ڪاسائيءَ جمهوريت جي ” ٻڪري “ ڪُهڻ
لاءِ ڇُري تکي ڪري ورتي
30 آگسٽ جي رات اسلام آباد ۾ ڦهليل افراتفري ۽ انتشار ڪيترن ئي چهرن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، سڄي دنيا ڏٺو ته عورتن ۽ ٻارڙن جي آڙ ۾ جهنڊن، ڏنڊن ۽ گليلين سان مسلم نقاب پوش نعره تڪبير ۽ نعره رسالت جا نعرا هڻندي وزير اعظم هائوس ڏانهن وڌيا، ٻئي طرف پوليس به نعره تڪبير نعره رسالت بلند ڪيو، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي ۽ مظاهرين کي پنهنجي ڏنڊن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو
ٽيهين آگسٽ جي رات کان 31 آگسٽ جي صبح تائين جاري رهندڙ ان افرا تفري ۽ مار ڌاڙ اڌ کان وڌيڪ پاڪستان کي جاڳائي رکيو ۽ مان هر هر اهو سوچيندو رهيس ته مسلمان، مسلمان خلاف نعره تڪبير بلند ڪري ڪهڙو انقلاب برپا ڪرڻ چاهن ٿا، مون تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته جڏهن ايران جي بادشاهه نادرشاهه افشار دهليءَ تي حملو ڪيو ته مغل پنهنجي هڪ وزير سعادت خان برهان الملڪ ذريعي نادرشاهه ڏانهن نياپو موڪليو ته هو جنگ ڪرڻ بدران ڳرو معاوضو وٺي واپس هليو وڃي، نادرشاهه ۽ برهان الملڪ وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، جنهن ۾ اهو به طئي ٿيو ته مغل حڪمران، نادرشاهه جي اطاعت قبول ڪندي ايراني سلطنت جو حصو بڻجي ويندا، ڳالهين دوران برهان الملڪ کي خبر پئي ته نادر شاهه، محمد شاهه سندس هڪ مخالف نظام الملڪ کي اميرلامرا جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، برهان الملڪ جي انا کي شديد مجروح ڪيو، هو نادر شاهه وٽ پهتو ۽ کيس ٻڌايو ته مغل حڪومت پنهنجي خزاني ۾ موجود اصل رقم ۽ هيرن، جواهرن کي لڪائي ڇڏيو آهي ۽ انتهائي گهٽ معاوضو ڏئي دهليءَ کي قبضي کان بچايو آهي، بهتر آهي ته اوهان دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ سڄي خزاني تي قبضو ڪيو، نادرشاهه جي فوج دهليءَ تي قبضو ڪيو ته ان جا سپاهي نعره تڪبير ۽ نعره حيدري بلند ڪري رهيا هئا، محمد شاهه جي فوج- نعره تڪبير سان نادرشاهه جي فوج سان مقابلو ڪيو پر شڪست کاڌي
30 آگسٽ جي رات خبرون اچي رهيون هيون ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، توقع ڪئي ٿي وئي ته چين جي صدر جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ئي اسلام آباد ۾ ٻن هفتن کان جاري طاهر القادري ۽ عمران خان جو ڌرڻو ختم ٿي ويندو
اوچتو طاهر القادريءَ پنهنجي ڌرڻي کي پارليامينٽ هائوس ۽ وزير اعظم هائوس ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، عمران خان کي به طاهر القادريءَ جي اعلان جي تائيد تي مجبور ڪيو ويو جڏهن هزارن جي مجموعي وزير اعظم هائوس ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو ته ان هجوم جو پوليس سان ٽڪراءُ ٿيو، اطلاعن موجب عمران خان کي هڪ ٽيلي فون ڪال آئي، جنهن کانپوءِ هو طاهر القادريءَ جي تائيد تي مجبور ٿيو، ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته حڪومت جي صفن ۾ به ڪو برهان الملڪ آهي، جيڪو ڳجهي نموني اندران ئي اندران حڪومت جون پاڙون ڪٽي رهيو آهي.
اڄ نه ته اسان کي نادر شاهه فدشار جي ڪنهن ٻاهرين حملي جو خطرو آهي ۽ نه ئي وري پاڪستان تي ڪنهن ڪمزور مغل بادشاهه جي حڪومت آهي، اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل پارليامينٽ موجود آهي پر اسان جي سياستدانن ۾ برهان الملڪ جهڙي ذهنيت بدستور موجود آهي ڪڏهن هي سياستدان پنهنجي انا پرستيءَ کي انقلاب جو نالو ڏين ٿا ۽ ڪڏهن وري پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ ضد کي آئين جي بالادستيءَ پٺيان لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا
نواز شريف ۽ عمران خان لاهور ۾ ئي پليا، وڌيا ۽ اُسريا آهن، پنهنجو ڪو جاجاگيرداراڻو پس منظر به ناهي پر هنن ٻنهي جي جماعتن وچ ۾ سياسي اختلافن کي ذاتي نفرت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هيءَ نفرت قبيلائي دشمنيءَ جي حدن کي ڇُهي رهي آهي، ائين ٿو لڳي ته هڪ جماعت اقتدار ۽ اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ هر قيمت تي پنهنجي حريف کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ ان مقصد لاءِ پاڪستاني سياست جي بدنام ترين ڪردارن سان ملي ڀڳت کان به ٽارو نه ٿي ڪري
اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ پکڙيل افرا تفريءَ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪيو آهي. نئين پاڪستان، انقلاب ۽ جمهوريت جا دعويدار وساري ويهن ٿا ته اهي پاڻ ۾ وزير اعظم هائوس تي قبضي جي بڪنگ ۾ مصروف آهن ۽ اقتدار کي ڪوههِ نور سمجهن ٿا پر پاڪستان جو ڪوههِ نور ان جي ايٽمي صلاحيت آهي، اڄ اسان پنهنجي اندروني سازشن ۽ حماقتن سبب دنيا جي ستين ايٽمي طاقت جي گاديءَ واري هنڌ کي افراتفري ۽ انتشار جو نمونو بڻائي ڇڏيو آهي، اسان دشمنن کي اهو موقعو فراهم ڪري رهيا آهيون ته اهي پاڪستان کي هڪ غير محفوظ رياست قرار ڏئي، اسان جي ايٽمي هٿيارن کي به غير محفوظ قرار ڏين
اولهه جي ميڊيا ۾ اهو بحث شروع ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ چند هزار مظاهرين وزير اعظم هائوس تائين پهچي سگهن ٿا ته چند سئو ويڙهاڪ اسان جي ايٽمي اثاٿن تائين به پهچي سگهن ٿا، اولهه جي گاديءَ واري هنڌ ۾ اهو انتظار ڪيو پيو وڃي ته هن انتشار ۽ افرا تفريءَ ۾ پاڪستاني فوج اقتدار تي قبضو ڪري وٺي، پوءِ ان فوج کي سياسي قوتن سان ويڙهايو وڃي ۽ خدانا خواسته پاڪستان سان ائين ڪيو وڃي، جيڪو اڳوڻي سوويت يونين سان ٿيو
اسان نعره تڪبير ۽ نعره رسالت هڻندا هڪٻئي سان وڙهندا رهنداسين ۽ دشمن توهان جو ڪوههِ نور هيرو کسي ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي ويندا، پنهنجي ڪوههِ نور کي بچايو، جعلي حب الوطنيءَ جي ڪمزور خول مان ٻاهر نڪرو ۽ حقيقتن جي اکين ۾ اکيون ملايو، 30آگسٽ جا واقعا اصل ۾ 17 جون واري لاهور سانحي جو تسلسل آهن، اڄ سڄي قوم 17 جون تي لاهور ۾ شهباز شريف جي حڪومت جي غلطين جو ڪيتو لوڙي رهي آهي، شهباز شريف هن سانحي جي ذميواري قبول ڪرڻ بدران رانا ثناءُ الله کي قربانيءَ جو ٻَڪَرُ بڻايو ۽ سندس اقتدار سان چهٽيل هئڻ واري خواهش اڄ جمهوريت کي هڪ ٻڪري بڻائي ڇڏيو آهي
ڪاسائيءَ ڇري تکي ڪري ورتي آهي ۽ ٻڪريءَ کي ذبح ڪرڻ لاءِ ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي، پر ٻڪري پوري طاقت سان ڇڙهيون هڻي رهي آهي ۽ رڙيون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ٻڪريءَ جي ڪنڌ تي ڇري وهي وئي ته ذميوار عمران خان ۽ طاهر القادري ئي نه پر شهباز شريف به هوندو ۽ سندس دوست برهان الملڪ به هوندو. هن انتشار ۽ افرا تفريءَ ۾ صرف سياستدانن جا ئي نه پر ميڊيا وارن جا اصل چهرا به سامهون اچي ويا آهن، 30 آگسٽ جي رات ستن عورتن جي مارجڻ جي خبر نشر ڪندڙن جي باري ۾ مون کي ڪجهه ناهي چوڻو صرف هي عرض ڪرڻو آهي ته جن پوليس وارن ميڊيا جي نمائندن تي تشدد ڪيو اهي به وحشي هئا ۽ جن ڪوڙي خبر نشر ڪري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ڪرائڻ جي ڪوش ڪئي آهي اهي به وحشي هئا، پر وحشين جي سموري وحشتپڻي باوجود گهرو ويڙهه نه ٿي، انتشار ۽ افراتفريءَ ۾ اڪثريت جو پر امن رهڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي، جيڪڏهن اسين پر امن ۽ متحد رهياسين ته اسان جو ڪوههِ نور به محفوظ رهندو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو