سنڌ جي اهم ضرورت
ممتاز علي جويو
گذريل صديءَ جي ستين ڏهائيءَ ۾ آفريڪا جي ليکڪ فرانز فينن پنهنجي ڪتاب Les Dcimnes de la Terre ۾ لکيو آهي ته “نئون آبادياتي نظام تشدد جي ذريعي قائم ٿيو هو ۽ تشدد جي ذريعي ئي قائم رهيو، ان کي ختم به صرف جوابي تشدد جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو” فرانز فينن جي ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ پال سارتر لکيو ته “جڏهن ڪو محڪوم ڪنهن يورپيءَ کي قتل ڪري ٿو ته اُهو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ٿو، اُهو نه صرف ظالم کي ماري ٿو پر پنهنجي مسخ ٿيل شخصيت کان به نجات حاصل ڪري ٿو، جيڪو نئين آبادڪاريءَ پنهنجي نظام جي ذريعي قائم ڪيو آهي”. جيجل سنڌ ۾ هونءَ ته اهڙن ڪيترن ظلمن جي تاريخ شاهد آهي، جيڪي مختلف وقتن تي هتان جو هڪ نظام بڻجندا رهيا ۽ سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن تي مختلف طريقن جا تشدد ڪري کين لٽيندا ڦريندا رهيا آهن ـ پر ويجهڙائيءَ واري گذريل صديءَ جي پوئين ۽ هن صديءَ 2000ع جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ سنڌ سان جيڪي وهي واپري ٿو، ان جي هڪ الڳ تاريخ لکجي رهي آهي ـ جن تاريخي واقعن کان منهنجو شعور واقف آهي، ان ۾ سواءِ سنڌ تي بربريت ۽ غاصبيت جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ـ جديد دؤر جا جديد طريقا هلائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ هر طاقتور قوت مختلف پاسن کان حملا ڪري رهي آهي ـ نه رڳو ٻاهريون قوتون پر اندروني طور به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي کاٽ لڳي رهيا آهن ـ سنڌي قوم جيڪا پنهنجو تاريخي تهذيبپڻي وارو مزاج رکندڙ آهي، اڄ هڪ اهڙي قهر ۽ ڏاڍ جي وَر چڙهي وئي آهي، تنهن جو اندازو ڪرڻ لاءِ مؤرخن کي اڻڳڻيا تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ کوڙ سارا موضوع ملي سگهندا ـ ون يونٽ، ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ان جا ڪارڻ ۽ ان کان آجپي ۽ آجپي لاءِ برداشت ڪيل قهري ڪاروايون ۽ وري 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مهاجر سنڌي ويڙهه ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جي قتلام، سنڌين جي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان لڏپلاڻ ، لساني تعصب جي ويڇي هيٺ سنڌي ماڻهن جا ڪراچي حيدرآباد خالي ڪيل علائقا ۽ ان تي ڌاري آبادي ڪالاباغ ڊيم اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش، ذولفقار آباد ۾ امڪاني ڌارين جي آبادڪاري، ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابنديون، ٿر واسين کي ههڙي جديد دؤر ۾ بک وگهي بيمار ٿي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ۽ پيرن ۽ ميرن جي ويساهه گهاتين کان پوءِ آجپي لاءِ هڪ آس هر سنڌي ماڻهوءَ جي من مسجد ۾ دعا بڻجي رهجي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو فرانز فينن ۽ سارتر جي مضبوط راءِ جي باوجود سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ اهڙي ڳالهه ڪونه آهي ـ سنڌي ‘عام’ ماڻهو ته بس اهو ئي سوچي رهيو آهي ته تشدد جي حالت ۾ ڪنهن انقلاب اچڻ کان بهتر آهي ته صاف شفاف سياست وسيلي انقلاب اچي وڃي، ڇاڪاڻ جو هن قوم پنهنجي سموري تاريخ ۾ تشدد ئي ته سَٺو آهي. جڏهن قومن مٿان پريشانين جا ڪارا ڪڪر وسڻ لڳن، ۽ قومون مايوسين جي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ لڳن ـ مستقبل ۽ حال اونداها بڻجي ويندا هجن، حوصلا ڪِرندڙ جهڳين جيان ڍير بڻجڻ لڳندا هجن ۽ هر طرف سوڳ ۽ نراسائيءَ جي موسم ماڻهن جي من ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيندي هجي، جڏهن هر ماڻهو افراتفري ۽ ڊوڙ ڊڪ سبب ٿڪجي پوندو هجي، هر آس نراس بڻجي ويندي هجي ـ ماڻهو پاڻ کي اڪيلائيءَ ۽ ويچارگي جي حوالي ڪري ڇڏيندو هجي ۽ جڏهن ڪوبه واهر ڪرڻ وارو نه هجي تڏهن قوم جي نوجوانن کي وقت ۽ موقعي جي مناسبت سان سندن حوصلو وڌائڻ لاءِ منجهائن ڪو مرد مجاهد پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي ڊگهي سوچ ويچار ۽ منظم پرچار سان نوجوانن کي چڱي دڳ لائڻ جا درس ڏئي قوم جو مستقبل بچائڻ لاءِ قائل ڪندو آهي ـ اهڙو دڳ جنهن تي هلي ڪري منجهن ‘ڪجهه ڪرڻ’ جي سگهه پيدا ٿئي ـ برابر اهڙا دڳ جن جي منزل ڏور سهي پر ان تائين پهچڻ جي اُميد روشن سج وانگر چٽي هجي، جنهن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي بقا جو چٽو پٽو يقين هجي، اهڙو دڳ جنهن تي هلڻ منجهه منزل تائين پهچڻ ۾ ڪو ‘شڪ’ نه هجي، پوءِ ان دڳ تي جونءَ پير هلجي يا ڪميءَ وانگر، باز وانگر جهڙپ هجي يا شينهن وارو حملو پر راهه جو تعين ۽ ان تي هلڻ جا اُصول ايترا ته پختا ۽ يقين سان ڀرپور هجن جو بنا تذلذل جي انهن کي موت تي به ترجيح ڏئي مهڻي کان بچي وڃجي، اسان سنڌي ماڻهن جون اکيون ڪنهن اهڙي مرد مجاهد جي راهه نهاري رهيون آهن، جيڪو دنيا جي تبديلن سان جديد فڪر ڏئي قوم جي نوجوانن جي توانائيءَ جو ٺيڪ استعمال ڪري، جيڪو مدارين وانگر ڊٻڪي وڄائي ڀولڙن جيان ناچ ڪرائڻ بدران نوجوان نسل ۾ اهڙو روح ڦوڪي جو ڦوڪڻي جيان اُڏامڻ بدران زمين تي پير کوڙي عمل جي ميدان تي انهن کي هر چئلينج سان منهن مقابل ٿيڻ جي قابل بڻائي، جيڪو محدود سوچ جي دائري ۾ ڦري سطحي بڻجي وقت ضايع ڪرڻ بدران ان جي اهميت کان باخبر رکي سگهي. جيتوڻيڪ هتي اهڙي مرد مجاهد هئڻ کان انڪار ڪونه آهي پر ان جي باوجود هن قوم جي مٿي ڄاڻايل ڪيفيت منجهان، گمان رهي ٿو ته حوصلو هاري ويٺي آهي ۽ اهڙن مرد مجاهدن جي سموري مجاهدي غير عملي محسوس ٿي رهي آهي ـ جڏهن سنجيدگيءَ سان ويهي ويچارجي ٿو ته اهڙو اونو پيدا ٿي پوي ٿو، هن خِطي ۾ سياست کي جيترو خوار ۽ ذليل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي ايتري ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نه ايندي ، سياست ته پاڻيءَ جيان پاڪ ۽ کير جيان اڇي اُجري هوندي آهي پر هتي ان ۾ واپار لَسي بڻجي ان ۾ ولوڙجي رهيو آهي ۽ اُهو کير ڦٽي ويو آهي، اڳي مرلي وڄندي هئي ته نانگ نڪري ايندا هيا، هاڻي مرلي وڄي ٿي ته ماڻهو نڪري اچن ٿا، “دوسو” هڪ ناهي جيڪو دهل وڄڻ تي نڪري پوي، اسان جي قوم جي اڪثريت دوسو بڻجي وئي آهي، ماڻهن جي جذبن سان راند ڪرڻ، انهن سادن سودن ماڻهن کي ڏٽا پوزيون ڏئي کائن ڪم ڪڍي وري رفو چڪر ٿي وڃڻ ۽ انهن جي جيئڻ وارن سمورن بنيادي حقن کان لاتعلق ٿي رهڻ جيڪڏهن سياست آهي ته پوءِ ان کي سڌن لفظن ۾ ‘منافقي’ جو نالو ڏيڻ بهتر رهندو، هي سياست نه آهي پر ذاتي مفادن جي جنگ آهي ۽ اهڙي شطرنج آهي جنهن جا مُهرا بڻجي بيگناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن ۽ هيڏانهن اسان جا ڪٺ پتلي حڪمران آهن، جيڪي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ به سواءِ ڪنهن ڪميشن جوڙڻ، قرارداد پاس ڪرڻ ۽ ٽهڪ ڏئي فڪر مندر رهڻ کان سواءِ ڪو ٻيو عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. سنڌي ماڻهن سان ذيادتن جي جيڪڏهن اُها روش جيئن جو تئين رهي ته پوءِ ان حوالي سان هاڻي نظرياتي قومپرست سياست ۾ دلچسپي رکندڙ هر نوجوان کي مرد مجاهد بڻجي ميدان تي اچڻو پوندو.. (نوٽ؛ ليکڪ جي راءِ اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو