Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

”آهي ڪو جو سنڌ جي واهر ڪري؟“
                               اربع 30 جون 1999ع


تازو آسٽريليا خلاف ورلڊ ڪپ جي فائنل دوران جڏهن پاڪستاني بيٽسمين غير ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي واري وٽي سان آئوٽ ٿي رهيا هيا ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ٽيم جي حامين ۾ شديد ڪاوڙ، غم، بيوسي ۽ فرسٽريشن پيدا پئي ٿي ۽ کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪن؟ پر برطانيا جي لارڊز جي گرائونڊ ۾ ويٺل يا ٽيليويزن آڏو ويهي ميچ ڏسندڙ ڇا پيا ڪري سگهن سواءِ ان جي ته ميچ ڏسڻ بند ڪري ڇڏين يا پوءِ ٽي وي ڀڃي ڇڏين يا پوءِ دعا ڪن ته اهڙو ڪو معجزو ٿي وڃي جو پاڪستان جو ڪو بيٽسمين پچ تي بيٺو رهي ۽ وڏو اسڪور ڪري ڇڏي! پر اها ته هئي ڪرڪيٽ ميچ جنهن بابت ڪاوڙ، بيوسي يا فرسٽريشن ايندڙ وقت سان گهٽبي ويندي۽ آخر ۾ صرف هڪ تلخ ياد طور ماڻهن کي ياد رهجي ويندي پر جيڪا ميچ هاڻي اسلام آباد ۽ سنڌ جي وچ ۾ هلندي هاڻ وڃي فائنل رائونڊ ۾ پهتي آهي، ان بابت ڇا ڪجي جو ان ميچ مان ته نه اٿي وڃي سگهون ٿا ۽ نه ئي ٽي وي بند ڪري سگهون پيا، ڇاڪاڻ ته اها اهڙي ميچ آهي جيڪا اسان کي پسند اچي يا نه پر اسان کي ڏسڻي ضرور آهي پر ان ۾ سنڌ جي ٽيم جي ڪارڪردگي ڏسي جيڪا فرسٽريشن ٿئي ٿي يا جيڪو غصو ۽ ڏک ٿئي ٿو، ماڻهو ان جو ڇا ڪن؟ توهان اڄڪلهه ڪٿي به ويهو، ڪجهه به پڙهو، هڪڙي ڳالهه هرڪو ڪري پيو ته ”سائين، اسلام آباد، سنڌ جا حق نه پيو ڏئي وغيره“. اهي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هڪڙي ڏينهن تنگ ٿي نيٺ هڪڙي همراهه کي چيم ته ”ادا، اسلام آباد ٺيڪ ٿو ڪري، سنڌ سان ائين ئي ٿيڻ گهرجي“. منهنجي ڳالهه ٻڌي همراهه ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ شروع ڪيائين سنڌ دشمني جي فتويٰ جاري ڪرڻ. ان موصوف کي ائين ئي ڪرڻو هو جو هو سياستدان آهي ۽ کيس خبر هئي ته مون واري ڳالهه جي پويان لاجڪ ڪهڙو آهي. کيس چيم”ادا، ڳالهه سولي آهي، ته جڏهن آسٽريلوي بالر شين وارن يا ميڪگرا سٺي بالنگ ڪرائين ٿا ۽ اسان جا بيٽسمين انهن جي بالنگ کي سٺي نموني کيڏڻ بدران آئوٽ ٿيو وڃن ته مياري آسٽريلوي بالر نٿا بڻجن بلڪه پاڪستاني بيٽسمين بڻجن ٿا، جيڪي سڏائين ته پاڻ کي اي ڪلاس بيٽسمين پر وقت اچڻ تي ٽيم لاءِ مناسب اسڪور به نه ٿا ڪري سگهن. ساڳيءَ ريت اسلام آباد جي جارحاني پاليسين آڏو سنڌ جي ليڊرن جي پرفارمنس اهڙي ڪهڙي متاثر ڪندڙ رهي آهي جو اسلام آباد پنهنجيون پاليسيون مٽائي؟“ اها انساني فطرت رهي آهي ته هر ان فرد يا ڌر کي ظلم ۽ زيادتي ڀوڳڻي پوندي آهي جيڪا يا ته واقعي به ڪمزور هجي يا پاڻ کي هروڀرو ڪمزور سمجهندي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين کي پنهنجي نصيب جو حصو سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهي. عام طرح چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سردست سنڌ تي ڏکيو ترين دور گذري رهيو آهي پر ان جي باوجود اسان کي چوطرف نه فوري طور ۽ نه ئي ايندڙ ڏينهن ۾ ڪو ردعمل ٿيندي نظر اچي ٿو، جنهن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ته ڇاڪاڻ ته سنڌ هڪڙي غير معمولي دور مان گذري پئي تنهن ڪري سنڌ غير معمولي طرح React ڪري پئي! سنڌ جو مثال ”ساڳئي پگهار“ واري لطيفي کان به ڪجهه مختلف ان ريت آهي ته جڏهن مالڪ کي نوڪر چيو ته ”توهان جيڪڏهن منهنجي پگهار گهٽائڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته پوءِ....!“ جنهن تي مالڪ ڳري آواز ۾ پڇيو ته ”پوءِ ڇا ڪندين؟“ ته نوڪر جواب ڏنو ”پوءِ ..... پوءِ آئون گهٽ پگهار تي به ڪم ڪندس!“ سو جيڪڏهن پاڻ ٿورو ماضيءَ ۾ وڃي اخباري فائيل ڏسون ته لياقت جتوئي دور ۾ سنڌ جي سياستدانن ۽ دانشورن سوڌو عام راءِ اها هئي ته اسلام آباد پاران مڙهيل اها اقليتي ۽ غير نمائنده حڪومت ختم ڪئي وڃي ورنه....! ان ”ورنه“ جو جواب اسلام آباد، سنڌ ۾ نالي ماتر جمهوريت معطل ڪري مرڳو گورنر راڄ نافذ ڪري ڏنو، پوءِ وري سنڌ مان رڙيون ٿيون ته گورنر راڄ ختم ڪريو ورنه........! تي وري اسلام آباد سنڌ ۾ سڌو ”وزيراعظم راڄ“ لڳائي اتي جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پنهنجو مشير مقرر ڪري ڇڏيو. هاڻ جو وري سنڌي اگر ”ورنه“ واري ڳالهه ٿا ڪن ته ائين نه ٿئي جو اتي سرڪاري طرح ”پوليس راڄ“ لڳائي آءِ جي پوليس کي صوبي جو ڪاروهنوار سونپيو وڃي! سو ”مرض بڙهتا گيا، جون جون دوا ڪي“ وارو حال لڳو پيو آهي ته جيترو سنڌ، ”ورنه“ تي زور ٿي ڏئي ويتر اڳئين بهتري به گهٽجيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسلام آبادبه شايد هاڻ سمجهي ويو آهي ته ان ”ورنه“ ۾ ڪجهه به ناهي رکيو ۽ هي گهٽ پگهار تي به هلي ويندا ۽ کين شايد اردو جي ان چوڻي تي به گهڻو اعتبار اچي ويو آهي ته ”جو گرجتي هين، وه برستي نهين.“
سو ڳالهه وڃي اتي بيٺي ته اسان کي آسٽريلوي بالرن کي صرف مياري ڪرڻ بدران پنهنجي بيٽنگ لائين اپ تي وڌيڪ سوچڻو پوندو ۽ سياسي ميدان ۾ هلندڙ ميچ ۾ سنڌ جي ٽيم جو جائزو وٺڻو پوندو ته ان جي ڪارڪردگي ڇا آهي، اسان وٽ ظاهري طرح ٽيم ۾ پ پ، قومپرست، ايم ڪيو ايم، دانشور، بيورو ڪريٽس ۽ ٽيڪنوڪريٽس وغيره شامل آهن. هڪ نظر جيڪڏهن ان ٽيم تي وجهون ته اها هڪ سگهاري ٽيم طور نظر اچي ٿي ۽ جڏهن انهن جي انفرادي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ ڏسجي ته اهو پڻ متاثر ڪندڙ رهيو آهي پر جيڪا ڳالهه ان ٽيم ۾ ڪڏهن به نظر ناهي آئي اها آهي ”ٽيم اسپرٽ“ يعني ذاتي مفادن کان مٿي ٿي پنهنجي ٽيم يا صوبي لاءِ گڏيل ڪارڪردگي. اتي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن پنهنجي پنهنجي سر ڪڏهن نه ڪڏهن صوبي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪيو آهي پر بطور ٽيم انهن جي ڪڏهن ڪا پرفارمنس اسان جي آڏو ناهي آئي، ان ڳالهه کان به پاڻ واقف آهيون ته انهن مان ڪنهن هڪ ڌر لاءِ اڪيلي سر اهو ڳرو ”بنڊ“ کڻڻ ڏکيو آهي، سو آپشن وڃي ڇا ٿو بچي سواءِ ان جي ته هي سڀ هڪ ٽيم بڻجن، پر وري سوال ٿو اڀري ته اهو عملي سياست ۾ ڪيترو ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جا قومپرست هڪ ٻئي سان ئي نٿا ٺهن ته اهي گڏجي ٻئي سان ڪيئن ٺهندا؟ ساڳيءَ ريت پ پ جي پنهنجن پراڻن اتحادين سان جيڪا ڪارپت رهي آهي ان کانپوءِ پ پ تي ڪيئن اعتبار بيهندو؟ اسان جي  بيورو  ڪريٽس  مان ڪيترائي اهڙا آهن جو سڻڀي پوسٽنگ ملڻ کان پوءِ سندن اکيون بند ٿيو وڃن پوءِ ڀلي سنڌ جي ڀينگ ٿي وڃي. اسان جي دانشورن ۾ به اهڙا ”معزز صاحبان“ گهڻا ئي آهن جن کي ”نوڪري“ ملڻ کان پوءِ کين ڪرپٽ وائيس چانسلرز جي شان ۾ قصيدن ڳائڻ ۾ به هٻڪ محسوس نٿي ٿئي، باقي رهي ايم ڪيو ايم ته ان جي ڪهاڻي ئي جدا آهي، تنهن بابت هر ڪنهن کي خبر آهي، سو ان صورتحال جو حاصل مطلب اهو ٿو نڪري ته ٽيم جا هاڻوڪا ميمبر هڪ ٽيم طور مشڪل ئي ڪم هلائي سگهن، باقي عارضي طور ڪڏهن قومپرست پاڻ ۾ پنهنجي منهن اتحاد ڪري وٺن يا پ پ ۽ متحده ۾ اقتداري شرطن تي ٺاهه ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه، باقي جنهن نوعيت ۽ اسپرٽ سان گڏجڻ جي پاڻ پيا ڳالهه ڪريون، ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته پوءِ واقعي ۾ هر دفعي چيل ”ورنه“ جي موٽ ۾ پگهار گهٽجندي رهندي ۽ پاڻ ڏسندا رهجي وينداسون.
ان سڄي صورتحال ۾ هڪ ٻيو اهم ڪردار عام ماڻهو يعني اتان جو عوام به آهي ۽ هاڻ اها سوچ دٻيل لفظن بدران مختلف سياسي ڪچهرين کان ويندي سياسي تجزين ۾ به واضح نموني چئي پيئي وڃي ته ”عوام وڙهڻ جي موڊ ۾ ڪونهي،“ اها ڳالهه ظاهري طرح سان درست نه هجڻ کپي ڇاڪاڻ ته جڏهن اهو امر هر ڪنهن جي آڏو آهي ته سنڌ کي سندس حق نه پيا ملن يا سنڌ سان ظلم ٿئي پيو وغيره ته ظاهر آهي ته سنڌ ڪنهن سياسي پارٽي يا ٻيءَ ڪنهن ڌر جو نالو ته آهي ڪونه بلڪه سنڌ جو مطلب اتي رهندڙ عوام ئي آهي ۽ اتي اهو سوال ٿو اڀري ته ”ڇا عوام پنهنجن مسئلن جي حل يا حقن لاءِ وڙهڻ جي موڊ ۾ به ناهي؟ اهو سوال ته ظاهري حساب ڪتاب جي حوالي سان آهي پر عملي طرح عوام پاران ان صورتحال تي ڪو رد عمل ظاهر نه ڪرڻ جا هڪ کان وڌيڪ ٺوس سبب آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن، (1) سماج ۾ پيدا ٿيل شديد سياسي پالرائزيشن، (2) اتي ڪم ڪندڙ سياسي ڌرين وٽ عوام کي موبلائيز (متحرڪ) ڪرڻ جي تنظيمي سگهه جي کوٽ، (3) اتان جي عوام کي سالن کان معاشي، سماجي ۽ امن و امان جي مسئلن ۾ وڪوڙيو ويو آهي جو عوام هاڻ پنهنجن ئي روز جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ رڌل آهن، (4) سياستدانن جي ساک، عوام پاران ڪو موثر رد عمل ظاهر نه ڪرڻ جا ٿلهي ليکي مٿيان ڪارڻ آهن، جنهن کان سواءِ اڃا ٻيا به ٿي پيا سگهن پر اچو ته ڪراچي جي هڪ انتهائي سينيئر ٽريڊ يونين اڳواڻ سان عوام پاران موٽ نه ڏيڻ جي حوالي سان ٿيل ڪچهري جو مختصر احوال پڙهون، جيڪا خاص ڪري تازو پ پ پاران عوامي تحريڪ هلائڻ جي حوالي سان  ٿي هئي،
مون پڇيو: تحريڪ کي وڏي موٽ ڇو نه ملي؟
چوڻ لڳو: موٽ ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ملي ها؟ عام ماڻهو تحريڪ ۾ پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي تڏهن شامل ٿيندو آهي جڏهن يا کيس شديد غم ۽ غصو هجي معنيٰ هو جذباتي ٿئي يا پوءِ جڏهن هو ذهني طور ان نقطي تي راضي ٿي چڪو هجي ته اها تحريڪ ڪامياب به ٿيندي ۽ ان جي ڪاميابي سان سماج ۾ به ۽ سندس زندگي ۾ به بنيادي نوعيت جون تبديليون اينديون.
چيو مانس: ها، ظاهر آهي پ پ ئي فوري طور متبادل پارٽي آهي.
چوڻ لڳو:  معنيٰ  توهان  چئو پيا ته ماڻهن کي غوث علي شاهه کي هٽرائي، ان جي جڳهه تي عبدالله شاهه کي آڻڻ لاءِ روڊن تي نڪري پنهنجا ٻار ٻچا ڪٽرائڻ گهرجن.
چيو مانس: ڳالهه فردن جي نه پر نظام جي آهي، ماڻهن جي ميئنڊيٽ جي....
چوڻ لڳو: ادا، اڪيڊمڪ اعتبار کان ۽ اصولي طرح صحيح پيا چئو، جو اچڻ ته حڪومت ان جي کپي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ اڄ عوام جي اڪثريت جي به ساڳي راءِ آهي، پر عام ماڻهو ان ڏس ۾ روڊن تي نڪري موچڙا ڇو کائي؟ باقي جيستائين اخلاقي حمايت جو تعلق آهي ته پ پ کي اها عام ماڻهو جي اخلاقي حمايت حاصل آهي ۽ ان اصولي يا اخلاقي ڳالهه جي ڪري ماڻهو هڪ اڌ ڏينهن پنهنجا دڪان بند ڪري يا ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي ان جو اظهار به ڪن ٿا باقي پنهنجن ٻچن کي بکيو ڇڏي وڃي جيل ۾ ان ڪري پون جو غوث علي شاهه بدران عبدالله شاهه کي آڻيو، يا فلاڻن کي آزاد ڪريو، اهو ڪيئن ممڪن آهي.
پڇيو مانس: توهان شروع ۾ چيو ته ماڻهو بنيادي تبديلي اچڻ جي پڪ هجڻ تي وڙهندا، پ پ جي تحريڪ ۾ اهو ڇا ممڪن ٿي سگهي ٿو؟
چوڻ لڳو: ها ڇو نه، جيڪڏهن پ پ پنهنجي تحريڪ ”ليڊر بچايو تحريڪ“ بدران عوام جي اشوز تي فوڪس ڪري هلائي ۽ پارٽي تنظيم ۾ ريڊيڪل قسم جون تبديليون آڻي هڪ پروگرام جو اعلان ڪري ته اهو ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته پ پ قيادت پاران رڳو اهو چوڻ ته اسان حڪومت ۾ اچي چئن ماڻهن کي نوڪريون ڏينداسين (جيڪي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ختم ٿي وينديون) يا چئن سنڌي آفيسرن کي سڻڀيون پوسٽنگون ڏينداسين وغيره ته اهي ڳالهيون ڪروڙين عوام کي اپيل نٿيون ڪن پر جيڪڏهن پ پ پروگرام جاري ڪري ته هو اقتدار ۾ اچي پوليس سڌارا، جيل سڌارا آڻيندي، صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين تبديل ڪري ڇڏيندي، اريگيشن ۽ زراعت کاتي ۾ سڌارا آڻيندي وغيره ته يقينن ماڻهو انهن ڳالهين ڏي ڌيان ڏيندا پر شرط آهي ته اهي ڪهڙا سڌارا ۽ تبديليون هونديون ان بابت رڳو نعرا نه پر ٺوس پروگرام پ پ اپوزيشن ۾ رهندي جاري ڪري،
پڇيو مانس: ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته اقتدار ۾ اچي هو انهن پروگرامن تي عمل ڪرائيندا ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به ته نئين سماجي معاهدي جو پروگرام ڏنو ويو هو؟
چوڻ لڳو: ها، اها ڳالهه ته پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ۽ پ پ قيادت آڏو اهو مسئلو رهندو ته هو ماڻهن کي ڪيئن يقين ڏياريندي ته هن ڀيري هو واقعي به تبديلي چاهي ٿي، پر جيڪڏهن پارٽيءَ وارا نيت پڪي ڪن ته پهرين مرحلي ۾ انهن شعبن جي ايماندار ٽيڪنوڪريٽس کي اعتماد ۾ وٺي کين پڪ ڏيارين ته پارٽي واقعي به تبديلي چاهي ٿي، پوءِ انهن ٽيڪنوڪريٽس تي ٻڌل ڪاميٽيون ٺاهي انهن جي سفارشن تي ٻڌل ريفارمز پيڪيج جو اعلان ڪن ۽ گڏوگڏ اهو به واضح طور اعلان ڪري عوام آڏو وچن ڪن ته اقتدار ۾ اچي اهي ريفارمز انهن ئي ماهرن ذريعي عمل ۾ آندا ويندا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مثال طور تعليم جي نئين پاليسي اڄ مخلص ماهرن کان ٺهراين ۽ سڀاڻي اهو کاتو، سڻڀو کاتو قرار ڏئي هڪ جاهل ۽ راشي وزير جي حوالي ڪري ڇڏين ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟
پڇيومانس: ڪو سولو طريقو ٻڌايو ڇاڪاڻ ته ڳالهين ڳالهين ۾ هي ته مرڳو توهان پارٽي ۾ ريفارمز جي ڳالهه شروع ڪري ڏني.
چوڻ لڳو: پارٽي پنهنجي اپروچ نه بدلائيندي ته ماڻهو سندس باري ۾ پنهنجي اپروچ ڇو بدلائيندا؟ اهو ته ڀلو ٿئي هاڻوڪن حڪمرانن جو جو سنڌ ڏانهن سندن رويئي عوام کي واپس پ پ سان گڏ ڪري ڇڏيو آهي نه ته پارٽي جنهن ريت اسٽيٽسڪو برقرار رکيو پئي اچي ان سان ته کيس عوام جي اخلاقي حمايت به نه رهي ها. باقي جيڪو توهان سولو طريقو پڇو ٿا ته اهو هي آهي، ته پارٽي انتظار ڪري نيٺ اصل اقتدار ڌڻي ڪڏهن ته تبديلي آڻيندا ۽ پر اميد رهن ته وري کين اسلام آباد ۾ نه به ته سنڌ ۾ شايد هڪ دفعو وري اقتدار ملي وڃي.
مٿينءَ ڪچهري لکڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌ جي سجاڳ حلقن ۾ ٻه مسئلا بحث هيٺ آهن، هڪ اهو ته سنڌ سان هاڻوڪي جاري ويڌن ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ اها جيئن به جڏهن به ختم ٿي ته آيل تبديلي سان ماڻهن کي ڪهڙو رليف ملندو؟ ظاهر آهي ته ان ڳالهه سان جيڪڏهن ڪير اختلاف ڪري به ٿو ته ڀلي ڪري پر حقيقت اها ئي آهي ته صوبي تي حڪمراني جو حق صرف ان کي آهي جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ پوءِ ڀلي سندن ڪارڪردگي سٺي هجي يا خراب، ڇاڪاڻ ته جيستائين سسٽم صحيح پٽڙي تي نه هلندو تيستائين ڀلائي جي اميد ناهي. پر اتي عجيب مونجهارا پيدا ٿيل آهن، جن کي پاڻ ان ريت بيان ڪري پيا سگهون ”سردست سنڌ ۾ پ پ ۽ متحده کي اڪثريت حاصل آهي (پر) اسلام آباد ڏنڊي جي زور تي اڪثريت کي حڪومت وٺڻ نٿو ڏئي، (پر) اڪثريت کي اسلام آباد کان حق وٺڻ لاءِ عوام جي عملي مدد جي ضرورت آهي (پر) عوام وٽ اهو سوال آهي ته هو ڇا صرف ان ڪري وڙهي ته پ پ يا متحده کي اقتدار ملي (پر) عوام جيڪڏهن مدد نٿو ڪري ته سنڌ کي به سياسي ۽ معاشي لحاظ کان نقصان پيو رسي (پر) اڪثريتي پارٽيون به پنهنجي روش تبديل ڪرڻ ۽ عوام ڏانهن وڌيڪ ڪميٽيڊ ٿيڻ لاءِ تيار ناهن (پر) عوام وٽ انهن کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن به ڪونهي (پر) شايد اسلام آباد به ان سڄي صورتحال جو ڀرپور فائدو پيو وٺي“. مٿي بيان ڪيل ڪنفيوزڊ ۽ بيزارگيءَ جي حد تائين چڙ ڏياريندڙ صورتحال مان نڪرڻ جي واٽ ڇا آهي؟ ۽ اتي وري ذري گهٽ مذاق بڻجي ويل سوال وري مڪمل شدت ۽ سنجيدگيءَ سان سامهون ٿو اچي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ان لاءِ سولو ۽ شارٽ ڪٽ رستو ته اهو ئي آهي ته دعا ڪريون ته ”شل، اسلام آباد، سنڌ ڏانهن همدردي ۽ پنهنجائپ واري نظر ڪري“ يا وري ”اپوزيشن پنهنجي پارٽي ۽ عوام ڏانهن روش مٽائي“. جيڪڏهن ڪجهه دوست سمجهن ٿا ته اهي ٻيئي ڳالهيون نه ٿينديون ته پوءِ ڇا سنڌ ۾ عام طرح غير محسوساتي انداز ۾ پيدا ٿي ويل ان راءِ سان سهمت ٿي وڃجي ته ”اوچتو ڪو مسيحا ايندو، سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو!“ جيڪڏهن اها سوچ به رکڻي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان ڏس ۾ هڪ اشتهار يا پوسٽر ضرور ڇپرائڻ گهرجي ته ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري؟“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو