ٻوليءَ لاءِ ”لابنگ“ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟
“لابنگ” ڇا کي ٿو چئجي؟ “لابنگ” ڪرڻ جو ھنر يا فن سکجي ته ڪيئن سکجي؟ ڪٿي سکجي؟ سکڻ جي لاءِ ڪيترو وقت گھربل آھي؟ جَڏي ۾ جَڏي، صفا ڏڏ يا بنھ ڀُوڪ بَصر ماڙھوءَ کي اھو ڪم سکڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي سگھي ٿو؟ ٻين لفظن ۾، کيس سکڻ ۾ ڪيترا ڪلاڪ، ڏينھن، ھفتا، مھينا، يا سال لڳي سگھن ٿا؟ خاص ڪري، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي مڃائڻ جي لاءِ “لابنگ” ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟ اھڙي قسم جي “لابنگ” ڪرڻ واري يا ڪرڻ وارن کي جھلڻ وارو يا جھلڻ وارا ڪير آھن. ٻين لفظن ۾ سينگار ڪرڻ واري کي جھلي ڪير ٿو ته سينگار نه ڪر. پاڪ پارليامينٽ ۾ قومي ٻولين بابت بل پيش ڪرڻ جي لاءِ آئيني طريقو ڪھڙو آھي؟ آئيني طريقو ئي صحيح طريقو آھي يا انھن ٻنھي طريقن ۾ ڪو فرق آھي؟ جي ھا، ته ڪھڙو؟ صحيح طريقو ڪھڙو آھي؟ غلط طريقي جي سڃاڻپ ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟ جيڪڏھن ان بل بابت ٿيل “اڻپوري” ڪم کي پورو ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟ ان ڪم کي پورو ڪرڻ ۾ ڪيترا ڪلاڪ، ڏينھن، ھفتا، مھينا يا سال لڳي سگھن ٿا؟
پ پ جي ثقافت کاتي واري اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته قومي ٻولين بابت پيش ڪيل بل جي لاءِ مارئي ميمڻ ڪا به لابنگ نه ڪئي ۽ اڪيلي سر بل پيش ڪري هن پاڻ کي هيرو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. منھنجي خيال ۾ مناسب لفظ ھيرو نه پر “ھيروئن” آھي. سسئي پليجو چيو ته اهڙو (بل پيش ڪرڻ وارو) ڪم ڪرڻ جي لاءِ وڏي سمجهه جي ضرورت آهي پر مارئي ميمڻ ائين نه ڪيو، وڏي سمجهه کان ڪم نه ورتائين. سو چئي سگھجي ٿو ته وڏي سمجهه کان ڪم وٺي سسئي پليجو چيو ھجي ته مارئي ميمڻ پاڻ کي “ھيروئن” بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر غلطي وچان اخبار وارن ھيرو لکي ڇڏيو. مارئي ميمڻ جي مناسبت سان لفظ ھيرو جي جاءِ تي لفظ “ھيروئن” ڪتب آڻجي ھا ته مناسب ھيو. مثال طور، اياز سومرو يا اياز شيرازي “ھيروئن” نٿا ٿي سگھن پر ھيرو ٿي سگھن ٿا جيڪڏھن ھو ھيرو بڻجڻ چاھين. اھڙي طرح مارئي ميمڻ ۽ سسئي پليجو ھيرو نٿيون ٿي سگھن پر “ھيروئن” ٿي سگھن ٿيون. جيڪڏھن ھو “ھيروئن” بڻجڻ چاھين. خبر ناھي ته سسئي پليجو پنھنجو پاڻ کي “ھيروئن” بنائڻ جي ڪوشش ۾ مشغول آھي يا نه پر مارئي ميمڻ جي لاءِ چيو اٿس ته ھن اڪيلي سر بل پيش ڪري پاڻ کي هيروئن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. چئبو ته اھڙا، “ھيروئن” بنجڻ وارا ڪم اڪيلي سر نه ڪرڻ گھرجن. انگريزي جو لفظ لابنگ ڪيترو پراڻو آھي. اھو ڪنھن استعمال ڪيو، ڪٿي ڪيو ۽ ڪھڙي معنيٰ ۾ ڪيو. قانون جي نظر ۾لابنگ ڇا کي ٿو چئجي. انھن سوالن ۾ يا انھن جي جوابن ۾ وڃڻ کانسواءِ سنئين سڌي ۽ سادي ٻولي ۾ چئي سگھجي ٿو ته لابنگ جو مطلب آھي ته مارئي ميمڻ قومي ٻولين بابت پيش ڪيل بل جي باري ۾ سسئي پليجو سان نه ملي، ساڻس ڳالهھ ٻولهھ نه ڪيائين، کيس اعتماد ۾ نه ورتائين. انڪري لابنگ جو فن نه سکي سگھي. بل پيش ڪرڻ وارو طريقيڪار، جيڪو سسئي پليجو جي نظر ۾، غلط آھي تنھن کي درست نه ڪري سگھي. ان تي ٿيل ڪم، جيڪو سسئي پليجو جي نظر ۾، اڻپورو ڪم آھي تنھن کي پورو نه ڪري سگھي. ائين پيو لڳي ته مارئي ميمڻ جيڪڏھن سسئي پليجو جي اڳواڻي ۾ اياز سومرو سان ملي ھا ته ھي “قومي” ٻولين وارو معاملو جيڪو “تمام اهم ۽ احساسي مسئلو هو” خراب ٿيڻ کان بچي وڃي ھا. اياز سومرو جيڪو ڪم ڪيو ان کان سسئي پليجو کيس بچائي وٺي ھا. سو ڏوھ اياز سومرو جو ناھي پر مارئي ميمڻ جو آھي جنھن سسئي پليجو سان ملاقات ڪري لابنگ نه سکي. سسئي پليجو اھو به چيو ته مارئي ميمڻ چوي ٿي ته سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ پارٽي منشور ۾ شامل آهي، پر (ن) ليگ ان بل جي مخالفت ڪئي، جنهن سان(ن) ليگ جي پت وائکي ٿي چڪي آهي. پر اھو نه ٻڌايائين ته پ پ پ جي پت جو ڇا ٿيو؟ اھا پت وائکي ٿي يا لڳي لڳي واءُ ويس انگڙا ڍڪجي. سسئي پليجو جيئن ته وڏي سمجهدار آھي سو وڏي سمجهه کان ڪم وٺي پ پ پ جي پت وائکو ٿيڻ نه ڏنائين. اياز سومرو پ پ پ جي پت کي ڪوسو واءُ به لڳڻ نه ڏنو سو اھا وائکو ٿيڻ کان بچي وئي. سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ پ پ پارٽي جي منشور ۾ شامل ھجي يا نه ھجي، اھا ڀلي کڻي ان بل جي مخالفت به ڪري، پر پوءِ به سندس پت کي نڪي لھر نه لوڏو! سنڌي ووٽر پ پ پ کي اکيون پوري ووٽ ڏيندا رھندا، سڙڻ وارا سڙن ته ڀلي سڙن. سنڌي ووٽرن کي پ پ پ کپي! سنڌي ووٽرن کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي نه کپي! جڏھن ته شريف ليگ جي پت وائکي! چئبو ته مخالفت ۽ مخالفت ۾ فرق آھي. جي پ پ پ ساڳئي بل جي مخالفت ڪري ته ھيرو! اياز سومرو ھيرو! سسئي پليجو ھيروئن! شريف ليگ مخالفت ڪري ته زيرو! مارئي ميمڻ زيرو! جاڳي پئي سنڌي قوم ھن جاڳ تان صدقي
اوھان کي خبر پئجي چڪي آھي ته قومي ٻولين بابت مارئي ميمڻ پاران پيش ڪيل بل کي قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي منظور نه ڪيو. ڇو؟ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي فيصلي سميت منھنجي آڏو موجود ناھي جو انکي پڙھي سبب ڄاڻي سگھجن. جيڪڏھن چئجي ته مارئي ميمڻ اڳوڻي جنرل پرويز مشرف جي سوکڙي آھي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اوھان کي ياد ھوندو ته انوقت نثار ميمڻ وڏي فخر سان چوندو ھيو ته سندس دل جي دعا آھي ته پرويز مشرف سڄي عمر وردي ۾ جنرل به رھي ته صدر به رھي. الائي ڇو اھا دعا قبول نه ٿي. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته جيڪڏھن اھا دعا قبول ٿئي ھا ته مارئي ميمڻ ۽ نثار ميمڻ ٻئي گھڻو خوش ٿين ھا. ڇو ته ھن مھل تائين ڪو به اھڙو ماڻھو ڪو نه مليو اٿم جيڪو دعا قبول ٿيڻ جي صورت ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو ھجي. پر پڪ سان ڪجھ نٿو چئي سگھجي ته پوءِ اھڙي دعا قبول ٿيڻ جي صورت ۾ مارئي ميمڻ جي ھٿ ۾ قومي ٻولين جو ڇا ٿئي ھا. جنرل صاحب جي دور ۾ کيس پاڪستان ۾ قومي ٻوليون ڪونه ڏسڻ ۾ آيون. الائي ڇو؟ ان ۾ مارئي ميمڻ جي نظر جو ڏوھ نٿو ٿي سگھي پر قومي ٻولين جو ڏوھ ٿي سگھي ٿو. اھي مارئي ميمڻ جي نظر کان لڪيو ڇو ويٺون ھيون؟ قومي ٻولين کي اھڙي، پنھنجو پاڻ کي لڪائڻ جي، زيادتي نه ڪرڻ کپي ھا. انوقت کيس قومي ٻولين کي ڇڏي ٻيو ڇاڇا ڏسڻ ۾ ايندو ھيو ان بابت اميد ڪجي ٿي ته جلدي پتو پئجي ويندو. خير ڇا به ھجي، سٺي ڳالھه آھي ته دير سان ئي سھي نواز شريف جي دور ۾ سندس پارٽي شريف مسلم ليگ ۾ ويھي مارئي ميمڻ جي اک کلي ۽ کيس پاڪستان ۾ قومي ٻوليون ڏسڻ ۾ ته آيون. جيڪڏھن نه ڏسي ھا ته ويچاريون مسڪين قومي ٻوليون کيس ڇا پئي ڪري سگھيون. پر نواز شريف ۽ سندس شريف مسلم ليگ جي نظر ۾ پاڪستان ۾ ڪيتريون قومون رھن ٿيون تنھن بابت پتو نه پئجي سگھيو آھي
پياري وطن پاڪستان جي آئين ۾ قومي ٻولين کي مڃرائڻ جي ڳالھه نڪرندي ته سڀ کان پھرئين قومن جو يا قومن جي وجود جو سوال اٿي سگھي ٿو. مارئي ميمڻ جي نظر ۾ قوم ڇا آھي؟ سندس نظر ۾ مسلمان قوم آھن يا نه؟ جيڪڏھن ھا ته پوءِ پاڪستان قومن جو نه پر قوم جو، ھڪ قوم جو، “مسلمان” قوم جو ملڪ آھي. مسلمان قوم جي ٻولي ڪھڙي آھي يا ڪھڙي ھئڻ گھرجي؟ مارئي ميمڻ وٽ ان سوال جو جواب ھئڻ گھرجي. وٽس دليلن سميت “مسلمان” قوم جو رد ھئڻ گھرجي. سندس نظر ۾، “مسلمان” قوم ۽ “پاڪستاني” قوم ۾ ڪو فرق آھي يا نه؟ جي ھا ته ڪھڙو؟ جيڪڏھن “پاڪستاني” قوم ۽ “مسلمان” قوم ۾ فرق آھي ته پوءِ پاڪستان قومن جو نه پر قوم جو، ھڪ قوم جو، مسلمان قوم جو نه پر “پاڪستاني” قوم جو ملڪ آھي. “پاڪستاني” قوم جي ٻولي ڪھڙي آھي يا ڪھڙي ھئڻ گھرجي؟ وٽس دليلن سميت “پاڪستاني” قوم جو رد ھئڻ گھرجي. سندس جي لاءِ ھڪ ئي وقت سڀني کي خوش ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو، ھڪ ئي وقت “مسلمان” قوم جي حامين کي خوش ڪرڻ، “پاڪستاني” قوم جي حامين کي خوش ڪرڻ، ۽ “قومي” ٻولين جي حامين کي خوش ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. مارئي ميمڻ جيڪڏھن “مسلمان” قوم جي حمايتين جا دليل ترتيبورا ڳڻائي ۽ پنھنجا دليل ڏئي “مسلمان” قوم جي وجود کان انڪار ڪندي ته سندن نظر ۾ اھا “ھيرو” يا “ھيروئن” نه رھندي. ساڳئي حالت ان وقت به ٿينديس جڏھن ھوءَ “پاڪستاني” قوم جي حمايتين جا دليل ترتيبورا ڳڻائي ۽ پنھنجا دليل ڏئي “پاڪستاني” قوم جي وجود کان انڪار ڪندي. لڳي ٿو ته ڀاڳ ڀلو اٿس. اڃا تائين بچيل آھي جو ڪنھن فتوا نه ڏني آھي ته مارئي ميمڻ قومي ٻولين بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪري ٻه قومي نظرئي جي وجود کان انڪار ڪيو آھي، “مسلمان” قوم جي وجود کان انڪار ڪيو آھي، “پاڪستاني” قوم جي وجود کان انڪار ڪيو آھي، وغيرھ، وغيرھ. اھڙي خطرناڪ فتوا کان بچڻ جي لاءِ مارئي ميمڻ وٽ ڪھڙو دڳ آھي. منھنجي خيال ۾ ھڪڙو گس ھي به ٿي سگهي ٿو. ھڪ نئون بل پيش ڪيو وڃي جيڪو قومي ٻولين بابت نه ھجي پر فقط ۽ فقط پنجابي ٻولي بابت ھجي. ان بل جو عنوان ھجي: “پنجابي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃيِ”. اھڙو بل اڪيلي سر نه پيش ڪري پر سسئي پليجو سان گڏجي، يا ان جي قيادت ۾ پيش ڪري. ان بل جي لاءِ لابنگ بلڪل ان نموني ڪري جيئن سسئي پليجو چويس. اميد ڪري سگھجي ٿي ته سسئي پليجو جي لابنگ کان موھجي ميان نواز شريف ۽ سندس شريف ليگ، اياز سومري سميت پ پ پ جا سڀ ميمبر اھڙي بل جي اکيون پوري حمايت ڪندا. اھڙي من موھندڙ لابنگ مان اھا اميد ڪري سگھجي ٿي پ پ پ پنھنجي سڀني سنڌي ووٽرن کي قائل ڪري سگھي ٿي ته اھڙو بل، “پنجابي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃيِ” بل سنڌي ٻولي سميت سڀني “قومي” ٻولين جي فائدي ۾ آھي. منھنجي نظر ۾ مارئي ميمڻ وٽ مٿي ڄاڻايل خطرناڪ فتوا کان بچڻ جو اھوئي طريقو آھي. وڌيڪ راز جي راڻي آھي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو