Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

بند گهٽيءَ ۾ بيٺل سنڌ!              
               جمع 2 جولاءِ 1999ع


اقتداري دنيا جي مارڪيٽ ۾ جيڪا نئين ٿيوري گردش ڪري رهي آهي، اها هيءَ آهي ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ بابت پنهنجي صلاحڪار سيد غوث علي شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي اڪثريت ٺاهڻ لاءِ ايم پي ايز سان جوڙ توڙ واري رٿيل حڪمت عملي تي عمل نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ٿيوري ڏيندڙن کي پاڻ پڪ ناهي ته ميمبرن سان جوڙ توڙ ڪرڻ واري حڪمت عملي ماڳهين ختم ڪئي وئي آهي يا پوءِ ڪارگل صورتحال ۽ ٻين سببن جي ڪري ان حڪمت عمليءَ تي في الحال عمل درآمد کي روڪيو ويو آهي. پر انهن ٿيوري ميڪرز جي اها دعويٰ آهي ته غوث علي شاهه پاران تازو اسلام آباد کان واپسيءَ کان ترت پوءِ ڏنل اهو بيان ته ”هارس ٽريڊنگ“ نه ڪئي ويندي، تازي صورتحال ۾ واقعي به صحيح بيان آهي. جيڪڏهن پاڻ ٿيوري سان سهمت ٿي وڃون ته پوءِ صوبي جي ايندڙ ڏينهن جي صورتحال ڪجهه ان ريت هوندي ته اسلام آباد، سنڌ کي ايڊهاڪ بنيادن تي هلائي اڃا ڪجهه وقت ڪڍڻ چاهي ٿو. صوبي جو ڪار وهنوار لڳ ڀڳ گذريل هڪ سال کان ايڊهاڪ بنيادن تي هلايو پيو وڃي، فرق صرف اهو آهي ته شروعات ۾ معين الدين حيدر نالي هڪ غير سياسي ماڻهوءَ کان اهو ڪم پئي ورتو ويو ۽ هاڻ مسلم ليگي اڳواڻ معرفت اسلام آباد سنڌ مٿان سڌي حڪمراني جاري رکيو اچي. پر ظاهر آهي ته اسلام آباد کي سنڌ مٿان سڌي حڪمرانيءَ جي ڀلي ڪيتري به خواهش هجي پر اهو سلسلو اڻ ڄاڻايل مدي تائين جاري رهڻ تقريبن ناممڪن آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اسلام آباد وقفي وقفي سان سنڌ ۾ ڪو اهڙو سيٽ اپ آڻڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ”اسلام آباد راڄ“ نظر نه اچي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته معين الدين حيدر کي بااختيار گورنر بنائڻ مهل به اهو اعلان ڪيو ويو هو ته گورنر جي هڪ صلاحڪاري ڪائونسل جوڙي ويندي جيڪا آهستي آهستي صوبي جي ڪاروهنوار کي واپس سياسي ۽ جمهوري دڳ تي آڻيندي پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ معين الدين حيدر جي اٺن مهينن واري راڄ ۾ سسٽم جي بحاليءَ بابت ڪو هڪ قدم به نه کنيو ويو. وري وزيراعظم جي صلاحڪار طور غوث علي شاهه کي سنڌ ۾ مقرر ڪندي اهو چيو ويو ته وفاقي سرڪار جو اهو قدم، سنڌ ۾ سياسي نظام جي بحاليءَ ڏانهن پهريون قدم آهي ۽ سرڪاري ذريعن پاران آف دي رڪارڊ ٻڌايل ڳالهين ۾ اها حڪمت عملي ٻڌائي ويئي ته پهرئين مرحلي ۾ صلاحڪاري ڪائونسل ٺاهي 46 اڳوڻا سرڪاري ميمبر گڏ ڪبا، جنهن کانپوءِ ڏهه کن ميمبر مخالف ڌر جا هٿ ڪري اسيمبلي ذريعي وڏو وزير چونڊرائي معاملا واپس نارمل ڪيا ويندا پر ان حڪمت عمليءَ آڏو به هاڻ هڪ کان وڌيڪ رڪاوٽون نظر اچن پيون. پهريون مرحلو صلاحڪاري ڪائونسل جو آهي جو قانوني طرح صلاحڪار جا صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي گنجائش گهٽ پيئي نظر اچي. ٻيو مسئلو 46 ميمبرن مان فنڪشنل ليگ ۽ ٻين اتحادين پاران نئين سيٽ اپ ۾ شموليت تي ظاهر ٿيندڙ تحفظات آهن، جنهن کي سرڪاري حلقا ڀلي ”سخت بارگيننگ“ قرار ڏين، ان کانسواءِ وري عدالتن ۾ نئين سيٽ اپ خلاف داخل ٿيل ڪيس آهن، جنهن پاران فيصلن اچڻ تائين پڻ هڪ غير يقيني صورتحال جو برقرار رهڻ فطري آهي. اڃا ٻي ڳالهه جيڪا آسان ناهي اها مخالف ڌر جي ميمبرن جون وفاداريون مٽائڻ وارو مرحلو آهي، سو ايترين سارين ڳالهين جي پيش نظر شايد اسلام آباد ان نئين حڪمت عملي تي ويچاري رهيو آهي ته سنڌ ۾ اسٽيٽسڪو برقرار رکي ايڊهاڪ بنيادن تي ئي قصو جيستائين هلي سگهي تيستائين هلائجي ۽ ”سڀاڻي جي سڀاڻي سوچينداسين“ واري اپروچ برقرار رکجي.
معين الدين حيدر کي اڄ کان 9 مهينا اڳ جڏهن بااختيار گورنر بڻايو ويو هو ته ان جي فوري بعد هڪ مضمون ۾ لکيو هئم ته ”سنڌ ۽ اتي نافذ ڪيل گورنر راڄ، وفاقي سرڪار لاءِ هڪ اهڙو ڪمبل ثابت ٿيندو جو سرڪار ڪمبل کي ڇڏڻ به چاهيندي ته به ”ڪمبل“ کيس ڪونه ڇڏيندو.“ اڄ جڏهن پاڻ سڄي صورتحال جو جائزو وٺون ته اها ڳالهه هروڀرو غلط محسوس نٿي ٿئي ۽ جيتوڻيڪ ان صورتحال سبب سنڌ کي سياسي ۽ معاشي طرح تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو آهي پر خالص اقتداري سياست جي اصولن پٽاندر ڊگهي مدي ۽ وفاقي سرڪار لاءِ به سنڌ هڪ Sour part (ڏکوئيندڙ حصو) بڻجي ويو آهي ۽ اسلام آباد سنڌ جي منجهيل سٽن کي جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهي ويتر منجهي پون ٿيون، 9 مهينا اڳ به اهو لکيو هئم ته وفاقي سرڪار وٽ ان منجهيل صورتحال مان نڪرڻ جو صرف هڪڙو ئي رستو آهي ته هو سنڌ ۾ نيون چونڊون ٿيڻ ڏئي ۽ اڄ به ان بحران مان نڪرڻ جو واحد فضيلت ڀريو طريقو اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته صوبي ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. جيتوڻيڪ نين چونڊن جو گهڻي ڀاڱي مطلب صوبي جي حڪومت تان هٿ کڻڻ ٿيندو پر مسئلي جو فطري تقاضائن موجب حل اهو ئي آهي ۽ قدرت سان ٽڪراءُ ۾ اچي هٿ ڪيل عارضي حل نه صرف جٽادار نٿا هجن پر اهي مسئلي جا حل ٿيڻ بدران خود مسئلا بڻبا آهن.
ڪارگل ۾ مجاهدين جي ڪاررواين جتي هندوستاني فوجن کي شديد پريشان ڪري، دنيا ۾ خود هندوستان آڏو اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀلي هندوستان پاڻ کي وڏي طاقت سمجهي پر موثر فوجي حڪمت عملي ذريعي ٿوري خرچ ۽ ٿوري قوت سان کيس ذري گهٽ بي وس ڪري پيو سگهجي، سو مجاهدين جي ڪاررواين سبب هڪ طرف ته هندوستان جي فوجي قابليت ۽ قوت Expose (نروار) ٿي وئي آهي، ٻئي طرف واجپائي ۽ نواز شريف حڪومتن پاران ٺاهيل هڪ ٻئي سان ويجهڙائپ واري تاثر، جيڪو واجپائي پاران بس لاهور آڻي يا ٻيون ملاقاتون ڪري قائم ڪيو ويو هو ۽ ٻيئي حڪومتون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي دنيا کي اهو نياپو موڪلي رهيون هيون ته ٻيئي ملڪ هاڻ ذري گهٽ ٺهي ويا آهن، اهو تاثر ڪارگل ۾  ڪارروائي  کانپوءِ  نه  صرف ختم ٿي ويو آهي بلڪه دنيا آڏو اهو واضح ٿي ويو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ نه صرف موجود آهي بلڪه اها ڇڪتاڻ جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي. سو جيڪي مغربي ڪالم نويس ڪجهه مهينا اڳ تائين اهو لکي رهيا هئا ته آمريڪا کي نوازشريف ۽ واجپائيءَ ۾ وڏيون اميدون آهن ته اهي ڪشمير مسئلي کي ڳالهين وسيلي حل ڪري وٺندا، اهي لکڻيون غلط ثابت ٿين پيون ۽ جيڪڏهن آمريڪا کي واقعي به ڪي اهڙيون اميدون هيون ته هن مهل انهن تي پاڻي ڦرندي صاف نظر اچي پيو. پاڪ-هند ڇڪتاڻ بابت آمريڪا جي ڪهڙي حڪمت عملي هئي يا آهي يا ٿي پئي سگهي اهو هڪ ڌار موضوع آهي ۽ خود اهو به الڳ بحث آهي ته آمريڪا واقعي به ڪيترو سنجيده آهي، ڪشمير اشو کي حل ڪرڻ ۾، پر پاڻ واپس ان اشو تي اچون ٿا ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اوڀر جي ملڪن کي نواز شريف سرڪار ۾ اهڙيون ڪي اميدون هيون ته اهي ڊائيلاگ ذريعي ڪشمير اشو حل ڪري وٺندا ته اهي هاڻ ختم نه به ته گهٽجي ضرور ويون هونديون، گڏوگڏ اهي ڳالهيون به اڄڪلهه اپوزيشن وارا ڪري رهيا آهن ته فوج ته پنهنجو ڪم انتهائي هوشياريءَ سان ڪيو پر سفارتي فرنٽ تي حڪومتي مشنري اوتري مهارت ڏيکاري نه سگهي جيڪا وقت جي ضرورت هئي. انهن ئي نقطن (جيڪي شايد مڪمل طرح صحيح نه به هجن) کي بنياد بڻائي حڪومت مخالف ٿيوري ميڪرز اها نئين ٿيوري سياسي مارڪيٽ ۾ اڇلائي رهيا آهن ته ڪارگل صورتحال ۾ حڪومت ملڪ جي ”اصل واڳ ڌڻين“ کي خوش نه رکي سگهي ۽ پرڏيهي طاقتن کي راضي ناهي رکي سگهي تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ ۾ پرڏيهي طاقتن سان حڪومت جي Equation اڳوڻي ناهي رهي، جنهن جو جلد ڪو نتيجو نڪرندو. ان ٿيوري سان اختلاف رکندي دي نيوز جي رپورٽر ڪامران خان پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اهو لکيو آهي ته ڪارگل صورتحال نواز شريف حڪومت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻو فائدو رسايو آهي. ڪامران خان جي ڳڻپ ملڪ جي ڪجهه اهڙن باخبر رپورٽرن ۾ ٿئي ٿي جن کي نه صرف گهڻي خبر هجي ٿي پر کين گهڻو ڪجهه ٻڌايو به ويندو آهي!!. بهر حال ڳالهه ڪامران خان جي صحيح هجي يا اپوزيشن جي پر سنڌ تي ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جو سڌو راڄ برقرار آهي، تنهن ڪري اسلام آباد ۾ بحران هوندو ته سنڌ ۾ اهو نظر ايندو ۽ جيڪڏهن اسلام آباد پرسڪون هوندو ته سنڌ ۾ به اقتداري راند سرڪاري خواهشن موجب جاري رهندي. جيئن عام طرح چيو ويندو آهي ته ”اقتدار ته اچڻي وڃڻي شئي آهي“ ۽ ان جي اچڻ وڃڻ جا سبب ۽ جواز جڙندا ۽ ختم ٿيندا رهن ٿا، حڪومت وارا پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۾ سدائين رڌل هجن ٿا ۽ اپوزيشن وارا اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هجن ٿا، پر اقتداري دنيا کان ٻاهر ويهي تماشو ڏسندڙ جيڪڏهن اوچتو اهو سوال پنهنجي ذهن ۾ آڻي ان جو ٺوس جواب ڳولهڻ چاهين ته ”آخر هي ماڻهو اقتدار حاصل ڇو ٿا ڪرڻ چاهين؟“ ته ان جو جواب ڇا هوندو؟ اڄ کان ڪجهه سال اڳ سنڌ حڪومت ٺهڻ مهل جڏهن هڪ ايم پي اي جو نالو بطور وزير اخبار ۾ اچڻ لڳو ۽ اهو همراهه هڪ محفل ۾ ملي ويو، هر ڪو کيس مبارڪ ڏئي رهيو هو، آئون سيڙجي ان وٽ ويس ۽ پڇيم: ”توهان وزير ڇو ٿا ٿيڻ چاهيو؟“ چيائين: عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ . (ٿوري حجت ڪري) چيو مانس: ”توهان کي توهان جي ٻچن جو قسم، سچ ٻڌايو ته وزير ڇو ٿا ٿيڻ چاهيو؟“ (ٿورو ڦڪو ٿي) چوڻ لڳو: ظاهر آهي، تنهن ڪري جيستائين گهر ڌڻي ستل رهندا تيستائين ڪو به مسيحا اچي ڪجهه نه ڪندو ۽ منهنجي خيال ۾ سياستدانن يا قيادت جي هاڻوڪي جنريشن جي نشو و نما ئي مصلحت ۽ سوديبازي جي پينگهي ۾ ٿي آهي، تنهن ڪري انهن کان ڪا غير معمولي ڪارڪردگي جي اميد رکڻ بيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا ايماندار ۽ سمجهدار هجڻ سان گڏ سر ڦري به هجي ۽ عوام ئي اهڙي قيادت کي وڌائي سنڌ جي واهر ڪري پيو سگهي.“
       ان دوست جي ڳالهين واري رخ ۾ ئي ڳالهائيندي اسان جي هڪ سياسي دانشور جيڪو سياستدان پڻ آهي چوي ٿو ته ”اسان  جو عوام هاڻ عادي ٿي ويو آهي ته هر ڪم کيس ڪو ٻيو ڪري ڏئي، معاشرن ۾ تبديليون عوام پاڻ آڻيندا آهن پر اسان وٽ عام ماڻهوءَ جي سطح تي اها سوچ پختگي سان نظر اچي ٿي ته هو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن ۽ هر ماڻهو اهو سوچي ماٺ آهي ته سندس اڪيلي جي ڪجهه ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو يا وري اهو ٿو سوچي ته پاڙي وارو به ته نه پيو ڪجهه ڪري تنهن ڪري کيس به ڪجهه نه ڪرڻ کپي. پر جيڪڏهن ڪو پاڙي وارو يا ڀر وارو مڙسي ڪري ڪجهه ڪري به ٿو ته ان تي چٿرون ٿا ڪن، ”اهو ڇا ڪندو يا ڪجهه به نه ڪري سگهندو؟“ مطلب ته پاڻ به ڪجهه نه ڪبو ۽ ڪير ڪري ته ان جي مدد به نه ڪبي، باقي انتظار ڪبو ته ”فلاڻو اقتدار ۾ اچي سندن سڀ مسئلا حل ڪري وٺندو يا پوءِ ڪو مسيحا ايندو جيڪو سندن ڏک درد دور ڪري ڇڏيندو.“ ان سياسي دانشور جي ڳالهه/ٿيوري اڪيڊمڪ حساب سان شايد غلط نه هجي پر عملي اعتبار کان اهو سوال ضرور اڀري ٿو ته عوام جي ڪجهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ کي سمورن لوازمات سان اڄ تائين ڪنهن ٽيسٽ ڪيو آهي جو اهو چئجي ته عوام سواءِ انتظار جي ڪجهه نٿو ڪري سگهي؟ سنڌ ۾ اهڙي ڪهڙي سياسي قيادت آهي جيڪا ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري سگهي ته ان پاران سمورن عوامي مسئلن تي سخت اسٽينڊ ورتو ويو ۽ پارٽي جي فعال جوڙجڪ سبب عوامي ڪاوڙ ۽ رد عمل کي به صحيح رخ ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي پر ان جي باوجود به عوام پاران ڪا موٽ نه ملي سگهي!؟ ايم آر ڊي وارو مثال اسان جي سامهون آهي، جنهن ۾ جڏهن موثر نموني سان عوامي ڪاوڙ کي سهيڙيو ويو ته عوام به ساڳئي رد عمل جو اظهار ڪيو. پوءِ هينئر جڏهن سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي ابتري واري حالت ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ شدت اچي وئي آهي ته عوام ان خلاف تحرڪ ۾ ڇو نٿو اچي سگهي؟ ظاهر آهي ته عوام پاڻ وڃي سياسي ڌرين جي درن تي دستڪ ته نه ڏيندو! ان لاءِ اهڙي سياسي قيادت جو اڳتي اچڻ ضروري آهي، جيڪا ڀرپور نموني سان عوامي تحريڪ کي اڳتي وٺي هلي ۽ سنڌ کي مايوسي ۽ بيچينيءَ جي بند گهٽيءَ مان ٻاهر ڪڍي سگهي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو