ وارو رويو گهٽ هوندو آهي. پر ان جي ابتڙ ڪراچي يا ڪنهن وڏي شهر ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان پوليس زيادتي ڪري ٿي ته (گهڻي ڀاڱي) سڄي پاڙي جا ماڻهو ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري وٺندا آهن. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي تاريخ ۾ سڀني کان موثر اجتماعي احتجاج 1983ع ۾ ايم آر ڊي واريءَ هلچل ۾ ڪيو هو، جنهن کانپوءِ نواز شريف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سندن اجتماعي ردعمل پڻ متاثر ڪندڙ هو. چوڻ وارا چون ٿا ته ون يونٽ خلاف پڻ سنڌ ۾ موثر اجتماعي ردعمل اڀريو هو، ٿي سگهي ٿو ائين هجي. اچو ته مختصر طور تي اهو ڏسون ته ماضيءَ ۾ ٿيل انهن ٽن موقعن تي سنڌ کي اجتماعي طور ردعمل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا Motivating (تحريڪ ۾ آڻيندڙ) عنصر هئا؟ ون يونٽ خلاف تحريڪ جو ڪريڊٽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي ملندو آهي، ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ جا اهم سبب ڀٽو مرحوم جو رت، وڏيرن ۽ سياسي ڪارڪنن جو اتحاد، مارشل لا اختيارين جون حد کان وڌي ويل زيادتيون ۽ سياسي پارٽين جو فعال هجڻ هئا. ڪالاباغ ڊيم خلاف شروعاتي ردعمل سنڌي ميڊيا ظاهر ڪيو، جنهن کي سياسي ڌرين اڳتي وڌايو. ان پس منظر ۾ جڏهن پاڻ هاڻوڪي صورتحال جو جائزو ٿا وٺون ته ٽي سوال ذهن ۾ اچن ٿا (1) ڇا سنڌ ڪنهن موثر اجتماعي احتجاج جي سگهه رکي ٿي؟ (2) جيڪڏهن ڪو اهڙو ردعمل ٿيو ته ان جي سرواڻي ڪهڙيون ڌريون ڪنديون؟ (3) ڇا سنڌ آڏو آيل پاڻي ۽ ٻيا اشو ايڏا سگهارا آهن جو سنڌ ۾ ڪنهن وڏي ۽ گڏيل ردعمل جي فضا جڙي سگهي؟ انهن سوالن تي ويچارڻ کان اڳ اها وضاحت ڪندو هلان ته گڏيل يا اجتماعي ردعمل مان مراد ڪن روايتي سياسي پارٽين جو اتحاد نه ورتو وڃي، بلڪه اجتماعي ردعمل مان مراد عام کان ويندي خاص سنڌي ماڻهو جو گڏيل عملي ردعمل آهي، هاڻ اچو ته مٿي بيان ڪيل سوالن تي مٿو هڻون ـ
جيستائين ان سوال جو تعلق آهي ته سنڌ وٽ اهڙي ڪا سگهه آهي يا نه ته ان لاءِ هروڀرو ڪنهن گهڻي خوش فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ کپي پر گڏوگڏ مايوس به نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪ عبوري دور يعني سماجي تبديليءَ واري دور مان گذري رهي آهي ۽ اسان جو لوئر مڊل ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جيڪو اڳ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڀتاخورن جي ڪري صفا چيڀاٽجي ويو هو اهو هاڻ آهستي آهستي وري ساهه کڻي پيو ۽ هر ڏينهن سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ناانصافين جي خلاف ٿيندڙ مظاهرا، احتجاج ۽ هڙتالون ان ڏس ۾ واضح علامتون آهن ته سماج جا قدر به تبديل ٿين پيا ۽ ماڻهو وڌيڪ اربنائيز ٿيندي ناانصافيءَ واري جاري جمود کي هاڻ پنهنجي نصيب جو حصو سمجهي ماٺ رهڻ واري روش مٽائين پيا. سماج ۾ جاري ان ٽوڙ ڦوڙ کي سماجي نفسيات جو ڪو ماهر شايد انارڪي جو نالو ڏئي پر آئون ان کي سماجي تبديلي ڏانهن وڌندڙ پهرين وک طور ڏسان ٿو، سو ان تجزيي آڌار پاڻ اهو چئي پيا سگهون ته ڪنهن حقيقي اجتماعي ردعمل جي سگهه سنڌ ۾ آهي پر ان سگهه جو استعمال سنڌ ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي ڪري، اهو واضح ناهي. پنهنجي آڏو ٻيو سوال اهو هو ته ڪهڙيون ڌريون امڪاني ردعمل جي سرواڻي ڪنديون، ان ڏس ۾ ڪامن سينس اهو ئي ٻڌائي ٿو ته جن ڌرين سماج ۾ ايندڙ تبديلين پٽاندڙ پنهنجي روش ۽ افعالن ۾ فضيلت ڀري تبديلي آندي اهي ڌريون جٽاءُ ڪنديون نه ته اسين سڀ ڪا نئين قوت اڀرندي ڏسنداسين، جنهن وٽ صرف ڏيکاءَ لاءِ نه پر حقيقي طور انساني حقن، اظهار جي آزادي ۽ راءِ عامه جو احترام هجي، جنهن وٽ مسئلن لاءِ درد به هجي ۽ انهن جي حل جو ادراڪ به هجي، جيڪا اخباري ڪالمن ۾ جدوجهد بدران عوامي جدوجهد ۾ يقين رکندي هجي، جنهن وٽ خواب به هجن ۽ گڏو گڏ ٺوس فارمولا ۽ حل به هجن. خير پاڻ ڳالهه کي اڳتي ٿا وڌايون يعني ان سوال تي ته ڇا پاڻي ۽ سنڌ آڏو موجود ٻيا مسئلا ڪنهن وڏي اجتماعي ردعمل لاءِ فضا جوڙڻ لاءِ ڪافي آهن؟ اهو سوال جڏهن هڪ ليکڪ دوست کان ڪيم ته سندس چوڻ هو ته ”اڃا سنڌ ۾ اهڙي صورتحال ناهي ۽ هاڻوڪين حالتن کي 1983ع وارين حالتن سان ڀيٽڻ غلط ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ضياءَ دور ۾ ٻوسٽ هو، ماڻهن کي ڦٽڪا پئي لڳا، سزائون پئي آيون وغيره پر اڄ اهڙي حالت ناهي ۽ ماڻهو احتجاج ڪري، اخبارن ۾ خبرون پڙهي، مظاهرا وغيره ڪري پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي ٿا وٺن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻوسٽ وارو اهو ماحول نه پيو جڙي جيڪو ڪنهن ڌماڪي سان ڦاٽي پوي،“ ان ليکڪ جو خيال هو ته ماڻهن کي اڃا ايتري مصيبت ناهي آئي جو مڇرجي گڏيل ردعمل ظاهر ڪن. آئون ذاتي طرح ان راءِ سان مڪمل طرح متفق ناهيان ۽ اهو ٺيڪ آهي ته اڄ اهڙو ڪو گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول ناهي جهڙو ماضيءَ ۾ هو پر اها به حقيقت آهي ته هن ڀيري جيڪا ڪاوڙ يا ڪروڌ ماڻهن ۾ جنم وٺي پيو، اهو ڪنهن حڪومت يا فرد خلاف ناهي بلڪه هن ڀيري ماڻهن جي ڪاوڙ سڄي نظام ڏانهن وڌي پئي، ماڻهن کي ڪنهن ليڊر جي محبت نه پئي منجهائي بلڪه معاشي بحران ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته مختلف هنڌن تي ٿيندڙ ننڍن ننڍن احتجاجن ۽ پنهنجن مقامي مسئلن لاءِ ٿيندڙ مظاهرن سان ماڻهن جي اندر جي ڪاوڙ ته ٻاهر نڪري ٿي پر گڏوگڏ ماڻهن ۾ ردعمل ظاهر ڪرڻ جو اعتماد ۽ صلاحيت به پيدا ٿئي ٿي. اتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته انهن ڇڙوڇڙ احتجاجن سان وقتي طرح ماڻهن کي مايوسي به ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته هو ڏسن ٿا ته اڪثر ڪري سندن احتجاج کي نظراندز ڪيو وڃي ٿو پر اها مايوسي اڳتي هلي ڪاوڙ جي ڊگري کي اڃان وڌائي سگهي ٿي ۽ جنهن ڏينهن ڪنهن ڌر ننڍن وڏن مسئلن کي هڪ ڌاڳي ۾ پروئي ڇڏيو، يعني هڪ ڌارا ۾ آڻي ڇڏيو ته ان ڏينهن ماڻهن ۾ موجود ڪاوڙ هڪ وڏو طوفان آڻي ڇڏيندي ۽ جيڪڏهن ڪا اهڙي سياسي ڌر سامهون نه به آئي ته به ڪو هڪڙو ”بشريٰ زيدي“ اشو (جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم وڏي قوت بڻجي اڀري) سڄي سنڌ ۾ طوفان آڻي پيو سگهي. پر جيئن روز مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاج ڪنهن سياسي ڌر جي پليٽ فارم تان نٿا شروع ٿين بلڪه ماڻهن بنا ڪنهن جي انتظار ڪرڻ جي پاڻمرادو احتجاج جو ڍنگ سکي ورتو آهي، سو ڏسڻو صرف اهو آهي ته ڪنهن اهڙي اشو جنهن سان سڄي سنڌ جو مفاد جڙيل هجي، ان تي ماڻهو بنا ڪنهن جي انتظار ڪرڻ جي پنهنجن مقامي مسئلن جيان ڪڏهن ٿا اجتماعي ردعمل ظاهر ڪن؟ في الحال ماڻهو الڳ الڳ ٿي اشوز تي ردعمل ظاهر ڪن پيا. آبادگار پاڻي لاءِ، بيروزگار روزگار لاءِ، سرڪاري ملازم پگهارن لاءِ، استاد پنهنجن مسئلن لاءِ، ڪٿي شهري رياستي فورسز جي ڏاڍ خلاف پيا احتجاج ڪن، ڪٿي وري امن و امان جي بحالي لاءِ پيا هڙتال ڪن، ڪٿي ميونسپل اختيارين خلاف پيا مظاهرا ٿين، ڪٿي ماڻهو ٽائر ساڙين ته وري ڪٿي ماڻهو مرڳو پنهنجي پاڻ کي باهيون پيا ڏين.... اها اڄ جي سنڌ آهي، جنهن حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ۽ ان ڳالهه کان به ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ته ڪو به سماج ڊگهي عرصي تائين ائين ناهي رهندو ۽ يا ته اقتدار وارا پاڻي وجهي وڌندڙ عوامي ڪاوڙ ۽ باهه کي ٿڌو ڪندا آهن يا پوءِ سماج، تبديليءَ واري واٽ تي پنهنجي سفر ۾ تيزي آڻي ڇڏي ٿو ـ
هڪ دوست چواڻي ته ”سنڌي ميڊيا اشوز جي باري ۾ ضرورت کان وڌيڪ حساس آهي، تنهن ڪري هو اهوAssume (فرض)
ڪري وٺي ٿي ته اشوز بابت جيتري حساس ميڊيا آهي ته يقينن ماڻهن ۾ به اوترو ئي احساس هوندا پر اڪثر ائين ناهي هوندو!“ هڪ سياسي ڪارڪن چواڻي ته ”سنڌ جي ماڻهن جي نبض تي سنڌي پريس جو هٿ آهي ۽ سنڌي پريس وارن کان بهتر اهو ڪو به نٿو سمجهي ته ماڻهو ڇا سوچي رهيا آهن!“ مٿين ٻنهي متضاد راين مان ڪهڙي راءِ صحيح آهي، ان بابت آئون ڪجهه نٿو چوان.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو