Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

تعليمي ادارن جي بهتري ۽ جرڳا ڪاميٽيءَ وارو فارمولو
ڇنڇر 27 مارچ 1999ع


اڄ کان ست يا اٺ سال اڳ جڏهن سنڌي ميڊيا ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن يا بدنظمي يا سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ بدمعاشي بابت ڪجهه ڇپجندو هو ته اسان جا ”جهونا ۽ ڏاها“ صحافين کي وڏو ڀاشن ڏيندا هئا ته ”بابا، اهي سنڌ جا مقدس ادارا آهن، انهن ۾ ڪي اوڻائيون آهن به ته انهن تي ڍڪ رکو ۽ ”پنهنجن“ جي ڳالهه ٻاهر نه ڪڍو!“ اهڙي مدي خارج صلاح جي موٽ ۾ هر دفعي صحافي اهو سوال ڪندا هئا ته ”سائين جيڪڏهن ادارن کي لٽي ناس ڪيو پيو وڃي ته ڇا صرف ان ڪري ماٺ رهجي ته اهو ”نيڪ“ ڪم ”پنهنجا“ پيا ڪن؟“ ان سوال جو اسان جي ”ڏاهن“ وٽ ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب نه هوندو هو پر هاڻ گهڻو وقت گذري ويو آهي ۽ اها ڳالهه ذري گهٽ طئي ٿي ويئي آهي ته انهن ادارن جي حالت سڌرڻ گهرجي ۽ جيڪي به ماڻهو انهن جي تباهيءَ جا ذميوار آهن انهن خلاف پنهنجي ۽ پرائي جي فرق ڪرڻ کانسواءِ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سوسائٽيءَ ۾ اها هڪ مثبت تبديلي آئي آهي پر هاڻ وري جن سوالن تي بحث هلي رهيو آهي اهي هي آهن ته (1) انهن ادارن جي تباهيءَ جا ذميوار ڪير آهن؟ (2) ادارن کي ڪير سڌاري؟ ڪجهه دوستن جو چوڻ آهي ته اسان جا ادارا ملڪي سطح جي سازش هيٺ تباهه ڪيا ويا آهن بلڪه ڪيا پيا وڃن پر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو هڪ وڏو حلقو ان صورتحال جي ذميواري ادارن جي انتظاميائن ، استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي تنظيمن تي وجهي ٿو. سندن چوڻ آهي ته وقت جي حڪومت کي ان صورتحال جي ذميواريءَ کان آجو نٿو ڪري سگهجي پر جيڪر ادارن سان لاڳاپيل ڌريون ايمانداريءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن ته ٻي ڪا ٻاهرين ڌر تعليمي ادارن جو ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دوست کي ان ٿيوريءَ تي اعتراض هجي پر پاڻ ٻئي سوال تي ٿا اچون ته ان صورتحال ۾ بهتري ڪير ٿو آڻي سگهي؟ ان سوال جو به ظاهري طرح جواب سولو آهي ته وقت جي حڪومت ۽ ادارن سان لاڳاپيل ڌريون جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان گڏجي ڪوشش وٺن ته اسان جا تعليمي ادارا به سڌري سگهن ٿا پر اهو جواب چوڻ يا ڳالهائڻ جي حد تائين ته ٺيڪ آهي پر عملي طرح ائين ٿيندي نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۾ ويٺلن جون پنهنجون ترجيحون، مصلحتون ۽ مفاد هجن ٿا ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين جا به پنهنجا مفاد هجن ٿا جيڪي حڪومتي مفادن سان هميشه ٽڪراءَ ۾ هجن ٿا ۽ ان هڪڙي نقطي تي حڪومت يا ادارن سان لاڳاپيل ڌريون ڪڏهن به اچي نٿيون گڏجن ته ”تعليمي ماحول سڌرڻ کپي.“ ان ريت وري سوال اتي جو اتي ئي موجود رهي ٿو ته ”اهو ڪم ڪير ڪري؟“ حڪومت ۽ ٻين  لاڳاپيل  ڌرين مان  ڪنهن  حد  تائين  مايوس  ٿيڻ  کانپوءِ باشعور ماڻهو انهن رخن تي سوچڻ شروع ڪن ٿا ته سوسائٽيءَ جي ڪنهن ٻئي شعبي جا ماڻهو اڳتي اچي ادارن ۾ بهتري آڻين. ڪڏهن اديبن کي ۽ ڪڏهن دانشورن کي اپيلون ڪيون ٿيون وڃن ته هو اڳتي وڌن ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اديبن ۽ دانشورن کانپوءِ اڄڪلهه صحافين کي پڻ چيو ٿو وڃي ته هو ادارن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اڳتي وڌن. عام طرح صحافين کي اڳتي وڌڻ واري صلاح جو خدا ڄاڻي ڇا مطلب هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته صحافي ته هونئن ئي اڳتي وڌي صورتحال کي ڪالمن ذريعي ظاهر ڪندا پيا اچن. پر تازو ان ڏس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ اڳواڻ جيڪو هڪ سلجهيل نوجوان پڻ آهي، هڪ خط لکيو آهي. ڊاڪٽر مير عالم مريءَ ان خط ۾ ”صحافي اڳتي وڌن“ ٽائيپ مبهم صلاح ناهي ڏني بلڪه هڪ صحافي کان سندس ڪيل خواهش ڪافي واضح آهي. اها ڳالهه جدا آهي ته سندس خواهش يا مطالبو يا اپيل ڪنهن صحافي لاءِ پوري ڪرڻ ممڪن آهي يا نه، ان تي پوءِ تبصرو ڪبو، پهرين ڊاڪٽر مريءَ جو خط پڙهون ٿا.
مانوارا علي قاضي صاحب!
”توهان سنڌ جي مختلف معاملن بابت ضروري ڄاڻ ضرور رکندا هوندا پر هن خط ۾ آئون توهان جي توجهه سنڌ جي تعليم بالخصوص اعليٰ تعليمي ادارن اندر امن جي بگڙيل صورتحال ۽ ڪريل تعليمي معيار ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. سنڌ جي ٻين قومي مسئلن جيان توهان جي ساکائتي اخبار ۾ تعليم ۽ بالخصوص تعليمي ادارن جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ڇپجندو رهيو آهي ان مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ مسئلي بابت توهان کي به ايتري ئي ڳڻتي آهي جيتري ڪنهن به باشعور سنڌي ماڻهو کي هجڻ گهرجي. سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اسين خود انهيءَ ابتريءَ واري صورتحال تي نه صرف پريشان آهيون بلڪه حالات کي بهتر بڻائڻ واري عمل کي پنهنجو فرض سمجهندي پنهنجو ڪردار به ادا ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به منهنجي ايمانداراڻي راءِ هيءَ آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ اسين به ڪا اعليٰ منظم حڪمت عملي جوڙي نه سگهيا آهيون، جنهن جا سبب هن خط ۾ بيان ڪرڻ اجائي ڊيگهه ڪرڻ جو سبب بڻبو. مختصر ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ اڃا به تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ جيڪڏهن سياسي ڌريون ۽ اخباري حلقا ۽ استاد وغيره ڪي گڏيل ڪوششون وٺن ته يقينن اهڙين ڪوششن جا نتيجا جلد ظاهر ٿيندا. توهان کي شايد ياد هجي ته ڪجهه سال اڳ، سنڌي ادبي سنگت جي ميزبانيءَ هيٺ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ بگڙيل امن ۽ ڪريل تعليمي معيار جي سڌاري لاءِ ”قومي جرڳي ڪاميٽي“ جي رپورٽ جي بنياد تي شاگرد سياست بابت هڪ ”ضابطهء اخلاق“ مرتب ۽ منظور ڪيو ويو هو، جنهن جي مسودي تي سنڌ جي اڪثر شاگرد تنظيمن، سياسي پارٽين، دانشورن ۽ استادن جي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ صحيحون ڪيون هيون، ان کانسواءِ تعليمي ادارن جي انتظامي توڙي نصابي معاملن بابت ڪيتريون ئي تجويزون پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون هيون. اهي سڀ دستاويز اڄ به محفوظ ته آهن پر ڪافي عرصو گذرڻ جي باوجود انهيءَ تي ٺوس عمل ٿي نه سگهيو آهي.
آئون انهيءَ سلسلي ۾ توهان کي تجويز عرض ٿو ڪريان ته توهان پنهنجي وسيع صحافتي اثر جي حوالي سان جيڪڏهن قومي جرڳي پاران منظور ڪيل انهيءَ ضابطهء اخلاق ۽ تجويزن تي عمل ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺو ته بهتر ۽ موثر رهندو، ان حوالي سان توهان نه صرف اخباري ايڊيٽوريل، سنڌي اخبارن جو گڏيل ايڊيٽوريل ۽ ڪالم وغيره ڇپرائي اهڙو ماحول تيار ڪري سگهو ٿا بلڪه سيمينار يا ڪانفرنس وغيره به ڪوٺائي سگهو ٿا. مون کي يقين آهي ته انهيءَ سوال تي توهان پاران پيش قدمي ڪرڻ نه صرف نتيجي خيز رهندي، بلڪه سنڌ جي بااثر ۽ باشعور فرزند جي حيثيت ۾ توهان پنهنجو تاريخي ڪردار به ادا ڪري سگهو ٿا. انهيءَ ڏس ۾ اسين توهان سان هر موڙ تي هم آواز رهنداسين.
ڊاڪٽر مير عالم مري
ميمبر جيئمسٽ ڪائونسل جيئي سنڌ قومي محاذ
هي خط لکڻ مهل ڊاڪٽر مير عالم جا ڪهڙا خيال هئا، ان بابت ته کيس ئي خبر هوندي جو هو اميد پيو ڪري ته پريس يا ڪو صحافي ان مسئلي يا ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي سگهه ٿو رکي پر تعليمي ادارن جي جيڪا صورتحال آهي اها ڏسي هر باشعور ماڻهو جو Frustrate (نراس) ٿيڻ فطري آهي ۽ ان ڪوفت، مونجهاري ۽ بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ چوڌاري مدد لاءِ سڏ ڏيڻ به فطري آهي. پر ٻئي طرف اهو به ڏسڻو پوي ٿو ته هڪڙي پروفيشنل صحافيءَ جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون، اهو هڪ صحافي ئي سمجهي سگهي ٿو. پر اتي پاڻ ان صحافتي پروفيشن جي ٽيڪنيڪل پاسن تي ڊگهي بحث ڪرڻ بدران اهو جملو لکي ڳالهه اڳتي ٿا وڌايون ته ”صحافيءَ جو ڪم مسئلو يا اشو اجاگر ڪرڻ هجي ٿو، مسئلو حل ڪرڻ ٻين ڌرين جو ڪم هوندو آهي.“
ڊاڪٽر مري صاحب، توهان جي خط مان صاف ظاهر آهي ته توهان ڪيتري خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان اهو لکيو آهي ۽ ان ۾ ڪا لفاظي ۽ دانشوري ڪرڻ کانسواءِ جيڪي ڳالهيون توهان لکيون آهن، اهي صورتحال ڏانهن توهان جو Concern يا اونو ظاهر ڪن ٿيون. توهان بلڪل صحيح لکيو آهي ته تعليمي ادارن جي صورتحال تي مون کي ڳڻتي آهي، بلڪه شديد ڳڻتي آهي، پر ڳڻتي ته مون کي سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ نه هجڻ تي به آهي. ڳڻتي ته سنڌ ۾ چوطرف وڌندڙ امن امان جي خراب صورتحال ۽ معاشي بدحالي تي به آهي. ڳڻتي ته ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ ۽ هجڻ تي به آهي. آپگهات جو وڌندڙ لاڙو به ڳڻتي جوڳو آهي. واپڊا، سنڌ جا پئسا نه پيو ڏئي ۽ سنڌ خاموش آهي. ڳڻتي ته ان جي به آهي ته شهدادڪوٽ جي صدام حسين جيان ڪيترائي ٻار هن سال به عيد پنهنجن مائٽن سان نه ڪري سگهندا. مون کي ڳڻتي ته صحافين خلاف مسلسل ٿيندڙ ڪاررواين تي به آهي. مون کي ڳڻتي به آهي ۽ گڏوگڏ ڪاوڙ به ته تازو ورلڊ بئنڪ پاران ملندڙ چار ملين ڊالر جي امداد صرف ان ڪري اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نه پهچي سگهي جو اسان جي سيڪريٽري سطح جي ٻن سنڌي ڪامورن ان تي بيورو ڪريٽڪ اعتراض ڪري ان امداد کي روڪرائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب! توهان صحيح ٿا چئو! مون کي تعليمي ادارن ۾ ڪرپٽ وائيس چانسلرن جي هجڻ، انهن کي بليڪ ميل ڪري پروموشن ۽ سڻڀيون پوسٽنگون وٺندڙ ملازمن، استادن ۽ بندوق جي زور تي بنا ميرٽ تي داخلا ۽ امتحان ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن، سڀني تي ڳڻتي آهي. پر ڇا منهنجي ڳڻتي سنڌ جي انهن سمورن مسئلن جو حل ۽ سورن جو مداوا بڻجي سگهندي؟
گر ميرا حرف تسلي وه دوا هو جس سي
جي اُٺي ڦر تيرا اجڙا هوا بي نور دماغ
تيري پيشاني سي ڌل جائين يه تذليل ڪي داغ
تيري بيمار جواني ڪو شفا هوجائي
گر مجهي اسڪا يقين هو
ميري همدم ميري دوست (فيض)
مٿيون سٽون لکي توهان کي مايوس ڪرڻ مقصد نه هو ۽ نه ئي ان مان اهو مطلب ڪڍڻ گهرجي ته جڏهن ڪجهه ڪري نٿا سگهون ته اجائي ڳڻتي ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ بلڪه ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن هڪ صحافي کي ڳڻتي آهي به ته هو پنهنجن ڪالمن ۾ ان جو اظهار ڪري پيو سگهي. پر خدا ڪري ته گورنر کي تعليمي ادارن بابت ڳڻتي ٿئي جو هو اتان جي انتظامي عهدن تي ايماندار ۽ اهل ماڻهو مقرر ڪري. خدا ڪري ته استادن کي ڳڻتي ٿئي جو هو ڪلاسن ۾ تياري ڪري اچن ۽ شاگردن کي واقعي به تعليم ڏين. خدا ڪري شاگرد سياست جي نالي ۾ ادارن ۾ داخل ٿيل غنڊاگردي ۽ بدمعاشي ختم ٿئي پر اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن شاگرد تنظيمن ۽ سندن مدر پارٽيز کي صورتحال تي ڳڻتي ٿئي. تنهن ڪري چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي به ڪنهن تبديليءَ جا اسين سڀ خواهشمند آهيون ته عملي ائپروچ اختيار ڪرڻي پوندي، يعني انهن ڌرين کي ريڊيڪل قسم جا فيصلا ۽ قدم کڻڻا پوندا جيڪي ان سڄي صورتحال سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل آهن ۽ انهن ڌرين کي پنهنجي پنهنجي حصي ۾ آيل خرابين کي درست ڪرڻ گهرجي نه ڪي هر ڪو اهو چئي پنهنجي روش نه مٽائي ته ٻيءَ ڌر پنهنجو رويو نه پئي مٽائي. ان ڏس ۾ اها ڳالهه چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ته تعليمي ادارن جو ماحول سڌارڻ جتي معاشري جي ٻين ڌرين جي ذميواري آهي پر مک جوابداري حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي آهي. اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان جون حڪومتون سالن کان قائم جمود کي ٽوڙڻ جي ڪڏهن به حق ۾ نٿيون هجن ۽ نه ئي سياسي پارٽيون ڪو ايترو سگهارو دٻاءَ ٺاهي سگهيون آهن جو حڪومت ان جمود کي ٽوڙي سڌارا آڻڻ تي مجبور ٿئي پر تعليمي ادارن جي معاملي ۾ ته ويتر بدقسمتي اها آهي ته اتي خود اڪثر سياسي تنظيمن جو ڪردار اهڙو رهيو آهي جو جڏهن به حڪومت مٿان سڌارن لاءِ سوسائٽيءَ جو پريشر هوندو آهي ته حڪومت، سياسي تنظيمن جي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪارگذارين کي انهيءَ حالت جي خرابي جي مک جواز طور پيش ڪري پنهنجي جند آجي ٿي ڪرائي وڃي. تنهن ڪري سياسي پارٽين ۾ جن به دوستن (ڊاڪٽر مير عالم جيان) کي تعليمي ادارن جي حالتن جو اونو آهي ته هو پهرئين مرحلي ۾ حڪومت جي ان جواز کي ختم ڪرائين. جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ سياسي سرگرمين جو گذريل ڏهن کان پندرنهن سالن وارو دور ڏسجي ۽ ان جو Rational (عقلي بنيادن تي) انداز ۾ تجزيو ڪجي ته هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو سياست جي نالي ۾ اتي ٿيندڙ ڪاررواين کي تعليم جي ٻيڙي ٻوڙڻ واري سبب جي فهرست مان ڪنهن به صورت ۾ خارج نٿو ڪري سگهي. سياسي دانشور ڀلي ڊگها ليڪچر ۽ فلسفا ٻڌائين ته هر انقلاب يا قومي تحريڪ لاءِ شاگرد ڪارڪن جو اهم ڪردار هجي ٿو ۽ معاشري ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ شاگرد ڪارڪنن جي وڏي ضرورت هجي ٿي وغيره، پر انهن سياسي دانشورن کي هاڻ اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته سنڌ کي ڪاليجن يا يونيورسٽين مان ڪارڪنن جي کيپ جي ضرورت آهي يا هوشيار ۽ باصلاحيت پروفيشنلز جي ضرورت آهي؟ سنڌ کي ڪمپيوٽر سائنسز مان نڪتل اهڙو شاگرد کپي جيڪو تقرير ته سٺي ڪرڻ ڄاڻندو هجي پر هو ڪمپيوٽر جي شعبي جو واقعي به ماهر هجي؟ اهڙو انجنيئر نه کپي جيڪو ٽي ٽي پستول هلائڻ ۾ ته مهارت رکندو هجي پر ڪنهن ملٽي نيشنل فرم ۾ ملازمت لاءِ سولي درخواست به نه لکي سگهي؟ اسان جا سياسي دانشور فيصلو ڪري عوام کي ٻڌائي ڇڏين ته 21هين صديءَ لاءِ سنڌ جي تعليمي ادارن مان جيڪو Stuff نڪري پيو ان مان هو مطمئن آهن يا نه؟ جيڪڏهن هو سمجهن ٿا ته سنڌ کي 21هين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ٻين پروفيشنلز کان سياسي شاگردن جي وڌيڪ ضرورت آهي، ته پوءِ اسان بس ڪري ويهي ٿا رهون!
ڊاڪٽر مير عالم تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست ۾ ضابطه اخلاق جوڙڻ بابت ماضيءَ ۾ ٿيل قومي جرڳي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان ضابطه اخلاق تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ گذارش اها آهي ته ڪوبه پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو جرڳي جي سڄي Concept (تصور) ۽ معنيٰ کي ئي صحيح نٿو سمجهي ڇاڪاڻ ته جرڳي جو لفظ يا اصطلاح ٻڌڻ سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته اسان اڃا قبائلي دور ۾ رهون پيا، پر جيڪڏهن هڪڙي منٽ لاءِ جرڳو ڪرڻ جي ڳالهه به ڪجي ته اها پاڻ سڀني کي خبر آهي ته جرڳي جا فيصلا سردار يا بااثر/طاقتور وڏيرا ڪرائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته جرڳي جو مقصد صرف فيصلو ڪرڻ نه پر ان تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ به هوندو آهي ۽ تنهن ڪري ئي جرڳي جا فيصلا سردار ڪندا آهن ته جيئن فيصلو ڪرائيندڙ ڌرين کي خبر هجي ته جيڪڏهن هنن فيصلو ٿيڻ کانپوءِ ان کي نه مڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته سردار فيصلي کان باغي ڌر يا فرد جو جيئڻ جنجال ڪري ڏيندا. ان ريت قبائلي يا وڏيرڪي ڪلچر ۾ فيصلو يا جرڳو ان کان ڪرائبو آهي، جنهن تي اعتبار به هجي يا جنهن کان خوف به هجي. ماضيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگرد تنظيمن جي جهيڙي بعد ٿيندڙ ”قومي جرڳي“ (جنهن جو ڊاڪٽر مير عالم ذڪر ڪيو آهي) ۾ منصف جو ڪردار ادا ڪندڙ پروفيسر عمر ميمڻ کان جرڳو هلڻ دوران مون پڇيو هو ته ”پروفيسر صاحب، توهان ڪي سردار ته نه آهيو، پوءِ جيڪو به فيصلو ڪندؤ ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟“ عمر ميمڻ جيڪو هڪ خوبصورت ماڻهو  هو،  چيو ته ”اها ڳالهه اسين به سمجهون ٿا پر اسان انهن ڇوڪرن (شاگردن) جي بهتريءَ جي نيت سان ڪم ڪريون پيا، باقي سندن مرضي ان تي عمل ڪن يا نه!“ اڄ جڏهن ڊاڪٽر مير عالم مري وري جرڳي تي عمل ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ جي صلاح ٿو ڏئي ته کيس سمجهڻ کپي ته فيصلن تي عمل هميشه وڌيڪ طاقتور ڌر ڪرائيندي آهي. پر اهو فيصلو جيڪڏهن عدالتون ڪنديون آهن ته رياستي مشنري ان تي عمل ڪرائيندي آهي ۽ سردار ڪندو آهي ته ان تي عملدرآمد سندس خانگي فورس ڪرائيندي آهي. پر ڪجهه دانشورن يا اديبن يا استادن يا صحافين کان ڇا اها اميد ڪرڻ دانشمندي هوندي ته هو مختلف ڌرين، جيڪي هڪ ٻئي جا ماڻهو ماريندي به دير نٿا ڪن، کي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند ڪرائي سگهن ٿا؟ اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست ڪنهن اڪيڊمڪ نوعيت جي نه رهي آهي جو معاشري جا چار وڏا وڃي اتي ڪو فيصلو ڪري اچن ۽ ڇوڪرا حيا ۽ عزت ڪندي سندن ڳالهه کي مان ڏين. اڄڪلهه اتي ڪهڙي نوعيت جي سياست ٿئي پئي ان جي خبر سڄي جهان کي آهي، تنهن ڪري ان صورتحال ۾ مختلف دوستن طرفان اٿاريل ان تجويز تي غور يا بحث ڪري سگهجي ٿو ته تعليمي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن تائين شاگرد سياست تي رضا ڪارانه طور تي بندش وڌي وڃي ۽ اهو ڪم شاگرد تنظيمن جون مدر پارٽيز گڏجي ڪن ۽ ان لاءِ هڪ ”قومي ڪاميٽي“ ٺاهي ان جي آڏو اها تجويز رکي وڃي ته اها ڪاميٽي ان لاءِ ڪو فيصلو ڪري. پر ان کان اڳ سمورين مدر پارٽيز جا سربراهه لکت ۾ ان ڪاميٽي کي شاگرد سياست بابت فيصلي لاءِ بااختيار بڻائين ته جيڪو فيصلو اها ڪاميٽي ڪندي اهو مدر پارٽيز کي قبول هوندو، اها صرف هڪ رٿ آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ سياسي پارٽين ۾ ويٺلن جو ڪم آهي. باقي جيڪڏهن خالص جرڳو ڪرائڻو آهي يا جرڳي جي فيصلن تي عمل درآمد ڪرائڻو آهي ته پوءِ ڪنهن دانشور يا اديب يا صحافي بدران اهو ڪم وڌيڪ مناسب نموني قبيلن جا سردار ئي ڪري پيا سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي نه صرف جرڳي ۾ فيصلو ڪندا بلڪه فيصلي تي عمل ٿيڻ جي ضمانت به ڏيندا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو