ٿر ڏُڪار: سنڌ حڪومت جي خاموشي کي ڪهڙي معنيٰ ڏجي؟
ٿر جي ڏُڪاريل ڏيهه تي ڏُڪر، ڏمر بڻجي لٿل آهي. انهي ڏمر جي عتاب هيٺ ڪيتريون ئي معصوم زندگيون اجل جي حوالي ٿي چُڪيون ۽ روز ڪيترائي ابهم ٻارڙا اسپتال داخل آهن. ٿر ۾ روز 8 يا 10 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ـ
دنيا ۾ ڪٿي ٻي جڳهه تي اهڙي قسم جي صورتحال هُجي ها ته اُتي حڪومت پاران ايمرجنسي نافذ ڪري هنگامي بُنيادن تي اُپاءَ ورتا وڃن ها ۽ صحت کاتي ۾ ٿرٿلو متل هُجي ها، پر اسان وٽ قصو ئي ٻيو آهي! گذريل ڏينهن گورنر جي هدايتن تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ٿر پهچي اڃا پنهنجو ڪم شروع ئي مس ڪيو هو ته اُتي پوليس پهچي ڊاڪٽرن پاران هنيل ڪئمپون پَٽي اِهو چئي ڊاڪٽرن کي واپس ڪيو ويو ته اسان کي مٿان کان حُڪم آهي!انهي کان وڌيڪ ڪهڙي بي حسي ٿي سگهي ٿي؟ سنڌ حڪومت ٿر جي صورتحال جي حوالي سان نه ئي پاڻ ڪي اُپاءَ ورتا آهن ۽ نه ئي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر پئي اچي! حڪومت جي اهڙي روش ڏسي ائين پيو لڳي ته سنڌ سرڪار، ٿرين سان ڪو ازلي وير پاڙي رهي آهي ـ ـ
ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب روز ٻارڙن جو وڌندڙ انگ ڏسي ۽ سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي مُجرماڻي ماٺ تي مصطفيٰ زيدي جو شعر ٺهڪي اچي ٿو ته ـ
مين ڪس ڪي هاٿ پي اپنا لهو تلاش ڪرون
ساري شهر ني دستاني پهني هوئي هين
ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارڙن جي موت جي ذميواري سنڌ حڪومت تي وجهجي يا صحت کاتي تي؟
گُذريل ڪيتري ئي وقت کان وٺي، سنڌ حڪومت غير ذميواراڻا بيان ڏئي پنهنجي ڪَن تي پَٽڪو رکي سُمهي پئي آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاران ٿوري به ذميواري جو مظاهرو ڏيکاريو وڃي ها ته ٿر ۾ هن وقت تائين ڊاڪٽرن جون ٽيمون پُهچي وڃن ها ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳي وڃن ها ۽ ٻارڙن جي موت جو وڌندڙ انگ گهٽجي يا رُڪي سگهي ها! پر سنڌ حڪومت پاران بي مثال ڪارڪردگي اِها ڏيکاري وئي آهي جو لمس جي ڊاڪٽرن جي ٽيم کي ڪم کان روڪي، اُنهن کي واپس موڪليو ويو آهي ـ
سنڌ حڪومت جيڪڏهن ائين ئي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي ٿر جي ٻارڙن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ٿي وٺي سگهي ته پوءِ حڪومت ڪرڻ جو باقي ڪهڙو جواز ٿو رهي؟
هنن ئي ڪالمن ۾ اسان ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت کي ٿر ۾ جنم وٺندڙ انهي انساني الميي ڏانهن ڌيان ڇڪرائي چُڪا آهيون، سنڌ حڪومت ڌيان ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر ننڊ مان به سُجاڳ ناهي ٿي ـ
عوامي حڪومت هُجڻ جي دعويدارن کي خبر هُجڻ گهرجي ته ائين خوراڪ جي کوٽ ۾ يا ٻئي ڪنهن انساني الميي ۾ ٿيندڙ موت کي ڏسي آمريتي دؤر ۾ به خاموشي ناهي اختيار ڪئي ويندي ته پوءِ سنڌ حڪومت جي خاموشي کي ڪهڙي معنيٰ ڏجي؟
بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي سٺو سنئوڻ
وزيراعظم نواز شريف بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2.32 روپيا گهٽتائي ڪرڻ سان گڏ پئٽروليم مصنوعات به وڌيڪ سستيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ مان مهانگائي گهٽ ٿيندي، ڀاڙا به گهٽايا ويندا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ٻن صوبن کانسواءِ ان تي عمل ناهي ڪيو ـ
بجلي اگهن ۾ لاٿ هڪ سُٺي پيش رفت آهي ۽ پئيٽرول مصنوعات جي سستي ٿيڻ جو اڃا تائين عوام کي ٺيڪ طرح سان لاڀ ناهي ملي سگهيو. انهي حوالي سان وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومتن جي اِهي ذميواري بڻجي ٿي ته اُها ڀاڙن ۾ گهٽتائي جا نه رُڳو اعلان ڪن، پر ٽرانسپورٽرن کي انهي جو پابند به بڻائين ته جيئن عوام کي اُن جو فائدو پهچي سگهي. اِها حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي ته اُها نه رُڳو اعلان ڪري پر اُن اعلان جي پيش نظر ۾ اهڙا قدم کڻي، جنهن سان عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي سگهي ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو