Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

تاحيات
جمع 12 مارچ 1999ع

مرزا غالب جي ان دعويٰ کان شايد ئي ڪو اهل ذوق انڪار ڪندو ته ”غالب ڪا هي انداز بيان اور،“ پوءِ مرزا، خماري واري ڪيفيت ۾ اچي ” نه ٿا ڪڇ تو خدا ٿا، ڪڇ نه هو تو خدا هو تا، ڊبويا مجهه ڪو هوني ني، نه هو تا مين تو ڪيا هوتا“ جهڙا لافاني شعر چوي يا پوءِ معاشي بدحاليءَ جي ڪيفيت ۾ بادشاهه وقت لاءِ پنهنجي پگهار ڇهن ڇهن مهينن بدران مهيني وار ڪرڻ لاءِ قصيدو لکي پر ٻنهي صورتن ۾ واقعي به غالب جي انداز بيان کي ڪير پهچي! غالب جي مختصر اردو ديوان جو ذري گهٽ پنج سيڪڙو حصو بادشاهه جي شان ۾ قصيدن تي ٻڌل آهي ۽ ڇو نه هجي، آخر غالب کي به پيٽ هو جنهن لاءِ نه صرف کيس ماني کپندي هئي پر شراب به ۽ سندس چواڻي ته روزي ڏيڻ جو واعدو ته خدا ڪيو آهي پر شراب جو بندوبست ماڻهو کي پاڻ ٿو ڪرڻو پوي. غالب جنهن دور ۾ جسماني طرح زندهه هو، ان دور ۾ وٽس بادشاهه کان ڏوڪڙ وٺڻ کانسواءِ ٻيو آپشن به ڪهڙو هو، سو غالب بادشاهه کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو،
آپ ڪا بنده اور پهرون ننگا!
آپ ڪا نوڪر اور کهائون ادهار،
ميري تنخواهه ڪيجئي ماه به ماه
تا نه هو مجهه ڪو زندگي دشوار،
ختم ڪرتا هو اب دعا په ڪلام،
شاعري سي نهين مجهي سروڪار.
تم سلامت رهو هزار برس،
هر برس ڪي هون دن پچاس هزار.
(مضمون جو هيءُ حصو ختم ٿو ٿئي ۽ مضمون جي هيٺئين حصي کي مٿي واري حصي سان لاڳاپيل سمجهڻ وارن سان منهنجو متفق هجڻ ضروري ناهي!)
تازو اسلام آباد ۾ پ پ جو هڪ وڏو تنظيمي ميڙاڪو ٿي گذريو، جنهن بابت مختلف قياس آرايون ٻڌجڻ ۾ آيون پئي، پر آخر ۾ اخبارن لاءِ ان ميڙاڪي مان صرف اها خبر ٻاهر اچي سگهي ته ”محترمه بينظير ڀٽو کي پارٽيءَ جو تاحيات چيئرپرسن بڻايو ويو آهي.“ اها خبر پڙهڻ بعد سوچيم ته بينظير صاحبه کي مبارڪباد ڏياري موڪليان پر سمجهه ۾ نه آيو ته ان مبارڪباد واري پيغام جو متن ڇا هجي!  ڇا محترمه  کي ترقي ملڻ جي مبارڪباد ڏجي؟ بلڪل نه، ڇاڪاڻ ته محترمه ڪالهه به چيئرپرسن هئي، اڄ به آهي، پوءِ ڇا کيس ان ڳالهه جي مبارڪباد ڏجي ته هاڻ هوءَ رهندي حياتي چيئرپرسن رهندي؟ ان ڳالهه ۾ به گهڻو منطق نه پيو سمجهه ۾ اچي جو اسان وٽ اهو ڪير نٿو ڄاڻي ته پ پ جو مطلب ئي بينظير ڀٽو آهي. ٻئي طرف اهڙي ڪنهن ڊپ يا خوف جي به گنجائش نه آهي ته ڪو بينظير کي پارٽي وارا چيئرپرسن شپ تان هٽائي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اول ته پارٽي ۾ چونڊون ٿينديون ناهن ۽ جيڪڏهن ٿين به ته پارٽي منجهان ڪيرمائيءَ جو لال ٿي پيو سگهي جو کٽڻ ته پري جي ڳالهه پر بينظير آڏو پارٽي اليڪشن ۾ فارم ڀري؟ ان ريت سمجهه ۾نه آيو ته بينظير کي تاحيات چيئرپرسن ٿيڻ تي ڇا جي مبارڪباد ڏيان، سو کيس ڪو به پيغام موڪلڻ کان قاصر آهيان. پر پ پ جي ان گڏجاڻيءَ ۾ جن دوستن محترمه بينظير کي تاحيات چيئرپرسن بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي اهي ضرور مبارڪباد جا حقدار آهن، جن مصلحت، خوف ۽ تنقيد جي خدشي کان مٿانهون ٿي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي پارٽي ۾ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو. خبر ناهي ته ٺهراءُ جو مڪمل متن ڇا هو پر جيڪڏهن هو ٺهراءُ جي آخر ۾ مرزا غالب جون اهي سٽون به شامل ڪري وٺن ها ته سندن جمهوري ۽ سياسي بصيرت اڃا عوام آڏو روشناس ٿي سگهي ها ته:
تم ني مجهه ڪو جو آبرو بخشي،
هوئي ميري وه گرمي بازار،
ڪي هوا مجهه سان ذره ناچيز
روشناس ثوابت وسيار،
تم سلامت رهو هزار برس،
هر برس ڪي هون دن پچاس هزار،
 اسان جي ملڪ ۾ ٻه وڏيون پارٽيون پ پ ۽ مسلم ليگ ئي آهن ۽ جيڪڏهن ڪو پرڏيهي صحافي اچي ڪجهه سال ٻنهي جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي ته ظاهري طرح کيس ٻنهي ۾ هروڀرو ڪو بنيادي فرق نظر نه ايندو. سواءِ ان ڳالهه جي ته هڪڙي جي اڳواڻي محترمه بينظير ڀٽو ڪري رهي آهي ۽ ٻئي جي ميان نواز شريف ٿو ڪري. ظاهري طرح ان صورتحال ۾ ڪا برائي ڪانهي ڇو جو برطانيا يا آمريڪا سوڌو جمهوري ملڪن ۾ به ٻه وڏيون پارٽيون ئي هجن ٿيون، جن جي پاليسين ۾ پڻ ڪو تمام وڏو فرق ناهي هوندو پر انهن ملڪن جي پارٽين ۽ پاڪستاني ٻن وڏين پارٽين ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته جمهوري ملڪن ۾ پارٽين جون حڪومتي قيادتون هر چئن يا 8 سالن ۾ بدلجنديون رهن ٿيون پر اسان وارين پارٽين جو ته وجود ۽ سڃاڻپ ئي سندن هاڻوڪا ليڊر هجن ٿا. مسلم ليگ جنهن کي نواز ليگ به ڪوٺيو ويندو آهي اها ظاهر آهي ته نواز شريف بنا ڇا آهي؟ ساڳيءَ ريت بينظير کانسواءِ پ پ ڇا آهي. سياسي پارٽين جي ان ڪلچر تي جيڪڏهن اها تنقيدي راءِ ڏجي ته اهي پارٽيون پارٽيون نه پر ٻن ماڻهن جا ڌار ڌار گروپ آهن ته ڇا اها راءِ غلط هوندي؟ اهو ٺيڪ آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي گهڻو عرصو جمهوريت ناهي رهي ۽ جتي اڃا  سياسي  ميچوريٽي ناهي آئي اتي سياسي پارٽين جي شروعات ڪنهن شخصيت جي چوگرد گڏ ٿيڻ سان ئي ٿئي ٿي پر اهو ڇو ضروري آهي ته ان صورتحال کي سدائين لاءِ ائين ئي برقرار رکجي جيئن شروعات ۾ هجي ٿو. يعني آخر وقت گذرڻ سان گڏ ليڊر حضرات پنهنجي ذات جي چوڌاري جڙيل گروپن کي ادارا ڇو نه ٿا ٺاهين. آخر ڇو پنهنجن گروپن کي صحيح معنيٰ ۾ سياسي پارٽيون نه ٿا ٺاهين؟ اڄ ته ٺيڪ آهي جڏهن بينظير پنهنجي پارٽي جي اعلانيل ۽ نواز شريف اڻ اعلانيل تاحيات سربراهه آهن پر جي سڀاڻي هو ذاتي سبب يا قدرتي سبب جي ڪري هاڻوڪي ذميواريءَ کان دستبردار ٿيا ته پوءِ سندن پارٽين جو ڇا ٿيندو، جنهن ۾ اڃا تائين ڪو نظام ناهي ٺهيل، جيڪي اڃا تائين شخصيتن جي چوڌاري جڙيل گروپن جيان ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ڪن مربوط سياسي پارٽين جهڙا ڪي به گڻ نظر نه اچن. سو ٿيڻ ته شايد ائين کپندو هو جو بينظير صاحبه پارٽي جي تازي گڏجاڻيءَ ۾ ڪي اهڙا اپاءَ ۽ فيصلا ڪري ها ته جيئن سندس پارٽي واقعي به پارٽي بڻجڻ ڏانهن وڌي ها، جنهن مان هڪ فيصلو پارٽي ۾ چونڊون ڪرائڻ هجي ها پر محترمه ائين ڪرڻ جي بدران پاڻ کي تاحيات چيئرپرسن بڻائڻ وارو فيصلو ڪيو. جنهن کانپوءِ پ پ سان ويجهڙائپ رکندڙ هر ماڻهو کي اها دعا ڪرڻ گهرجي ته سندن پارٽي ڇاڪاڻ ته هاڻ سدائين محترمه جي سر جي ڪري هوندي تنهن ڪري خدا محترمه کي رهندي دنيا تائين حيات رکي، ته جيئن هوءَ رهندي دنيا تائين تاحيات چيئرپرسن رهي ۽ پارٽي منشور ۾ چيئرپرسن جي عهدي آڏو مرزا غالب جي ان سٽ جو جيڪڏهن اضافو ڪري وٺجي ته وڌيڪ صحيح رهندو ته،
تم سلامت رهو هزار برس،
هر برس ڪي هون دن پچاس هزار.
اسان جي سياسي پارٽين ۾ ڇاڪاڻ ته ڪنهن باضابطا سسٽم هيٺ ڪم نه ٿو هلي ۽ هر معاملو پارٽي قيادت جي پسند ۽ خوشنودي جو محتاج هجي ٿو ۽ ان جا انيڪ مثال آهن پر ان حوالي سان تازو سنڌ ۾ ٻه ڳالهيون پ پ ۽ مسلم ليگ ۾ تمام دلچسپ ٿي رهيون آهن. غوث علي شاهه ۽ لياقت جتوئي مان ڪير صوبي ۾ تنظيمي طور بااختيار آهي، ان بابت جيتوڻيڪ وزيراعظم گذريل ڏينهن نيٺ اعلان غوث علي شاهه جي حق ۾ ڪري ڇڏيو پر گذريل مهيني کن کان ليگ سنڌ ۾ کل جوڳي صورتحال بڻيل هئي جو هڪڙن عهديدارن کي جتوئي پئي رکيو ته غوث علي شاهه پئي ڪڍيو، ٻين کي وري جتوئي پئي ڪڍيو ۽ ٻنهي گروپن جا اڳواڻ وزيراعظم سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري (۽ ڪجهه اڳواڻن ته ملاقات جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ) پريس آڏو اچي دعويٰ پئي ڪئي ته وزيراعظم کين بااختيار ڪيو آهي ۽ ٻيو گروپ ڪوڙ ٿو ڳالهائي. اهو تماشو مهيني کان وڌيڪ عرصو هلندو رهيو ۽ سمجهه ۾ اهو نه پئي آيو ته آخر ليگي قيادت ڪو واضح اعلان ڪرڻ کان ڇو پئي لنوائي ۽ ڇو پنهنجن صوبائي اڳواڻن کي عوام آڏو ”کل جو سامان“ پئي بڻائي؟ هر دفعي چيو پئي ويو ته وزيراعظم فلاڻي پرڏيهي دوري تان واپسي کانپوءِ مسئلي بابت ڪو واضح اعلان ڪندو پر خيرن سان مس مس وڃي ڪالهه وضاحت ٿي ته ليگي ڪارڪن يا عهديدار ڪنهن ڏانهن نهارين پر هاڻ وري ٻئي رينگٽ (جيڪو اڳ کان ئي جاري هو) ۾ تيزي ايندي ته صوبي ۾ سياسي سيٽ اپ ڪڏهن ٿو ٺهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ليگي ٿا اچن؟ ۽ ان جي جواب لاءِ وري انتظار فرمايو جو بورڊ ٽنگجي ويو آهي ۽ وري ٻڌجي پيو ته وزيراعظم فلاڻي پرڏيهي دوري تان واپسي کانپوءِ ان ڏس ۾ اعلان ڪندو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ليگ هڪ پارٽي آهي ته اول ته ان ۾ پارٽي منجهان چونڊيل صوبائي قيادت هجڻ کپي ها، جنهن کانپوءِ ان بحث جي گنجائش ئي نه رهي ها ته تنظيمي طور صوبي ۾ فلاڻو بااختيار يا ڪو ٻيو. پر هلو جيڪڏهن هاڻ شاهه صاحب کي بااختيار بڻايو ويو آهي ته صوبي ۾ سياسي سيٽ اپ ڪڏهن اچي ۽ ڪهڙو اچي، ان لاءِ صوبائي قيادت کي ڇو نٿو بااختيار بڻايو وڃي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته مسلم ليگ يا پ پ جون قيادتون جڏهن ملڪ ۾ اختيارن جي ورڇ يا صوبائي خودمختياري جا احوال ڪن ٿيون ته ان سان سندن مراد ڇا هجي ٿي جو هو ته پنهنجين پارٽين جي صوبائي ڊويزنل يا ضلعي قيادتن کي بي اختيار رکڻ ۾ يقين رکن ٿيون ته اهي اقتداري اختيارن جي ورڇ ڪٿان ڪنديون؟
 پ پ جي سينيٽر آصف زرداري سان به اڄڪلهه وڏو ظلم لڳو پيو آهي، جو جيڪڏهن پ پ بطور پارٽي سندس رهائي لاءِ زور لڳائي ٿي ته حڪومتي ڌر اهو طعنو ڏيڻ شروع ڪري ٿي ته پ پ اڄڪلهه آصف رهائي ڪاميٽي بڻجي وئي آهي پر وري جڏهن پ پ کان ظاهري طرح هٽيل ورڪر ڪلاس جا ماڻهو باقاعده آصف رهائي ڪاميٽي ٺاهين ٿا ته اڃا آصف کي رهائي ئي نصيب نه ٿي ٿئي جو ڪاميٽيءَ جي اڳواڻيءَ تي همراهه وڙهيو پون. اها خبر ته ظاهر آهي ته آصف زرداري سوڌو سڀني کي آهي ته سندس آزادي ڪنهن ڪاميٽي وغيره جي دٻاءُ سبب ناهي ٿيڻي پر ان جو ڪارڻ يا پ پ جو حڪومت تي دٻاءُ يا حڪومت سان مصلحت هوندي يا وري کيس رليف عدالتون ڏينديون پر تنهن هوندي به ڪنهن سياسي ماڻهو لاءِ جڏهن ڪو رهائي ڪاميٽي ٽائيپ پليٽ فارم جڙندو آهي ته ان جو مقصد ان همراهه جي رهائي لاءِ دٻاءُ وجهڻ کان وڌيڪ ان همراهه جي سياسي پروفائيل کي وڌيڪ سگهارو ۽ عوامي بڻائڻ هوندو آهي، ”سندس رهائي لاءِ جڙيل ڪاميٽي جي اڳواڻيءَ تي همراهه ڇو پيا وڙهن؟“ وارو سوال هڪ پارٽي اڳواڻ کان پڇيم ته ان چيو ته ”سائين، صفا سادا آهيو. توهان کي خبر ناهي ته اسان وٽ آف دي رڪارڊ اهو نعرو موجود آهي ته پارٽي ۾ جيڪو آصف جو يار آهي اهو شاهوڪار آهي.“ ان همراهه پاران ٻڌايل نعرو اڳ ۾ ٻڌل نه آهي تنهن ڪري ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي، پر اصل ڳالهه انهن يارن کان وڌيڪ ٻي اها آهي ته آخر آصف زرداري جيل مان اخباري بيان ڪڍي يا حاڪم زرداري اعلان ڪري. ايترن ڏينهن کان آصف کي آئون ڇڏائيندس، نه تون ڪير ٿيندو آهين آصف کي آئون ڇڏرائيندس، واري غير ضروري تڪرار جو نبيرو ڇو نه ٿا ڪري ڇڏين. هونئن ڏٺو وڃي ته آصف زرداري پ پ اڳواڻ آهي، تنهن ڪري سندس رهائي لاءِ پارٽي کانسواءِ ڪا الڳ ڪاميٽي جوڙڻ عجيب ٿو لڳي پر وڌيڪ عجيب ۽ غريب ڳالهه اها آهي ته جنهن ريت ان ڪاميٽيءَ جي چڱ مڙسيءَ لاءِ ويڙهاند ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تنظيم سازي ڪرڻ جون ڳالهيون پيون هلن تنهن مان اهو تاثر ٿو ملي ته ڪا مستقل رهندڙ تنظيم پئي  ٺهي.  پر آصف رهائي ڪاميٽي کي مستقل نوعيت جي صورت بڻائڻ مان ڇا مطلب ٿو نڪري اهو مطلب ٻين کان وڌيڪ آصف زرداري لاءِ پريشان ڪندڙ هجڻ کپي. ان صورتحال تي هڪ صحافي تبصرو ڪندي چيو ته ڪاميٽي جي صدارت لاءِ همراهه جيئن ڳنڍيا پيا آهن، متان سڀاڻي ڪو هڪ پاڻ کي ڪاميٽيءَ جو تاحيات صدر نه قرار ڏئي ڇڏي!
هوڏانهن وزيراعظم سنڌ جي دوري دوران جتي چيف سيڪريٽري کي ليگي ميمبرن جون سفارشون نه مڃڻ تي هڪ ڀيرو وري دٻ ڪڍي ويو آهي اتي ئي گورنر معين الدين حيدر کي نه هٽائڻ جو به اعلان ڪري ويو آهي. ان هوندي به حلقن جو اصرار آهي ته صلاحڪاري ڪائونسل ٺهڻ واري آهي. هڪ ليگي ايم پي اي سان امڪاني سيٽ اپ بابت ڪچهري ٿي، ان موصوف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ڪجهه هن ريت هئي.
 ليگي ميمبر چيو ته شروعاتي طور 8 کان 10 صلاحڪار هوندا ۽ چيف ايڊوائيزر غوث علي شاهه يا حليم صديقي مان ڪو هڪ ٿيندو.
مون پڇيو: چيف ايڊوائيزر جيڪڏهن حليم ٿيو ته ڇا گورنر ۽ چيف ايڊوائيزر ٻئي اردو ڳالهائيندڙ هوندا؟
ميمبر چيو: ها اهو مسئلو ٿيندو تنهن ڪري شايد شاهه صاحب ئي ٿئي.
 مون پڇيو: غير سياسي ۽ غير ليگي گورنر سان سياسي ۽ ليگي صلاحڪارن جي ورڪنگ ڇا هلي سگهندي؟
چوڻ لڳو:هلڻ لڳي ته ڏکيو ٿو پر مڙئي ٻه ٽي مهينا نڪري وڃن ۽ وري گورنر تبديل.
پڇيو مانس: پوءِ روز روز تجربا ٿيندا رهندا ڇا؟ آخر فضيلت سان ڪو حل ڇو نٿا ڪڍي وٺو؟
چوڻ لڳو: اسين هٿ وس آهيون اسلام آباد وارن جي، سو اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
چيو مانس: پر اهڙو سيٽ اپ جنهن ۾ صلاحڪار ۽ گورنر روز اٽڪيا بيٺا هوندا ته پوءِ آڪٽوبر ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ليگ جي حق ۾ نتيجا ڪيئن وٺندؤ؟.
ميمبر چيو ته اميد آهي ته صلاحڪاري ڪائونسل جڙڻ کانپوءِ گورنر کي اسلام آباد مان بي اختيار ڪري سمورا اختيار چيف ايڊوائيزر کي ڏياري ڇڏبا ۽ گورنر صرف علامتي سربراهه رهجي ويندو.
خدا خبر، ٻرڙي ٻارن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي هوندي جو اهو سنڌيءَ جو پهاڪو بڻجي ويو آهي پر جيڪا ويڌن سنڌ سان هن مهل ٿيندي نظر اچي پيئي ان لاءِ سنڌي تحقيقي تنظيمن کي ڪو نئون پهاڪو يا اصطلاح جوڙڻو پوندو ۽ هاڻ جڏهن هڪ غير سياسي گورنر سان سياسي صلاحڪارن کي ملائي هڪ ڪاڪ ٽيل سيٽ اپ آڻڻ جون تياريون آهن ته سنڌ ۾ اهڙا تماشا ٿيندا جو اهي ڏسي دنيا کلندي ۽ اسين روئنداسين! صوبي ۾ ان بحران جو منطقي نتيجو آهي ته عام چونڊون، پر اقتدار ڌڻي ان نتيجي کان سياسي مصلحتن سبب جيترو لنوائيندا اوترو گند وڌندو. ڇاڪاڻ ته ڪير چاهي تڏهن به سنڌ ۾ تاحيات گورنر راڄ ته نافذ رهي نٿو سگهي. پر جيترو ان کي ڊگهو ڪبو اوترو مسئلو ڳنڀير ٿيندو ۽ جنهن مسئلي جو اڄ حل نيون چونڊون آهن، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي اهو حل به ڪارگر نه رهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو