سُتل مڊل ڪلاس طبقو ڪڏهن سُجاڳ ٿيندو؟
جمهوريت لفظ يوناني ٻولي جو لفظ آهي (ڊيموڪرٽيڪا) جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، عوام جي حڪمراني. جمهوريت هڪ سسٽم جو نالو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ان قابل هوندا آهن جو اُهي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن، پنهنجي ملڪ لاءِ يا ماڻهن لاءِ. استاد بدن ان ڳالهه کي ٻي ريت بيان ٿو ڪري هو چوي ٿو ته عوام جي حڪمراني هجي هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن.
جمهوريت ڇا جو نالو آهي؟ ان جي شڪل ڪهڙِي آهي؟ مؤنث آهي يا مذڪر آهي؟ انسان آهي يا جانور آهي؟ چون ٿا ته اسان جي پياري ملڪ ۾ جمهوريت آهي. استاد بدن چوي ٿو ته جمهوريت کي مون ڏاڍو ڳولهيو پر خبر پئي اسان جي ملڪ ۾ پرويز مشرف گورنمينٽ وڃڻ کانپوءِ جيڪا گورنمينٽ آئي اها جمهوري حڪومت ۽ جمهوري نظام هو. پر اسان جا سور ۽ ڌڪا ساڳيا آهن! تڏهن امداد وٺڻ لاءِ چيو ويندو هو ته اوهين هلو هتان اوهان اسان کي ووٽ ڪو نه ڏنا هئا، اسان جي پارٽي جي فلاڻي کان لکرائي اچو ته پوءِ امداد ملي. اڄ به چون ٿا امداد انهن لاءِ، جنهن اسان جي پارٽي لاءِ تڪليفون کاڌيون. اسين ٿري سڄي عمر شايد ڄاوا ئي سورن لاءِ آهيون تڪليفون اسان جو ڏاج آهن، هي وري ٻيون ڪهڙي نموني جو تڪليفون آهن جيڪي اسين کائون ته پوءِ اسان کي اسانجو حق ملي تڏهن به ٺيڪن ۽ نوڪرين تي جھنڊا پٽ هئي اڄ به آهي پلاٽن تي زورآور اڄ به قبضه ڪن ٿا، جيڪي به ماڻهو حڪومتي پارٽي عهديدار آهن، انهن کي اڄ به ڪا تڪليف ڪونهي، جيڪي وڏن ماڻهن جا واسطيدار آهن انهن جو اڄ به سڀ ڪم ٿيئي ٿو. باقي جيڪي الله جا ماڻهو آهن جنهنجو ڪوئي آسرو ڪنهن ۾ ڪونهي، اهي اڄ به ڌڪا کائي رهيا آهن
استاد بدن هليو ويو پر جيڪي ڳالهيون هن پنهنجي انداز ۾ ڪيون، انهن ۾ واقعي سوچڻ جو مقام آهي ته عوام ۽ جمهوريت جي جيڪا وصف اسان کي سمجھائي وڃي ٿي يا جيڪا اسان پڙهي، اها اسان کي سمجھ ۾ به اچي ٿي پر حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، اُهي سياستدان اليڪشن کان پوءِ کٽيندڙ پارٽي تي ڌانڌلين جو الزام هڻي احتجاج ڪري عوام کي رستن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇا اهي پارٽيون جڏهن اليڪشن سسٽم ۾ وڃن ٿيون، تڏهن اهي چونڊ سڌارا ڪري پوءِ اليڪشن ۾ ڇو نه ٿيون وڃن عمران خان جڏهن هينئر نواز گورنمينٽ جي خلاف اسلام آباد ۾ جيڪو ڌرڻو سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي نظرن ۾ آندو. نيٺ آخرڪار گورنمينٽ کي جھڪائي ٽيبل ٽاڪ لاءِ مجبور ڪيو آهي ته پنهنجي مطالبن ۾ پنهنجي هٺ ۽ غرور کي هڪ پاسي رکي چونڊ سڌارن جو شرط ڇو نه ٿو رکي؟ دنيا جا ڪيترا ئي ملڪ آهن جتي اليڪٽرانڪ ووٽننگ سسٽم آهي. ڇا اتي به ڪي ڌانڌلين جا ڪي الزام لڳن ٿا؟ هتي هر ڪنهن کي اقتدار عوام جي ووٽن جي طاقت ذريعي نه فرشتن جي مدد ذريعي کپي ٿو. اليڪشن کانپوءِ کٽي ايندڙ ڌريون پنهنجن مخالفن کي هيسائين ٿيون. سچي ڳالهه اها آهي عوام کي ڪنهن سان دلچسپي ڪونهي. ملڪ جو گھڻو حصو مڊل ڪلاس ۽ ان جو وڌيڪ حصو لوئر مڊل ڪلاس تي ٻڌل آهي. مڊل ڪلاس اسانجي ملڪ ۾ عمومن پڙهيل لکيل هجن ٿا پر سڀن کان وڌيڪ ويڪائو مال ٿين ٿا. اهي لوئر مڊل ڪلاس کي يرغمال به ڪن ٿا. ڇاڪاڻ لوئر مڊل ڪلاس ماڻهو گھٽ پڙهيل معاشري جا ڌڪاريل به هجن ٿا. انهن کي وک وک تي مڊل ڪلاس ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي، اسان جي معاشري کي معذرت سان مڊل ڪلاس ماڻهو اڏوهي وانگر کائي ويو آهي. مڊل ڪلاس جا مفاد به ننڍڙا ۽ خصيص هجن ٿا. ڪيڏي مهل ڪنهن علائقي پارٽي ورڪر صورت ۾ ته ڪڏهن قوم پرستن جي شڪل ۾ ته ڪڏهن صحافي سماج سڌارڪ جي روپ ۾ ته ڪڏهن ماستر، تپيدار، ڪمدار جي روپ ۾ ڪڏهن وري اين جي اوز جي روپ ۾ هن سماج جي لور مڊل ڪلاس مسڪين بي پهچ بي وس لاچار قابل رحم ماڻهن کي ڪڏهن ٿاڻي تي ڪڏهن مختياڪار، تپيدار ڪڏهن ڊاڪٽرن وٽ ڪڏهن ڪورٽن ۾ منجھائي پِيڙين ٿا. ڪڏهن انهن کي امداد نوڪرين جا آسرا ڏين ٿا. پنهنجو پاڻ کي ٿاڻي تي ڪورٽن ۾ يا مختيارڪار وٽ مڊل مئن جو ڪردار ڪري پاڻ به ڪمائين، انهن جا کاٽائو پٽ به ٿين ۽ احسانن ٽنگ انهن مسڪينن تي انهن جو گھر دکائي پوءِ به انهن تي ئي رکن، يار ولڻ دعا ڪر جو آئون هئس نه ته پيڙهجي وڃين ها، هاڻي منهنجي چوڻ تي هلندين ته فائدي ۾ رهندي. هو غريب ويچارو جيڪو پنهنجي گھر جي اڳيان بيٺل ڍڳي يا مينهن کپائي پنهنجي ٻارن جو پيٽ ڪٽي ميسڙو ٿي انهي جي ها ۾ پيو ها ملائيندو آهي
ڪجھه تاريخي اڻ هضم ٿيندڙ حقيقتون هونديون آهن، جن کان ڪنهن به صورت ۾ منهن موڙڻ ٺيڪ نه آهي هي هڪ کرو سچ آهي، اسين پاڻ خود پنهنجي پاڻ يا معاشري کي يرغمال ڪري ويٺا آهيون شايد ته ڪنهن غيبي امداد جي آسري ويٺا آهيون. دلفريب نعرن جي فريب ۽ سحر ۾ ڦاٿل آهيون، ظلم جو هي ڄار جيڪو اسان جي لاءِ گھڙيل آهي، انهي جو سبب به اسين پاڻ آهيون، جيڪي قومون پنهنجون پاڻ کي نٿيون بدلائين، انهن جو مقدر الله سائين به نٿو بدلائي. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ مون کي هڪ نظريو نظر اچي ٿو نظريه ضرورت. پنهنجي ضرورت، پنهنجي ڪمائي، پنهنجو پيٽ، غريب لاچار ماڻهو شايد ڄائو ئي سورن ۽ ڌڪن لاءِ آهي. اسان جي ملڪ ۾ اسين جيڪي لوئر مڊل ڪلاس يا مڊل ڪلاس آهيون انهن کي پنهنجي اولادن کي تعليم تي وڌ کان وڌ زور ڏيڻ گھرجي. ٻيو ته اسان جي ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم هجڻ گھرجي. ٽيون عدليه جو عزت ۽ آبرو وقار بحال ٿيڻ گھرجي. لوئر مڊل ڪلاس کي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ 80 فيصد کان مٿي آهي ان کي پنهنجي قيادت پاڻ ڪرڻ گھرجي پر سڀ وڏي ڳالهه اها ته ٻلي جي ڳلي ۾ گهنٽي ڪير ٻَڌندو؟ ستل لوئر مڊل ڪلاس کي ڪير سجاڳ ڪندو؟
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو