ڏيڍ وزارت کان هڪ وزارت تائين سنڌين جي اقتدار ۾ شرڪت
عظيم دائود پوٽي صاحب جي گورنر سنڌ طور مقرري بابت اڪثر ماڻهن کي حيرت آهي ته اهڙي ئي حيرت ڀرئي انداز ۾ جڏهن ڪنهن همراهه هڪ باخبر بيورو ڪريٽ کان ان جو سبب پڇيو ته هن جواب ڏنو ته سمورن صوبن ۾ مقامي پر رٽائرڊ فوجي گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو راولپنڊي ۾ ٿيو هو پر ڇاڪاڻ ته ڪو به سنڌي آرمي آفيسر جنرل جي عهدي تائين پهچي رٽائر نه ٿيو آهي تنهن ڪري ايئرفورس جي رٽائرڊ ايئرمارشل کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ شايد ڪو بلوچ ان عهدي تائين به نه پهتو هو تنهن ڪري بلوچستان ۾ ماڳهين هڪ بلوچ جج (رٽائرڊ) کي گورنر ڪيو ويو.
سنڌين جو اسلام آباد جي پاور گيم ۾ حصو صرف سول يا سياسي فرنٽ تي رهيو آهي، جيڪو پڻ ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم اسلام آباد ۾ مڃرايو هو پر جيئن اڳتي هلي اسٽيبلشمينٽ اينٽي ڀٽو ٿي ۽ ان پنهنجو مڪمل زور ڀٽي کي اسلام آباد مان نيڪالي ڏيڻ تي لڳايو ته سنڌي به اسلام آباد مان ٻاهر ڌڪجي ويا، ائين ٿيڻ فطري به هو ڇاڪاڻ ته سنڌي اسلام آباد جي پاور ڪلب ۾ سياسي ميمبر طور شامل ٿيا هئا جڏهن ته ان ڪلب جا سگهارا ميمبر ملٽري ۽ سول بيورو ڪريٽس هئا، جن جي اڪثريت جو تعلق پنجاب يا سرحد سان هو. اها ڳالهه الڳ آهي ته جيڪڏهن سنڌي ان پاور ڪلب ۾ پنهنجا پتا صحيح طور استعمال ڪندا اچن ها ته شايد هو ان ڪلب جي مستقل نه ته به عارضي ميمبر شپ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها پر ائين ٿي نه سگهيو، جيڪو هڪ ڊگهو داستان آهي ۽ اڄ حالت اها آهي ته اسلام آباد ۾ پري پري تائين ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ نظر نه ٿو اچي. سال ڏيڍ اڳ پنهنجن مضمونن ۾ ان ڳالهه جو شدت سان اظهار ڪيو هيم ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي، جي ايم سيد جي اسيري ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن جي رت گڏجي جنهن سنڌ ڪارڊ کي ٺاهيو هو اهو هاڻ اسلام آباد جي پاور ڪلب ۾ ترپ جي پتي واري حيثيت جهڙوڪر وڃائي چڪو آهي، جنهن ڪارڊ جي بنياد تي چار ڀيرا سنڌي وزيراعظم ٿيا يا سوين سنڌي بيورو ڪريٽس سڻڀيون پوسٽنگون ورتيون ان ڪارڊ اسلام آباد وارن کي ايترو منجهايو جو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ”سنڌ اربن ڪارڊ“ ٺهرايو، بهرحال اها الڳ ڪهاڻي آهي ته سنڌ ڪارڊ يا سنڌ اربن ڪارڊ سان سنڌين يا اردو ڳالهائيندڙن کي مجموعي طور ڪهڙو فائدو ٿيو پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ڪارڊ مان سنڌي Elite(سکئي ستابي) ڪلاس کي خاص طرح گهڻو فائدو ٿيو ۽ عام سنڌي ان نفسياتي ٺرڪ ۾ خوش رهيا ته اسلام آباد کانئن خوف کائي ٿو. ان ڪارڊ سان سنڌ کي مجموعي طرح جيترو فائدو ٿي پئي سگهيو اهو ته نه ٿيو بلڪه الٽو نقصان گهڻو ٿيو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي پرس ۾ ان ڪارڊ کي کڻي هلندڙن صرف پنهنجي مفادن عيوض ان کي استعمال ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ته اهو ڪارڊ پنهنجي سگهه ۽ اهميت نه وڃائي ۽ ان ريت اهو وقت اچي ويو جڏهن اهو ڪارڊ صرف هڪ ٺٺولي بڻجي ويو ۽ کيس استعمال ڪندڙ به وڃي گهر پهتا، سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن جي هاڻ به اها خواهش آهي ته اسلام آباد ۾ ٻيهر کين وڏو حصو ملي پوءِ ڀلي ماضي جيان اسلام آباد جي حصي جي بدلي ۾ سنڌ اسان جي هٿن مان هلي ڇو نه وڃي، اها ڳالهه تاريخ جو حصو آهي ته جڏهن به اسلام آباد ۾ اقتدار مليو آهي ته بارگيننگ ۾ سنڌ جي حقن تان هٿ کنيو ويو آهي، انهيءَ سبب ڪري سنڌ جي سجاڳ حلقن ۾ اها راءِ جڙي هئي ته سنڌ کي اسلام آباد بدران ڪراچي جي اقتداري جوڙجڪ تي فوڪس ڪرڻ کپي، جيئن گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ ان شئي کان به محروم نه ٿي وڃون جيڪا پنهنجي آهي.
جيڪي ماڻهو راءِ عامه جي افاديت يا قوت کي Underestimate (گهٽ ڪٿ) ڪن ٿا تن کي راءِ عامه جي سگهه جي تازي نئين ڪاميابي کان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي، جو اڄ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو جيڪو فوج جو سربراهه پڻ آهي پاڻ ان ڳالهه جي ضرورت جو بار بار اعتراف پيو ڪري ته ننڍن صوبن کي سندن حق ملڻ کپن ۽ صوبن ۾ ناراضگي فيڊريشن لاءِ هاڃيڪار آهي. اهي ڳالهيون اڄ کان ڪجهه سال اڳ تائين جيڪڏهن ڪير چوندو يا لکندو هو ته ان کي ملڪ دشمن ۽ نفرتون پکيڙيندڙ، تعصبي ۽ الائي ڇا ڇا چيو ويندو هو پر اهو راءِ عامه جو ڪمال آهي ته اڄ هڪ فوجي سربراهه ان مسئلي کي نه صرف تسليم ڪري ٿو پر ان کي پنهنجي ايجنڊا ۾ شامل ٿو ڪري، اتي ان ڳالهه تي بحث جي گنجائش يقينن باقي رهجي ٿي ته ڇا واقعي ننڍن صوبن کي سندن حق ملي ويندا ۽ ڇا واقعي اختيارن جي عدم مرڪزيت پنهنجي اصل روح ۾ ٿيندي به يا صرف هڪ Cosmetic (ڏيکاءُ) قسم جي تبديلي ٿيندي پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته صوبن جي حقن ۽ اختيارن جي عدم مرڪزيت ٿيڻ لاءِ جڙيل راءِ حڪمرانن کي پهريون دفعو ان ڳالهه تائين گهٽ ۾ گهٽ ضرور آڻي بيهاريو آهي ته اڄ هو پاڻ چون پيا ته ائين ٿيڻ گهرجي سو آئيندي جيڪڏهن ڪو سياستدان يا عام ماڻهو صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪندو ته ان تي ڪير به ”غدار“ جو ليبل نه هڻي سگهندو.
جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته اختيارن جي عدم مرڪزيت ڪيئن عمل ۾ آندي وڃي ان بابت سندس ٺاهيل ٿنڪ ٽينڪ ۽ ڪائونسل ويچار ڪري پئي، ان ڏس ۾ صرف اهو عرض پيو ڪري سگهجي ته جن ماڻهن تي ٻڌل ٿنڪ ٽينڪ جنرل صاحب ٺاهي آهي ڇا انهن ماڻهن جي اڪثريت جي پوريOrientation اختيارن جي مرڪزيت ۽ اسٽيٽسڪو واري ماحول جي ناهي؟ ڇا اهي اختيارن جي هيٺ تائين لهڻ جا ڪڏهن به حمايتي رهيا آهن؟ ڇا کين ان ڳالهه جو مڪمل طرح ادراڪ به آهي ته اختيارن جي ورڇ ۾ اسان سڀني جي بقا آهي ۽ ڪٿي اهو خدشو ته نه ٿو رهي ته اهي ماڻهو ڪنهن ڪاغذي خانه پوري وارو پرپوزل ٺاهي ڏين، جنهن سان عملي طرح عام ماڻهو کي ڪو به فائدو نه رسي ان لاءِ ضروري آهي ته عدم مرڪزيت جهڙو اهم معاملو صرف ٿنڪ ٽينڪ يا پنج ڏهه ماڻهن حوالي ڪرڻ بدران ان بابت صوبائي سطح تي انهن ماڻهن کان سفارشون گهرايون وڃن جيڪي ان مطالبي جا سدائين حامي رهيا آهن ته گراس روٽ سطح تي اختيارن جي ورڇ ڪيئن ٿيڻ گهرجي، گڏوگڏ حڪومت ان لاءِ ڪنهن ٽائيم فريم جو به اعلان ڪري ته جيئن اڻ اعلانيل مدي تائين صرف ان تي بحث نه ٿيندو رهي بلڪه ان ڏس ۾ عملي طرح به ڪجهه ٿي سگهي، منهنجي ذاتي راءِ موجب ان لاءِ ٻن کان ٽن مهينن جو وقت ڪافي آهي.
12 آڪٽوبر تي آيل حڪومتي تبديلي کانپوءِ سنڌين جي اقتدار ۾ شرڪت ۽ سندن مجموعي اشوز جي حوالي سان ڪا گهڻي تبديلي ناهي آئي پر نواز ڪابينا ۾ ڏيڍ وزارت رکندڙ سنڌي عوام جي هاڻوڪي وفاقي ڪابينا ۾ صرف هڪ وزير طور شرڪت مان محسوس ٿئي ٿو ته هاڻ اسلام آباد جي اقتدار ۾ سنڌين جي شرڪت واري ڪوٽا ۾ اڌ وزارت جي وڌيڪ ڪٽوتي ڪري هڪ وزارت تي بيهاريو ويو آهي، بهرحال مجموعي طرح سنڌ صوبي جي اقتداري ڪوٽا ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو آهي جو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف، سيڪيورٽي ڪائونسل جو مک صلاحڪار شريف الدين پيرزادو، وفاقي ڪابينا جي اهم ترين کاتي طور مڃيو ويندڙ گهرو کاتي جو وزير معين الدين حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر عشرت حسين انهن سڀني جو تعلق سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان آهي، تنهن ڪري صوبائي اعتبار سان يقينن نواز حڪومت جي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي حڪومت ۾ سنڌ صوبي کي تمام گهڻي نمائندگي ملي آهي پر تنگ نظري يا تعصب کان پاسو ڪندي پاڻ صورتحال جو صرف Facts جي بنياد تي جائزو وٺون ته اهو نظر ٿو اچي ته سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي (جيڪا صوبي جي اڪثريتي آبادي آهي) کي اسلام آباد ۾ سنڌ صوبي کي مليل نمائندگي واري وڌيل حصي مان ڪو واڌو حصو ناهي ملي سگهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت اها پاليسي جوڙي هئي ته ننڍن صوبن کي به مرڪز ۾ مناسب نمائندگي ڏني ويندي ته پوءِ کين اصولي طور تي صوبن اندر رهندڙ اڪثريتي آبادي جي نمائندگي کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ها يعني جيڪڏهن سنڌ مان ٽي وزير وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻا هئا ته اصولي طور ٻه سنڌي هڪ مهاجر وزير کنيو وڃي ها، جيڪو فارمولو صوبي جي آبادي جي تناسب آڌر صحيح بيهي ها پر ائين نه ڪيو ويو، آئون ان ڳالهه جو پراڻو حامي آهيان ته سنڌ جي يا سنڌين جي مجموعي صحت تي وفاقي ڪابينا ۾ سنڌ جي وزيرن جي تعداد سان ڪو گهڻو فرق نه ٿو پوي ڇاڪاڻ ته جيڪو وزير صاحب اچي ٿو ته هو کيس وزارت جي ڪرسي ڏيندڙ کي راضي رکڻ ۾ پورو هجي ٿو نه ڪي سنڌ جي عوام جي حقن ۽ مسئلن تي ڪو Stand وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، نه ته سنڌي ته 1988ع کانپوءِ ٽي ڀيرا وزارت اعظميٰ جي عهدي تائين به پهتا ۽ وفاقي ڪابينا ۾هڪ درجن کان به وڌيڪ سنڌ جا وزير به رهيا پر انهن به سنڌي عوام کي ڪا پڳ ڪا نه ٻڌرائي، ساڳيءَ ريت نواز حڪومت ۾ ڏيڍ وزير هئا يا هاڻ هڪڙو آهي ته ڪو گهڻو فرق نه پئجي ويندو پر سنڌين جي گهٽ نمائندگي جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جڏهن هاڻوڪي حڪومت بار بار نواز حڪومت ۾ ننڍن صوبن جن ۾ سنڌ به شامل آهي، کي اقتدار ۾ گهٽ حصو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري نمائندگي به ڏئي ٿي ته کيس صوبي منجهه آبادي جي تناسب کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ها.
مون وانگر شايد گهڻن ماڻهن کي هاڻوڪي صورتحال ۾ انهن سنڌي سياسي اڳواڻن ۽ دانشورن جا تازا خيال ٻڌڻ يا پڙهڻ جو انتظار هوندو جن اڪابرن 12 آڪٽوبر کان فوري بعد پنهنجي انتهائي خوشي ۽ گهڻي Excitement (جوش خروش) جو مظاهرو ڪيو پئي، ڇاڪاڻ ته اسان جي اهڙن سنڌي اڳواڻن يا دانشورن کان شايد هاڻ ماڻهو اهو سوال ڪرڻ شروع ڪن ته انهن مهينو اڳ جوش ۾ ايترا ٽپا ڇو پئي ڏنا؟ سنڌين جي نقطه نظر کان صورتحال ۾ آخر ڪهڙي تبديلي آئي آهي ڇاڪاڻ ته نه صرف اقتداري شراڪت جي فارمولي ۾ سنڌين لاءِ ڪا نواڻ ناهي آئي بلڪه نواز شريف پنهنجي دور ۾ جيڪي سنڌي عوام لاءِ مسئلا اٿاري ويو هو، اهي به ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿا وٺن. مثال طور نواز شريف به سنڌ جي مسلسل احتجاج باوجود آخر تائين چوندو رهيو ته ڪالاباغ ڊيم صوبن جي اتفاق راءِ کانپوءِ ٺاهبو، هاڻوڪي حڪومت به ساڳيو موقف رکي ٿي. نواز سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سپر هاءِ وي کي وفاقي ڪنٽرول ۾ وٺي سنڌ جا حق غصب ڪرڻ جو رٿيو هو هاڻوڪي سرڪار به ان غير اصولي رٿا کي رد نه ڪيو آهي، نواز شريف دور ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن پوليس جي نالي تي سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ورهائڻ جو رٿيو ويو هو جنهن تي سنڌ شديد رد عمل ظاهر ڪيو هو ۽ سنڌي دانشورن ان کي سنڌ جي ورهاڱي جي سازش جي مترادف قرار ڏنو هو، هاڻ وري گهرو کاتي جو وزير معين الدين حيدر صاحب وڏي واڪ اعلان پيو ڪري ته ڪراچي لاءِ الڳ پوليس جو نظام ٺاهبو. نواز حڪومت سنڌ جي جن هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هو انهن کي هاڻوڪي سرڪار بحال ته نه ڪيو مرڳو جن ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽرن کي غوث علي شاهه ويندي ويندي بحال ڪري ويو هو هاڻوڪي حڪومت انهن جي بحالي جو عمل به روڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا به بدستور پنهنجي جڳهه تي موجود آهن، سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جن صاحبن تاڙيون وڄائي اهو چيو پئي ته هاڻ سنڌين جا ڏکيا ڏينهن ختم ٿي ويندا ڇا اهي ٿورو وضاحت ڪرڻ جي زحمت ڪندا، ته 25 ڏينهن ۾ ڪهڙو رليف سنڌي عوام کي مليو آهي جو اسين سنڌ جي اها چوڻي ”اسان اوهڙي جا اوهڙا“ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريون؟ جيڪڏهن ان ڏس ۾ دليل اهو آهي ته نواز شريف جو وڃڻ ئي تاڙيون وڄائڻ لاءِ ڪافي سبب هو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو نه وڃي ها ته سنڌ ۾ سنڌين لاءِ اڃا به هاڃيڪار مسئلا پيدا ڪري ها ته ان دليل کي پاڻ قبولي ٿا وٺون ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ هروڀرو ٻي ڪا چوائس (واهه) به ڪانهي.
چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف جي تازي آصف زرداري بابت ڏنل ان رمارڪس ته ”آصف زرداري ۽ سلمان فاروقي قومي دولت لٽيندڙ آهن“ کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو سان اڪثر ماڻهن کي همدردي ٿي هوندي جو محترمه ته جمهوريت جي لاءِ آمريت خلاف پنهنجو تمام وڏو ماضي رکڻ باوجود پنهنجو سمورو ورثو پاسيرو رکي 12 آڪٽوبر تي آيل فوجي حڪومت جي سڌي ۽ اڻ سڌي حمايت ڪئي پر جنرل صاحب ٿورو به خيال نه ڪيو ۽ بنا ڪنهن مصلحت جي بينظير جي ور آصف بابت پنهنجي سوچ جو اظهار ڪري ڇڏيو، ظاهر آهي ته جنرل صاحب جي به مجبوري آهي ته جيڪڏهن هن کي غير جانبداري سان احتساب ڪرڻو آهي ته کيس سڀني ڌرين کي هڪ اک سان ڏسڻو پوندو پر هاڻ شايد محترمه بينظير ڀٽو به هاڻوڪي سيٽ اپ کي 12 آڪٽوبر واري اک سان نه ڏسي بلڪه آهستي آهستي بينظير ليڊر آف اپوزيشن جي نظر وارو چشمو ٻيهر پرس مان ڪڍي پائڻ شروع ڪندي ڇاڪاڻ ته هاڻ سندس ذهن ۾ اها ڳالهه اچڻ فطري هوندي ته جيڪڏهن کيس ڪو رليف به نه ٿو ملي ته پوءِ ڪنهن غير جمهوري سيٽ اپ جي حمايت ڪرڻ سان کيس ڪيترن رڪعتن جو ثواب ملندو، ان ڏس ۾ اها اڳ ڪٿي ڪرڻ آسان ناهي ته محترمه پنهنجي موقف ۾ هڪ سو اسي ڊگري واري تبديلي ڪهڙي اشو تي آڻيندي پر اندازو هڻي پيا سگهون ته اڳتي هلي جمهوريت جي بحالي يا سنڌ واسين خلاف ٿيندڙ ڪو فيصلو (جيڪڏهن ڪو ڪيو ويو ته) اهڙا اشوز ٿي پيا سگهن جن جي بنياد تي محترمه هاڻوڪي حڪومت خلاف سڌي ريت اچي ويندي، ان ڏس ۾ هڪ ٻيو رخ به اهم ٿي پيو سگهي جيڪو آهي پ پ ۽ مسلم ليگ ۾ امڪاني ٺاهه، اهو چوڻ وقت کان گهڻو اڳ ٿيندو ته ڪو ٻنهي پارٽين ۾ ٺاهه ٿيندو به يا نه پر اڳتي هلي اهڙي ڪنهن ٺاهه کي امڪان کان ٻاهر نه ٿو قرار ڏئي سگهجي، جيڪڏهن اهڙو ڪو ٺاهه ٿيڻ ڏانهن پيش رفت ٿي ۽ ان ٺاهه کي هاڻوڪي حڪومت پنهنجي لاءِ فائديمند نه سمجهيو ته پوءِ حڪومت جا ٻه امڪاني رد عمل ٿي پيا سگهن هڪ اهو ته هو پ پ کي به سوڙهو ڪندي جيئن پ پ اهڙي ٺاهه کان پاسو ڪري پر حڪومت جو اهو عمل سياسي بنيادن تي ڏنڊو ڦيرائڻ سان تعبير ڪيو ويندو، جنهن کي اپوزيشن انساني حقن جي پائمالي جي حوالي سان پرڏيهه ۾ وڏو اشو بڻائي پئي سگهي حڪومت وٽ ٺاهه کي روڪڻ لاءِ ٻيو آپشن اهو بچندو ته هو بينظير سان ڳالهائي ۽ کيس رليف ڏئي، بينظير جي ٻنهي صورتن ۾ ڪجهه نه ڪجهه بارگيننگ پوزيشن ٺهي سگهي پئي پر اها ڳالهه ان ڳالهه سان مشروط آهي ته بينظير پنهنجا پتا ڪيئن ٿي کيڏي.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو