Sunday 14 December 2014

سنيها ميمڻ

                          سنڌ جي تعليم بابت شروع ٿيل ڌمچر 



سنڌ جي نئين سيڪريٽري تعليم طور توهان ڪراچي جي هڪ اخبار ۾ پراڻي معاملي جي نئين ڪري شايع ڪيل خبر جو نوٽيس وٺندي، سنڌ جي مختلف ضلعن جي 321 استادن کي ڊيوٽي چور ڄاڻائي معطل ۽ ڪراچي ڏانهن رليو جو آرڊر پاس ڪيو ، جنهن کي هاءِ ڪورٽ سنڌ معطل ڪيو آهي پر اهي استاد اڃان تائين پنهنجن ضلعن مان بي دخل آهن ۽ واپس اسڪولن ڏانهن نه اماڻيا ويا آهن، جنهن سان تعليم هيڪاري وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي ۽ بند پيل اسڪولن ۾ اضافو آيو آهي، ڪراچي جي هڪ اخبار ۾ سنڌ جي 321 استادن کي گوسڙو استاد لکي انهن جا ضلعي وائيز نالا شايع ڪيا ويا انهن 321 استادن مان ڪنهن به هڪ استاد تي ڊيوٽي چوري جو ڪو به الزام ثابت ناهي، اهي استاد پنهنجن تعلقن ۽ ضلعن جي آفيسرن توڙي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سيشنس ججز جي وزٽن دوُران هر بار حاضر ڏيکاريل آهن ۽ اهو به ته اهي استاد اهي ساڳيا آهن جن جي خلاف اڳوڻي حڪومت ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جي حڪمن تي تعليم کاتي ڪاروائي ڪئي هئي ۽ انهن کي ميڊيا سان تعلق جي الزام جا شوڪاز نوٽيس ڏئي بنا ڪنهن انڪوائري جي ذري گهٽ نوڪرين مان فارغ ڪيو پي ويو. ان پراڻي لسٽ ۾ 352 استاد شامل هئا ۽ هاڻوڪي لسٽ ۾ 321 شامل آهن ۽ 321 مان ڪو به اهڙو ناهي جيڪو 352 واري لسٽ ۾ نه هجي، انهن 321 مان ڪي فوت به ٿي ويا آهن، ڪي رٽائرمينٽ وٺي ويا آهن، ڏنل شوڪاز نوٽيسن ۾ استادن جا ڪيترائي نالا ۽ گريڊ غلط لکيا ويا آهن، نوڪريون بچائڻ لاءِ استاد پورين وضاحتن ۽ ثبوتن سان آئين ۾ مليل بنيادي حق استعمال ڪندي اسپيڊي رميڊي لاءِ هاءِ ڪورٽن ۾ ويل هئا، جن جي آئيني درخواستن تي ان وقت جا اسٽي جاري ٿيل آهن ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ ٻڌڻيون پڻ هلندڙ هيون، سيڪريٽري صاحب توهان جي پهرين ذميواري اها هئي ته توهان انهن استادن جي پهرين ڊپارٽمينٽ جي ذريعي يا اسپيشل ٽيمون جوڙي جانچ ڪرايو ها ۽ جيڪو ڊيوٽي چور ثابت ٿئي ها صرف ان خلاف ڪاروائي ڪريو ها ۽ هن وقت تائين سامهون آيل حقيقتون هي آهن ته جن 321 استادن کي توهان ڊيوٽي چوري جو الزام هڻي بنا انڪوائري جي ڪراچي ڏانهن رليو ڪرايو آهي. اهي اسڪولن جون ڊيوٽيون ڪندڙ آهن ۽ انهن خلاف اهڙو ڪو به ثبوت سامهون نه آيو آهي جنهن ۾ اهي ڊيوٽي چور ثابت هجن، اهي تڪڙي انصاف ۽ روزگار بچائڻ لاءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي ان لاءِ هاءِ ڪورٽن ۾ ويا آهن جو انهن غلط الزام کي قبول ناهي ڪيو ۽ انهن استادن کي ان ڳالھ تي پورو اعتماد آهي ته هو ڊيوٽي چور نه آهن ۽ توهان مان اهو ڊپ آهي ته توهان بي بنياد ۽ غلط الزام هڻي انهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ چاهيو ٿا. جنهن قانون جي ڳالھ توهان پنهنجي صحيح سان ڏنل شوڪاز نوٽيس ۾ڪئي آهي اهو قانون سرڪاري ملازم هجڻ واري حيثيت ۾ توهان تي به بنان ڪنهن امتياز جي لاڳو ٿئي ٿو، ڪو استاد ميڊيا جي ڪنهن به اداري سان تعلق نه ٿو رکي سگهي، خط آرٽيڪل شايع نه ٿو ڪرائي سگهي ته پوءِ ساڳئي قانون تحت توهان بحثيت سيڪريٽري ٽي وي چينلس تي نه ٿا اچي سگهو، قانون سڀني جي لاءِ بنان ڪنهن امتياز جي هڪ جهڙو آهي، هڪ استاد سرڪاري ملازم آهي ۽ توهان به سرڪاري ملازم آيو، توهان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي چينلس تي ويهي استادن تي ڳالهايو ۽ استادن کي پراپر انڪوئري کانسواءِ ڊيوٽي چور ۽ گوسڙو چئو ۽ استاد ڪنهن اخبار ۾ خط يا آرٽيڪل يا ڪا رپورٽ نه لکي سگهي ته اهو ٻٽو معيار آهي. بيشڪ سرڪاري ملازمن جي ضابطي واري قانون ۾ اها گنجائش ئي نه آهي ته ڪو سرڪاري ملازم ميڊيا سان ڪو به تعلق رکي سگهي ٿو ۽ پنهنجو ڪو به سرڪاري نوعيت جو بيان به ميڊيا تي سڌي طرح نه ٿو آڻي سگهي پر اهو ئي ساڳيو قانون توهان تي به آئين لاڳو آهي جئين ٻين سرڪاري ملازمن تي لاڳو آهي، پر توهان ٽي وي چينلس تي سرڪاري پاليسي ۽ سرڪاري موقف بيان لاءِ اچو ٿا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندڙ ڊگهي پروگرام ۾ شريڪ ٿي استادن ۽ تعليم تي ڳالهايو ٿا. ۽ اها ڳالھ وساري ٿا ڇڏيو ته توهان به سرڪاري ملازم جي حيثيت ۾ ائين نه ٿا ڪري سگهو، جنهن قانون کي توهان ماستر صحافين تي لاڳو ڪيو آهي اهو ساڳيو قانون سياسي ماسترن تي به لاڳو ٿئي ٿو. قانون موجب ڪو به سرڪاري ملازم سياسي پارٽي جو ميمبر ته نه ٿو ٿي سگهي پر سياسي پارٽي کي چندو به نه ٿو ڏئي سگهي ، سنڌ ۾ پ پ سميت ٻين سياسي پارٽين جا هزارين عهديدار ۽ ڪارڪن جيڪي نمايان سياسي سرگرمين ۾ هر ضلعي ۽ شهر ۾ نظر اچن ٿا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سان گڏ آهن، وزيرن کي سونا تاج پارائي انهن جي اعزاز ۾ جلسا رکرائي انهن جلسن ۾ آجياڻا خطاب ڪن ٿا، اهي ته هزارن جي وڏي تعداد ۾ استاد آهن پ پ جي تعلقن جي باڊين ۾ استاد شامل آهن ۽ يوٿ ونگ ۽ سپاف جا ڪيترائي عهديداراستاد آهن، قانون ۾ اهو به لکيو پيو آهي ته ڪوبه سرڪاري ملازم ڪنهن ايم اين اي ۽ ايم پي اي ۽ وزير مشير تائين رسائي حاصل نه ڪندو ، جي ڪندو ته اها ان جي بي ضابطگي هوندي اهڙيون بي ضابطگيون سنڌ جي هر ضلعي ۽ شهر ۾ نمايان شڪل ۾ سرعام ٿي رهيون آهن انهن خلاف توهان ڪنهن قسم جي ڪاروائي کان پرهيز ڇو ڪئي آهي؟ سرڪاري ملازمن جي ضابطي واري قانون ۾ 32/33 ضابطا آهن، انهن مان صرف هڪڙو ضابطو انهن سرڪاري ملازمن تي لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪي مبينه طور تي ميڊيا جي ادارن لاءِ ڪم ڪن ٿا، باقي سمورا ضابطا نظرانداز ڪيا ويا آهن سرڪاري ملازمن تي سڀ کان وڏو ضابطو اهو آهي ته اهي سرڪاري ڪم جي عيوض پگهار کانسواءِ ڪو ٻيو معاوضو رشوت خرچي وغيره وصول نه ڪندا، ڇا ان ضابطي تي عمل ٿي رهيو آهي؟ ڪو به سرڪاري ملازم سرڪاري نوڪري دوُران يا ڊيوٽي کانپوءِ ڪنهن به وقت ڪو به ذاتي ڪاروبار نه ڪندو ڇا اهڙو ضابطو ڊاڪٽرن ، پيراميڊيڪل اسٽاف جي ٻين ملازمن سميت ڪنهن تي لاڳو ٿي رهيو آهي؟ هن وقت توهان ملڪ کان ٻاهر ويل آهيو ۽ چيو پيو وڃي ته توهان نجي دوُري تي آهيو ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجا ڪاروبار سنڀالي رهيا آهيو جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ توهان بحثيت سرڪاري ملازم ذاتي ڪاروبار ڪرڻ واري ضابطي کان بري ڇو آهيو؟

سرڪاري ملازم پنهنجي پگهار سان جڙندڙ زندگي جي معيار کان مٿاهين معيار واري زندگي نه ٿو گذاري سگهي، پنهنجي ذاتي آمدني سرڪاري ادارن کان نه ٿو لڪائي سگهي ، ڇا اهڙي ضابطي تي به ڪو عمل ٿي رهيو آهي؟

قانون يا ڪنهن قانوني ضابطي تي پوري طرح عمل لازمي آهي ۽ قانون ۾ استاد ۽ سيڪريٽري آئين ۾ ڏنل حقن مطابق برابر آهن ۽ اتي ڪوبه ننڊو يا وڏو ناهي، توهان کي اهي قانوني اختيار هئا جن تحت توهان 321 استادن کي معطل ڪيو ۽ انهن کي ڪراچي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جنهن کي سمورن قانونن جي تشريح ۽ صحيح طرح لاڳو ڪرڻ ۽ قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ جو اختيار آهي تنهن توهان جي ڏنل حڪمن، استادن جي معطلي، رليو ٽو ڪراچي ۽ شوڪاز نوٽيسن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اهڙي معطلي واري حڪم نامي کانپوءِ توهان ان تي عمل ڪندي ڪراچي ڏانهن رليو ڪيل استادن کي واپس پنهنجن ضلعن ۽ اسڪولن ڏانهن اماڻي سگهيا آهيو ؟ جي نه ته پوءِ توهان ڇو قانون تي عمل نه پيا ڪريو؟

ڊيوٽي چوري ۽ اها به ٻارن کي پڙهائڻ واري ڊيوٽي چوري هجي ته هڪ وڏو ڪرائم آهي، جنهن کي سماج جو ڪو به سڌريل ماڻهو نه برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ نه ڪو ان عمل جي ڪا سڌي اڻ سڌي طرح حمايت ڪندو، ڊيوٽي چورِي واري اهڙي غليظ عمل ۾ ملوث استادن ، انهن جي ساٿاري آفيسرن خلاف جيتري به ڪاروائي ڪجي اها گهٽ آهي، ان لاءِ اهڙا سخت قانون جوڙڻ کپن جنهن تحت ڊيوٽي چور ۽ ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ استادن کي جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون به ملي سگهن ۽ اهي سزائون ان لاءِ عبرت ناڪ هجن جو ڪو ٻيو ايئن نه ڪري سگهي ڇو ته تعليم انساني، قومي ۽ ملڪي ترقي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ذريعو آهي ۽ ان ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ مجرماڻي غفلت ڪرڻ واري لاءِ ڪابه رعايت نه هجڻ گهرجي، پر ان جي ابتڙ ڊيوٽيون ڪندڙن کي اسڪولن تان بي دخل ڪري انهن جو پڙهائي وارو ڪم متاثر ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن تصديق جي استادن کي چور چوڻ ۽ انهن تي ڊيوٽي چوري جا الزام هڻي انهن کي ڪاروائي ۾ آڻڻ ۽ قانون ۽ ضابطي کي پوري طرح هزارين سرڪاري ملازمن تي لاڳو ڪرڻ بجاءِ چند سرڪاري ملازمن تي لاڳو ڪرڻ وارا عمل ڪنهن طرح به مناسب نه آهن ـ
توهان کي گذارش ٿي ڪجي ته جن استادن کي توهان ڪراچي رليو ڪرايو آهي انهن کي هاءِ ڪورٽ جي ڏنل حڪمن تحت واپس اسڪولن ڏانهن اماڻيو ۽ انهن استادن جون پراپر اسپاٽ انڪوائريون ڪرايو ۽ انهن کي ڊيوٽي ۽ ڪم چور ثابت ڪري پوءِ انهن کي سزائون ڏيو ۽ ڏياريو ان سان ئي تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي ــــ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو