Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

”احساسِ محرومي“              

                         سومر 25 آڪٽوبر 1999ع

خدا خير ڪري، وري ٿي شروع ٿئي ڪهاڻي ”احساسِ محرومي“ جي! اها لوڪ ڪٿا سنڌ واسي ضياءُ الحق جي دور ۾ هر روز ٻڌندا هئا. ” احساسِ محرومي“ جي ٽائٽل سان هلندڙ هيءَ فلم سنڌ واسين پورا يارنهن سال ڏٺي پر جڏهن 1988ع ۾ ٻڌايو ويو ته اها فلم هاڻ ختم ٿي ٿئي ته ماڻهن به اعتبار ڪيو ته شايد هاڻ کين اها فلم وري ڏسڻي نه پوندي پر جيڪڏهن ايمانداري سان ڏٺو وڃي ته نظر ٿو اچي ته ضياءُ الحق ۽ سندس يارنهن سالن جي خاتمي سان اها فلم ختم نه ٿي هئي بس ڪجهه سالن لاءِ ان ”احساسِ محرومي“ واري فلم جو انٽرويل آيو هو. ان اصطلاح ضياءَ دور ۾ جنم ورتو، جنهن جو مقصد خدا خبر سنڌ جي ڦٽن تي مرهم رکڻ هو يا لوڻ ٻرڪڻ يا پوءِ ماڳهين ئي اهو اصطلاح سنڌ جي مينٽل ٿراپي (نفسياتي علاج) ڪرڻ واري رٿا بنديءَ جو حصو هو، عجيب تماشو هو جو ضياءَ دور ۾ سنڌ مان چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهي چاڙهي، هتان جي وسيلن کي ڦري لٽي، ڌاڙيل فيڪٽر ۽ نسلي وڳوڙن ذريعي هتان جي معيشت ۽ مڊل ڪلاس جي چيلهه ڀڃي، هتان جي ماڻهن کي ڦٽڪن، گولين ۽ بمن ذريعي دٻائي سندن اظهار جو حق کسي پوءِ چيو ويندو هو ته ”سنڌ ۾ احساسِ محرومي آهي“. ڪيڏو نه مذاق هو جو ملڪ تي عذاب بڻجي نازل ٿيل ضياءُ الحق پاڻ سنڌ کي هر شيءِ کان محروم ڪيو پر پوءِ انتهائي معصوميت سان چيو ته ”سنڌ مين بڙي احساسِ محرومي هي!“ اهو چئي ضياءُ الحق سنڌ کي ”الله جي ڏني“ مان ڪجهه موٽائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ سنڌ کي وزيراعظم (محمد خان جوڻيجو) جو عهدو ڏيڻ، ڪجهه وڏن ملڪي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جي مقرري (ان دور ۾ پي آءِ اي ۾ عظيم دائود پوٽي جي سربراهه طور مقرري انهن مان هڪ هئي) ۽ ڪجهه سنڌي ڪامورن کي مقابلي واري امتحان مان پاس ڪرائڻ وغيره اهو ڪجهه هو جيڪو ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي ماري، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سوين ماڻهن جون حياتيون کسڻ ۽ ٻيا ڪوس ڪرڻ جي عيوض سنڌ کي ڏنو. پر ظاهر آهي ته سنڌ کي اهو نبيرو قابل قبول نه هو ۽ جڏهن 17 آگسٽ 1998ع تي ضياءُ الحق هوا ۾ ڦاٽي پيو ته سنڌ ۾ جهمريون پاتيون ويون ۽ مٺايون ورهايون ويون، ڄڻ ضياءَ جي موت سان کين اهو سڀ ڪجهه واپس موٽي ملي ويو، جنهن کان کين محروم ڪيو ويو هو. پر حقيقت ۾ ائين نه هو، ڇاڪاڻ ته ضياءَ سنڌ ۾ ڏک ۽ تڪليفون پيدا ڪرڻ وارا اهڙا ٻج پوکي ويو هو جو سندس مرڻ سان به سنڌ ۾ اهي ڏک ۽ سور پيدا ڪندڙ ٻوٽا ۽ وڻ ڪومائيا يا سڪا ناهن. گڏوگڏ ضياءَ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ”اينٽي سنڌ“ سوچ جي اهڙي ول کي وڌائي ويو، جنهن جي رکوالن  ڪڏهن  به  سنڌ  ۽ اسلام آباد کي دلي طور هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، يعني ضياءَ مئو، اسحاق خان آيو، اهو ويو ته وري نواز شريف آيو پر سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سندن سياسي ۽ سماجي قدرن، معاشي وسيلن، صوبائي حقن ۽ عزت نفس کان محروم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. سوال آهي ته ائين ڇو ٿيو؟ ڇا سنڌ جو ڏوهه اهو هو ته هو قدرتي وسيلن ۽ زرعي اپت جي ڪري شاهوڪار هئي؟ ڇا سنڌ جو ڏوهه سياسي طرح وڌيڪ باشعور هجڻ آهي؟ ڇا سندس ڏوهه جمهوريت پسند هجڻ آهي؟ آخر سنڌ اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو 1977ع کانپوءِ جو سنڌ مٿان ڪات ڪهاڙا هلڻ شروع ٿيا ته 22 سالن ۾ ڪنهن بس ئي نه ڪئي ۽ اها به حقيقت آهي ته ٻين ته جيڪو ڪيو سو ڪيو پر ”پنهنجن“ به سنڌ سان جيڪي ڪلور ڪيا تن سنڌ کي ”پنهنجن“ تي اعتبار ڪرڻ واري سوچ کان به ”محروم“ ڪري ڇڏيو، سو نئين نامزد ٿيل گورنر سنڌ عظيم دائود پوٽي جڏهن ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي پهرئين پاليسي بيان ۾ چيو ته ”سنڌ مان احساسِ محرومي ختم ڪبو“ ته سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا گورنر صاحب کي اها پيرائتي ڄاڻ آهي ته سنڌ کي ڪهڙي ڪهري شيءِ کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ کي محروم ڪندڙ ڪير ڪير آهن؟
       دنيا ۾ لاجڪ (منطق) جا مختلف قسم ٻڌايا وڃن ٿا، مثال طور واٽر لاجڪ، راڪ لاجڪ وغيره پر اسان جي ملڪ ۾ هڪ منفرد لاجڪ ڪم ڪندي آئي آهي ۽ اها آهي ”حڪومتي لاجڪ“، يعني اهي فيصلا يا قدم جن جو ڪو سر پير نه هجي ۽ جن ۾ ڪابه منطق نه هجي پر اهي رڳو ان ڪري ڪيا يا چيا وڃن جو وقت جي حڪومت انهن کي صحيح سمجهي ٿي، سو اهڙن بيانن، فيصلن يا ڪاررواين کي ”حڪومتي لاجڪ“ سڏيو ويندو آهي (يا سڏجڻ گهرجي). مثال طور نواز شريف پنهنجي برطرفيءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي دوري مهل چيو هو ته ”سنڌ جي عوام کي ان ڳالهه سان ڪو واسطو ڪونهي ته ان تي ڪٿان حڪومت ڪئي پئي وڃي“. اهو بيان يا اها سوچ خالص ”حڪومتي لاجڪ“ جو ”شاهڪار مثال“ آهي ۽ ان جو رد عمل اهو ٿيو ته سنڌ واسين کي به هاڻ ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي رهي ته نواز شرف اڄ اڊيالا جيل ۾ آهي يا اٽڪ جيل ۾! خير حڪومتي لاجڪ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جنهن ۾ پاڻ کي ايوب خان جو ڏنل هڪ دلچسپ بيان ياد اچي ٿو. ايوب خان اوڀر پاڪستان (بنگال) ۾ پيدا ٿيل بيچيني بابت چيو هو ته ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته بنگال جا ماڻهو ڪهڙي صوبائي خودمختياريءَ جي ڳالهه ڪن ٿا. بنگال ۾ منهنجو نامزد ڪيل گورنر  مڪمل طرح بااختيار آهي، ان کان وڌيڪ ٻي ڀلا ڪهڙي خود مختياري ڏيان؟“ ايوب خان کي اهو سولو منطق سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جڏهن توهان اسلام آباد مان ويهي پنهنجي گورنر ذريعي حڪومت پيا هلايو ته صوبي وارن کي خودمختياري ڪٿان ملندي؟ ايوب خان ته فوجي آمر هو پر سياستدان هجڻ جي باوجود بينظير ڀٽو جو منطق ايوب خان کان گهڻو مختلف نه هو، جڏهن هڪ انٽرويو ۾ پڇيو هو مانس ته ”چون ٿا ته عبدالله شاهه توهان کان پڇڻ کانسواءِ پاڻيءَ جو گلاس به نه پيئندو هو، ته ڇا ان ريت توهان جي دور ۾ به سنڌ کي اسلام آباد مان ڪونه پئي هلايو ويو؟“ ته محترمه موٽ ۾ چيو ”ظاهر آهي ته عبدالله شاهه پارٽي پاران چونڊيل وڏو وزير هو، کيس ائين ئي ڪرڻو هو جيڪو پارٽي قيادت چئي ها.“ انهن حڪومتي روين ۽ لاجڪز جو ظاهر آهي ته ڪو سر پير ته هجي ڪونه ٿو، تنهن ڪري وقت اچڻ تي اهي غير منطقي رويا يا فيصلا جٽادار ثابت ناهن ٿيندا. سو هاڻ جڏهن گورنر صاحب اهو چوي ٿو ته هو سنڌ جي محرومي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو منطقي سوال اڀرڻ فطري آهي ته ”ڇا سنڌ ۾ اسلام آباد پاران نامزد ڪيل نمائندو سنڌ جون اهي محرميون دور ڪري سگهندو، جيڪي محروميون خود اسلام آباد سنڌ کي ڏنيون آهن؟“ اهو لاجڪ يا منطق سمجهه ۾ نٿو اچي پر ڪڏهن ڪڏهن غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي عام منطق کي دنگ به ڪريو ڇڏي، تنهن ڪري پاڻ مايوس ٿيڻ بدران صورتحال مان اهو منطق ڳولي پيا سگهون ته اسلام آباد ماضيءَ تي نظر وجهندي سنڌ ڏانهن نيٺ ڪو Rational (سمجهه ڀريو) رويو اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ پهرين سنڌ کي پاڻ محروم ڪيو ويو پوءِ پاڻ ئي چيو ويو ته سنڌ ۾ محروميءَ جو احساس آهي. وري پاڻ ئي ان محروميءَ جي احساس کي ويتر دٻائڻ لاءِ معاشي بدحالي، تعليمي تباهي ۽ نسلي توڙي فرقيواراڻي تعصب جهڙا ”تحفا“ سنڌ کي ڏنا ويا جو اسلام آباد کي ڊپ هو ته ڪٿي محروميءَ جو احساس ڪاوڙ واري احساس ۾ تبديل نه ٿي وڃي. سو اڄ جڏهن”سنڌ ۾ احساسِ محرومي آهي“ جهڙا جملا وري ٻڌڻ ۾ پيا اچن ته سنڌ واسين جو ڇرڪڻ فطري آهي ته ڪٿي مٿن ”احساسِ محرومي“ جو فرد جرم ٻيهر ته ڪونه پيو عائد ڪيو وڃي! پر جيڪڏهن ائين آهي ته هن ڀيري سنڌ واسي شايد اڳواٽ ئي عرض ڪندا ته ”سائين، اسان کي محروميءُ جو ڪو به احساس ڪونهي، تنهن ڪري مهرباني ڪري اسان جو ماضيءَ جهڙو علاج ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي وڃي ته ٿورائتا رهنداسين!“
ظاهر آهي ته پاڻ سڀ سمجهون ٿا ته ضياءُ الحق پاران ”احساسِ محرومي“ واري اصطلاح جي استعمال جو مقصد صرف Exploitation (استحصال) هو ۽ اڄ جڏهن گورنر دائود پوٽو صاحب اها ساڳي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جو پس منظر ٻيو آهي، تنهن ڪري اچو ته نيڪ نيتيءَ سان چيل گورنر جي ان ڳالهه کي بحث هيٺ آڻيون ته ڇا سنڌ ۾ صرف احساس محرومي آهي يا هاڻ ڳالهه محروميءَ کان به چڙهي”احساس عدم تحفظ“ جي ٿي ويئي آهي جو سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو کي اها پڪ ناهي ته جڏهن هو صبح جو گهران روزگار لاءِ نڪرندو ته خبر ناهي ته سندس نوڪري برقرار هوندي يا ختم ٿي چڪي هوندي! جڏهن هو گهر واپس پهچندو ته خدا کي خبر سندس گهر محفوظ هوندو يا ڪو ڌاڙو لڳي چڪو هوندو. جڏهن هو شام جو پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏ بازار ۾ نڪرندو ته روڊ تي بيٺل ورديءَ واري کان سندس عزت نفس مجروح ٿيڻ کان محفوظ رهندي يا نه. هو جڏهن صبح جو اٿي اخبار پڙهندو ته خبر ناهي ته سندس صوبي جو ڪو روڊ يا ڪو ادارو وفاق جي حوالي ته نه ٿي چڪو هوندو، يا سندس ڳالهائڻ يا لکڻ جو حق ته کسجي ڪونه چڪو هوندو يا سندس پٽ يا ڀاءُ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي يا انصاف نه ملڻ تي مايوس ٿي آپگهات ته نه ڪري ڇڏيو هوندو؟ مطلب ته چوڌاري غير يقيني ۽ عدم تحفظ جو احساس آهي، جنهن ۾ شاگرد کي اها خبر ناهي ته سندس پڙهائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس روزگار ملندو يا نه. واپارين کي اها پڪ ناهي ته اوچتو مٿن ڪو نئون ٽيڪس ته نه لڳي ويندو جو سندن سيڙپ ئي ٻڏي وڃي.
آبادگار کي خبر ناهي ته جيڪو فصل هو پوکي پيو اهو جڏهن تيار ٿيندو ته ان جو اگهه ڇا هوندو ۽ کيس وري سڄو سال قرض کڻي عدم تحفظ جي احساس سان ته وقت نه گذارڻو پوندو. سو جيڪڏهن گورنر صاحب سنڌ جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو ته کيس پهرئين صوبي ۾ پيدا ٿيل عدم تحفظ ۽ غير يقيني واري فضا کي ختم ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ اشد ضروري آهي ته گورنر صوبي ۾ سالن کان حڪومت هلائڻ جي روايتي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻي ۽ بيوروڪريٽس جي بريفنگس ۽ صلاحن کان پاسو ڪري ۽ گهڻو دارو مدار حقيقي ٽيڪنوڪريٽس ۽ دانشورن تي رکي ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان اسان جي بيورو ڪريسيءَ جي اڪثريت جي اپروچ ”مسئلي جي حل بدران حل لاءِ مسئلو ڳولڻ“ هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسئلا واقعي به حل ٿيندا ويندا ته پوءِ سندن چڱمڙسيءَ جو ڇا ٿيندو، جيڪا اهي فائيلن جا انبار پنهنجي آفيسن ۾ گڏ ڪري ٺاهيو ويٺا هجن ٿا؟
گورنر سنڌ عظيم دائود پوٽي پنهنجي ڪالهوڪي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ”ٺلهين ڳالهين سان ڪم نه هلندو.“ سندس ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي ته عمل جي به ضرورت آهي پر گورنر صاحب کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته ”ڳالهيون“ ڪرڻ به تمام ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته جيستائين هو ڳالهيون ٻڌائيندو ڪونه ۽ ڳالهيون ٻڌندو ڪونه تيستائين پنهنجي منهن ڪيل سندس فيصلا ٿي سگهي ٿو ته عوام جي اميدن موجب نه هجن. گورنر صاحب ڇاڪاڻ ته ان منصب تي عوامي مينڊيٽ ذريعي ناهن آيا تنهن ڪري ان ڳالهه جي وڌيڪ ضرورت آهي ته هو صوبائي سطح تي مختلف اشوز تي Debate (بحث مباحثي) کي همٿائي جيئن بهتر خيال ۽ آئيڊيا به سامهون اچن ۽ مسئلا ڇا آهن ۽ ڪيئن حل ٿيڻ کپن، تنهن بابت گڏيل راءِ عامه جڙي ۽ ان جو ٻيو وڏو فائدو اهو آهي ته عوام ۾ شرڪت جو احساس پيدا ٿيندو، جيئن ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف پاڻ به چيو ته هو Sham Democracy ۾ نه پر True Democracy ۾ يقين رکي ٿو. ان نقطي جي روشني ۾ گورنر صاحب کي حقيقي جمهوري معاشري جيان صوبائي ڪاروهنوار گورنر هائوس ۾ چئن ڪامورن جي صلاحن سان هلائڻ جو ماضيءَ وارو رجحان ختم ڪرڻ گهرجي، جيئن هو سڀاڻي چئي سگهي ته هن اڻ چونڊيل حڪومتي سيٽ اپ ۾ به عوامي راءِ کي نه صرف حڪومتي فيصلن ۾ شامل رکيو بلڪه ان جو احترام به ڪيو.
اڪثر دوستن کي هر ملڪي معاملو صوبائي تناظر ۾ ڏسڻ جي عادت هجي ٿي. اهڙي ئي هڪ سنڌي دانشور 12 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ آيل تبديليءَ کي مختلف انداز ۾ انهن لفظن ۾ ٻڌايو ”22 سال اڳ 1977ع ۾ مضبوط وزيراعظم (ذوالفقار علي ڀٽو) جنهن جو تعلق سنڌ سان هو، تنهن کي سندس ئي نامزد ڪيل فوجي سربراهه (جنرل ضياءُ الحق) جنهن جو تعلق پنجاب سان هو، حڪومت مان هٽايو هو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي وري هڪ مضبوط وزيراعظم (نواز شريف) جنهن جو تعلق پنجاب سان هو، تنهن کي سندس ئي نامزد ڪيل فوجي سربراهه (جرنل پرويز مشرف) جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي، هٽائي ڇڏيو آهي!“ بهرحال اسان جي ان ملڪي معاملي کي پرڏيهي دنيا الڳ نظر سان ڏسي ٿي. آمريڪا  توڙي  ٻي دنيا  آهستي  آهستي  ان  موقف  تي  اچي  بيٺي  آهي  ته ”هارجي  ويل  کير  تي روئڻ ڪهڙو؟“ مطلب ته فوج ته انتظام سنڀالي ئي ورتو آهي، هاڻ هروڀرو ان تي منهن مٿو  پٽڻ بدران جمهوري سيٽ اپ جي واپسيءَ لاءِ پرڏيهي دنيا زور ڀرڻ شروع ڪيو آهي پر اهو جمهوري سيٽ اپ يا سويلين سيٽ اپ ڪهڙو هجي ان بابت پرڏيهي دنيا پاڻ ڪو واضح مطالبو ناهي ڪيو. مثال طور هو فوري طور چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي تي به هاڻي اصرار نه پيا ڪن، صرف ان تي زور پيا ڀرين ته سويلين سيٽ اپ آندو وڃي. موٽ ۾ وري پاڪستان حڪومت سويلين ماڻهو به حڪومتي سيٽ اپ ۾شامل ڪري پرڏيهه کي اهو نياپو پيا موڪلين ته ”بس، خوش، سويلين ماڻهو حڪومت ۾ اچي ويا آهن“. خدا کي خبر ته پرڏيهي ان ڳالهه تي خوش يا راضي ٿين ٿا يا نه پر هڪڙي ڳالهه اسان جي حڪومتي قيادت کي ضرور سمجهڻ گهرجي ته سماج ۽ سياست هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هجن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي سياستدانن جي اڪثريت ڪرپٽ آهي ته ان جو مطلب هروڀرو اهو به ناهي ته سياست پاڻ به ڪا ڪرپٽ شيءِ هجي ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومتي قيادت اهو سمجهي ٿي ته سياستدانن کي پاسيرو ڪرڻ کانسواءِ ملڪي گاڏو نه هلندو ته کين اهو سمجهڻ گهرجي ته ”سياستدان صفايو مهم“ ۾ هو ”سياست جو صفايو“ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن، ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ڪونه هوندو ۽ کين اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪو ادارو ته سٺي مئنيجمينٽ ۽ سٺي ڊسيپلين سان هلائي سگهجي ٿو پر ڪو ملڪ يا صوبو جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو رهندا هجن تنهن کي هلائڻ لاءِ سٺي مئنيجمينٽ، سٺي سياست ۽ دور رس نتيجن جو ادراڪ به گهربل هوندو آهي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو