Tuesday, 9 December 2014

طارق عزيز شيخ


ڪراچي ۾ آپريشن باوجود بدامني ڇو؟

خميس 21 آگسٽ 2014ع 


ڪراچي آپريشن کي سال پورو ٿيڻ جي ويجهي اچي ٿيو آهي. آپريشن جا سٺا نتيجا نڪرندا رهياآهن پر جيڪا توقع هئي ته ڪراچي ۾ مڪمل امن امان ٿي ويندو ۽ هر شهري سڪون سان گهمي ڦري سگهندو ۽ ڪاروباري ماڻهو بي ڊپا ٿي ڪاروبار ڪري سگهندا، اها صورتحال نه بڻجي سگهي آهي 
وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي گڏيل حڪمت عملي سان جڏهن هي آپريشن شروع ٿيو تڏهن سياسي پارٽيون به انجي حمايت ۾ هيون ۽ آپريشن کي بنا ڪنهن فرق جي شروع ڪيو ويو هو. آپريشن جو مقصد ڏوھ ختم ڪري شهر کي سڪون وارو ڪرڻو هو. ڪراچيءَ ۾ لاقانونيت، ڀتا خوري، قبضا گيري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪري ڪنهن به ماڻهو جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ڪابه ضمانت ناهي. رينجرز، پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي هڪٻئي سان سهڪار سبب ڪراچيءَ ۾ سٺي نموني ڪنٽرول ٿي ويو هو پر ڪجهه ڪجهه عرصي بعد فرقيواريت وارو وڳوڙ ٿيندا رهن ٿا. ٽارگيٽ ڪلنگ ته مستقل جاري آهي. هڪڙي ڏينهن شيعو قتل ٿئي ٿو ته ٻئي ڏينهن لازمي طور سني قتل ٿئي ٿو. روز چار پنج ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جي زمري هيٺ قتل ٿين ٿا، ٻنهي فرقن جا ڊاڪٽر وڪيل عالم ۽ پروفيسر ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي ۾ ماريا ويا آهن

هن آپريشن جو ڪپتان سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ وقفي وقفي سان امن امان واري گڏجاڻي ڪري صورتحال ڏسندو رهي ٿو. وزيراعظم نواز شريف به سنڌ اچڻ دوران هڪڙي اهم گڏجاڻي ڪراچي آپريشن جي حوالي سان گهرائيندو آهي ۽ سڄي بريفنگ وٺندو آهي. ادارا پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏين ٿا ۽ سموري صورتحال آڏو ڏکن ٿا پر پوءِ به ڪا ڳالهه اهڙي آهي جنهن سان مڪمل طور ڏوهارين تي هٿ نٿا پون ۽ هو ڀڄي نڪرن ٿا. سياسي مصلحت جي رڪاوٽ به هڪ سبب بڻجي سگهي ٿو نه ته اڃا به ڪيترن علائقن ۾ رات جو ڪابه گاڏي اندر داخل نٿي ٿي سگهي. وڏا وڏا لوهي گيٽ ۽ بيريئر علائقن جي داخلي رستن تي لڳل آهن
ڪراچي شهر جيترو وڏو آهي، اوترائي شهر جا معاملا وڏا آهن. واپارين جون ڪيتريون ئي تنظيمون ماهوار ڀتي يا عيد برات جي حوالي سان امن امان وارين گڏجاڻين ۾ شڪايتون ڪن ٿيون ۽ سندن نشاندهي تي ڪارروايون ٿيون آهن پر انهي جي باوجود عيد تي وڏي پئماني تي واپارين کان اوڳاڙي ڪئي وئي آهي. هي مصيبت ڪنهن هڪڙي علائقي ۾ نٿي ٿئي بلڪه جنهن کي جتي اهميت انهي اتي پنهنجو ڏنڊو هلايو. امن امان جي بريفنگ وارين رپورٽن موجب ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ۽ ڏوهارين جا گروھ هن ڪم ۾ ملوث آهن. ڪنهن هڪ پارٽيءَ يا گروھ تي دائرو نه ڏيکاريو ويو.بلڪه رپورٽ ۾ ڪراچي شهر جي چئني پاسن وارن علائقن، ڳوٺن، ڪالونين کان وٺي شهر جي اندرين علائقن تائين اهو فيڪٽر موجود آهي
ڏوهاري ڏوهاري آهي، انهي جو ڪو دين مذهب، فرقو يا قوم ڪونهي. هر قوم، هر ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هر فرقي وارا ڏوهاري آپريشن دوران قابو ٿيا آهن. ڏوهارين اهو پڻ باسيو آهي ته هو فقط پنج هزار رپين تي به ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا. هڪڙي ٽارگيٽ ڪلر ته اهو به ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن شيعي کي ۽ ٻئي ڏينهن سُني کي به قتل ڪندو هو. اهڙي ريت سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا به هن قتل باسيا جيڪي سڀ رپورٽون بريفنگ ۾ ڏنيون ويون. ڪراچي آپريشن جا سٺا نتيجا نڪتا آهن. ڏوهارين جا نيٽ ورڪ به ٽٽا آهن تنهن هوندي به ٽارگيٽ ڪلنگ وارو ناسور موجود آهي ۽ روزانو اخبارن ۾ هن سلسلي سان لاڳاپيل خبرون شايع ٿينديون رهن ٿيون. حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي آپريشن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏنو وڃي ۽ ڪنهن به حڪومتي توڙي سياسي مداخلت کان آجو رکي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. اهو ڪراچي شهر جي حق ۾ آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀلو آهي ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي حق ۾ آهي
سنڌ توڙي وفاقي حڪومتن کي ڪراچي جيڪو ميگا سٽي آهي، انٽرنيشنل شهر آهي، کي امن جو ڳڙھ بنائڻ لاءِ اهڙا اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي، نه ته ڪراچي آپريشن ختم ٿيڻ بعد هن شهر جي ٻيهر ساڳي حالت بڻجي ويندي جيڪا اڳي هئي. گينگ وار کان ويندي قبضي گروپن تائين هن وقت سڀني جو ڌنڌو ٺپ لڳو پيو آهي.ڪراچيءَ ۾ انڊرورلڊ جي ڪارندن کان وٺي منشيات فروش ۽ اسلحي جا واپاري سڀ پنهنجو ڪم زور شور سان هلائي رهيا هئا پر جڏهن کان ڪراچي آپريشن ٿيو تڏهن کان تتر ڀتر ٿي ويا آهن پر اهي سڀ ايليمينٽس آپريشن پوري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهياآهن. حڪومت کي گهرجي ته اهڙن سگهارن گروهن “ هٿ وجهي ۽ کين قابو ڪري سندن سلسلو هميشه لاءِ ختم ڪري، ممڪن آهي. اهڙن گرووهن جا پرڏيهه سان به ڪاروباري رابطا هجن يا وري هتي بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا ڪاروباري رٿابندي هجي يا وري هتي بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا ٻاهرين اشاري تي مليل ٽاسڪ هجي. ڪراچي آپريشن کي سمورين سياسي توڙي مذهبي پارٽين جي حمايت هجڻ گهرجي. سڀني کي اعتماد ۾ وٺي ڪم کي اڃا به سگهارو هلائجي ته جيئن اڃا به سٺا نتيجا نڪري سگهن

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو