Tuesday, 9 December 2014

بدر ابڙو

ڪفن کي کيسا نه هوندا آهن
جمع 21 مارچ 2014ع

فقط ٻه اڍائي سال اڳ جي ڳالهه آهي جو مون ٿر ۾ ايڏو مِينهن ڏٺو، جو لڳو ٿي ته آسمان ۾ ڪو ٽوڙي بند ٽُٽو آهي. ان برسات ۾ مون ٿر جي رستن تي ماڻهن کي سڄي رات برسات ۾ اڀو بيٺل ڏٺو هو. بئراج ايراضي (جن کي ٿري لوڪ ’سنڌ‘ چوندا آهن) وارا ماڻهو ٿر ۾ پناهه وٺڻ پهتا هئا، هي من کي جهنجهوڙيندڙ منظر هئا. اڳي، آئون سوچيندو هئس ته ماڻهون ڪهڙين حالتن ۾، ۽ ڪيئن پنهنجي وطن مان لڏيندا آهن؟ سو، خبر پئي ته اهڙين شديد حالتن ۾ ايئن لڏيندا آهن: سامان ۽ ٻار ڪلهن تي، وسندي مينهن مال هلندو ويندو، ڪنهن نانگ بلا رستي ۾ ڪکي وڌو ته ڍور اتي ئي پيو هوندو، ڪو ماڻهو مري پيو ته ان کي اتي ئي ڪنهن مٿانهين جاءِ تي واريءَ ۾ پوري ڇڏيندا! ... ۽ هلندا ويندا. هي منظر ته ڏکوئيندڙ هئا پر انهن ڏينهن ۾ ٿر جون ڀٽون سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ مال جون ڀرجهلو ٿي بيٺيون هيون. هي نظارو ئي ڪو ٻيو هو! ماڻهو ڌرتي پاڻ نه ڇڏيندا آهن، حالتون ڇڏائينديون آهن.

ڇا ته منظر هو! سڄي سنڌو ماٿري ڄڻ ته نوح نبيءَ واري ٻوڏ هيٺ هئي، جنهن ۾ زندگي بچائيندڙ ڪو به ٻيڙو نه هو. هر ڪنهن کي پنهنجي مڙسيءَ سان تري پار پوڻو هو. ماڻهو ۽ مال سنڌ جي ٽڪرن ۽ ٿر جي ڀٽن طرف پري پري تائين مال ڪاهي وڃي رهيا هئا. ٿر رڍ ٻڪري، ڳئون ۽ اُٺن جو ملڪ آهي؛ ٿر ۾ گپ چڪ واري جانور جو ڪهڙو ڪم؟ پر مون اتي تراين ۾ مينهن کي تڙڳندي ڏٺو! ان کان اڳين برساتن ۾ ته ماڻهن مٺيءَ ۾ ٻيڙيون به هلندي ڏٺيون آهن. ڪمال هو! ٿر جو انچ اهڙو ڪونه هو جتي خشڪي هجي، جتي ماڻهو تڏڙي وڇائي ليٽي پوي، ٿڪ ڀڃي يا چيلهه سڌي ڪري! نانگ بلائون وڻن تي هيون ۽ ماڻهو وڻن کان پري کلئي آسمان هيٺ ... اُڀي پيرين! مٿي تي پلاسٽڪ جون چادرون هئن ۽ برساتي ٿڌ ۾ ڏڪندڙ جسم. هي سنڌ جا مالدار هئا، جن ٿر جي ڀِٽن تي پناهه ورتي هئي 

۽ هاڻي، ابتي صورتحال آهي. ٿر ڏڪار ۾ آهي، ٿرين جو مال مري رهيو آهي بلڪ لکن جي تعداد ۾ مري چڪو آهي. چارو ختم ٿي چڪو آهي (جيڪو روڊ رستن جو ڄار پوڻ کان پوءِ به رسي نه سگهيو آهي) ۽ بکن ۾ پاهه ٻڪريون مئل ڍورن جو چم چٻاڙي رهيون آهن. چئنلن وارا ڏکوئيندڙ دانهن وارو گيت ورجائي ورجائي ٻڌائيندا آهن، ’منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندين!‘ ٿر جو حال ڏسي روئڻ نه ٿو اچي، دل ڏڪي ٿي وڃي! ٿر ’هڏاوان پڃرا‘ ٿي ويو آهي. هڪڙا پڃرا ٿر جي واريءَ ۾ پورجي رهيا آهن ۽ ٻيا آخري پساهه کڻي رهيا آهن. سندن اکين مان حسرتون ڳالهائي رهيون آهن. ڦڦڙن ۾ سگهه نه آهي جو نِڙيون رڙي سگهن ... ماڻهن جا آواز تيل ختم ٿيل ڏيئن جي روشنيءَ وانگر جهيڻا ٿي ويا آهن، ڳالهائڻ لاءِ به ڪجهه طاقت کپي!

مون مِٺيءَ جي هڪ دوست کان پڇيو هو ”معاملو ڪيترو گنڀير آهي؟“ چيائين ”آهي، پر ايترو نه، جيترو ميڊيا کنيو آهي!“ جڏهن ميڊيا حڪومتي مشينري، وزيرن، مشيرن ۽ آفيسرن جا راز فاش ڪيا ۽ حالتن جي سنگيني بيان ڪئي ته سڀ وائڙا ٿي ويا. پهرين مور مئا، پوءِ ڍور؛ پوءِ ٻار مئا ۽ هاڻي اها جهنگلي جيوت به مرندي پئي وڃي، جنهن جو گذارو جيتن ۽ ماڪوڙن تي آهي، ايڏو زيان ٿيو آهي، چوڌاري ڍونڍ پيو آهي ... پر هاڻي ته ٿر ۾ ڳجهون به ناهن جو ڍونڍ کائن! منهنجو مٺيءَ وارو دوست به وائڙو ٿي ويو، چيائين: ”ٿر ته سدائين ايئن هوندو آهي، اسان انهن حالتن جا عادي ٿي ويا آهيون!“ پوءِ هو چپ ٿي ويو. جڏهن خدا جي خلق کي درد سهڻ جي عادت پئجي وڃي ۽ چپ چاپ مرڻ کي ’خدا جي مرضي‘ سمجهي ويهي رهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ هيءَ مايوسي ۽ نااُميديءَ جي حد آهي.

مون ڪٿي لکيو، ”اقتدار جا ڌڻي! ڪوڙ نه ڳالهايو، ٿر ۾ بک ۽ اڃ جو ذميوار خدا ناهي، اها توهان جي بي رحمي ۽ بي حسي آهي!“ ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، حق سچ ته چئبو! هڪ ڏُڪر ٿيندو آهي جڏهن کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، ۽ ٻيو ڏُڪر ٿيندو آهي جڏهن اَن ته موجود هجي پر ڪو خريد ڪري نه سگهي! توهان جو ڇا خيال آهي ته مِٺي، اسلام ڪوٽ يا عمر ڪوٽ ۾ اَنُ ڪونه آهي؟ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي، اَنَ جا دڪان ڀريا پيا آهن. ڇا کپيوَ؟ ڪڻڪ، دال، اٽو، گيهه، چانهه، کنڊ، ڀاڄيون! سڀ موجود آهي، سوال آهي جيڪو وٺي سگهي! جنهن وٽ خريد جي سگهه ناهي، سو ڪٿان وٺندو؟ اهو آهي ٻيو ڏُڪر!

تنهن ڏينهن KTN چئنل تي هڪ مائي آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئي رهي هئي: ”ڪڻڪ پنجاهه رپيا ڪِلو!؟ آئون ڪٿان وٺان؟ نه ابا اسان بکيا چڱا آهيون!“ مائيءَ جي دانهن ٻڌي مون کي ماٺ لڳي وئي. سوچيو ته سهي مائيءَ ڪهڙي اُڀ ڏار دانهن پئي ڪئي؟ چيائين پئي ”ان ته پيو آهي، پر اسان خريد نه ٿا ڪري سگهون ... ڇا ڪريون؟ عزت نفس آهي، پِننداسون ڪونه، تنهن کان ته بک وگهي مرڻ چڱو!“ ٿر ايئن ئي بک مري رهيو آهي، ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شانُ!“

خبرون آيون ته ماڻهو بک کان مرچ ٿا کائين. جيئرا ڍور مئل ڍورن جو چم چٻاڙين ۽ ماڻهو مرچ کائين ... ڀلا ٻيو ڇا ڪن؟ جتي سرڪار عالمي ادارن جي دٻاءَ تي ماڻهن جو رت چوسي، عوامي نمائيندا ترقياتي اسڪيمن مان چاليهه سيڪڙو مٿان ئي مٿان ’پنهنجو حصو‘ وٺي وڃن، اتي ماڻهو ڇا ڪن؟ اهي حصا پتيون ڪاغذن ۾ ڏنل ڪونه آهن، پر ڪنهن کي خبر ڪونه آهي ته ايئن ٿي رهيو آهي ... هي عام معلومات جو سوال آهي ته، ”دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ايئن ٿيندو آهي؟“ جواب آهي ”پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ ۾!“

پاڪستان سرڪار کي احساس ئي نه آهي ته سرڪاري پاليسين هوريان هوريان ماڻهن کي هٿرادو ڏڪر ڏانهن ڪيئن ڌِڪيو آهي! ملڪ مان ڪڻڪ ته ڪونه کٽي آهي. نئون فصل به خير سان مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي ته پوءِ ماڻهن کي ميسر ڇو نه آهي؟ سرڪار بهادر کي غير ملڪي ناڻو کپي، ڊالر کپي ... پوءِ کڻي ڇا به ڪرڻو پوي! هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهن. عوام جو پيٽ ڪٽڻ لاءِ به تيار! عجيب ڳالهه آهي ته کائڻ جو سڄو معياري اَنُ، ميوو، گوشت، هر شئي ايڪسپورٽ پئي ٿئي ۽ غير معياري مال امپورٽ پيو ٿئي! خدا جي خلق عالمي اگهه تي مقامي مارڪيٽ مان خريداري پئي ڪري، وچ مان ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي پيو ملي، ۽ ايڪسپورٽ امپورٽ جو نفعو ٻئي پاسا واپاري پيا ڪمائين! ... اڙي بابا! وات جو گرهه به ايڪسپورٽ ڪبو آهي ڇا؟ دال پٽاٽو، بصر سڀڪجهه! هڪڙو مال اسمگل پيو ٿئي، ٻيو ايڪسپورٽ! مان مڃيان ئي ڪونه ٿو ته ڪو سرڪار جو ٻنهي ڪمن ۾ هٿ ڪونه آهي ــ چوڪيدار ئي چور لڳا پيا آهن، محافظ ئي ڀاڳين تي بندوق تاڻي بيٺا آهن. وري جو ڏسو ته لُٽ ايڏي، جو بادشاهه سلامت کان وزيرن، اميرن، ڪامورن ۽ ڪوٽارن تائين هڪ هڪ لُٽ ۾ ايئن شريڪ آهي، ڄڻ ترقياتي ۽ امدادي سامان عبدالله شاه غازيءَ جو لنگر هجي! ڏينهن ڏٺي جو ، زوران زوري پوليس وارا به مال کنيو پنهنجي گاڏيءَ ۾پيا وجهن! ڪئمرا جي اک کان ڪجهه به نه ٿو لِڪي!

تنهن ڏينهن مٺيءَ جي اسپتال ۾ سال ڏيڍ جو جيئرو لاش ماءُ جي جهوليءَ مان چوڌاري ڦِرندڙ VIPs کي ڏسي الائي ڇا سوچي رهيو هو. شايد سوچيندو هجي ’هي منهنجي قبيلي جا ته نٿا لڳن، هي اوپرا ڪير آهن ۽ ڇا ٿا ڪن؟ اهي ڇا ڪندا؟ هن ٻارڙي کي ته شايد بک جو احساس ئي ڪونه هو. جسم جڏهن حد کان وڌيڪ بي حال ٿي وڃي، تڏهن ڪو به احساس باقي نه بچندو آهي. ڪٿي بک ۾ احساس مري ويندا آهن، ۽ ڪٿي هٻڇ ۾ بي حِسي وڌي ويندي آهي

ٿر کان وڌيڪ بک ته اميرن، وزيرن، ميمبرن ۽ عوامي نمائندن ۾ آهي. ادا! پيٽ ڀرجي سگهي ٿو، کوهه نٿا ڀرجي سگهن. ڪو نالو ته کڻو، ڪهڙي کوهه جو پيٽ ڀريو آهي؟ ڪو زور سان چوي يا نه چوي پر ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ويهن ٿا ته ڳالهائين ٿا . اندر جون باهيون ڪڍن ٿا. چون ٿا، ”هو سمجهن ٿا کين مرڻو ناهي ـ قبر ۾ کڻي ويندا ڇا؟ ڪفن کي ته کيسو به ڪونه هوندو آهي!“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو