Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

ڇا سنڌ ۾ وري ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ اڀري سگهي ٿي؟
                                آچر 2 مئي 1999ع

اسان جي تاريخدانن جي اڪثريت ان راءِ جي آهي ته سنڌ جي پراڻي دور جي تاريخ بابت ڪو به مستند ڪتاب موجود ڪونهي ۽ چچنامي جهڙن هڪ ٻن ڪتابن مان ئي ان دور کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي پڻ Authenticity (صداقت) تي تاريخ جي شعبن جا ماڻهو تحفظات رکن ٿا، سنڌ جي هزارين يا سوين سال اڳ جي صورتحال بابت ڪا ٺوس معلومات يا مواد نه هجڻ هڪ مسئلو آهي پر اسان جو الميو ته اهو پڻ آهي ته اسان وٽ سنڌ جي گذريل 50 سالن بابت به ٺوس ۽ مربوط قسم جو ڪو ڪتاب يا ڊاڪيومينٽ موجود ناهي، جيڪو ڪنهن غير جانبدار ماڻهوءَ ترتيب ڏنو هجي، جيتوڻيڪ سنڌ جي گذريل 50 سالن جي تاريخ (خاص ڪري سياسي تاريخ) بابت ڪجهه سياسي ماڻهن جون لکڻيون موجود آهن پر ڇاڪاڻ ته اهي معزز لکندڙ پاڻ ڌر هئا، تنهن ڪري سندن لکڻين کي مستند قرار نه ٿو ڏنو وڃي، اها ڳالهه به هڪ الميي کان گهٽ ناهي ته سنڌ ۾ سورنهن سال اڳ هلندڙ هلچل يعني 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ بابت (جيڪا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هلندڙ وڏي تحريڪ هئي) تي ڪابه ريسرچ ناهي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن غير جانبداري سان ان بابت ڪتاب لکيو، تنهن ڪري اڄ جيڪڏهن اسان کي ان تحريڪ بابت ڪا ٺوس ڄاڻ گهربل هجي ته اسان ان دور ۾ سينسر هيٺ آيل اخبارن جي فائيلن يا سياستدانن جي تحريڪ بابت لکيل يادگيرين کي ئي ريفرنس طور ڪتب آڻڻ لاءِ مجبور آهيون، ايم آر ڊي جي هلچل بابت اڃا تائين پڪ سان اها ڳالهه به ڪير ڪو نه ٿو ٻڌائي سگهي ته ان هلچل ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجي زندگي جون قربانيون ڏنيون ڪيترا ماڻهو سدائين لاءِ معذور ٿي ويا يا هلچل دوران گرفتاريون ڏيندڙن جو صحيح انگ ڇا هو، اهڙا ٻيا کوڙ سارا سوال آهن جن بابت پڪي معلومات ڪٿان به نه ٿي ملي ۽ شايد ڪڏهن ملي به نه سگهندي، صرف ٻڌل خبرون ۽ احوال آهن. ڪو چوي ٿو ته هلچل دوران مرندڙن جو انگ 7 هزار کان وڌيڪ هو ته وري ڪو چوي ٿو ته پنج سئو کان به گهٽ هو!! پنج سئو يا پوءِ 7 هزار يعني ايڏو تضاد آهي جو سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته حقيقت ڇا آهي ۽ سورنهن سال اڳ 1983ع ۾ سنڌ ۾ ڇا ٿي گذريو؟
هڪ ڳالهه طئي آهي ته ايم آر ڊي جي هلچل سنڌ جي روايتي سياست کان هٽيل ٽرينڊز تي هلي ۽ خود ان هلچل سياست ۾ نوان ٽرينڊز متعارف ڪرايا، هاڻ ان ڳالهه کي به گهڻن ماڻهن تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ان هلچل کي موثر بڻائڻ ۾ سنڌي وڏيرن جو تمام وڏو رول هو، اتي اهو بحث الڳ آهي ته وڏيرن پاران ان تحريڪ  ۾  حصو  وٺڻ  سندن مجبوري هئي يا ان ۾ به سندن ڪي مفاد هئا؟ لاڙڪاڻي جي احمد علي سومري مرحوم هڪ ڀيري چيو ته ”پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي وڏيرن جي روايتي مفاد پرستي وارن روين سبب هو آهستي آهستي عوام آڏو نروار (ايڪسپوز) ٿي رهيا هئا ۽ ماڻهو انهن (وڏيرن) خلاف اٿي بيهڻ جي موڊ ۾ اچي رهيا هئا پر 1970ع ۾ پهرئين مرحلي ۾ ڀٽو مرحوم انهن کي پاپولر سياست ۾ آڻي کين بقا بخشي ۽ پوءِ 1983ع ۾ انهن (وڏيرن) قربانيون ڏئي عوام ۾ ٻيهر مڃتا حاصل ڪري ورتي نه ته آهستي آهستي عوام انهن خلاف اٿي کڙو ٿئي ها ۽ مڊل ڪلاسي سنڌي سياست مان انهن وڏيرن کي آئوٽ ڪري ڇڏين ها“. سومري مرحوم جي تجزئي موجب وڏيرن پاران 1983ع ۾ قربانيون ڏيڻ سندن پنهنجي مفاد ۾ هيو، ان تجزئي سان اتفاق نه ڪندڙ ۽ هلچل دوران اهم ڪردار ادا ڪندڙ نوابشاهه جي هڪ وڏيري چيو ته ”هلچل ۾ شامل ٿيڻ سان فائدو ته ڇا پر الٽو وڏيري کي نقصان ٿيو ۽ وڏيري جو هڪ Insititution(اداري) وارو اميج بري طرح متاثر ٿيو، ڇاڪاڻ ته سدائين پوليس يا رياستي مشينري هٿان راڄ پريشان هوندا هئا ۽ وڏيرو کين رليف ڏياريندو هو پر پهريون ڀيرو 1983ع ۾ ائين ٿيو جو حد جو صوبيدار هاري جي پويان به لڳل هو ۽ وڏيرن پويان به ان ريت عام ماڻهن پهريون ڀيرو ڏٺو ته ”ڀوتار“ به انهن جيان ماڻهو آهي ۽ رياست آڏو ڪمزور آهي، ان کانسواءِ مارشل لا اٿارٽيز هلچل ۾ شامل نه ٿيندڙ ننڍڙن زميندارن جي مٿي تي هٿ رکي مٿن نوازشون ڪري کين خانداني وڏيرن آڏو آڻي نقصان رسايو“ مٿي ڄاڻايل ٻنهي تجزين ته هلچل ۾ شامل ٿيڻ سان وڏيرن کي فائدو ٿيو يا نقصان مان ڪهڙو وڌيڪ صحيح آهي اهو جدا بحث آهي پر پاڻ اصل ڳالهه تي موٽي ٿا اچون ته هلچل کي موثر بڻائڻ ۾ سنڌي وڏيرن جو اهم ڪردار هو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته تحريڪ هلڻ ۾ ٻيا فيڪٽر شامل نه هئا، ڇاڪاڻ ته ڀٽي مرحوم کي ڦاهي ملڻ سنڌ کي اسلام آباد پاران ڀٽو دشمني ۾ ننڌڻڪو ڪري رکڻ ان وقت جي ”انٽيليجينشيا“ جي ۽ عوامي تحريڪ جي ان هلچل ۾ ڀرپور شرڪت پڻ ان هلچل کي سگهارو ڪرڻ جا اهم ڪارڻ هئا پر اها حقيقت پوءِ به پنهنجي جاءِ تي رهي ٿي ته صوبي ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال جوڙڻ ۽ رياستي فورسز سان هٿيارن جي ٻولي ۾ مهاڏو ”وڏيرڪي فورس“ ئي اٽڪايو، جو اهڙا حالات ٿيا جو ملڪ جي سلامتي کي به خطرو ٿيڻ جون ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيڻ لڳيون. تحريڪ ۾ شريڪ هڪ اهم ڪردار جيڪو وڏيرو پڻ آهي، تازو مون کي ٻڌايو ته ” ايم آر ڊي ۾ راڄ وڙهيا هئا“ سندس پاران لفظ ”راڄ“ مان مراد هئي ته هلچل ۾ مجموعي طرح عوام گهٽ پر ورهين کان وڏيرن جي اثر هيٺ رهندڙ راڄ وڏيري جي پويان وڙهيو هو، ساڳئي وڏيري جو چوڻ هو ته ”صرف منهنجا هڪ هزار ماڻهو جيڪي منهنجا خاص ماڻهو هئا ان تحريڪ ۾ مارجي ويا“ ان ڳالهه سان متفق ٿيڻ ممڪن ناهي ته ڪو تحريڪ ۾ مجموعي طرح عوام نه پر صرف وڏيرن جا راڄ وڙهيا ڇاڪاڻ ته راڄن جا ماڻهو وڏيري جي حڪم تي ونگار لاءِ اچي سگهن ٿا، زمين تي قبضو ڪرڻو هجي يا ڪنهن ٻئي راڄ جي ماڻهن سان وڙهڻو هجي ته به راڄ جا ماڻهو اچي سگهن ٿا پر خالص سياسي مسئلي تي وڙهندڙ ماڻهو ڀلي سڏجي راڄ جو ماڻهو پر ان وٽ ان سياسي اشو تي پنهنجي پسند جو هجڻ لازم هجي ٿو ۽ ايم آر ڊي واري دور ۾هر ماڻهو  ڪاوڙيل  ويٺو  هو، تنهن ڪري جڏهن کين وڏيرن جو سڏ ٿيو ته انهن گهران نڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، مثال طور جيڪڏهن اڄ ڪو وڏيرو چاهي ته هو ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ تحريڪ هلائي ۽ سندس راڄ جا ماڻهو ڊيم جي حق ۾ صرف ان ڪري گوليون هلائين ڇاڪاڻ ته وڏيرو ائين چاهي ٿو ته وڏيري جي اها هڪ غير منطقي خواهش هوندي، وڏيرن کان ڊنل راڄ جا ماڻهو پنهنجي خواهش جي ابتڙ ڪم ڪندڙ ڪنهن وڏيري جي ٿي سگهي ٿو ته مخالفت نه ڪن پر ان لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏين، اهو صحيح نه آهي، اتي اها وضاحت ضروري آهي ته هر وڏيري وٽ اهڙا ڪجهه ماڻهو ضرور هجن ٿا جن کي هو ”خانداني نوڪر“ جو نالو ڏين ٿا، جيڪي وڏيري لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، يعني وڏيري جي حڪم تي پنهنجي خواهش جي ابتڙ به بندوق کڻي ٻيلي ۾ لهي ايتري قدر جو ڌاڙيل به بڻجي وڃن ٿا پر اهڙا ماڻهو ٿورڙا هوندا آهن ۽ راڄن جي راڄ کان ائين ڪرائڻ ڪنهن به وڏيري جي وس جي ڳالهه ڪانهي، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران وڏيرن جي شموليت جي ڪري هڪ ٻيو دلچسپ رخ به ڏسڻ ۾ آيو هو ته رياستي فورسز سان ويڙهه کانسواءِ وڏيرن جو هڪ ٻئي سان به مقابلو يعني جيڪڏهن هڪ وڏيري جي ڳوٺ ۾ ماڻهن فورسز سان مهاڏو اٽڪايو ۽ اها وڏي خبر بڻجي وئي ته پ پ منجهه ئي ان وڏيري جي روايتي حريف وڏيري جي اها ڀرپور خواهش هوندي هئي ته سندس ڳوٺ ۾ به مارشل لا اٿارٽيز سان ڪا گڙ ٻڙ ڪرائي وڃي جيئن بي بي سي تان سندس ڳوٺ جو نالو به اچي، مطلب ته وڏيرن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان نالو ڪڍڻ وارو مقابلو به جاري هو، ايم آر ڊي هلچل جي موثر هجڻ جا ٿلهي ليکي ٽي اهم فيڪٽر هئا، هڪ وڏيرن جي شموليت، ٻيو ڀٽو مرحوم جي موت تي ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ٽيون فيڪٽر نظرياتي سياست ۾ ڪارڪنن جو پنهنجي اوج تي هجڻ، انهن ٽنهي فيڪٽرز کانسواءِ هڪ اهم ڪارڻ اهو به هو ته مارشل لاءِ اٿارٽيز هڪ ٻوسٽ وارو ماحول جوڙي ڇڏيو هو، ۽ 1977ع کان 1983ع تائين وارن سالن ۾ ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڏک کي ڪا به Ventilation نه پئي ملي ۽ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته سوسائٽي ڦاٽي پئي ۽ ماڻهن پنهنجي باهه ڪڍڻ شروع ڪري ڏني.
تازو محترمه بينظير ڀٽو خلاف ڏنل نااهلي واري فيصلي تي سامهون آيل فوري رد عمل مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته پ پ جي سڏ تي سنڌ ٿورو يا گهڻو رد عمل ظاهر ڪيو، جڏهن ته باقي ملڪ ۾ صرف علامتي نوعيت جو احتجاج ٿيو ۽ صورتحال ان حوالي سان بلڪل 1983ع جيان نظر اچڻ لڳي آهي جڏهن سڄو ملڪ ڪراچي سوڌو ماٺ رهيو باقي سنڌ ڀرپور احتجاج ڪيو هو، اهڙي صورتحال ملڪي منظر نامي تي نظر اچڻ سبب اڄڪلهه اهو بحث ڪيو پيو وڃي ته ڇا تاريخ پنهنجي پاڻ کي ورجائي پئي؟ ڇا ٻيهر ايم آر ڊي جي هلچل جيان سنڌ ۾ گوڙ گهمسان ٿيندو، ظاهري طرح 1983ع ۾ هلندڙ تحريڪ واري صورتحال ۽ اڄوڪي حالتن ۾ تمام گهڻو فرق ٿو محسوس ٿئي ۽ 1983ع جي تحريڪ کي موثر بڻائڻ وارن فيڪٽرز مان اڄ ڪو به نظر نه ٿو اچي، 1983ع ۾ سنڌ جي روايتي سياسي توڙي سماجي اثر رکندڙ سنڌجي خاندانن مان پير صاحب پاڳاري، سائين جي ايم سيد ۽ هڪ ٻن کي ڇڏي باقي سمورا وڏا خاندان ۽ شخصيتون ان تحريڪ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح شامل هيون پر اڄ صورتحال مختلف آهي ۽ جيڪي بااثر خاندان  يا  وڏيرا  پ پ  ۾ آهن  به اهي  به في الحال جهيڙي ۾ پارٽي لاءِ گهڻو اڳتي وڌڻ جي موڊ ۾ ناهن، ساڳي ريت سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ”ڪامريڊي سياست ۽ سياسي ڪارڪن“ به ماضي جو داستان بڻجي ويا آهن ڄڻ ايمانداري يا نظرياتي سياست رڳو سويت يونين سان ٻڌل هئي ۽ جڏهن اهو ٽٽو ته نظرياتي سياست تان دل به ٽٽي پئي، بهرحال اڄ ڪلهه نظريات يا فلسفي يا ايمانداري جي سياست Out of fashionسمجهي وڃي ٿي پر 1983ع ۾ ائين نه هو، ايم آر ڊي دوران ماڻهن کي ڀٽي مرحوم جي ڦاهي ڪري باهيون هيون ۽ مارشل لا وارن اها باهه عوام کي ڪڍڻ نه پئي ڏني ۽ هڪ ٻوساٽيل ماحول جڙي ويو هو پر اڄ جيتوڻيڪ پ پ جي همدرد عوام ۾ بينظير جي نااهلي تي ڪاوڙ آهي پر پ پ جي ٻن حڪومتن دوران رڪارڊ ايڏو مايوس ڪندڙ رهيو آهي جو بينظير لاءِ ماحول هن وقت اهڙو نظر نه ٿو اچي جهڙو ڀٽي مرحوم لاءِ سورنهن سال اڳ هو ۽ گڏو گڏ اڄ مارشل لاءِ ناهي تنهن ڪري ٽڪو پيسو ماڻهن جي ڪاوڙVentilate ٿي رهي آهي ۽ عوامي ڪاوڙ جون چڻنگون گڏ ٿي ڀنڀٽ نه پيون بڻجن، اهي سڀ ڳالهيون اهو ظاهر ٿيون ڪن ته هاڻوڪيون معروضي حالتون 1983ع وارين حالتن کان مختلف به آهن ۽ تحريڪ هلائڻ لاءِ 1983ع کان وڌيڪ ڏکيون به آهن پر اڄوڪي صورتحال ۾ تحريڪ هلائيندڙن وٽ هڪڙو پلس پوائنٽ موجود آهي، جيڪو 1983ع ۾ نه هو سو آهي معاشري جو 16 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاد هجڻ، مطلب اهو ته اڄ ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاد آهي، انساني حقن بابت سڄي دنيا ۾ شعور وڌيوآهي ۽ ان لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون وڌيڪ فعال ٿيون آهن، رابطي جا طريقا ۽ وسيلا وڌيا آهن، غرض ته اڄ ڪنهن عوامي رد عمل کي ماضي جيان ڳوٺن تي بمباري ڪري ڪچلڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته ڪمزور ۽ ڏيکاءَ لاءِ به جيڪا جمهوريت هوندي آهي اها ڪنهن آمريت کان وڌيڪ بهتر هجي ٿي، ان فيڪٽر کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن پاڻ 1983ع ۽ اڄوڪي صورتحال جو ڪنهن امڪاني تحريڪ هلڻ جي حوالي سان جائزو وٺون ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ايم آر ڊي جي هلچل 1983 ع بدران 1998ع ۾ هلي هجي ها ته ان جو اثر سئو سيڪڙو وڌيڪ پوي ها ۽ جيڪڏهن اڄ ايم آر ڊي جهڙي هلچل جي 50 سيڪڙو سگهاري تحريڪ به ڪو هلائڻ ۾ ڪامياب ويو ته ان جو اثر 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ کان وڌيڪ پوندو، ڇاڪاڻ ته اڄ اسين هڪ سڪڙيل دنيا ۾ رهون ٿا ۽ ان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جيڪڏهن ڪا بيچيني يا هلچل هجي ٿي ته باقي دنيا لاءِ ان کان ڪن ٽار ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو، بينظير ڀٽو گذريل ڪافي عرصي کان تحريڪ هلائڻ بابت تاريخن جو اعلان ڪندي پئي اچي پر اهي اعلان ئي رهيا پر تازو جڏهن کيس نااهل ڪرڻ جو فيصلو آيو آهي ته وٽس تحريڪ هلائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي نه بچيو ۽ هڙتالن ۽ مظاهرن جا سڏ شروع ٿي ويا، في الحال محترمه بينظير جي ذهن ۾ ٻه حڪمت عمليون ٿي پيون سگهن، هڪ اها ته هو ان کي خالص سياسي اشو بڻائي ۽ هڪ اهڙي نيم باغي ليڊر بڻجي وڃي جيڪا نظام کي مڃڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ جيڪا سسٽم ۾ موجود ڪنهن فورم کي تسليم ڪرڻ بدران چوي ته آئون رڳو عوامي عدالت ۾ يقين رکان ٿي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ساڻس  معاملات  ٺيڪ  ڪرڻا  آهن  ته  هو ان  سان (بينظير سان) سياسي ڊائلاگ ڪري، ٻي حڪمت عملي اها ٿي پئي سگهي ته هو سسٽم ۾ رهندي عوامي راءِ عامه به پنهنجي حق ۾ ٺاهي ۽ اعليٰ عدالتن ۾ قانوني نقطن تي پنهنجو ڪيس پڻ پيش ڪري رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، في الحال محترمه انهي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي يعني عوامي رد عمل کي موبلائيز پڻ ڪري پئي ۽ سندس وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي تياري پڻ ڪري رهيا آهن، فرض ڪجي جيڪڏهن محترمه کي اعليٰ عدالتن مان رليف نه مليو ته پوءِ ڇا ٿيندو، جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو هجي ها ته پاڻ چئون ها ته ”رليف نه مليو ته بس ڪهاڻي ختم ٻيو ڇا؟“ پر اسان جي پوئتي پيل معاشري ۾ ڪنهن عام ماڻهو ۽ بينظير کي هڪ انداز سان نه ٿو ڏسي سگهجي، بينظير وٽ رليف نه ملڻ جي صورت ۾ ٻه واٽون بچنديون، هڪ اها ته اها سياست کي خير آباد چئي ڇڏي يا پوءِ پرڏيهه ۾ ويهي عوامي رد عمل کي ايترو سگهارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري جو حڪومت يا پوءِ ماڳهين اسٽيبلشمينٽ، محترمه سان ڳالهائڻ تي مجبور ٿي وڃي، بينظير پاران في الحال سياست کي خير آباد چوڻ گهٽ ممڪن ٿو لڳي ۽ لڳي ٿو ته بينظير کي پنهنجي ماضي جي ٻن اميجز کي ملائي سامهون اچڻو پوندو، سندس هڪ اميج 1986ع وارو هو، جڏهن هوءَ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي هئي ۽ محلاتي سازشن کان پري رهندڙ عوام سان ڪميٽيڊ ليڊر طور پنهنجو رويو رکندي هئي، سندس ٻيو اميج 1993ع وارو آهي، جنهن ۾ هوءَ چالاڪ اقتداري سياستدان طور سامهون آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ پنهنجي مخالف صدر غلام اسحاق خان سان ڊيل ڪري اقتدار حاصل ڪري ورتو، اڄوڪين حالتن ۾ کيس پنهنجن ٻنهي اميجز کي گڏائڻو پوندو، جيئن هوءَ هڪ پاسي واشنگٽن ۽ راولپنڊي کي حڪومت خلاف بدظن به ڪري سگهي، واشنگٽن ۽ راولپنڊي ۾ محترمه پنهنجي لاءِ ڇا ڪري پئي سگهي اهو هوءَ پاڻ ٻين کان بهتر ڄاڻيندي هوندي پر پاڻ رڳو ان ڳالهه جو جائزو وٺون ٿا ته ڇا هوءَ لنڊن ۾ ويهي عوام کي ايترو متحرڪ ڪري سگهندي جو اقتداري حلقا ان جو اثر وٺن ۽ بينظير وٽ عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪارڊز باقي بچيا آهن؟ ماضي ۾ عوام لاءِ صرف اهو نعرو به ڪافي پر ڪشش هوندو هو ته ”ٻئي جي حڪومت وڃي ۽ پ پ جي حڪومت اچي“ پر هاڻ پ پ جي ٻه دفعا آيل حڪومتي ڪارڪردگي ڏسڻ کانپوءِ اهو نعرو ڪافي ناهي رهيو ۽ عام ماڻهو ته ٺهيو پر خود پ پ جي هڪ پراڻي ڪارڪن جو چوڻ هو ته ”حڪومت آڻڻ لاءِ قرباني ٻن لک ماڻهن کان ورتي ٿي وڃي پر حڪومت اچڻ کانپوءِ موج مزا رڳو ٻه سئو ماڻهو ڪن ٿا، سو ادا اسان ٻن سئو ماڻهن لاءِ قرباني ڇو ڏيون، پ پ قيادت کي اها راءِ سٺي لڳي يا خراب پر کيس پاڻ به اهو احساس هوندو ته صرف ”نواز حڪومت هٽايو ۽ بينظير حڪومت آڻيو“ جي نعري تي شايد هاڻ ماڻهو جيل ڀرڻ شروع ڪو نه ڪري ڏيندا تنهن ڪري کيس نوان ۽ ٺوس نعرا ۽ واعدا عوام ۾ لاهڻا پوندا، ملڪي سياست ۾ ”جمهوريت“، ”سوشلزم“ وغيره جهڙا نعرا هاڻ گهڻا پٽجي چڪا آهن ۽ في الحال جنهن نعري جي اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ گنجائش آهي اهو آهي ”صوبائي خودمختياري“ يا ان کي اڃا واضح ڪجي ته ننڍن صوبن جي حق جو نعرو.
جڏهن پائي ۽ پونم  جا  اتحاد  جڙي  رهيا  هئا  ته ان دوران هڪ ذاتي ڪچهري ۾ محترمه بينظير مون کان پڇيو ته ”پ پ کي پائي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي يا ننڍن صوبن جي ٺهندڙ اتحاد (پونم) ۾؟“ موٽ ۾ چيو مانس ته ”سنڌ جي مفاد ۾ ته اها ڳالهه آهي ته ننڍن صوبن جو ٺهندڙ اتحاد مضبوط ٿئي ۽ توهان جي شموليت ان اتحاد کي يقينن مضبوط ڪندي پر پ پ جي نقطه نظر کان توهان يقينن ترجيح ملڪي سطح جي اتحاد کي ڏيڻ چاهيندو پر محترمه مهرباني ڪري پنجاب ۾هڪ غير جانبدار ماڻهن جي ٽيم موڪلي اهو سروي ضرور ڪرائي وٺو ته ڇا پ پ جي هاڻ پنجاب ۾ ڪا گنجائش به بچي آهي؟ جيڪڏهن توهان سمجهو ته گنجائش ناهي بچي ته پوءِ توهان لاءِ مستقبل جي بابت فيصلو ڪرڻ ۾ سوالائي ٿيندي“ بينظير ڀٽو ظاهر آهي ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهي تنهن ڪري هن ان مهل پائي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو پر تازو جڏهن سندس خلاف آيل فيصلي خلاف پنجاب ۾ ماٺار آهي ته محترمه پاڻ ان قسم جا بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته ”پنجاب مٿان فيڊريشن بچائڻ جي ذميواري وڌي وئي آهي“ يا اهو ته ”ملڪ ۾ ون يونٽ جهڙو ماحول جوڙيو ويو آهي،“ ظاهري طرح جيڪڏهن حالات محترمه کي صفابند گهٽي ۾ آڻي بيهاريو ته وٽس ”سنڌ ڪارڊ“ ۽ ”سرائيڪي ڪارڊ“ استعمال ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه بچندي، جيتوڻيڪ محترمه اهي ڪارڊ وقت به وقت ماضي ۾ استعمال ڪندي رهي آهي پر جيڪڏهن هاڻ هوءَ چاهي ٿي ته سندس واهر لاءِ سنڌ جو عوام اچي ته کيس سنڌ کي اسٽيبلشمينٽ کي ڊيڄارڻ لاءِ صرف هڪ ڪارڊ طور استعمال نه پر باقاعده ڪمٽمينٽ سان سنڌ جي ڳالهه اٿارڻي پوندي ۽ سنڌ جي عوام سان هڪ مربوط ۽ ٺوس نئين معاهدي جو اعلان ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ جيڪڏهن هوءَ سنڌ مان ايم آر ڊي جهڙي رد عمل جي اميد رکندي ته اها منطقي چئي پئي سگهجي. محترمه بينظير کي اسلام آباد مان اهڙا سگنل يقينن سگهارن حلقن پاران ملي رهيا هوندا ته هو ڪو Extrimist (انتها پسنداڻو) فيصلو ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪري جو سندس اسلام آباد واپس موٽڻ (بطور وزيراعظم) جا رستا هميشه لاءِ بند ٿي وڃن، کيس اهڙيون تسليون به ڪير ڏئي رهيو هوندو ته ڄاڻ نواز حڪومت ختم ٿي تنهن ڪري ڪو اهڙو فيصلو نه ڪري جو سڀاڻي کيس پڇتائڻو پوي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته بينظير سنڌ ۾ پيدا ٿيل گرم ماحول کي وقت سر استعمال ڪري ۽ ترت فيصلا ڪري ان ماحول کي وڌيڪ گرمائي ٿي يا هو کيس ملندڙ نياپن ۽ آسرن تي ڀروسو ڪندي؟ حالات اهو ٻڌائين ٿا ته بينظير الطاف حسين جيان سدائين جلا وطن رهڻ جو ڪو ارادو نه ٿي رکي پر گڏوگڏ کيس في الحال اهو مونجهارو به آهي ته جيڪڏهن هو خالص عوامي قوت ذريعي (جنهن جو مطلب هن مهل صوبائي سياست جو نعرو هوندو) پنهنجا معاملات حل ڪرڻ تي لهي آئي ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس اڳ ۾ ئي بگڙيل ناتا ڪٿي ويتر خراب نه ٿي وڃن پر جيڪڏهن آسرن ۽ واعدن تي هوءَ انتظار ٿي ڪري ته ائين نه ٿئي جو ٿورو گهڻو ٺهيل عوامي ٽيمپو به ختم ٿي وڃي، بينظير هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ جيڪي ماڻهو بينظير جي طبيعت بابت ڄاڻ رکن ٿا، سندن چوڻ آهي ته بينظير اعليٰ عدالت جي فيصلي کانپوءِ حتمي حڪمت عملي جوڙيندي پر اسان جي هڪ سنڌي دانشور چواڻي ته ”بينظير کي جيڪڏهن اعليٰ عدالتن مان رليف ملي به وڃي ٿو ته به کيس هاڻ صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان ڪو چٽو موقف اختيار ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته لاهور ۽ بينظير جو هاڻ نبيرو ٿيڻو ناهي ۽ بينظير لاءِ وري به سڀاڻي ڪو ڏچو پيدا ٿيندو ته کيس وري به موٽي سنڌ ڏانهن ئي ڏسڻو پوندو پر سڀاڻي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ، بينظير لاءِ ائين اکيون وڇائي نه ويٺي هجي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو