Sunday 14 December 2014

ممتاز علي جويو

                                        قومي بقا جو سوال…؟



جنهن قوم منجهه سستي، بزدلي ۽ ساڙ حسد ائين موجود هجي جيئن گيهه ۾ سڻڀ ته پوءِ اُهو سڻڀ ان قوم ۾ ڪا طاقت پيدا ڪرڻ بجاءِ چرٻي وڌائي ٿُلهو ۽ ڦيڦو ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه نه ڏئي سگهندو ـ اُهي قومون ڏاڍيون خوشحال ۽ سڪون واري زندگي گذارينديون آهن جن منجهه پنهنجائپ، همدردي ۽ اجتماعي مفادن تي ضابطو هوندو آهي ـ اسان ڪجهه اهڙين بيمارين جا مريض بڻجي ويا آهيون، جو ان جو احساس تڏهن ٿو ٿيئي جڏهن دنيا جي صحتمند قومن جي ڪمال تائين پهچڻ جي سببن تي غورفڪر ڪيون ٿا ـ اسان کي سڀ کان وڏو نقصان جنهن مرض ڏنو آهي ، اُهو حقيقت ۾ منافق سياسي عمل ۽ ذاتي مفادن جي جنگ آهي ـ اهڙي جنگ جنهن ۾ هڪ پاسي پيادا جنگجو آهن ۽ ٻي پاسي ڏانهن هوائي حملا ـ مطلب جن ماڻهن جو ذهن هر صورت ۾ پئسو ٺاهڻ ۽ ملڪيتون حاصل ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهي پيادن تي هوائي حملن وانگر آهي ۽ پيادا اُهي آهن جن کي غريب ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ سمجهو ۽ ليکو وڃي ٿو، سي وري ساڙ ۽ حسد جي مرض سبب هڪٻئي جون ڄنگهون ڪڍڻ ۾ رُڌل آهن اڻسهپ ۽ ساڙ جا اهڙا ٻه ننڍڙا مثال هتي ڏجن ٿا ـ

هڪ شخص جي زال بيمار ٿي پئي ـ گهريلو ٽوڻن ڦوڻن جو سهارو ورتائين، جنهن جيڪو طريقو ٻڌايس اُهو آزمايائين، شهر جي تمام حڪيمن وٽ در بدر ٿيو پر پوءِ به ڪو فائدو نه پيو ـ بيماري شديد کان شديد ٿيندي وئي ـ شهر جي وڏن وڏن ڊاڪٽرن سان رجوع ڪيائين، پر جديد ٽيڪنالوجي باوجود بيماري ڪنهن به ڊاڪٽر کي سمجهه ۾ نه آئي ـ هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر هڻڻ سبب همراهه ڏاڍو پريشان ٿيو ـ دوستن کي پريشاني ٻڌائڻ سان هر ڪو پنهنجون پنهنجون صلاحون پيو ڏيس، هڪ دوست ڪنهن بزرگ کان دعا گهرائڻ لاءِ چيس، ته ڪنهن تعويذن لاءِ چيس، هڪ چيو منهنجي دوست پاڻي پڙهائي پنهنجي گهر واريءَ کي پيئاريو هو ته اُها صحتمند ٿي وئي هئي ـ جڏهن مصيبت مٿان اچي پئي ٿي ته انسان ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو ـ هي شخص مجبور ٿي هڪ بزرگ وٽ هليو ويو، ان کي پنهنجي پريشاني ٻڌائي ـ ان بزرگ دعا جي لاءِ هٿ کنيا ـ اي الله! جيڪي ماڻهو بيمار آهن انهن سڀني کي شفا عطا ڪرـ هن شخص آمين چوڻ جي بجاءِ بزرگ کي چيو: مون ته توهان کي پنهنجي گهرواريءَ جي صحت لاءِ دعا ڪرڻ جو چيو، توهان ته سڀني بيمارن جي لاءِ دعا گهري ـ ائين ته منهنجو پاڙي وارو به ٺيڪ ٿي ويندو جيڪو مونکي قطئن ناهي وڻندو ۽ هو منهنجو سخت مخالف به آهي. اهڙي طرح هڪ ٻيو واقعو آهي جيڪو اسان جي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو ـ هڪ شخص هر وقت عبادت ۾ مصروف رهندو هو، وظيفا پڙهندو هو ـ عبادتن ۾ سخت کان سخت تر محنت ڪندو هو ـ نتيجي ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻن وقتن جو کاڌو بغير ڪنهن محنت جي هن وٽ پهچڻ لڳو ـ هن جي هڪ مائٽ کي ڏاڍي حيراني ٿي هو ان وٽ آيو ۽ پڇيائينس “تون اهڙو ڪهڙو عمل ڪيو آهي جو ٻن وقتن جو کاڌو مفت ۾ تنهنجي گهر پهچي رهيو آهي ” ـ ان همراهه ٻڌايس ته مون هي هي عمل ۽ وظيفا ڪيا آهن ـ گهر واپس اچي هن همراهه به اُهي وظيفا ۽ نفل شروع ڪيا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ غيب مان آواز آيو “توکي جيڪي گهرڻو آهي گهُر” هن چيو “مونکي ٻن وقتن جو کاڌو نه گهرجي، بس اهو ڪيو وڃي جو منهنجي ان مائٽ جو داڻو پاڻي بند ڪيو وڃي جيڪو هو بغير محنت جي حاصل ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو اُهو ۽ مان اصل کان ٺهيل ناهيون” ـ

ٿورو پنهنجي خطي کان ٻاهر جي دريءَ ۾ جهاتي پائيندا سين ته اُتي اسان کي حيرت ٿيندي ـ اُهي قومون جيڪي وڏين وڏين تباهين سبب برباد ٿي پنهنجي شناخت وڃائي ويهڻ جهڙيون هيون سي اڄ جديد دؤر ۾ ڪلهو لڪهي سان ملائي تمام ترقي يافته قومن سان برابر هلن پيون ۽ ڪٿي انهن کان گوءِ کڻندي به نظر اچن پيون ـ هن معاملي جو اصل واسطو آهي قومي ٻڌيءَ سان ـ اسان جيتوڻيڪ گهڻي وقت کان وڏيرا شاهيءَ جي ناجائزين کي ڏسندا پيا اچون پر قومي ٻڌي نه هئڻ ڪري وقت بوقت انهن جي چالبازين ۽ شاطر دماغن جي ڄار ۾ شڪار بڻجندا رهيا آهيون ـ وڏيرا شاهي جي پکيڙ سياست کان ويندي بيرو ڪريسيءَ تائين وڌي وئي آهي ـ وڏيرا شاهي ۽ سرمائيدا طبقو ئي اصل ۾ سنڌي قوم جو اهڙو ذميوار آهي جيڪو چاهي ته قومي ترقيءَ لاءِ راهون کولي سگهي ٿو ـ پر ائين ٿئي ڪونه ٿو ـ اُهي ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ان حد تائين هليا ويا آهن جو انهن سياست ۽ بيورو ڪريسيءَ تائين ڪيل پنهنجي پکيڙ وسيلي تمام سرمايو دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي ـ انهن حوس جي حوض ۾ ٽٻي هڻي ڇڏي آهي ۽ هن قوم جو مسڪين طبقو پنهنجي معاشي ضرورتن جي پوراءِ لاءِ قومي ٻڌي واري سوچ بجاءِ انهن جي پٺيان ڊوڙي رهيو آهي ـ هيءَ ڊوڙ ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن يا صدين تائين هلندي ان جي باري ۾ تجزيو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي بس اميد، جو ڏيئو ٻاري رکڻ به في الحال ڪافي آهي ـ

دنيا جي گهڻن ملڪن، وڏين قدرتي ۽ جنگي تباهين کي منهن ڏنو آهي پر ٿورو ئي عرصي ۾ انهن پنهنجي قومي ٻڌيءَ وسيلي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ـ جپان جو ئي مثال وري به ذڪر ڪجي ٿو ته:

“جاپاني آمريڪي جنگي جنون جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ هٿيار ٺاهڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي جيئڻ لڳا ـ جاپاني عوام پنهنجي سموري توجهه معاشي ترقيءَ جي رستي تي رکي ـ وقت سان گڏ گڏ هنن آمريڪا کي ان ميدان ۾ شڪست ڏئي ڇڏي ـ ٻي عظيم جنگ جي چاليهن سالن کان بعد جاپان جو ٽريڊ سر پلس 37 بلين ڊالر کان وڌيڪ ٿي ويو ـ آمريڪا جا جهاز ٺاهيندڙ ڪارخانا 50 هزار ٽَنَ جو هڪ ٽينڪر 16 مهينن ۾ ٺاهيندا آهن ـ اسپين ان تياريءَ ۾ 24 مهينا لڳائيندو آهي ـ جاپاني ان ٻنهي کان بهتر ۽ پائيدار ٽينڪر 8 مهينن ۾ ٺاهي وٺندو آهي ـ جاپان ۾ نه تيل نڪرندو آهي نه ئي معدنيات جا وڏا ذخيرا آهن ـ ان جي باوجود جي دنيا جي سڀ کان اڪانامي هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو ـ سابق آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن پنهنجي ڪتاب (Victory Without war) ‘جنگ کان بغير ڪاميابي’ ۾ اعتراف ڪيو آهي ـ ‘1986’ ۾ آمريڪا جيترو سامان جاپان کي کپائي ڏنو ان جي مقابلي ۾ جاپان 60 بليئن ڊالر کان وڌيڪ شيون آمريڪا کي کپائي ڏنيون ” ـ آمريڪا جو وڌندڙ واپاري خسارو ان کي جاپان کان مسلسل امداد وٺڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي ـ جاپان پنهنجون شيون آمريڪا کي وڪرو ڪري هر سال ڪروڙين ڊالر ڪمائي رهيو آهي ـ جاپاني گاڏيون ڌڙا ڌڙ آمريڪا منتقل ٿي رهيون آهن، جن آمريڪي صنعت جا بنياد ويهاري ڇڏيا آهن ـ آمريڪي ڪمپيوٽر ڪمپئي I.B.M جنهن کي ڪجهه سال اڳ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپيوٽر ڪمپني چيو ويندو هو اُها سڀ کان گهٽ قيمت ۽ وڌيڪ پائيدار جاپاني ڪمپيوٽر کان هارائڻ واري جنگ وڙهي رهي آهي ـ جاپاني ڪمپيوٽر هڪ سيڪنڊ ۾ 600 ملين هدايتن جي تعميل ڪري سگهي ٿو ـ آمريڪا، روس جي پاڻ ۾ جڏهن سرد جنگ ختم ٿي ته آمريڪا رسالي ٽائيم لکيو: “ڪولڊ وار ختم ٿي وئي ۽ جاپان فاتح بڻيو” ـ هڪ ڪتاب (Japan no 1) مارڪيٽ ۾ موجود آهي، جيڪو هڪ وڏي آمريڪي معاشيات جي ماهر لکيو آهي ـ ان ڪتاب ۾ آمريڪا جو جاپان جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ جو سمورو احوال لکيل آهي ـ

هي آهن شاندار قومي ٻڌيءَ جا اهڙا مثال جن لاءِ اسان جي قوم کي اهڙي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي ـ ساڙ ، اڻسهپ ۽ حسد کي ڇڏي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ٻئي کي سهارو ڏئي، سخت محنت ڪري معاشي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا، جنهن سان ئي هن قوم ۽ هن ديس جي بقا يقيني بڻجي سگهي ٿي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو