”ڇا لکان؟“ پارٽ 2
ڪجهه ڏينهن اڳ ”آهي ڪو، جيڪو سنڌ جي واهر ڪري؟“ جي عنوان هيٺ هڪ مضمون لکيو هئم، جنهن جي موٽ ڪيترن ئي حلقن مان ملي ۽ پ پ جي سينيٽر قائم علي شاهه ان مضمون جا ڪجهه ٽڪرا اردوءَ ۾ ترجمو ڪري سينيٽ جي اجلاس دوران پڙهندي حڪمران ڌر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ماڻهو واهر لاءِ تڏهن سڏ ڏيندا آهن، جڏهن سندن گهر۾ ڌاڙو لڳندو يا ڪا مصيبت ايندي آهي“. شاهه صاحب پنهنجي تقرير ۾ مٿي ڄاڻايل مضمون مان گهڻي ڀاڱي انهن حصن کي پڙهيو جيڪي وفاقي سرڪار يا اسلام آباد جي سنڌ ڏانهن رويي بابت هئا پر جيستائين ياد ٿو پوي ته ان ساڳئي مضمون ۾ ڳچ حصو پ پ جي ڪارڪردگي ۽ ان جي سنڌ ڏانهن اختيار ڪيل رويي بابت پڻ هو. ظاهر آهي ته شاهه صاحب سينيٽ ۾ پ پ بابت ٿيل تبصري تي ڪو به تبصرو نه پئي ڪرڻ چاهيو هوندو تنهن ڪري مضمون جي ان حصي کي شاهه صاحب پنهنجي تقرير ۾ استعمال کان پاسو ڪيو پر سيد قائم علي شاهه جهڙي تجربيڪار ۽ پ پ جي تمام پراڻي اڳواڻ کان اها اميد ضرور ڪري سگهجي پيئي ته جنهن ريت هن حڪمرانن آڏو مضمون جو حوالو ڏيندي کين سنڌ ڏانهن پنهنجو رويو مٽائڻ جي صلاح ڏني هئي، ساڳيءَ ريت شاهه صاحب پنهنجي پارٽي قيادت کي پڻ ساڳئي مضمون جو حوالو ڏئي يا بنا حوالي ڏيڻ جي اهو ضرور باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ جو Public Opinion (عوامي راءِ) پ پ کان هاڻ اها تقاضا پوري شدت سان پيو ڪري ته پ پ سنڌ ڏانهن پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي.
سنڌ ڏانهن اسلام آباد پاران اختيار ڪيل رويي بابت ڳالهائيندي هڪ سنڌي بيوروڪريٽ هڪ نئين ڳالهه چئي. سندس چوڻ هو ته ”سنڌ وٽ هاڻ ڏيڻ لاءِ بچيو ڇا آهي؟“ اسان جا سمورا ٽپڙ ته اڳ ۾ ئي يا ته اسلام آباد پاڻ وٽ ڪري ورتا آهن يا پوءِ جيڪي اسان وٽ هئا انهن مان ڪجهه اسان وٽ هوندي به اسلام آباد وٽ گروي آهن يا پوءِ اسان پاڻ تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ان همراهه جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي تنهن ڪري کيس وضاحت ڪرڻ لاءِ چيم ته ان ڪاموري چيو ته ”ڏسو سائين، توهان جي معاشي حالت اها آهي ته توهان کي مرڪز اين ايف سي ايوارڊ، جيڪو سنڌ کي قابل قبول نه آهي مان به پورو حصو نٿو ڏئي، وري مٿان واپڊا جڙتو اوڳاڙي ڪري سنڌ کان اڃا اربين رپيا ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهي. ان ريت اسان جو صوبو، جنهن وٽ سامونڊي پورٽ ۽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ سوڌو تيل ۽ گئس جي ذخيرن سميت ڪراچيءَ جهڙو شاهوڪار صنعتي شهر آهي پر صوبائي حڪومت جي حالت اها آهي ته اڃا اسٽيٽ بئنڪ جي قرض تي پيا هلون ۽ جيڪڏهن اسٽيٽ بئنڪ اوورڊرافٽ ڏيڻ بند ڪري ته صوبو پنهنجي ملازمن کي پگهار به نه ڏيئي سگهي. ساڳي حالت اسان جي سياسي خود مختياريءَ جي آهي جو سدائين اسلام آباد جو نمائندو اچي صوبي جو حاڪم بڻبو آهي ۽ اسان جا سياسي ادارا صرف هڪ فارملٽي بڻجي رهجي ويا آهن. سنڌ جي نوڪر شاهيءَ جي حالت اها آهي ته آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سوڌو هاڻ صوبي جي ننڍن ڳوٺن ۽ وسندين ۾ به پنجاب ۽ سرحد جا آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، سو ان ريت اسان معاشي، سياسي ۽ انتظامي اعتبار کان مڪمل طرح اسلام آباد جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون ۽ صوبي وٽ پنهنجي هٿ وس ۾ هاڻ ڪجهه به نه رهيو آهي، تنهن ڪري هاڻ اسان وٽ ڪجهه بچيو ڪونهي ته هرو ڀرو ڇا جي لاءِ پريشان ٿيون؟“ ان بيورو ڪريٽ جي ڳالهين مان ڪافي معاملن تي بحث جي گنجائش ڪانهي، ڇاڪاڻ ته 1977ع کان پوءِ واري عرصي ۾ جنهن ريت سنڌ کي مڪمل طور مرڪز جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويا ۽ انهن آڏو ڪڏهن به موثر رد عمل نه ٿيڻ سبب هاڻ اها راءِ (جيڪا سنئين سڌي مايوسيءَ واري سوچ آهي) پيدا ٿيڻ فطري آهي ته سنڌ ۾ هاڻ بچيو ڇاهي جيڪو ڪير کڻي ويندو؟ اهڙي سوچ پيدا ٿيڻ جو اصل ڪارڻ بيوسيءَ جو اهو احساس آهي ته پري پري تائين ڪير نظر ئي نٿو اچي جيڪو ان ڏاڍ مڙسيءَ کي روڪي سگهي، تنهن ڪري پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ هاڻ اها سوچ به جنم پئي وٺي ته هاڻ اسان وٽ بچيو ئي ڇا آهي جيڪو ڪير کڻي ويندو؟ ڪالهوڪي ڪاوش ۽ ڊان اخبار ۾ اسلام آباد مان آيل هڪ خبر پڙهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ واري سپر هاءِ وي کي به مرڪز پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پراڻي پاڪستاني فلم ”امرائو جان ادا“ جو گانو ” جو بچا ٿا وه لٽاني ڪي لئي آئي هين، آخري گيت سناني ڪي لئي آئي هين“ ياد اچي ويو ۽ محسوس ٿيو ته آخري گيت طور اسان جا روڊ رستا به هاڻ مرڪز جي حوالي ٿيندا جنهن کان پوءِ ان روڊن تي هلندڙ گاڏيون ٽول ٽيڪس (جيڪو پنج سئو سيڪڙو کان به وڌايو ويندو) سڌو مرڪز کي ادا ڪنديون، جنهن کان پوءِ شايد سنڌو درياءَ جو به نالو مٽائي ”مرڪزي درياءَ“ رکيو ويندو ۽ ان صورت ۾ ان درياءَ مان زمينون آباد ڪندڙن يا پاڻي پيئندڙن کي ان پاڻي جو بل سڌو اسلام آباد کي ادا ڪرڻو پوندو ۽ ڪهڙي خبر سڀاڻي سنڌو درياءَ ۾ٿيندڙ پلو مڇي به اسان کي وفاقي ڪمپنين کان خريد ڪرڻو پوي، ڇاڪاڻ ته ”ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾“ مرڪز کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کنيل اهي اپاءَ ظاهر آهي ته سڀني کي قبول ڪرڻا پوندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي انهن تي اعتراض هوندو به ته Who cares (ڪنهن کي پرواهه آهي؟).
ٿورو عرصو اڳ عبدالقادر جوڻيجي ”ڇا لکان؟“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪالم لکيو هو جنهن کان پوءِ غريب مٿان چئني طرفن کان ڇتي تنقيد ٿيڻ شروع ٿي ويئي هئي. قادر جوڻيجي جنهن وٽ لکڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ متاثر ڪرڻ جي حد تائين آهي، ڄاڻايل ڪالم يقينن هڪ مخصوص State of mind (ذهني ڪيفيت) ۾ لکيو هوندو، جنهن ۾ موصوف جو نقطه نظر اهو هو ته لکڻ مان ڇا ورندو؟ بلڪه قادر جي ان ڪالم ۾ اهو تاثر وڌيڪ شدت سان موجود هو ته لکڻ مان ڪجهه به نه ورندو! ان ڪالم بابت اڪثر دوستن جوابي لکڻين ۾ قادر مٿان الزام هنيو ته هو مايوسي پکيڙي رهيو آهي، اهو بحث هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ان تي وڌيڪ ته نه پر صرف ايتري گذارش ڪري پئي سگهجي ته هڪ جينيئن ليکڪ جي هر لکڻي کي Target Oriented (ڪنهن مقصد جي حصول لاءِ لکيل) سمجهڻ ٻاراڻي هجي ٿي ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته هر ليکڪ پنهنجي هر لکڻي يا مضمون لکڻ مهل فائدي ۽ نقصان جو ڪاٿو ڪندو رهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سٺا تخليقي رائيٽرز بنا ٽارگيٽ جي صرف اهو لکندا آهن، جيڪو ان خاص وقت سندن احساسات يا جذبات هجن ٿا، جنهن ۾ ضروري ناهي ته ڪو پيغام يا مقصد لڪل هجي. ڇا فيض احمد فيض، جنهن وٽ هڪ نظريي جي تڪميل جي خواهش/ ٽارگيٽ هئي، ان جي شاعري ۾ اسان کي صرف انقلاب نظر اچي ٿو؟ هرگز نه، بلڪه فيض جي شاعري جي ڳچ حصي ۾ سندس انقلابي سوچ موجود ئي ڪانهي پر فيض صاحب اها شاعري ان ذهني ڪيفيت ۾ ئي ڪئي هوندي جنهن ۾ هڪ ليکڪ يا شاعر هر نظريي، فلسفي جي مقصد کان مٿانهون ٿي صرف اهو لکڻ چاهي ٿو جيڪو هو ان مهل محسوس ڪري رهيو هوندو آهي. پر هڪ پروفيشنل صحافي اهڙي عياشي گهٽ ٿو ڪري سگهي، عياشي ان ڪري ٿو چوان جو صحافيءَ کي پنهنجي هر ڪالم يا مضمون ۾ بنياد معلومات کي ئي بڻائڻو هوندو آهي پوءِ اها معلومات سياسي نوعيت جي هجي يا ڪنهن ٻئي مسئلي يا نئين خيال تي ٻڌل هجي. غرض ته صرف احساسات يا آشا ۽ نراشا جهڙن لفظن يا ٻن ٽن ڏاهن جي ڪوٽيشنز يا هڪ ٻن شعرن کي بنياد بڻائي لکڻ کي عام طرح صحافتي دائري ۾ نٿو تسليم (اتي غير معمولي صحافين جي غيرمعمولي لکڻين کي شامل نٿو ڪري سگهجي) ڪيو وڃي. ان ڳالهه جو مقصد هر گز اهو ناهي ته صحافتي دائري ۾ نه ايندڙ لکڻيون غير اهم يا پڙهڻ لائق نه ٿيون هجن. بلڪه چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ ورڪنگ صحافي جڏهن ڪجهه لکڻ ويهي ٿو ته صرف پنهنجن احساسن يا جذبن تي ٻڌل ڪا لکڻي لکڻ پنهنجي پروفيشن جي سڃاڻپ جي اعتبار سان افورڊ نٿو ڪري سگهي ۽ ان کي ڳرن لفظن جي داٻي، خوبصورت شاعري جي رومانس يا ڪنهن فلسفي جي قول جي چوگرد ڦرندڙ ڪالم يا مضمون کان پنهنجي لکڻي جو انداز مختلف رکندي ٺوس معلومات يا اشو تي ئي فوڪس ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته اخبارن جي ايڊيٽوريل صفحن تي ڇپجندڙ مختلف لکندڙن تجزئي نگارن، مزاح نگارن، رپورٽرن جي تحريرن ۽ خالص لفظن ۽ خيالن تي لکندڙن ليکڪن جي مضمونن جي ورائٽي هوندي آهي ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي مزاج ۽ پسند جي لکڻي پڙهي سگهن.
سو جڏهن ڪجهه وقت اڳ قادر جوڻيجي ”ڇا لکان؟“ جي عنوان هيٺ ڪالم لکيو هو ته وٽس ان جو پس منظر ٻيو هو ۽ اڄوڪي ڪالم ”ڇا لکان پارٽ 2؟“ جو پس منظر اهو اهي ته اڄ جا اشوز ڇا آهن؟ اصل اشو ڪهڙا آهن؟ پر ماڻهو ڪنهن کي اشو ٿا سمجهن ۽ ڪهڙي اشو بابت ڇا لکجي اڄ کان ٿورو عرصو اڳ ڪير ڀلي انڪار ڪري پر جنهن معاملي تي وڌ ۾ وڌ ڳالهايو يا بحث ڪيو پئي ويو اهو ورلڊ ڪپ ۾هلندڙ ڪرڪيٽ ميچ هئا. ان معاملي تي سٽي بازي پنهنجا ڍڳا ڍور شرطن تي هارائڻ جو سلسلو زورن تي هو. گهڻا شوقين ته مرڳو بلڊ پريشر جا مريض ٿيندا پيا وڃن، غرض ته هر هنڌ ”ڪرڪيٽ فيور“هو ۽ جڏهن ڪو رانديگر آئوٽ ٿيو پئي ته سڄي پاڙي ۾ ان جو روڄ راڙو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ڄڻ خدا نه ڪري ڪا آفت اچي وئي هجي ۽ جيڪڏهن معين خان ڇڪو ٿو هنيو ته تاڙين ۽ نعرن سان سڄو علائقو گونجي ويندو هو. موالين وٽ ٽينشن جي ڪري سگريٽن جي کپت وڌي ويئي هئي ۽ ميچ ڏسڻ خاطر ماڻهو هوٽلن تي بنا مهل جي چانهيون پيئڻ تي مجبور هئا. محسوس ائين ٿئي پيو جو چوطرف ڪرڪيٽ ئي ڪرڪيٽ آهي ۽ ٻيو ڄڻ ڪو اشو ئي ناهي پر جڏهن اها ڳالهه هڪ دوست، جيڪو هر ڳالهه مان مايوسيءَ جو پهلو ڳوليندو آهي، کي چوان ٿو ته هو موٽ ۾ چوي ٿو ”سنڌ سان ايتري ويڌن آهي ۽ روز روز جا ايترا مسئلا آهن جو ماڻهن ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پريشانين کان فراريت ڳولي آهي ۽ توهان ڏسو ته اهڙا ماڻهو به ڪرڪيٽ ۾ هاڻ دلچسپي پيا وٺن جن کي اها به پڪ ناهي ته وسيم اڪرم وڌيڪ سٺو بيٽسمين آهي يا بالر؟“ اڄ جو اشو جيڪڏهن سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ايندڙ تباهه ڪاري آهي ته ان بابت ماتم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا لکي پيو سگهجي جو اول ته طوفان جي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ بدران اسان جي ڏوڪڙن تي پلجندڙ علائقي جا ڊي سيز بنگلن ۾ ستل رهيا پر جڏهن آفت اچي به ويئي ته ماڻهن جا لاش هٿ ڪرڻ لاءِ به ڪي هٿ پير نه هنيا ويا ۽ گم ٿيلن جا مائٽ اڄ به سمنڊ جي آسري ۾ ويٺا آهن ته جنهن سمنڊ ٻوڙيو آهي اهو ئي جيڪڏهن لاش ڪناري تي اڇلائي ڇڏي ته مهرباني نه ته ٻيو ڪو سهارو نه آهي. سو آفت آئي، سمنڊ مان لاش آيا ۽ بعد ۾ وي آءِ پيز به آيا، خانگي امداد به آئي ۽ سرڪاري اعلان به آيا پر نه آئي ته علائقي ۾ اڃا واپس خوشحالي نه آئي ۽ لاڙ کان اتر تائين اهو احساس اڃا شدت اختيار ڪري ويو ته انهن سان ٿيل ايڏي وڏي سانحي جو ذميوار ڇا صرف قدرت هئي، جو ماڻهن کي اڳواٽ اطلاع نه ڏيڻ جهڙو وڏو بلنڊر ڪندڙن مان ڪنهن هڪ خلاف به ڪا معمولي ڪارروائي به نه ڪئي ويئي؟ جيڪڏهن اها تباهي سنڌ بدران ٻئي ڪنهن هنڌ آئي هجي ها ته ڇا اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو وڃي ها؟.
چون ٿا ته ڪنهن ملڪ جو بادشاهه جڏهن مئو ۽ سندس پٽ بادشاهه بڻيو ته ان سڄي رياست جي دوري جو پروگرام بڻايو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي جيل خاني ۾ پهتو ۽ مختلف قيدين کان حال احوال پڇيائين. هڪ ڪراڙي کان جڏهن پڇيائين ته ”پوڙها تون ڇو ڪاٺ ۾ پيو آهين؟“ ته هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”سائين توهان جي والد بزرگوار ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ڪيئي سال اڳ جيل ۾ وڌو هو پوءِ بادشاهه مرحوم کي ڳالهه وسري ويئي سو اڃا اندر پيو آهيان“. اها ڳالهه ٻڌي جيل جي داروغي، بادشاهه کان پڇيو ته ”سائين، حڪم ڪريو ته ڇڏي ڏيونس“، ته بادشاهه موصوف فرمايو ته ”نه جيلر، اهو والد صاحب جي نشاني آهي ڀلي اتي ئي پيو هجي!“ سو مطلب ته اشو ته اهو به آهي ته خدا خبر سنڌ ڪنهن جي نشاني تي آهي جو ذري گهٽ سال ٿيڻ وارو آهي پر ان (سنڌ) کي گورنر راڄ جي ڪاٺ مان آزاد ئي نٿو ڪيو وڃي. الائي وفاقي سرڪار کي وسري ويو آهي جو اتي هڪ اڻ چونڊيل سيٽ اپ مڙهي وري موٽ ۾ احوال ئي نٿا وٺن جو صوبو ڪهڙي عذاب ۽ پيڙا مان پيو گذري؟ سو ان اشو تي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا لکان؟، ڇا اهو لکجي ته سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي پر ان ڳالهه جي ڪنهن کي خبر ناهي، ڇا پنهنجي لکڻي ذريعي اسلام آباد کي اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ”عالم پناهه، سنڌ توهان جي راڄڌانيءَ جو حصو آهي، جتي ڪجهه عرصو اڳ هڪ چونڊيل حڪومت جي نااهليءَ جي سزا سڄي سنڌ کي ڏيندي اتي گورنر راڄ لڳايو ويو هو، سو هاڻ گهڻو وقت ٿي ويو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن زحمت نه ٿئي ته اتي جمهوري سرشتو بحال ڪري ڇڏيو!“ ڇا جان جي سلامتي گهري اهو به عرض ڪجي ته ”حضور! ڪنهن ڏوهاريءَ کي به اڻ ڄاڻايل مدي تائين جي سزا نه ڏبي آهي پر سنڌ کي مليل سزا جو ته ڪو مدو به بيان نٿو ڪيو وڃي ته گورنر راڄ واري سزا ڪڏهن ختم ٿيندي!“ ڇا وفاقي سرڪار کي ڪجهه لکي اهو ياد ڏيارڻ گهرجي ته ”سرڪار، سنڌ ۾ به ماڻهو رهن ٿا، جن جا جمهوري، بنيادي حق آهن، جيڪي حق پنجاب يا سرحد يا بلوچستان جي ماڻهن کي آئين ۾ ڏنا ويا آهن، اهي سنڌ کي به حاصل آهن، تنهن ڪري سنڌ تي رحم جي نظر وجهو ۽ اتي سياسي ۽ جمهوري نظام بحال ڪيو“. پر ڇا اشو اهو ناهي ته سالن کان سنڌ جي عوام کي False sense of security (تحفظ جي ڪوڙي احساس) ۾ مبتلا رکندڙ اسان جا اڳواڻ اڄ ڪٿي آهن ۽ ڇا پيا ڪن، جيڪي سدائين اهڙا بيان ۽ تقريرون ڪري اسان کي اهو احساس ڏياريندا رهيا ته جيڪڏهن سنڌ جي مفادن کي هاڃو رسيو ته هو ”ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏيندا“ يا سڄي سنڌ اٿلائي ڇڏيندا وغيره وغيره. ڇا هو اڄ اسان کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته سنڌ سان اڃا ڪهڙي ويڌن ٿيڻ باقي آهي ۽ اڃا ٻيو ڇا ٿيندو، جنهن کان پوءِ اسان جا اهي ”صاحبان“ اخباري بيانن کان سواءِ واقعي به ڪجهه ڪندا!“ سو اڄ جا اشوز ڇا آهن، ڇا اشو سنڌ جي هاڻوڪي حالت آهي يا ان سان گڏ وڏو اشو سنڌ جي ايندڙ دور ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون آهن؟.
ماڻهو ڀلي تنقيد ڪن پر جڏهن چو طرف مايوسي هجي، پراون توڙي پنهنجن کان نا اميد ي هجي ته ڀلا ماڻهو عبدالقادر وانگر ”ڇا لکان؟“ نه لکندو ته ٻيو ڇا لکندو؟ ڇاڪاڻ ته اهڙن ٺلهن آسرن تي ”هي ٿي ويندو يا فلاڻو اچي ويندو“، کان بهتر آهي ته ماڻهو مايوس ٿي وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ جڏهن هو وري مايوسيءَ واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري ته کيس اها پڪ هجي ته ڪو ٻيو نه پر جيستائين هو پنهنجي واهرپاڻ نه ڪندو تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو