عمران خان جو ڪراچيءَ ۾ ڪامياب احتجاج
سنڌ ۽ سنڌين جي ڪيتري مفاد ۾ آهي
سنڌ ۽ سنڌين جي ڪيتري مفاد ۾ آهي
ڪوئي مڃي يا نه پر اهو سچ آهي ته عمران خان جي تحريڪ انصاف ڪراچي بند ڪرائڻ ۽ اُتي جي مڙني مک شاهراهن تي ڌرڻا هڻي هر قسم جي آمدرفت بند ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي آهي ـ
عمران خان کي ڪراچي ۾ نسل پرستي به وڏي ڪم اچي وئي آهي. وڏي تعداد ۾ پٺاڻ
نوجوانن جي تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي ڪري شموليت ۽ ڌرڻن ۾ شرڪت عوامي نيشنل پارٽي جي قيات جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي ۾ اڳ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ پ پ جي اهميت هوندي هئي، وقت جي گذرڻ سان مٿين پارٽين جي ووٽ بئنڪ ۾ لاٿ ۽ واڌ به ڏٺي وئي آهي پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف جنهن تيزي سان ڪراچي ۾ اُڀري ۽ اُسري آئي آهي، تنهن جي ڳالهه ئي نرالي آهي. تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ 11 مئي 2013ع وارين عام چونڊن ۾ هتان جي عوامي مينڊيٽ کي جاگير ۽ ملڪيت سمجهندڙ ڌرين کي جهڙيءَ ريت ٽانڊا ڏنا آهن ۽ سياسي وڏيرن جي اوطاقن ۾ جيئن ٽاڪوڙا وڌا آهن اها ڪمال جي ڳالهه آهي ۽ ائين به ناهي ته اهو ڪمال ڪنهن معجزي جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي، پڪ سان ان ڪمال جي پٺيان به ڪن ڪرتبن ۽ حرفتين جي محنت ۽ خدمت جو عمل دخل آهي. اهو پيغام جنهن نينهن نياپي کي نروار ڪري ٿو، سو به هڪ سنجيده بحث جي دعوت ڏئي ٿو ۽ ان رخ ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت به آهي، ڇو ته رڳو اهڙن ئي سلسلن سان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو، پر جڏهن معاملو کوڙ سارن نتيجن وارو هجي ته پوءِ ته وري اڃا ڳالهه وڌيڪ ڳري ٿي ٿي وڃي. سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي عمران خان جي ڪراچي بند ڪرائڻ ۽ اُتي ڪامياب ڌرڻن جي ـ
عمران خان ڪراچي اچڻ کان اڳ ڪراچي جي عوام کي چيو هو ته توهان هڪ ڏينهن ڪراچي بند ڪيو ۽ هميشه واري آزادي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو جنهن جو مطلب اهو آهي ته هڪ ڀيرو اعتماد ڪيو سدائين جي چين سڪون واري توهان کي ضمانت مان ڏيندس ـ
ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي عوام عمران خان جي تحريڪ انصاف سان نڀائي پاڻ ملهائي ڇڏيو آهي. هاڻ عمران خان کي ڪراچي جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، نه رڳو ڪراچي پر سنڌ جي عوام جي توقع تي پورو لهڻو آهي. ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تحريڪ انصاف جي ڪئمپن ڌرڻن ۾ جڏهن زبردست سائونڊ سستم تي ڪن هنڌن ۽ علائقن ۾ احمد مغل جي آواز ۾ ڳايل ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ گيت تي خلق جهمريون پائي رهي هئي ته ڪراچي جي فضا ئي ڪو ٻيو روپ ۽ ڏِک ڏئي رهي هئي ـ
عمران خان جي ڪراچي ۾ ڌرڻن ۽ شهر جي آمدرفت معطل ڪرائڻ واري عمل کي الطاف حسين عمران جو جمهوري حق قرار ڏنو آهي. سنڌ سرڪار، عمران خان سان ڪٿي به ۽ ڪنهن به حوالي سان اٽڪڻ ۽ اُچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اي اين پي يا جماعت اسلامي به ڪنهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار نه ڪيو آهي، انهن مڙني ڌرين عمران خان کي خير خوبي سان پنهنجي پروگرام تي عمل ڪرڻ ڏنو. ڇو؟ ڇو ته هنن ان ۾ ئي پنهنجي ڀلائي پئي ڄاتي. هنن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ڪا ٽرڙائپ ۽ اڳرائي ڪنهن ٽڪراءُ وارو ماحول جوڙيو ته اهو ٽڪر ڪنهن کي ڪيترو مهانگو پوندو.
ڪراچي تي راڄ ڪندڙ ۽ عوام جي ووٽ کي يرغمال رکندڙ عمران جي ڪراچي ۾ زبردست حد تائين نمائندگيءَ کيدل سان نه قبوليو هو نه قبوليندا. هو ته دل ئي دل ۾ ان ويسوري ۾ آهن ته هنن سان آخر اهڙي ملهه ڪيئن وڙهي وڃي ۽ ڪيئن هنن جي پيرن هيٺيان ڌرتي کسڪائي وڃي. هنن کي اعتبار ئي نه ٿو اچي ته هنن جو وجود لوڏن ۾ آهي. هنن ته ڪراچي تي هميشه راڄ ڪرڻ جو رٿيو ۽ سوچيو هو پر هاڻ ان ڪراچي جي قيادت ۽ مينڊيٽ ۾ جنهن سطح سان ڦيرو اچي رهيو آهي سو مستقبل جي ٻن ٽن چوندن ۾ ته سئو سيڪڙو تائين تبديلي آڻي چڪو هوندو ۽ اڄ جون طاقتور ڌريون سڀاڻي فقط هڪ ياد يا حوالو بڻجي آڏو اينديون ـ
عمران خان جماعت اسلامي جي ميئر نعمت الله خان جي ڪمن کان به واقف آهي ته ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال پاران ڪراچي لاءِ ڪيل ڪوششن کان به واقف آهي. ڪراچي جو مينڊيٽ جيڪڏهن عمران کي ميسر ٿي ٿو وڃي ته هن جو ٽارگيٽ مصطفيٰ ڪمال ۽ نعمت الله کان به مٿانهون هوندو. عمران خان ڪراچي کي پاڪستان جو دنيا ۾ ماڊل سٽي قرار ڏيارڻ لاءِ پڪ سان پنهنجا پنهنجا پورا هٿ پير هڻڻ چاهيندو ۽ ان حوالي سان هو پنهنجا سمورا حيلا وسيلا ڪتب آڻيندو پر اها اڃا پري جي ڳالهه آهي. اڃا ان جي حقيقت ٿيڻ ۾ وقت لڳندو پر جيڪي آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا اهي ايتري خاطري ضرور ڪرائين ٿا ته هاڻ تبديلي واري انهيءَ عرصي لاءِ ڪي صديون انتظار نه ڪرڻو پوندو. تحريڪ انصاف جو ڪراچي ۾ اُڀري اچڻ ۽ باقاعدگي سان اثرانداز ٿيڻ انهن سڀني پارٽين، ڌرين لاءِ پنهنجي پنهنجي جائزي وٺڻ جو نياپو کڻي آيو آهي. اهي جيڪڏهن تحريڪ انصاف وڌندڙ اثر جي ردعمل ۾ پنهنجون ڪمزوريون ۽ اوڻايون دور ڪن ٿيون ته اها به هڪ سٺي ۽ صحتمند ڳالهه ٿيندي پر سوال اهو آهي ته پاڻ وٽ تلخ تجربن مان سکڻ ۽ سمجهڻ جي روايت ئي ڪهڙي ۽ ڪيتري رهي آهي؟
عمران خان جو ڪراچي ۾ ڪامياب احتجاج سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي مفاد ۾ آهي. ڇو ته اهو احتجاج پيپلزپارٽي جون اکيون کولي سگهي ٿو. اهو کين ٻڌائي ٿو ته هو هاڻ غفلت جي ننڊ مان جاڳن، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي واري سلسلي تي بريڪ هڻن، ادارن جا فنڊ گم ۽ هضم نه ڪن، ماڻهن جا مسئلا ٻڌن. سمجهن ۽ حل ڪن، نه ته عمران خان جي سونامي، جنهن ڪراچي جي ڀائو لوڪن جا ڏند کٽا ڪيا آهن ائين سائين جن جا سک آرام به ڦري سگهي ٿي ـ
عمران خان جو اُڀري اچڻ ڪراچي ۾ متحده جي مٿي جو سور وڌائي ڇڏيو آهي. هو جهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان وڌندا هئا دهمان ڪندا هئا انهن اڃا به جيڪڏهن اهو غرور ۽ اهڙي مڳي ڏيکاري ته اها مستقبل ۾ هنن جو مڻڪو ڀڃي سگهي ٿي. عمران خان جهڙي تيزي سان گونجي ۽ گرجي رهيو آهي ان پويان به ڪا اُميد ۽ آسرو آهي. عمران خان جو عزم ڪو شيخ چليءَ جو خواب نه آهي. هن کي ڀل ڪو ڪيترو به تنقيد جو نشانو بڻائي پر اها حقيقت آهي ته اهو هڪڙو ئي آهي، جنهن حاڪمن جي رڌڻي ۾ رولو وڌو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اڌواڌ اگهه لهڻ جي ڪري پاڻ وٽ به ڪنهن حد تائين انهن ۾ لاٿ آئي آهي، پر تاثر اهو آهي ته حڪومت اهو سڀ ڪجهه عوام جي مفاد ۾ نه عمران جي دٻاءُ تحت ڪري رهي آهي. اڄ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جون خبرون آيون آهن. ايندڙ مهيني پيٽرول اڃا سستي ٿيڻ جا آسرا ملي رهيا آهن، اها ڳالهه عمران خان جي موقف ۽ اهميت ۾ واڌ آڻي رهي آهي ـ
عمران مستقبل ۾ حڪمران بڻجي عوام جو آئيڊيل ثابت ٿي يا نه پر هن وقت هو هڪ آپشن بڻجي چڪو آهي، جنهن جي چونڊ ماڻهو پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ عوام کان اهڙو حق ڪو به کسي نه ٿو سگهي. حقيقت ۾ عمران جون تقريرون لٽيرن ۽ ڦورو حڪمرانن جو سياسي آپريشن ثابت ٿي رهيون آهن. عمران خان سان عام ماڻهو مڪمل طور اتفاق ڪري نه پر عوامي احساسن جي نمائندگي ڪندڙ عمران خان جي ڳالهين سان خلق سئو سيڪڙو سهمت آهي. عمران عملي طور تي پنهنجي قول ۽ فعل جي حوالي سان اڳتي هلي ڪيترو ثابت قدم رهي ٿو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هاڻ هو جيڪو ڪجهه ۽ جهڙيءَ ريت چئي رهيو آهي تنهن کي رد به نٿو ڪري سگهجي ـ
عمران سنڌ ۾ سگهاري حيثيت اختيار ڪري وٺڻ کانپوءِ جيڪڏهن سنڌ جو ڀرجهلو ثابت نه به ٿي، تڏهن به هو پنهنجي سياسي مفاد ۾ سنڌ جو ڀڳڙن مٺ تي سودو نه ڪندو. هو سنڌ جي اشوز تي ائين ڪن لاٽار نه ڪندو، جيئن هميشه حڪمران ڪندا آيا آهن ـ
سنڌ ۾ عمران خان جو مضبوط ٿيڻ جو مطلب ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو ڪمزور ٿيڻ آهي ۽ اهو عوام چاهي ٿو ته انهن ٻنهي ڌرين کي ڪا عبرت حاصل ٿي.
عمران سان محبت ۾ نه پر حڪمرانن سان نفرت ۾ ئي ماڻهو عمران جي ڪڍ آهن ۽ ان سان گڏ آهن. عمران جهڙي قسم جون جذباتي ۽ جوشيليون تقريرون ڪندو آهي، ان ئي جذبي سان جيڪڏهن عمران خان جا متوالا ۽ متواليون به مهاڏو اٽڪائڻ لڳيون ته پاڻ سوچيو ته بعد ۾ ڇا ٿيندو.
عمران سنڌ ۾ سياسي حوالي سان ڪيترو سگهارو ٿي آڏو اچي ٿو؟ اهو ته ايندڙ وقت کي ئي طئي ڪرڻو آهي پر عمران خان جي سنڌ ۾ سياسي اڳڀرائي قومپرستن لاءِ به هڪ ڪوٺ آهي. هڪ سوچ جو سنيهو آهي. چوڻ وارا چئي سگهن ٿا ته عمران وٽ وسيلا آهن. قومپرست مولائي ۽ مسڪين آهن جذبو ۽ جدوجهد به ڪا معنيٰ رکندي آهي. هتي هنن سٽن جو لکڻ ڪنهن جي جدوجهد کي غل يا درست قرار ڏيڻ نه آهي، مقصد رڳو ايترو آهي ته عوامي ضرورتن ۽ نفسيات جي آڌار تي ٿيندڙ هر اڳرائي ۽ اڳڀرائي کي خلق مانُ ڏيندي آهي پوءِ ان جي آڏو عمران خان ئي ڇو نه هجي. عمران جي اها ذميواري آهي ته هو سنڌ لاءِ پنهنجي صحيح پاليسي ۽ پروگرام واضح ڪري ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو