سنڌ-هڪ ”سياسي چريي“ جي انتظار ۾!
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي هڪ ذاتي ڪچهري ۾ تمام سٺي ڳالهه چئي ته ”اسان جي معاشري جي سطح اتي اچي بيٺي آهي جو اسان جي آڏو جيڪڏهن ڪو ماڻهو Academic قسم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسين يڪدم موٽ ۾ کيس Academic fool (ڪتابي قسم جو ڳالهيون ڪندڙ چريو) جو طعنو هڻي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ڄڻ Academic ٿيڻ معنيٰ بيوقوف يا چريو هجڻ آهي يا جيڪو اصولن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسين کيس چئون ٿا ته يار، ڪتابي گفتگو مهرباني ڪري نه ڪريو، ڄڻ اصول صرف ڪتابن ۾ پڙهڻ لاءِ هجن ٿا، نه ڪي عمل ڪرڻ لاءِ جيڪو انهن تي عمل ٿو ڪري اهو ڪو سياڻو ماڻهو نه پر ڪو چريو آهي“.
ڪاوش ۾ بدين جي ريڊيو مستري عبدالله سينهڙاٽ جو انٽرويو ۽ اسلام آباد مان سالن کانپوءِ سنڌ ۾ اچي پنهنجن خيال جو اظهار ڪندڙ سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ پڙهئي ويندڙ ڪهاڻيڪار امر جليل جي تقرير پڙهي نثار کهڙي جي مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه تمام گهڻي ياد آئي ۽ جڏهن ڪنهن دوست کي چيم ته ”بدين جو عبدالله ۽ امر جليل ٻيئي ساڳي ڳالهه پيا ڪن ۽ ٻيئي ”چريا“ آهن؟“ ته هن دوست حيرت وچان ڏسندي چيو ته ”عبدالله ۽ امر جليل ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي آهي جو انهن ٻنهي کي هڪڙي لائين ۾ بيهارين پيو؟“ ان سوال جي جواب لاءِ ڊگهو تفصيل گهربل آهي پر جيڪڏهن مختصر ڪري بيان ڪجي ته ڳالهه سولي آهي ته ”انهن ٻنهي ماڻهن سالن کان سماج ۾ قائم اسٽيٽسڪو (جمود) کي پادر هنيو آهي!“ عبدالله سينهڙاٽ بدين جو هڪ عام ماڻهو هجي ٿو پر جڏهن علائقي جو ڊي سي کيس ٿڦڙ هڻي ٿو ته سندس چواڻي وٽس رڳو ٻه آپشن بچن ٿا، هڪ آپگهات ۽ ٻيو شهر مان لڏي وڃڻ. پر هو ڪنهن واهه ۾ ٽپو ڏئي يا جيت مار زهر کائي آپگهات ڪرڻ بدران ڊي سيءَ کان پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪري ٿو، جيڪو پڻ سندس بقول آپگهات ڪرڻ کان گهٽ نه ٿو هجي. عبدالله جي اهڙي عمل تي شروعات ۾ ڊي سي ۽ ٻيا ”سياڻا“ شهري کيس ”چريو“ قرارڏين ٿا پر جڏهن ستت ئي سڄي بدين بلڪه سڄي سنڌ ۾ عبدالله جي ”چريائپ“ کي حمايت حاصل ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ته پوليس ۽ انتظاميا عبدالله مان هٿ ڪڍي ٿي جو کين اندازو ٿئي ٿو ته شهر ۾ عبدالله جهڙن ”ديوانن“ جو تعداد تمام وڌي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان هڪڙي ”چريي“ مان هٿ نه ڪڍيو ويو ته هزارين ”چريا“ هٿن ۾ پادر کڻي ٻاهر نڪري ايندا.
”ڪنهن به سرڪاري عملدار کي ڪنهن شهريءَ تي هٿ کڻڻ جي اجازت ناهي“، اها هڪ اصولي ڳالهه آهي پر ظاهر آهي ته جيڪو اصولن جي ڳالهه ڪري ٿو اهو ”چريو“ سڏبو آهي، تنهن ڪري ئي ”اصول“ ته هوندا ئي مٽائڻ لاءِ آهن، جهڙي سوچ رکندڙ اسان وٽ ”سياڻا“ سمجهيا ۽ مڃيا وڃن ٿا. پر اها به حقيقت آهي ته اصولن، ضابطن ۽ اخلاقي قدرن کان خالي ٿيندي ويندڙ اسان جهڙن معاشرن ۾ جڏهن ڪو هڪ اهڙو ماڻهو سامهون اچي ٿو جيڪو اٿي بيهي چوي ٿو ته ”I say no ”to this system (مان هن نظام کان انڪار ڪريان ٿو) ته ان کي شروع ۾ چريو ضرور چيو ويندو آهي پر سندس چريائپ ۾ پيڙا ۾ ورتل هزارين لکين ماڻهن کي پنهنجي محرومين ۽ تڪليفن خلاف اٿاريل ”تڪبير“ نظر اچي ٿي ۽ عوام جي اڪثريت ان ”ديواني“ کي ”پنهنجو ”ديوانو“ سڏڻ شروع ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو چريو پنهنجي ڪنهن عمل يا فلسفي سان سالن کان جڙيل واهيات جمود کي جڏهن پادر هڻي ٿو ته در اصل هو انهن لکين ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪري رهيو هجي ٿو جيڪي اڃا پادر هٿ ۾ جهلڻ لاءِ همت نه پيا ساري سگهندا آهن.
عبدالله سينهڙاٽ، امر جليل جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار آهي پر فرق اهو آهي ته اهو ڪردار ڪهاڻي مان ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ جنهن ڏينهن امر جليل سنڌ جي سياسي ۽ انٽيليڪچوئل اسٽيٽسڪو کي پنهنجي لکيل تقرير ذريعي پادر هڻي رهيو هجي ٿو ان ساڳئي ڏينهن تي عبدالله پنهنجي سادي ٻولي ۾ بنا لکيل ڊائلاگن ذريعي سنڌ جي انهن سمورن عام ماڻهن کي جنجهوڙي رهيو هجي ٿو جيڪي ماڻهو پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي تي ماٺ رهڻ کي عقلمندي سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ امر جليل جي تقرير تمام مهذب ۽ خوبصورت لفظن جي غلاف ۾ ويڙهيل هئي پر در اصل امر پڻ هڪ پادر هنيو آهي هاڻوڪي اسٽيٽسڪو کي. فرق صرف ايترو آهي جو اهو ريشمي رومال ۾ ويڙهيل آهي، جڏهن چئي ٿو ته ”مرد سنڌي هو منهنجي ”آئو ڀڳت“ ڪيائين ۽ پيئڻ لاءِ مون کي ڀنگ ڏنائين....“ ته سمجهڻ گهرجي ته هو سنڌ جي نام نهاد ويليوز تي ڪيتري خوفناڪ طنز ڪري رهيو آهي يا جڏهن هو چوي ٿو ته ”بينظير کي تقرير ڪرڻ جو هنر برطانيا جي يونيورسٽي مان حاصل هو جتي هوءَ ڊبيٽن ۾ سڀني کي ماري مات ڪندي هئي. هوءَ آخر تائين تقرير ۽ ڊبيٽ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهي. هوءَ تقريرن ۾ ملڪ جا سياسي. اقتصادي، سماجي مسئلا حل ڪري هلي ويندي هئي. ڏاڍا ڪپ ۽ ٽرافيون کٽيائين. هڪ دفعي تاريخ ساز تقرير ڪيائين، انعام ۾ کيس آصف علي زرداري ڏئي ڇڏيائون، ان کانپوءِ ڪڏهن به ڪپ ۽ ٽرافيون کٽي نه سگهي“ يا وري جتي اچي پنهنجي تقرير ختم ڪندي چوي ٿو ته اڪثر مون کان ورائي ورائي پڇيو ويو آهي ته ”رٽائر به ٿيو آهين، سنڌ ڪڏهن موٽندين؟ مان خوابن جي سهاري جيئرو آهيان پر ڏهن سرن وارن کي 30 سال اڳ مون سنڌ لاءِ ناقابل قبول قرار ڏنو هو. پر آئون جلد موٽندس، قاسم آباد ۾ رهندس، دڪان تان سامان به مفت ۾ کڻندس، هوٽلن تي ماني کائي پئسا ڪو نه ڏيندس، سنڌ جا اسڪول ڪاليج هلڻ ڪو نه ڏيندس، هاسٽلن تي قبضا ڪندس، جيڪڏهن ڪنهن اعتراض ڪيو ته ان کي موچڙا به هڻندس ۽ ضرورت پيئي ته گولي به هڻي ڪڍندس. مان جلد ايندس ۽ خوابن جي ڍير تي تعبيرن جي چتائن کي باهه ڏئي ساڙيندس“.
اهي ڳالهيون در اصل سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ ناٽڪ ۽ سياست جي ٻهروپ ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي سالن کان جاري سلسلي کي امر جليل پاران هنيل موچڙو آهي سو جيڪڏهن اهو چئجي ٿو ته عبدالله سينهڙاٽ ۽ امر جليل جي ذهني ڪيفيت ساڳئي آهي ته اهو غلط ناهي،* ڇاڪاڻ ته ٻيئي شديد فرسٽريشن ۽ ذهني پيڙهه جو شڪار آهن ۽ ٻنهي جا رويا ۽ عمل ”آپگهاتي“ نوعيت جا آهن. ٻيئي عوام جي دلين جي ترجماني ڪن پيا، باقي فرق صرف ٻنهي جي طبقي جو آهي جو امر جو تعلق دانشور طبقي سان آهي ۽ عبدالله هڪ عام ماڻهو آهي. پر جيڪا ڳالهه اهم آهي ته اسان وٽ نيٺ مختلف سطحن تي ڪجهه ”چريا“ ماڻهو اڀري سامهون اچن پيا ۽ جنهن ڏينهن اهڙو ڪو چريو ماڻهو سياسي دنيا ۾ اڀري سامهون اچي ويو ته پوءِ سياڻا سياستدان ڏسندا رهجي ويندا ۽ عوام ان چريي جي پويان لڳي پوندو.
ان ڳالهه تي منهنجو هميشه هڪ Considered opinion (سوچيل سمجهيل موقف) رهيو آهي ته اسان جي حالتن ۾ بهتري ان مهل تائين اچڻ تمام مشڪل آهي جيستائين اسان جي اقتداري سياست ۾ بهتري نه ٿي اچي، يا سولي ٻولي ۾ ائين چئي پيو سگهجي ته جيستائين اقتداري سياست ۾ ڪو چريو نه ٿو پهچي جيڪو اقتداري سياست ۾ موجود عوام آزار پاليسين جي اسٽيٽسڪو کي پادر هڻڻ جي همت ڪري، هتي اها اڳڪٿي ڪرڻ ته مشڪل آهي ته اقتداري دنيا ۾ اهو چريو ڪڏهن پيدا ٿيندو ۽ اهو ڪير هوندو پر ان چريي جي پيدا ٿيڻ جي موسم ضرور اچي وئي آهي، جو اسان کي دانشورن ۾، پوليس آفيسرن ۾، صحافين ۾، ويندي عام ماڻهو جي سطح تائين ڪجهه چريا ماڻهو نظر اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ تنهن ڪري اميد ڪري پئي سگهجي ته ان چريائپ جي موسم جو اثر اسان جي اقتداري سياست تي به پوندو ۽ اها سياست جيڪا ڪرپٽ ۽ بي اصولي اڳواڻ پيدا ڪرڻ جي نرسري بڻيل آهي تنهن مان ايندڙ مهينن يا سالن ۾ ڪو اهڙو چريو به پيدا ٿيندو جنهن جو عوام انتظار پيئي ڪري.
اڪثر دوست ان خيال سان متفق نه ٿيندا ته عوام کي رليف يا بنيادي قسم جون تبديليون اقتداري سياست ۾ بهتري سان مشروط آهن پر سندن خيال آهي ته تبديلي عوام ۾ سجاڳي، جاڳرتا، شعور وغيره وغيره آڻڻ ذريعي ئي ممڪن ٿي پئي سگهي. اهڙي خيال سان هروڀرو اختلاف ڪونهي ته جيڪڏهن ڪو عوامي سطح تي ماڻهن کي موبلائيز ڪري هڪ تحريڪ کي جنم ڏئي، جيڪا تحريڪ ايتري سگهاري ٿئي جو بنيادي قسم جي تبديلين جو سبب بڻجي وڃي ته ظاهر آهي ته اسان جون اکيون ٿڌيون. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو فرانس جي انقلاب جهڙا مثال ڏئي يا مختلف قومي تحريڪن جا حوالا ڏئي ليڪچر ڏيڻ چاهي ته ظاهر آهي ته پاڻ پڙهڻ يا ٻڌڻ لاءِ ٻڌل آهيون پر گذارش رڳو ايتري آهي ته ڪنهن مسئلي جو حل توهان معروضي حالتون ڏسي ئي ڳولي پئي سگهيا ۽ سنڌ جي صورتحال جو حقيقت پسند ٿي جائزو وٺجي ته اتي پاڻ کي ڪا اهڙي ڌر (گهٽ ۾ گهٽ فوري طور تي) نظر نه ٿي اچي جيڪا عوامي اڀار ۽ ڪاوڙ کي سهيڙڻ جي سگهه رکندي هجي ۽ گڏوگڏ جنهن جي نيت عوامي اڀار وسيلي حڪومتي تبديلي کان وڌيڪ عوام آزار پاليسين جي جڙيل اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ هجي اتي اهو سوال ذهنن ۾ ضرور ايندو ته جڏهن چوان ٿو ته اقتدار کانسواءِ تبديلي مشڪل آهي ته پوءِ اهو ڇو ٿو چوان ته عوامي اڀار وسيلي صرف حڪومتي تبديلي مسئلي جو حل ناهي. ان سوال جو جواب سولو آهي ته اها ڳالهه هر ڪو سمجهي ٿو ته ڪنهن انقلابي نظريي يا سڌارن جي پروگرام تي عمل صرف اقتدار ۾ اچي ئي ڪرائي پيو سگهجي پر مسئلو اهو آهي ته جيستائين اهو عوامي اڀار ڪنهن هڪ ڌر کي حڪومت مان لاهي ٻئي کي ويهارڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي هجي ٿو ته اهو ڪڏهن به بنيادي تبديلين جو اهڃاڻ نه ٿو بڻجي بلڪه اهو صرف چهرن جي تبديلي بڻجي ٿو پر جيڪڏهن عوام جي ڪاوڙ کي عوام جي ئي مسئلن جي حل لاءِ جڙيل ٺوس پروگرام تي مرڪوز ڪري هڪ تحريڪ ذريعي اڀاريو ويندو آهي ته فطري طور تي ان جو به پهريون ٽارگيٽ حڪومت ۾ تبديلي هجي ٿو پر ان جو اصل ٽارگيٽ معاشري ۾ بنيادي نوعيت جون تبديليون آڻڻ هجي ٿو. اسين اتي مثال طور ملڪ جي ماضي جي ٽن ڌرين ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ٺهيل پ پ، جماعت اسلامي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو حوالو ڏيئي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. جماعت اسلامي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ملڪ ٺهڻ سان گڏ پاڪستان ۾ موجود هيون (بلڪه ان کان اڳ به) جڏهن ته پ پ جو وجود 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ آيو. جماعت ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٻئي هڪ ٻيئي جي ضد هجڻ جي باوجود نظرياتي پارٽيون سمجهيون وينديون هيون/آهن ۽ ٻنهي پارٽين جو ماضي ۾ اصرار اهو هو ته عوامي اڀار وسيلي انقلاب آڻجي (هڪڙا سرخ انقلاب ۽ ٻيا سبز انقلاب جي ڳالهه ڪندا هئا). ٻنهي ڌرين جا نقاد هڪڙن کي ماسڪو جاحمايتي ۽ ٻين کي واشنگٽن جا حمايتي چوندا هئا. پراوچتو مارشل لا ڪابينا جو هڪڙو وزير استعيفا ڏئي ٻاهر نڪتو ۽ هن عوام کي اهو سڌو سنئون چوڻ شروع ڪيو ته توهان رڳو مون کي ووٽ ڏيو باقي ڪم آئون پاڻ ئي ٺيڪ ڪري وٺندس ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته خالص اقتداري سياست جي پيداوار ذوالفقار علي ڀٽو ان مهل ماڻهن ۾ موجود ايوب خان ۽ پوءِ يحيٰ خان خلاف ڪاوڙ کي Consolidate (سهيڙي) ان اڀار وسيلي حڪومت کي ڊاهي وڌو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿورو يا وڌيڪ عوام کي نه صرف رليف ڏياريائين بلڪه غلط يا صحيح معاشري ۾ بنيادي نوعيت جا ريفارمز آڻڻ جي ڪوشش به ڪيائين. پر سندس پارٽي کان اڳ ۾ موجود جماعت اسلامي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پنهنجن انقلابي پروگرامن تي پنج سيڪڙو به عمل ڪرائڻ جي ڪڏهن پوزيشن ۾ نه آيون ۽ اڄ جيڪڏهن پاڻ ڏسون ته جماعت اسلامي جي قيادت به ڪجهه سالن کان سڌو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته کين اقتدار ڏنو وڃي جيئن هو پنهنجي پروگرام تي عمل ڪرائي سگهي. ڪميونسٽ پارٽي ته هاڻ ان پوزيشن ۾ به نه آهي جو اهڙو مطالبو ڪري سگهي، باقي ڪامريڊ حضرات ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ميڙاڪي ۾ گڏجن ٿا ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪري اڳوڻي دور جي ”ٺهرڪ“ پوري ڪري هليا وڃن ٿا. فرق ايترو آهي ته اڳ ۾ اسان جا معزز ڪامريڊ خفيه هنڌن تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ”جدليات ۽ ماديات“ تي بحث ڪندا هئا ۽ هاڻ پريس ڪلب جي کليل هال ۾ ساڳئي قسم جا بحث ڪري هر ڪو هليو ٿو وڃي. بهر حال چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيستائين ڪا ڌر اصولن تي ٻڌل عوامي سياست ۽ اقتداري سياست جو ”ڪاڪ ٽيل“نه ٺاهيندي تيستائين هڪڙا رڳو اقتدار جي راند ۾ مصروف رهندا ۽ ٻيا رڳو هوائي قسم جون خبرون ڪندا رهندا ۽ وچ ۾ عوام ٻنهي کي حسرت سان ”ڪرسٽينا ليمب“ جي ڪتاب Pakistan & Democracy Waiting For Allah (پاڪستان ۽ جمهوريت خدا جي انتظار ۾) جي ڪيفيت ۾ موجود رهندا.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ غير سنڌي پوليس آفيسر گڏيو جنهن جو چوڻ هوته ”ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي سنڌ ۾ ” ڄام صادق ٽيم لهڻ واري آهي، خاص ڪري پوليس جي کاتي ۾“. پڇيو مانس پوءِ ڇا ٿيندو، ؟ ته کلڻ لڳو ۽ چيائين ”پوءِ اهو ئي ٿيندو جيڪو ٿيندو آهي“ پر هي 1990ع ناهي، هي 1999ع آهي، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهو همراهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”توهان کي اجائي خوش فهمي آهي ته ڪو 9 سالن ۾ ڪجهه بدليو آهي پر جيڪڏهن اهو فارمولو نه هليو ته پوءِ سنڌ جي سمورن انتهاپسندن کي گڏائي حڪومت ٺاهڻ وارو فارمولو ته ڪيڏانهن ويو ئي نه آهي“، پڇيو مانس ”ڇا مطلب اهو ڪيئن ممڪن آهي،ڇا وڏ وزارت متحده کي ڏني ويندي“. موٽ ۾ چيائين ته گهٻرايو ڇو ٿا، وڏ وزارت کڻي ڪنهن سنڌي قومپرست کي ڏئي ڇڏبي ۽ ائين به هي هڪڙو فارمولو آهي جنهن تي ضروري ناهي ته عمل ٿئي ڇاڪاڻ ته وس وارن وٽ گهڻايئي فارمولا آهن، جيڪڏهن هڪڙو نه هليو ته ٻيو تيار هوندو“.
هن آفيسر موصوف جي ڳالهين دوران چيل اهو جملو ته ”توهان جي خوشفهمي آهي ته 9 سالن ۾ ڪجهه بدليو آهي“ انتهائي ڏکائيندڙ هو ۽ واقعي به سڀني کي سوچڻو پوندو ته ڇا واقعي به ڪجهه ناهي بدليو ۽ شايد سنڌ کي ثابت به ڪرڻو پوي ته واقعي به ڪجهه بدليو به آهي يا صرف خوشفهمي آهي.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو