Saturday, 13 December 2014

علي قاضي


آخر عوام ۽ سياسي ڌرين جي ايجنڊائن ۾ فرق ڇو آهي؟
جمع 9 فيبروري 2001ع                                          


هڪ پروفيسر ڪچهريءَ دوران تنقيد ڪندي چيو ته ”اڄڪلهه اخبارن ۾ رڳو ڌاڙن، ڦرن، پاڻيءَ جي کوٽ، بيروزگاري، سياسي يتيمي مطلب ته مايوسيءَ واريون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، جن کي پڙهي ماڻهو ويتر مايوس ۽ پريشان ٿيو وڃن“. موٽ ۾ چيو مانس ته، جيڪڏهن آبادگارن جا فصل پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري سڪي رهيا هجن، شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڊرمن ۾ خريد ڪرڻو پوندو هجي ته ڇا اخبار وارا اهو لکن ته هر طرف خوشحالي آهي، چوطرف گل وگلزار لڳو پيو آهي يا واڌو پاڻي جي ڪري ٻوڏ اچي وئي آهي؟ قمبر ۾ ٻارڙو گٽر ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿئي ته لکجي ته ٻارڙو سوئمنگ پول ۾ ترندي فوت ٿي ويو آهي؟ نصيرآباد ۾ چوري جون وارداتون نه پيون ٿين تنهن ڪري ماڻهن پوليس جي واکاڻ ۾ جلوس ڪڍيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه ۾ غريب ماڻهن کي بيت المال مان ايترو مال ملي ويو آهي جو شهرين هڙتال ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته دڪانن تي خريدارن جي رش وڌي وئي آهي؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته اخبارون ڪوڙ لکن؟ ڇا بيروزگاري، ڌاڙا، ڦرون، اغوا جون وڌندڙ وارداتون حقيقت ناهن؟ اخبار ته آئينو آهي، جنهن ۾ اسان کي پنهنجي معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو، ڇا اسان آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسڻ کان ڊڄون ٿا؟ آرسيءَ کان منهن موڙڻ سان ڇا پنهنجي صورت بدلجي سگهي ٿي؟“ ان پروفيسر ته منهنجيون ڳالهيون ٻڌي خاموشي اختيار ڪئي پر سندس ڳالهين جي ڪري اهو سوال منهنجي ذهن ۾ گهر ڪري ويو ته ، ”اسان پنهنجن مسئلن ڏانهن ڪهڙو رويو اختيار ڪندا پيا وڃون؟“ ان سوال جا ٽي جواب ٿي پيا سگهن. هڪ اهو ته ڇاڪاڻ ته ايتريون پريشانيون ۽ مصيبتون ماڻهن برداشت ڪيون آهن جو هاڻ هو انهن کي پنهنجي نصيب جو حصو سمجهي، بي حس ٿيندا پيا وڃن يا پوءِ ماڻهو ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آهن جيڪو اچي سندن واهر ڪري يا پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو شديد ڪاوڙ ۽ فرسٽريشن جي باوجود مونجهاري جو شڪار آهن، هو تبديلي ته چاهين ٿا پر کين ڪا واٽ نٿي سجهي ته ڪهڙو رستو اختيار ڪن ۽ ڪنهن جي پويان هلن جيئن سندن مسئلن جو ڪو تدارڪ ٿي سگهي؟ مٿيون ٽيئي ڳالهيون پنهنجي پنهنجيءَ جڳهه تي ٺيڪ آهن يعني ماڻهو لاتعلق ۽ بي حس به ٿين پيا پر گڏوگڏ هو اهو به چاهين ٿا ته ڪو مسيحا اچي سندن مسئلا پاڻهي حل ڪري ڇڏي ۽ اهو به ٺيڪ آهي ته ماڻهن کي شديد ڪاوڙ هجڻ جي باوجود ڪا اهڙي ڌر نظر نٿي اچي جيڪا ان ڪاوڙ کي Stream line (هڪڙي ڌارا ۾ آڻي) ڪري عوامي ڪاوڙ جي قوت کي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪتب آڻي. عوامي نفسيات کي مڪمل طرح سمجهڻ ڪو سولو ڪم ناهي هوندو، تنهن ڪري پير ٻڌي ڪا فتويٰ ته جاري نٿي ڪري سگهجي پر اسان جي سوسائٽيءَ ۾ جيڪي انڊيڪيٽر نظر اچن پيا تن مان محسوس ٿو ٿئي ته جيڪڏهن سياسي ڌرين عوامي اشوز ڏانهن پنهنجي روش نه مٽائي ته نڌڻڪو هجڻ وارو احساس عوام کي لاتعلقيءَ واري ڪيفيت جي اونداهين ڏانهن ڌڪيندو ويندو ۽ ان اونداهيءَ جا پاڇا سياسي ڌرين مٿان به پوندا، سو اها ڳالهه سياسي ڌرين جي ”ٿنڪ ٽينڪس“ (اڪابرين) تي ڇڏيون ٿا ته هو عوام جي مجموعي ڪيفيت کي ڪيترو سمجهن ٿا ۽ ان جو ڪهڙو تدارڪ ڪن ٿا ـ

هن وقت جيڪڏهن سياسي ڌرين پاران اٿاريل اشوز ۽ عوامي مسئلن جو جائزو وٺجي ته لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڪنهن الڳ الڳ دنيا جا قصا آهن. سياستدانن جا بيان ۽ حڪمت عمليون ڏسجن ته انهن وٽ پنهنجي ايجنڊا نظر اچي ٿي پر عوام جي ايجنڊا ان کان بنهه مختلف نظر ٿي اچي ۽ ٻنهي جي ايجنڊائن ۾ درج ٿيل ترجيحن ۽ مسئلن ۾ ڪا گهڻي هڪجهڙائي نظر نٿي اچي. ماڻهو چون ٿا ته اسان وٽ ”اڄ“ کائڻ لاءِ ڪونهي ته جواب ملي ٿو ته، ”انشاءَ الله جمهوريت بحال ٿيندي، آزادي ملندي، انقلاب ايندو، اسين اقتدار ۾ اينداسين وغيره ته پوءِ ڪير به بکيو نه سمهندو، ڪير به بيروزگار نه رهندو، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي وغيره وغيره“. پر سوال اهو آهي ته کائڻ لاءِ ته ماني ”اڄ“ ڪونهي، ناانصافي ته ”اڄ“ ٿئي پيئي پر آسرو سڀاڻي جو ٿو ملي! مطلب ته 20 يا 25 سال اڳوڻي دور وارو سياسي ڪلچر جاري آهي ته اڄ رليف وٺرائي ڏيڻ بدران ماڻهن کي خواب، آدرش ۽ فلسفا کائڻ لاءِ ڏجن. ٻين لفظن ۾ اڄ به چوطرف ”آسرا پارٽين“ جو راڄ آهي جيڪي عوام کي زمان حال ۾ نه پر صرف زمان مستقبل ۾ يقين رکڻ جو درس ڏين ٿيون پر هاڻ جڏهن ملڪ جي اپوزيشن ڊگهي عرصي کانپوءِ عوام جي سهاري حڪومت سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته هن ڀيري شايد پهريون ڀيرو کيس به ڪيترائي سرپرائيز ملن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون عوام آڏو روز اڀرندڙ اشوز کان پاڻ کي لاتعلق رکن ٿيون ته متان هن ڀيري عوام انهن پارٽين جي اٿاريل مسئلن کان پاڻ کي لاتعلق نه ڪري وٺي! جڏهن قمبر ۾ هڪ معصوم ٻارڙو ميونسپل اختيارين جي غفلت سبب فوت ٿئي ٿو ۽ سڄو شهر ان سوڳ ۾ هجي ٿو تڏهن اهي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪٿي هجن ٿا جيڪي اليڪشن دوران عوام سان گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا قسم ٿا کڻن؟ جڏهن سکر شهر جا واسي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا هوندا آهن تڏهن سياسي قيادت کي ڇو نٿي تڙپ محسوس ٿئي؟ جڏهن خيرپور ناٿن شاهه، سيوهڻ يا ٻين هنڌن تي ماڻهو پنهنجن مقامي مسئلن لاءِ روڊن تي نڪرن ٿا ته اتي اپوزيشن اڳواڻ انهيءَ تحريڪ ۾ ڇو نٿا نظر اچن؟ جيڪڏهن سرهاري ۾ پوليس ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي ماري ٿي ته اپوزيشن اتي ڇو ٿي ماٺ رهي؟ جيڪڏهن انهن وڏن صاحبن جي نظر ۾ ننڍن اشوز تي عوام سان گڏ شموليت ڪرڻ سندن شان وٽان ناهي ته پوءِ اهي وڏي سياسي غلطي ڪري رهيا آهن. تازو محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن مون چيو ته ماڻهو (سنڌ ۾) پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن تي بيزار ٿي جڏهن پاڻمرادو ئي روڊن تي اچي وڃن ٿا تڏهن به توهان جي پارٽي انهن جي احتجاج ۾ شريڪ نٿي ٿئي، آخر توهان جي پارٽي ماڻهن جي مسئلن کان ايتري لاتعلق ڇو ٿي ويئي آهي؟ ته محترمه حيرت وچان موٽ ۾ چيو ته ”پر مون کي ته اهو ٻڌايو ويو هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ لاءِ ٿيندڙ مظاهرا دراصل اسان جي پارٽي ئي ڪرايا هئا“ ان سوال جو جواب ته محترمه کي پارٽي جي صوبائي قيادت ئي ڏئي پئي سگهي پر حقيقت جي خبر پاڻ سڀني کي آهي ۽ پاڻ ابن انشا جي چيل اها سٽ پڙهي اڳتي ٿا وڌون ته

هم چپ رهي، هم هنس ديئي، منظور ٿا پرده تيرا ـ

ان ڳالهه ۾ شڪ جي گنجائش گهٽ آهي ته پ پ اڄ به هڪ سگهاري پارٽي آهي، جنهن وٽ ڪارڪنن ۽ همدردن جي کوٽ ڪانهي، پر مسئلو اهو آهي ته 1988ع کانپوءِ پارٽي پنهنجي ڪيڊرز کي ”اقتدار حاصل ڪرڻ“ جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي اچي بيهاريو آهي. اهو درست آهي ته پ پ اڳ ۾ به ڪا انقلابي پارٽي نه هئي پر ماضيءَ ۾ پارٽي ڪيڊرز ۾ سماج جي تبديليءَ جي حوالي سان هڪ رومانس به پيدا ڪيو ويندو هو پر گذريل ڏهاڪي ۾ پارٽيءَ جو تعارف صرف ۽ صرف حڪومتي تبديلي آڻيندڙ مشينريءَ تائين اچي بيٺو آهي. اهو تعارف يقينن پارٽيءَ جي اندر ۽ ٻاهر موجود انهن حلقن لاءِ اتساهيندڙ ثابت ٿئي ٿو، جيڪي سياست جو مطلب ئي اقتدار حاصل ڪري پنهنجي من پسند يا مائٽ ڪامورن جي ٽرانسفر پوسٽنگ ڪرائڻ يا ٺيڪا وٺڻ يا مخالفن مٿان داٻو ڪرڻ يا وزير، مشير ٿيڻ وغيره سمجهن ٿا، پر اهي سڀ مفاد ڪل ڪيترن ماڻهن جا ٿي پيا سگهن؟ (سڄي سنڌ ۾) پنج سئو يا پنج هزار يا گهڻا ٿيا ته ڏهه هزار، پر هتي (سنڌ ۾) جيڪا خلق ڪروڙن جي تعداد ۾ رهي ٿي، ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي جو آسرو آهي؟ اها ڪهڙي سياست آهي ته جيستائين اپوزيشن ۾ رهجي تيستائين عوامي نوعيت جي هر اشو کان پاڻ کي اهو چئي مڪمل پاسيرو رکجي ته اقتدار ملندو ته پوءِ انهن عوامي اشوز کي حل ڪبو ۽ جڏهن اقتدار ملي وڃي تڏهن پڻ بنيادي عوامي اشوز تي اهو چئي ڪجهه نه ڪجي ته ”اسٽيبلشمينٽ، ايجنسيون، اتحادي وغيره اسان کي ڪجهه ڪرڻ نٿا ڏين!“ سو هاڻ جڏهن اي آر ڊي تحريڪ هلائڻ لاءِ ويچاري رهي آهي ته ظاهر آهي ته سندن خواهش هوندي ته فلپائين جيان اسان وٽ به عوام جو سمنڊ روڊن تي اٿلي پوي ۽ موجوده سرڪار اقتدار ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي. پر اپوزيشن جي ڪهڙي عجيب خواهش آهي ته اقتدار ۾ تبديلي ته عوام آڻي ڏئي پر ان تبديليءَ ۾ عوام جي زندگيءَ ۾ تبديليءَ لاءِ ڪو پيڪيج موجود نه هجي! اهڙي اعتراض کي شايد نه پر يقينن اپوزيشن جا اڪابر اجائي تنقيد قرار ڏيندي چوندا ته ”ڀائي، جڏهن اسان اقتدار ۾ اينداسون ته عوام جي زندگيءَ ۾ تبديلي ته از خود اچي ويندي نه!“ ان دعويٰ کي جيڪڏهن پاڻ هڪڙي منٽ لاءِ تسليم به ڪري وٺون تڏهن به اهو سوال ته ڪري سگهجي ٿو ته ”ڀائي صاحب، مڙئي فارملٽي طور تي ئي سهي، پر ڪجهه ٿلهيون ٿلهيون ڳالهيون ته رڪارڊ خاطر ٻڌائي ڇڏيو ته توهان اقتدار ۾ اچي اهڙو ڇا ڪندا جو عوام جي روزاني زندگيءَ ۾ ان سان مثبت تبديلي اچي ويندي؟ 

باشعور ماڻهو انگريزيءَ جي ان چواڻيءَ ۾ يقين رکندا آهن ته ”خراب ترين جمهوري سرشتو به هڪ سٺي آمريتي نظام کان بهتر هجي ٿو“. سو جڏهن اپوزيشن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙڻ جو ارادو ظاهر ڪري ٿي ته هر باشعور ماڻهوءَ جي دل ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو پيدا ٿئي ٿو ته متان اسان جي سياسي قوتن هن ڀيري ”عوام ذريعي، عوام لاءِ جمهوريت“ بحال ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري ورتو هجي. پر جڏهن تحريڪ جو ايجنڊا سامهون اچي ٿو ته ان ۾ وري پري پري تائين عوام جي اشوز جي ڪو به حوالو نٿو هجي بلڪه صرف اهو هجي ٿو ته حڪومت هٽائبي ۽ پاڻ اقتدار ۾ اچبو جنهن کانپوءِ ازخود عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي ويندا! هنن جي وات ۾ گلاب، پر ڇا ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ لاءِ صرف ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي؟ جيڪڏهن اقتدار ۾ تبديلي لاءِ آمريڪا يا ٻين سگهارن هنڌن کان اهڙا سگنل مليا آهن ته اپوزيشن صرف ڏيکاءَ لاءِ عوامي سطح تي ٿوري وٺ پڪڙ ڪري باقي ڪم پاڻهي ٿي ويندو ته پوءِ ته ٻي ڳالهه آهي. باقي جيڪڏهن واقعي به خالص عوامي سگهه ذريعي اپوزيشن تبديلي آڻڻ جو رٿيو آهي ته پوءِ عوام جي ننڍن کان وٺي وڏن اشوز تي اپوزيشن کي نه صرف واضح پروگرام ظاهر ڪرڻو پوندو بلڪه مقامي عوامي احتجاجن ۾ عملي شموليت به اختيار ڪرڻي پوندي. ڪو زمانو هيو ته عام ماڻهو ان ڳالهه ۾ خوش ٿي ويندا هئا ته سندن مرڻي ۽ پرڻي، غم ۽ خوشي ۾ علائقي جو چڱو مڙس يا سياسي ڌر جا اڳواڻ پير گهمائي ويندا هئا. اڄ به اهو فارمولو ڪنهن حد تائين موجود آهي پر گذريل ڪجهه سالن ۾ نئون ٽرينڊ اهو اڀريو آهي ته ماڻهو پنهنجي مقامي مسئلي يا پاڻ سان ڪنهن ناانصافيءَ تي بنا ڪنهن جي انتظار ڪرڻ جي پاڻ احتجاج شروع ڪريو ڇڏين. ان احتجاج ۾ عام طرح روايتي سياسي اثر رکندڙ ڌريون يا شخصيتون حصو نٿيون وٺن، جنهن جا ٻه اهم ڪارڻ هجن ٿا. هڪ اهو ته اهي روايتي سياسي شخصيتون ننڍن مسئلن تي سرڪاري مشينريءَ سان اٽڪڻ کان لنوائينديون آهن ۽ ٻيو سبب اهو ته اهي بااثر ماڻهو ان خيال جا هجن ٿا ته احتجاج ڪندڙ دڪاندارن يا ٻين جو تعلق شهر (شهر مان مراد ڪو وڏو شهر نه پر تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۽ ان کان به ننڍي سطح جو شهر آهي) سان آهي، جنهن جا تمام ٿورا ووٽ آهن ۽ سندس (با اثر ماڻهو جا) ووٽر ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جن جو انهن ڌرڻن، مظاهرن ۽ هڙتال سان ڪو به واسطو ڪونهي. سو بنيادي طرح انهن ٻن سببن جي ڪري روايتي سياسي قوتون ننڍن شهرن ۽ وسندين ۾ اڀرندڙ اشوز ۾ دلچسپي نٿيون وٺن. اهو ئي سبب آهي جو انهن ننڍن شهرن ۾ شهرين پنهنجون تنظيمون ۽ شهري اتحاد ٺاهيا، جيئن اهي ڪنهن پليٽ فارم تان پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهن. ان پس منظر ۾ هاڻ پنهنجي موضوع تي واپس ٿا اچون ته انهن شهرين وٽ ڀلي ووٽ گهڻا نه هجن پر في الحال اپوزيشن تحريڪ هلائڻ چاهي پئي ته کيس انهن شهرين جي سهڪار جي ضرورت پوندي، ڇاڪاڻ ته (وڏي يا ننڍي) شهر ۾ ٿيل هڙتال يا احتجاج جو وڌيڪ اثر ٿو پوي. پر نقطو اهو آهي ته جڏهن اپوزيشن انهن شهرين جي ”مرڻي ۽ پرڻي“ (انهن جي احتجاجن ۾) يعني سندن ڏکين گهڙين ۾ عملي سهائتا نه ڪئي ته ڇا اڄ اهي شهري اپوزيشن سان سهڪار ڪندا؟ اڄ 1983ع واري صورتحال ناهي جو ماڻهو پاڻهي روڊن تي نڪري اچن بلڪه اڄ اپوزيشن کي عوام کي روڊن تي آڻڻ لاءِ پنهنجا (اقتداري معاملا) ۽ عوامي اشوز ڪاڪ ٽيل ڪرڻا پوندا. اهي ڳالهيون پڙهي ٿي سگهي ٿو ته تازو آمريڪا مان موٽي آيل حليم بروهي چڙي مون کي چوي ته ”مفت مشورا ڏيڻ آخر بند ڇو نٿا ڪريو؟“ پر اهڙن مفت مشورن پويان مفاد اهو لڪل آهي ته اپوزيشن پنهنجي ضرورت آهر ئي سهي پر هڪ دفعو جيڪڏهن شهرين جي عام اشوز ۾ Involve ٿي وڃي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته گراس روٽ سطح تي ماڻهن ۾ سياست کان جيڪا لاتعلقي وڌي پئي، اها گهٽ ٿي سگهي ـ

سياسي صورتحال کي خالص قومپرستاڻي نظر سان ڏسندڙ سنڌي دانشورن کي اپوزيشن پاران امڪاني تحريڪ يا ان جي نتيجن بابت ڪا گهڻي دلچسپي ناهي، ڇاڪاڻ ته سندن ويساهه آهي ته بينظير ڀٽو ڏيهه وري ٿي يا نه، تحريڪ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه، انهن ڳالهين سان ”سنڌ“ جي صورتحال ۾ ڪابه بهتري نه ايندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي بنيادي حقن جي حاصلات ۽ مفادن جو تحفظ نه هاڻوڪي حڪومت جي ايجنڊا تي آهي ۽ نه ئي اپوزيشن جي ايجنڊا تي آهي، اها راءِ صحيح آهي يا غلط ان بابت ته پوءِ ڪڏهن بحث ڪبو. پر جيڪڏهن اهڙي راءِ رکندڙ دانشورن کان اهو سوال ڪجي ته ”پوءِ توهان وٽ سنڌ جي دردن جي ڪهڙي دوا آهي؟“ ته انهن وٽ به ڊگهن ڀاشڻن ۽ خواب ڏيکارڻ کانسواءِ انهن خوابن جي ساڀيان ٿيڻ لاءِ ڪابه ٺوس حڪمت عملي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ۽ سندن گهڻو زور ان ڳالهه تي هجي ٿو ته ”فلاڻو ڪرپٽ آهي، فلاڻو سنڌ دشمن آهي، فلاڻو غدار آهي، وفاق پرست سياستدانن کي اقتدار جي حوس آهي، پنجاب ظلم پيو ڪري، ايجنسيون سازشون پيون ڪن وغيره وغيره“. پر جڏهن کانئن پڇجي ٿو ته ”ڀائي صاحب، توهان ڇا پيا ڪريو؟“ ته جواب ۾ ٽائين ٽائين فش! سو ٿلهي ليکي صورتحال وڃي اها ٿي جڙي ته اپوزيشن تحريڪ هلائڻ چاهي ٿي پر صرف اقتداري راند ۾ پنهنجو پلڙو حاوي ڪرڻ لاءِ ۽ جيڪي اپوزيشن تي ان حوالي سان تنقيد ڪن ٿا اهي پاڻ به عوام کي ڪو متبادل آپشن ٻڌائڻ ۽ سنڌ جي نڌڻڪي ٿيڻ واري ڪيفيت جي خاتمي لاءِ ڪا قابل عمل واٽ ڏيکاري ناهن سگهيا. هوڏانهن چوطرف لکين خاموش ۽ ڪاوڙيل اکين ۾ نهارجي ٿو ته اتي ساڳيو ئي پراڻو سوال نظر اچي ٿو ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“

تازو هڪ ڪچهريءَ دوران رسول بخش پليجي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ هڪ نيوڪليئس جڙڻ گهرجي، جنهن ۾ مختلف حلقن ۽ خيال جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو گڏ ٿين، جيڪي سنڌ جي آڏو ايندڙ مختلف اشوز بابت نه صرف گڏيل موقف رکي. بلڪه انهن مسئلن جي حل لاءِ گائيڊ لائين (حڪمت عملي) به ٺاهي ڏين ته جيئن سرگرم عوام دوست قوتون ان گائيڊ لائين تي عمل ڪندي منزل ڏانهن وڌي سگهن. پليجي صاحب پاران ڏنل اها صلاح ڪجهه سال اڳ ٿوري فرق ۽ مختلف لفظن ۾ مون ان ريت رکي هئي ته سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ڏهن ماڻهن جي هڪ ڪاميٽي جڙڻ کپي، جنهن کي جوڙڻ جو ڪم به خود اسان جا پريشر گروپ ئي ڪن ۽ جڏهن اسان جا پريشر گروپ اهڙي ڪا ڪاميٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين پنهنجي گروپس جون سرگرميون ان ڪاميٽيءَ جي چوڻ/صلاح تي هلائين، جيئن ان ڪاميٽي جي صورت ۾ گڏ ٿيل مختلف ڪيڊرز نه صرف سنڌ ۾ هڪ موثر متبادل قوت طور به نظر اچي بلڪه اها اقتداري توڙي عوامي معاملن جو ڪاڪ ٽيل ڪري ننڍي توڙي ڊگهي مدي لاءِ ڪي Result oriented (نتيجه خيز)ڪم ڪري سگهي. خبر ناهي ته پليجي صاحب پاران نيوڪليئس جوڙڻ واري صلاح جا تفصيلات، مون واري ”يوٽو پين صلاح“ کان مختلف آهن يا ساڳيا (گهڻو امڪان آهي ته پليجو صاحب پنهنجي صلاح جو تفصيل تمام گهڻو مختلف ڏيندو) پر سنڌ جي نڌڻڪي ٿيڻ واري صورتحال جا حل سمجهڻ لاءِ ڪنهن به عربي فارسي جي ضرورت ڪانهي، بلڪه ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي يعني يا ته پ پ سنڌ ڏانهن پنهنجي سموري ائپروچ ۾ تبديلي آڻيندي ريڊيڪل قسم جون تبديليون آڻي، هتان جي ماڻهن ۽ مفادن جي واهر ڪري، جيڪو ڪرڻ لاءِ وٽس ووٽ پاور به آهي ۽ اسٽريٽ پاور به يا پوءِ اسان جي پريشر گروپس جا اڪابر پنهنجي انا جي قرباني ڏيندي ڪنهن نيوٽرل پليٽ فارم تي گڏ ٿين جيئن سنڌ جا ننڍا ننڍا ڪيڊرز گڏجي هڪ وڏي قوت جي صورت اختيار ڪن ۽ جنهن جو پريشر اسلام آباد سنجيدگيءَ سان محسوس ڪري ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڪا عملي ۽ نتيجا ڏيندڙ چرپر ٿي سگهي. مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڳالهين جي ٿيڻ جو آسرو نه هجڻ جي برابر آهي. ٽئين واٽ ڪنهن نئين سياسي قوت جو اڀرڻ ٿي پيو سگهي پر ان جو پڻ ويجهي مستقبل ۾ امڪان نظر نٿو اچي، سو اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪو پروفيسر صاحب يا ڪو ٻيو چوي ٿو ته ”مايوس ڇو آهيو؟“ ته ظاهر آهي ته جواب اهو ئي هجي ٿو ته ”پوءِ ڇا ڪريون؟“

مٿي بيان ڪيل ”مايوس ڪندڙ“ صورتحال سان جيڪڏهن ڪو دوست اتفاق نٿو ڪري ته هو مهرباني ڪري پاڻ ٻڌائي ته سنڌ جي ٻين انيڪ مسئلن کانسواءِ تازو جيڪي ٽي اهم مسئلا سڄيءَ سنڌ کي وڪوڙي ويا آهن، انهن بابت رڳو بيان جاري ڪرڻ يا علامتي احتجاجن کانسواءِ ڪنهن به ڌر ڪا اهڙي چرپر ڪئي آهي جيڪا سنڌ کي ڪو رليف ڏياري سگهي؟ اهي ٽي اشوز آهن (1) ڪيترن ئي ملازمن جي برطرفي ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ 43 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفين جون تياريون، (2) زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ کانپوءِ اڳتي به اڻاٺ رهڻ جا اعلان، (3) تڪراري ڪاموري تسنيم صديقي جي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ آڌار ڪراچي ۾ سٽي حڪومت جي قيام جي تياري. ڪو جيڪڏهن سمجهي ٿو ته اهي ٻرندڙ مسئلا نالي ماتر احتجاج يا بيانن ذريعي حل ٿي سگهندا ته يقينن هو ڀليل آهي. پر جيڪڏهن ڪو ”پر اميد“ دوست ان آسري ۾ آهي ته اسان جون سياسي ڌريون پنهنجا ٻيا ”خفا“ وساري روايتي سياسي روش مٽائيندي انهن اشوز تي عوامي سطح تي ڪو وڏو طوفان اٿاري ڇڏينديون ته منهنجي خيال ۾ اهو دوست به ڀليل آهي. باقي اهڙو امڪان به ويجهي مستقبل ۾ نٿو نظر اچي ته عوام پاڻمرادو ڪنهن قيادت کانسواءِ روڊن تي اٿلي پوي، باقي رهيون اخبارون جيڪي بهر حال خود مسئلا ته حل نٿيون ڪري سگهن پر پوءِ به جيڪو ٿورو گهڻو گوڙ ڪن ٿيون ته لڳي ٿو ته دير سوير انهن جي بندوبست لاءِ به سوچيو ويندو ۽ پوءِ پاڻ مرزا غالب جو اهو شعر پڙهي وقت گذارو ڪنداسين ته

هوئي مدت ڪه غالب مرگيا پر ياد آتا هي
وه هر اڪ بات پر ڪهنا ڪي يون هوتا تو ڪيا هوتا 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو